پيش لفظ
سائنسدانن پروٽان (Proton) ٽوڙي گاڊ پارٽيڪل ڳولهي لڌو. ان ذري جي خاصيت اها آهي ته مادي اندر مادو پيدا ڪري ٿو. جڏهن ساهواري جو مشاهدو ڪجي ٿو ته اهو مادي جو متبادل نظر اچي ٿو. مادي ۾ ايٽم ۽ ماليڪيولز آهن. ساهواري ۾ جيوگهرڙو ۽ ڊي.اين.اي (DNA) آهي، جيئن مادي اندر ايٽم جو مرڪز (Centre) اهم آهي. ائين جيوگهرڙي جي مرڪز اندر ڊي.اين.اي اهم جاءِ والاري ٿو.
ساهواري تي ماحول جو اثر ۽ ساهواري جو ماحول مطابق ٿي پوڻ، تبديليون (Mutations) جيڪي هيت (Form) ڦيري وجهن ٿيون، بناوٽون، ٻه پايا، چوپايا، ترندڙ، اڏامندڙ، ريڙهيون ڏيندڙ، چمڙين ۽ کنڀن جا رنگ، رنگن جي ماحول جي رنگن سان هڪجهڙائي، بچاءَ (Protection) جا فطري سرشتا، ساهوارن جي مدافعت (Immunity)، جراثيمن سان ويڙهه، جراثيم جو بدلجي جيئرو رهڻ، هر ساهوارو ٻئي ساهواري کي کائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ هر ساهوارو ٻئي ساهواري کان بچاءَ جا اپاءَ وٺي ٿو. اهي ڪوششون ۽ بچاءَ فطري آهن. ان ۾ سمايل آهن. انسان جي انسان سان جنگ فطري آهي ڇو جو فطري عمل انسان جي اندروني سرشتن سان واڳيل آهي. جڏهن ته جنگ حملي ڪندڙ جي فطري بغاوت آهي.
ساهوارو ڳڀي ۽ جنس (Sex) لاءِ سانگ رچائي ٿو. اهو پاڻ وڻائڻ جا جتن ڪري ٿو. فطرت ان جي لاشعوري مدد ڪري ٿي. شينهن کي چار انچ ڏند ۽ پنج انچ ننهن ڏئي ٿي. هرڻ کي بچاءَ جا انداز سيکاري ٿي. انسان تعليم ۽ ترتيب حاصل ڪري ٿو. فطرت کيس ياداشت ۽ سمجهه ڏئي ٿي. واڌ رتوبتون (Growth Hormones) ۽ جنسي رتوبتون، خصيائي رتوبتون (Testosterone) ۽ باهيائي رتوبتون (Estrogen) ڏئي بغلن ۾ بوءِ پيدا ڪري ٿي. ويجهڙائيون اولاد کي جنم ڏين ٿيون ۽ زندگيءَ جو مقصد اولاد جي حفاظت ۾ وقف ٿي وڃي ٿو.
ارتقا جي ٻيڙيءَ جو ملاح خدا آهي. تبديليون (Mutations) ۽ ڦير ڦارون (Modifications) ماحولياتي تبديلين سان مقابلا، حالتن سان مطابقت (Adaptation) . پاڻ مرادو يا خواهش ۽ ارادن موجب ٿي پوڻ سڀ سمجهه کان ٻاهر ۽ حيران ڪندڙ آهي. اندر ۾ ڪير آهي جيڪو اهڙي سگهه ڏئي ٿو؟ پوپٽ کي هزارين رنگ آهن. ايڏن رنگن جو سبب ڪهڙو هيو؟ سانڊو سؤ رنگ بدلائي ٿو. اٺپيدو (Octopus) پاڻيءَ ۾ روپ مٽائي پاڻ بچائي ٿو ۽ اٺن پيرن سان حملو ڪري ٿو. نانگ وٽ زهر جي ٿيلهي آهي ۽ ماڻهوءَ وٽ پئسن جي ٿيلهي. هر هنڌ بقا جي جدوجهد آهي ۽ زندگيءَ جو مدار زندگي آهي.
