تاريخ، فلسفو ۽ سياست

خدا، روح ۽ سائنس

بنا ڪنھن شڪ جي رسول ميمڻ اڄ جي دور جو ڪمال جادوئي ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي. هڪ تہ سندس تعارف اهو آهي پر هي ڪتاب ”خدا، روح ۽ سائنس“ کيس هڪ ٻيو جنم ڏئي رهيو آهي، جنھن ۾ رسول ميمڻ ڪھاڻين ۽ ناولن کان پوءِ سائنس ۽ فلسفي جي باريڪين کي کولي بيان ڪري رهيو آهي. هن ڪتاب ۾ خدا، روح ۽ جسم کي سائنسي ۽ فلاسيفيڪل انداز ۾ پروڙيو ويو آهي. اهي سڀ ليکڪ جا خيال ۽ سندس سائنسي تحقيق آهي. هيءُ ڪتاب کليل دل، روشن دماغ پڙهندڙن لاءِ آهي. اهي جيڪي نئون ٻڌڻ چاهين ٿا. جن وٽ سائنس ۽ فلسفي تي ٻڌل کوجنا يا مفروضن معرفت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي جستجو آهي. جيڪي تخليق (Creation) ۽ ارتقا (Evolution) وسيلي ڌرتيءَ تي بقا جي جھد ۽ تبديل ٿيندڙ رنگن جو تجسس رکن ٿا.

  • 4.5/5.0
  • 132
  • 51
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خدا، روح ۽ سائنس

چارلس ڊارون (Charles Darwin)

جڏهن برطانيه جو شاهي جهاز “بيگل” 1831ع ۾ دنيا جي چوڌاري سروي جي مهم تي روانو ٿيو ته ڪنهن جي خواب ۽ خيال ۾ به نه هيو، ڪو ڪولمبس جي نئين دنيا جي دريافت کانپوءِ اهو سفر اهڙو ئي اهميت وارو ثابت ٿيندو ۽ نه ئي ان جهاز جي نوجوان حياتيات جي ماهر ڊارون جي وهم ۽ گمان ۾ اها ڳالهه هئي، ان جي هٿئون علم جو نئون براعظم دريافت ٿيڻ وارو آهي.
ڊارون جي عمر ان وقت ٻاويهه سال هئي ۽ اهو تازو ئي ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان پنهنجي تعليم مڪمل ڪري نڪتو هيو. هن جي طبيعت اڪيلائي پسند هئي. هو ماڻهن سان گهٽ ملڻ پسند ڪندو هيو. هو حساس ۽ گهٽ ڳالهائڻ وارو هيو. سفر دوران گهڻو وقت سندس طبيعت بي مزي رهي. هو گهڻو ڪري پنهنجي سوڙهي ڪيبن ۾ حياتيات جي انهن نمونن جي سار سنڀال ۽ درجي بنديءَ ۾ مصروف هوندو هيو جيڪو هن ستن سمنڊن مان گڏ ڪيا هيا.
هن کي طبعي حياتيات جي بقاعدي ڪا به تربيت نه ملي هئي، هو ننڍپڻ کان ئي ٻوٽن ۽ جانورن کي گڏ ڪرڻ جو بيحد شوقين هيو. دينيات جي پڙهائيءَ دوران ئي هو حياتيات جي ڪجهه سبقن لاءِ وقت ڪڍي وٺندو هيو ۽ ائين هو حياتيات جي تعليم سان وابستا رهيو.