هن ڪتاب جو مقصد ڪنهن نظريي جي پرچار نه آهي. پر هڪ پراڻي ڳالهه نون لفظن ۾ ورجايل آهي. گاڊ جين هڪ سائنسي مفروضاتي (Hypothetical) خيال آهي. گاڊ جين ساهواري اندر موجود آهي، کيس نانءُ ڏئي سڏيو نه ويو آهي. اها جين (Gene) آهي جيڪا خدا جي گهاڙ (Template) آهي. هڪ اهڙو جينوم (Genome) جنهن جي ترتيب ۾ ساهواري جو هلائيندڙ کيس نوان رستا ٺاهي اڳتي وڌائي ٿو. هيءُ ڪتاب مذهب، روح ۽ ٻئي دنيا جي باري ۾ سوچيندڙن جي ذهن ۾ ساڳيا سوال اڀاري ٿو جيڪي سدائين بحث جو موضوع رهيا آهن. مقصد هن دنيا کي اهميت ڏيڻ آهي ڇو جو هيءَ دنيا جتي ڪنهن امير جي آهي اتي هڪ غريب جي پڻ آهي. امير وٽ زندگي گذارڻ جا وسيع موقعا آهن. غريب دنيا ۾ محروم رهي ٿو. غريب انصاف جو طالب آهي، کيس دنيا مايوس ڪري ٿي ۽ هو خدا ڏانهن رجوع ڪري ٿو. خدا جو انصاف قيامت ۽ ٻئي دنيا آهي. هن دنيا کي عارضي ۽ فاني چئي اهميت نه ٿي ڏني وڃي، ائين ڪيترا بي پهچ ماڻهو انصاف جي حسرت رکي دنيا مان هليا وڃن ٿا. جيڪڏهن اها سڌ پئجي وڃي ته خدا جي ذات انسان اندر ان جي ڪروموسومز کانسواءِ ڪٿي به نه آهي ته اهو حق ۽ انصاف لاءِ جاکوڙيندو. ايوان ۽ عدالتون ڪوتاهين مان نڪري کيس برابريءَ جي بنياد تي انصاف ڏيڻ تي مجبور ٿي پوندا ۽ وسيلن جي ورهاست هڪ جيترا حق ڏئي تعليم هنر ۽ روزگار جا در کوليندي.
انسان جو ڇوٽڪارو مذهب جي منفي ترغيب مان ٻاهر نڪرڻ ۾ آهي، خدا انسان جو بندو آهي ڇو جو اهو انسان جي هر خواهش ۽ ارادي جو احترام ڪري ٿو. اهو سزا ڏيندڙ نه، پر سزا کان بچائيندڙ آهي. اسين جڏهن خدا جو منفي رخ پيش ڪيون ٿا ته شيطان کي وساري ويهون ٿا. خدا انسان ۾ اندر ويهي ان جي رهنمائي ڪري ٿو. شيطان گدلاڻ (Pollution) آهي. تابڪاري ۽ فيڪٽريءَ جو دونهون آهي. موت انسان جي پنهنجي پيڙا جو انجام آهي. خدا جيئرو رکي ٿو ۽ اولاد ۾ منتقل ٿئي ٿو. هڪ پئٿالوجسٽ جي حيثيت ۾ جڏهن خوردبين ۾ ڏسان ٿو ته دنگ رهجي وڃان ٿو. نظر نه ايندڙ دنيا سحرانگيز آهي. ساهواري جا ٽشوز (Tissues) ان جي جسم ۾ اهڙا ته سنڌائتا ۽ هنڌائتا آهن جو قدرت جي ڪاريگريءَ تي يقين نه ٿو اچي. هر تهه (Layer) پنهنجي سرشتي سان توريل تڪيل آهي. وجود جي ڪا به شيءِ فضول نه آهي سواءِ انهن سُسُيل (Rudimentray) عضون جي جيڪي ماحول جي زير اثر ساهواري جي تبديل ٿيندڙ ضرورتن موجب استعمال نه ٿيڻ ڪري ڪم ڪرڻ ڇڏي ويا ۽ انهن جا نشان رهجي ويا آهن.