جڏهن برطانوي شاهي جهاز “بيگل” روانو ٿيڻ وارو هيو ته اعليٰ اختياريءَ وارن کي ان ڳالهه جي سفارش ڪئي وئي ته ان جهاز سان ڊارون کي به موڪليو وڃي. تعجب جي ڳالهه اها هئي ته ڊارون جي سفارش ڪرڻ وارا جيڪي ان وقت جا مڃيل ماهر حياتيات هيا انهن پاڻ وڃڻ پسند نه ڪيو، ان جو هڪ سبب اهو هيو ته ان خدمت جي ڪا به پگهار نه هئي ۽ ٻي ڳالهه اها هئي ته سڙيل بسڪوٽن ۽ پاروٿي پاڻيءَ تي ڪو ڪيستائين گذارو ڪري پئي سگهيو. اهو ئي سبب هيو جو ان وقت جي ٻين ماهر حياتيات ان جهاز ۾ سفر ڪرڻ پسند نه ڪيو. انهن چيو ته “ان سفر مان ٻيو ڇا ٿو حاصل ڪري سگهجي سواءِ ڪجهه هزار ٻين نمونن جي گڏ ڪرڻ جي.” اٽڪل هڪ صديءَ کان سائنسدان نمونا گڏ ڪندا پئي آيا ۽ انهن جو تجزيو ڪنهن نه ڪيو هيو، پر ڊارون اهو معلوم ڪرڻ پئي چاهيو ته آخر ٻه ۽ ٻه ڇا جي ڪري چار آهن. هن جو ذهن تجسس سان ڀريل هيو ۽ هر ڳالهه جي تشريح جو ڏانءُ هن وٽ پڻ هيو. هو ڪنهن به واقعي کي واقعو قبول نه ڪندو هيو، جيسين ان جو بنيادي ثبوت حاصل نه ٿي وڃي. جيتوڻيڪ هن ان علم ۾ ڪا خاص تربيت حاصل نه ڪئي هئي تڏهن به جڏهن ڏکڻ آمريڪا کان سوين ميل ڏور ايٽلانٽڪ سمنڊ جي انتهائي خاموش ۽ غير آباد علائقي گيلا پيگس تي لٿو ته هو تازي ڪتي جيان تجسس سان ڀريل هيو.
گيلا پيگس ٻيٽن جو سلسلو جنهن کي اسپيني زبان ۾ “جنن ۽ ڀوتن جو آستان” سڏيندا هيا، ماضيءَ جي ابتدائي دور جو جيئرو عجائب گهر هيو، جتي تمام وڏيون چچيون هيون، جن کي دنيا جي ٻين علائقن جيان فنا ٿي وڃڻ گهربو هيو، پر اهي اتي موجود هيون ۽ تمام وڏا ڪڇون، وڏن ڪيڪڙن سان گڏ ريڙهيون پائيندي نظر اچي رهيا هيا. اتان جا جانور ۽ پکي سياحن سان ايترا ته مانوس هيا جو اڏامندڙ بدڪون انهن جي ڪلهن تي اچي ويهنديون هيون.
ڊارون انهن الڳ ٿلڳ ۽ دريافت ٿيل دنيا کان پري انهن ٻيٽن ۾ جيڪا خاص ڳالهه ڏٺي اها هيءَ هئي ته آب وهوا ۽ زمين جي لحاظ کان انهن ملندڙ جهلندڙ ٻيٽن ۾ مختلف قسم جا جاندار هيا. هڪ ٻيٽ تي موجود جانور ٻئي ٻيٽ جي جانورن کان مختلف هوندي به پاڻ ۾ ملندڙ جهلندڙ هيا، جيئن قسمن جي لحاظ کان مختلف هوندي به ساڳي بڻ بنياد سان لاڳاپيل هجن. هڪ ئي قسم جي جهرڪين جون ڪيتريون ئي ٽوليون اتي موجود هيون جن جو نسل جي لحاظ کان هڪ ٻئي سان ويجهو تعلق نظر اچي رهيو هيو. اهڙيءَ طرح اتان جي ڪبوترن، ڪڇوئن ۽ ڪيڪڙن تي به اها ئي ڳالهه صاف ۽ واضح هئي، پر سوال اهو هيو ته آخر قدرت هڪ جهڙن ٻيٽن ۾ مختلف قسمن جا ايڏا جانور ڇو پيدا ڪيا هيا جن جو هڪ ٻئي سان ايڏو ويجهو تعلق آهي؟ ڇا اهي سڀ هڪ ٻئي جون ڦريل گهريل صورتون آهن جيڪي حالتن پٽاندڙ پنهنجي جيئڻ جي جدوجهد ۾ هڪ صورت مان ڦري ٻئيءَ ۾ تبديل ٿي ويون؟ ڇا اها ڦير گهير صدين کان جيئرين شين سان لاڳو رهي آهي؟
ڊارون لاءِ اهي سڀ نيون سوچون ائين هيون جيئن انجيل جي پهرين باب کان منڪر ٿيڻ، جنهن ۾ اهو لکيل آهي ته دنيا جي پيدائش کانپوءِ اڄ ڏينهن تائين جيڪي صديون گذريون آهن، انهن جو جاندار جي قسمن تعداد يا بناوت تي ڪوئي اثر نه آهي ۽ نه ئي انهن ۾ ڪا تبديلي آئي آهي. ڊارون پوءِ به همت ڪري انهن پراڻن نظرين خلاف آواز اٿاريو. هن پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو “اهو تصور ڪري سگهجي ٿو ته هڪ قسم جي ڪنهن به جاندار کي پنهنجن مقصدن حاصل ڪرڻ جي خواهش ۾ مختلف شڪلين ۾ تبديل ڪري ان جي حياتيءَ کي آسان بنايو ويو آهي. انهن ننڍن، غير آباد ۽ پهاڙي ٻيٽن ۾ تخليق جي قوت جو جيڪو نظارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ان کي پرکي اسان ان اسرار کي سلجهائڻ جي ويجهو اچي سگهون ٿا ته ڌرتيءَ تي زندگيءَ جو ظهور ڪيئن ٿيو.”