ساهواري اندر زندگيءَ جو ساز ۽ سامان ۽ ان جو بروقت جسم کي سگهه ڏئي جيئرو رکڻ، هڪ اهڙو نظام آهي جنهن کي ايجاد (Invention) سان ڀيٽي نه ٿو سگهجي، نه صرف ساهوارو پر اهي شيون جن کي بي جان ڪوٺيو وڃي ٿو. جڏهن غور سان ڏسجي ٿو ته انهن بي جان شين کي ڪنهن ذات جي موجودگي جاندار بنائي ٿي. دنيا ۾ ڪا به شيءِ بي جان نه آهي. ڇو جو ڌرتيءَ ۾ دفن ٿيندڙ شيون ڪاربن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون ۽ ڪاربان جاندار جي اڏاوتي سر (Building Block) جو ڪرنگهو آهي. ساهوارو ڌرتي کائي ڌرتي ٿي چڪو آهي.
قدرت جي ضابطي (Co-ordination) جو مشاهدو ان پويان هستي کي ڏسي ٿو، جنهن کانسواءِ ساهواري ۾ ماحول سان ائين ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل نظام ممڪن نه آهي. اک هر پاڇي تي سج جو عڪس ڏسي ٿي. ارتقا فطرت جو تبديل ٿي پوڻ آهي. زندگي علامت آهي ته بقا کي فنا تي فوقيت آهي. ساتيون (Species) ڌرتيءَ تي فنا ٿي ختم نه ٿيون ٿي وڃن پر اهي ٻين ساتين ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون. پنڊپهڻ (Fossils) ۾ سمايل ساتيون هيون نه، پر آهن. پنڊپهڻ روپ بدلائي ماحول ۾ ساهه کڻي رهيا آهن. ماحول ساهواري جي عادتن (Habits) کي پاڻ جهڙو بنائي ٿو. باهه جو استعمال ڪچو گوشت چٻاڙيندڙ ڏندن تي اثر انداز ٿيو. هڪ سوچ سؤ مونجهارن جا در کولي ٿي. هڪ مونجهارو سؤ سوالن کي جنم ڏئي ٿو. هر سوال هزارين جوابن ۾ تبديل ٿي هڪ اهڙي بحث تي ختم ٿئي ٿو جنهن جو حل وقت جي سچ ۽ ڪوڙ جي ٻن پور وڇوٽ لڪيرن جي وچ تان لنگهي ٿو.
عقيدو مونجهاري جو ترت علاج آهي. عقيدو اهڙي تالي جيان آهي جيڪو ان پيٽيءَ جي ڪڙي ۾ لڙڪي ٿو جنهن اندر شعور جو لاش اکيون کولي ساهه کڻي ٿو. حق ڳولهڻ نابين جي ڪلهي تي هٿ رکي هلڻ برابر آهي. انسان ڳولهي ٿو. ان کي غلط فهمي آهي ته ڪجهه وڃائي ويٺو آهي. هو جنهن کي ڳولهي ٿو اهو پاڻ آهي، حيرت آهي ته بندو خدا کي ياد ڪري ٿو! جنهن کي وساري نه ٿو سگهجي ان کي ياد ڪرڻ ڪفر آهي. خدا انسان جي خواهش آهي ۽ ارادو ان کي حاصل ڪرڻ آهي. خدا انسان ۾ سمائجي ان جي پرورش ڪئي آهي. جيوگهرڙي اندر گاڊجين جو خدائي تخم جيئڻ جي سڀ کان سگهاري سگهه آهي.
هيءُ ڪتاب مادي جي اهميت بيان ڪري ٿو. سائنس جي وير مٿي چڙهندي ڪناري تي ڦهليل هر گدلاڻ کي سمنڊ ۾ سمائي صاف ڪندي اڳتي وڌندي پئي وڃي. کوجنائون عقيدن کي ائين بدلائي وجهنديون جو اهي سائنس جو حصو ٿي وينديون. مستقبل جو مذهب سائنس آهي. سائنس اهڙو مذهب هوندو جنهن کي قبول ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي، پر اهو پاڻ انسانن کي قبول ڪندو. انسان سائنس جو خدا آهي ۽ خدا انسان جي هر جيوگهرڙي اندر هستي.