پنجن سالن تائين “بيگل” نيوزيلينڊ، تسمانيا، آسٽريليا ۽ سينٽ هيلنا جو سفر ڪندو رهيو. هر جاءِ ٻيٽن تي ڦهليل زندگيءَ ڊارون جي ذهن ۾ اهو ئي سوال اٿاريو ته زندگيءَ جو ظهور ڪيئن ٿيو؟ زندگيءَ جي برقرار رهڻ جي جدوجهد جو فلسفو هن جي ذهن ۾ واضح ٿيندو ويو.
ڊارون جڏهن انگلستان جي ڪناري تي قدم رکيو ته هن کي پنهنجي لکيل خطن، ٻوٽن ۽ جانورن جي گڏ ڪيل تمام وڏي ذخيري سبب ڪافي شهرت ملي چڪي هئي. ڪجهه عرصي کان پوءِ هن جي سمنڊ جي مخلوق متعلق ڪيل تحقيق سبب اڃا شهرت ۾ اضافو ٿيو.
هن جي نئين نظريي جي راز کان صرف هن جو هڪ دوست واقف هيو. اهو نظريو هڪ ننڍڙي نوٽ بوڪ ۾ درج ٿيل هيو، جنهن کي هو سدائين پنهنجي کيسي ۾ رکندو هيو. ان نوٽ بوڪ تي صرف صبر سان اهي شهادتون ۽ ثبوت درج ڪندو هيو جيڪي کيس پنهنجي نظريي متعلق هٿ لڳندا هيا. هن مختلف قسمن جا ڪبوتر وٺي انهن کي پالي مطالعو ڪيو ۽ انهن جي چير ڦاڙ ڪئي. اها حقيقت هوندي به ته سڀ پالتو ڪبوتر اصل ۾ يورپ جي هڪ جهنگلي نيري رنگ جي ڳيري جي نسل مان هوندي به مختلف آهن. ڪوئي لقي قسم جو آهي ته ڪو ئي قاصد يا ٻئي قسم جو، اهي بنيادي طرح سان ساڳي نسل سان تعلق رکندي به جدا قسمن ۾ ورهايل آهن. ڊارون اهڙا راز صرف دل ۾ ئي سانڍيندو آيو ۽ هن انهن جو اظهار ان وقت ڪرڻ مناسب نه سمجهيو. هن ڪڻڪ جي مختلف قسم جي ٻجن ۽ ڪتن جو مطالعو پڻ ڪيو، جن سان ساڳي ڳالهه لاڳو هئي. هن انهن کي سمجهي اها ڳالهه نوٽ ڪئي ته “ارتقا اڄ کان هزارين سال الڳ رونما ٿي ختم نه ٿي وئي هئي پر اسان جي اکين اڳيان جاري ۽ ساري آهي ۽ تجربي طور اهو عمل ڪري به سگهجي ٿو ۽ ان عمل کي ڪنهن حد تائين روڪي به سگهجي ٿو.”
ويهن سالن تائين ڊارون پنهنجا تجربا ڪندو رهيو، هن انهن جو ڪنهن سان ذڪر نه ڪيو، سواءِ پنهنجي هڪ دوست “هُوڪر” جي، جيڪو سندس همراز ۽ ساٿي هيو.