هن ڪتاب جي تياريءَ ۾ سائنسي ڪتابن سان گڏ فلسفي جي ڪتابن جي ضرورت محسوس ٿي. انگريزي لفظن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ڏکيو آهي. خاص ڪري سائنسي لفظ، جن کي ترجمي ڪرڻ سان اصل معنا وڃائجي وڃي ٿي. سنڌيءَ ۾ سائنسي لفظ نه هجڻ برابر آهن. جيڪي آهن انهن جي معنا ڏکي ۽ ٺهڪي ايندڙ نه آهي. ڪڏهن ترجمو ايڏو ڏکيو ٿي ويندو آهي جو اصل زبان ۾ سمجهڻ سولو ٿي پوندو آهي. عربي ۽ فارسي زبانن ۾ سائنسي لفظ موجود آهن. جن جو اردوءَ ۾ استعمال وضاحت کي منجهائي وجهندو آهي. انگريزي زبان ان ڇڙواڳ گهوڙي جيان آهي جيڪو پوري دنيا جي چراگاهن مان چرندو وتي ٿو. يوناني ۽ رومي لفظن انگريزيءَ جي سگهه ۾ واڌارو ڪيو آهي. انگريز لسانيات جي ماهرن دنيا جي زبانن جي چيرڦاڙ ڪري انهن جون رڳون پنهنجي زبانن سان ائين ملائي ڇڏيون آهن جو سڀ زبانون هڪ زبان ۾ سمائبيون وڃن. انگريزي سائنسي ڊڪشنرين ۾ هڪ لفظ جي معنا ۾ پوري وصف سمائجي وڃي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو وقت جي ضرورتن موجب جيڪڏهن ڪا به زبان اظهار جي قوت وڃائي ويهندي ته اها طاقتور زبان جي تسلط هيٺ اچي ان ۾ جذب ٿي ويندي، اردو ادب، ترجما ۽ سائنسي ڪتاب ايڏا ته فارسي ۽ عربي ٻولين جي زير اثر ٿي چڪا آهن جو اردوءَ کي سمجهڻ لاءِ عربي ۽ فارسي استادن جي ضرورت پوندي. زبان تڏهن برقرار رهي سگهي ٿي جڏهن ان جي اصلوڪن مروج لفظن کي برقرار رکندي اهڙي هيت (Form) ٿي وڃي جو اها تبديلي ان جي اصليت کي متاثر نه ڪري، پڙهندڙن لاءِ آسان ٿي وڃي. ان ڪري سنڌيءَ کي ٻين ٻولين سان ملائي پيوند (Hybird) ٺاهي سگهجن ٿا، جيڪي ٻوليءَ کي سگهارو ڪندا. ڪنهن ٻئي ٻوليءَ جا غير مروج لفظ سڌا سنوان کڻي پنهنجي ٻوليءَ ۾ شامل ڪرڻ سان پڙهندڙن جي سمجهه ۾ اضافو ڪرڻ بجاءِ مونجهاري جو سبب بڻجي پوندا. سنڌيءَ ۾ شايع ٿيندڙ اهڙا مضمون جيڪي سائنس ۽ فلسفي تي هوندا آهن منهنجي سمجهه کان انڪري مٿڀرا هوندا آهن جو انهن ۾ استعمال ٿيل لفظ ۽ نڪرندڙ معنا منجهائي وجهندي آهي.
مون هن ڪتاب ۾ ڪجهه انگريزي لفظن کي ترجمو ڪرڻ بجاءِ اصلوڪي حالت ۾ لکيو آهي. انهن جو ترجمو انڪري غير ضروري هيو جو اهي ڪنهن به سائنس جي شاگرد لاءِ نوان نه هيا. مو ن وٽ ڊي اين اي (DNA) جو متبادل لفظ نه آهي. ڇو جو اهو لفظ سڀ ڪيميائي ۽ بناوتي خاصيتون سمائي جين جي وصف بيان ڪري ٿو. مون وٽ جين (Gene) لفظ جو به متبادل لفظ نه آهي. جيڪڏهن ان کي تخم ڪوٺجي ته لفظ تخم ٿلهو متارو لفظ آهي. جنهن ۾ جين جي ذري ۾ سمايل اها خوبي سمائجي سگهندي الائي نه؟
مون ڪٿي اردو ۽ فارسيءَ جا لفظ به ستعمال ڪيا آهن پر اهي مروج آهن ۽ اسان جي زبان جو حصو بڻجي چڪا آهن. دنيا ننڍي ٿي چڪي آهي. پهاڙ، سمنڊ ۽ ريگستانن جون وڇوٽيون جتي الڳ ملڪن، زبانن ۽ تهذيبن کي جنم ڏينديون هيون. اهي ورانگهه جون ٿي ويون آهن. ماڻهو ماڻهوءَ ويجهو اچي رهيو آهي. زبان زبان سان ڳالهائي رهي آهي، پوشاڪون بدلجي رهيون آهن. نوان نسل وجود وٺي رهيا آهن. آفريڪي غلامن جون اکيون نيريون ٿي چڪيون آهن. ناسي وار گهنڊڙي ٿي چڪا آهن. ايشيا جي ڏورانهن ملڪن ۾ رهندڙ ننڍي قد وارن جي بيني نڪ تي چهنب ظاهر ٿي آهي. دنيا جي کچڙيءَ ۾ دال ان جي ڳرندي جيڪو کچڙيءَ جو حصو هوندو، اسين ڪٿي آهيون؟ آهيون الائي نه آهيون!
دنيا جا سڌريل ملڪ اهي آهن جن جو مذهب سائنس آهي. سائنس جي اک کولڻ لاءِ تعليم جا در کولڻا پوندا. اسان وٽ تعليم آهي ئي ڪونه، در ڇا جا کوليون؟ در کولڻ سان ڍور ٻاهر نڪرن ٿا ۽ اهي حڪمراني ڪن ٿا.
خبر نه آهي هيءُ ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ڪهڙو اثر ورتو ويندو؟ اسان جي لکيل پڙهيل ماڻهن کي اڃا اها خبر نه آهي ته ارتقا جو صحيح مفهوم ڪهڙو آهي. گهڻا ائين سمجهندا آهن ته ارتقا معنا انسان ڀولو هيو ۽ هاڻي انسان آهي. ارتقا اها نه آهي، اهي غلط فهميون آهن. ارتقا هن ڪتاب جو بنيادي نقطو آهي ۽ ان کان پوءِ جين. جيڪڏهن ارتقا متعلق ڄاڻ نه هوندي ته جين کي سمجهڻ ڏکيو ٿي پوندو. ان ڪري مون ارتقا بابت ڪجهه وڌيڪ ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
هيءُ ڪتاب کليل دل، روشن دماغ پڙهندڙن لاءِ آهي. اهي جيڪي نئون ٻڌڻ چاهين ٿا. جن وٽ سائنس ۽ فلسفي تي ٻڌل کوجنا يا مفروضن معرفت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي جستجو آهي. جيڪي تخليق (Creation) ۽ ارتقا (Evolution) وسيلي ڌرتيءَ تي بقا جي جهد ۽ تبديل ٿيندڙ رنگن جو تجسس رکن ٿا. ٿي سگهي ٿو مون ڪجهه انگريزي لفظن جا مناسب ترجما نه ڏنا هجن، پر انهن سان گڏ انگريزي لفظن جو استعمال ان ڪري ڪيو آهي ته صحيح مفهوم بيان ڪري سگهان. انگريزيءَ ۾ لفظن جي وسيع ذخيري هجڻ ڪري هر ڪيفيت جي بيان جو خاص لفظ آهي، جڏهن ته سنڌي ۾ متبادل لفظ ڪيترين ئي ڪيفيتن کي بيان ڪري ٿو.
ڪتاب اندر ڪجهه مضمون مختلف وقتن تي لکيل آهن جنهن ڪري ڪجهه ورجهاءُ محسوس ٿيندو ۽ توهان غور ڪندا ته اهو ورجهاءُ موضوع جي وضاحت لاءِ ضروري لڳندو.
اميد اٿم ته دوست اصلاحي تنقيد ڪري لفظن جي سٽاءَ ۾ مدد ڏيندا.
ڊاڪٽر رسول ميمڻ
ڪراچي