آخر هڪ ڏينهن ڊارون پنهنجي نظريي جو اعلان مختصر نموني ڪيو. هن چيو “مان پنهنجي ان راءِ جي برعڪس ته جاندار شين ۾ وقت ۽ حالتن موجب ڦيرڦار نه ٿي اچي، جيڪو منهنجو شروعاتي رايو هيو. مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته صدين کان هر جاندار شيءِ پاڻ کي برقرار رکڻ جي جدوجهد ۾ حالتن مطابق هڪ قسم مان ٻئي قسم ۾ ڦري وڃي ٿي.”
اهو سڀ ائين هيو جيئن ڪو قتل جو اعتراف ڪري.
هڪ ڏينهن صبح جو هو نيرن ڪري رهيو هيو ته کيس هڪ خط مليو. ان خط ۾ هڪ اهڙي نظريي جو خاڪو پيش ڪيو ويو هيو جيڪو هن جي پنهنجي نظريي سان ايترو ملندڙ جلندڙ هيو، جيئن ان خط لکندڙ سندس ذهن جو مطالعو ڪري پوءِ لکيو هجي ۽ هن جي اڻ ڇپيل ڪتاب “جاندار قسمن جي اصليت” جو مطالعو ڪيو هجي. هندي سمنڊ جي ٻيٽن تي جانورن جا نمونا جمع ڪندڙ هڪ ماهر الفرڊ رسل ويلس بيمار ٿي پيو، ان بيماريءَ جي حالت ۾ هڪ خط ڊارون کي لکيو، جنهن ۾ هن پنهنجي نظريي جي وضاحت ڪئي. ويلس پوءِ ان بيماريءَ مان بچي ويو ۽ انگلينڊ موٽي آيو جتي هن ڊارون سان ملاقات ڪئي، پر اهو خط ڊارون لاءِ پريشانيءَ جو سبب بڻجي ويو، ڇو جو هاڻي ارتقا تي گهري نظر رکندڙ صرف هو اڪيلو ئي نه هيو، پر ان ۾ ويلس به شامل هيو. ويلس پنهنجي خط ۾ ڊارون کي لکيو ته “پراڻي نظريي جي خلاف ته ڦيرڦار جي ڪا حد مقرر ٿيل نه آهي، جهنگلي جانورن جي زندگي مسلسل جيئري رهڻ جي جدوجهد تي قائم آهي. ڪنهن به جاندار قسم جي گهڻائي يا ٿورائيءَ جو انحصار ان قسم جي پنهنجي برقرار رکڻ لاءِ حالتن موافق پاڻ کي تبديل ڪرڻ ۾ آهي. اهڙيون تبديليون جيڪي ان لاءِ فائديمند آهن، انهن ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿيندو رهي ٿو. بيڪار يا نقصان واريون تبديليون وقت سان ختم ٿي وڃن ٿيون. ارتقا جي ذريعي مٿي اڀري ايندڙ سٺا نسل پنهنجن اصلوڪن نسلن جو خاتمو آڻي ڇڏين ٿا. ارتقا جو عمل فطري طرح تمام سست ۽ صدين تائين ڦهليل آهي.”
“جيئري رهڻ جي جدوجهد”، “حالتن مطابق تبديليون”، “آهستي آهستي ترقيءَ جو رجحان” اهي سڀ ڄڻ ڊارون جا پنهنجا استعمال ڪيل لفظ هيا. ڊارون لاءِ اهو مسئلو پيدا ٿي پيو ته هو پنهنجي ڪتاب “جاندار قسمن جي اصليت” کي ڪيئن شايع ڪرائي، جڏهن ته هڪ ٻئي سائنسدان به اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو هيو. ڇا هو پنهنجن ويهن سالن جي ڪيل تحقيق تان هٿ کڻي وڃي؟ هن کي پنهنجي دوست “هُوڪر” ان جو مناسب حل پيش ڪيو. هن ڊارون ۽ ويلس کي صلاح ڏني ته ٻئي گڏيل ڪم جي صورت ۾ ان کي لينن سوسائٽيءَ جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪن. جنهن تي اهي راضي ٿيا. اهڙيءَ طرح ارتقا جو نظريو دنيا جي سامهون آيو. انهن آگسٽ 1858ع جي هڪ رات جيڪو نظريو سوسائٽيءَ جي اجلاس ۾ پيش ڪيو، ان جو عنوان “قدرتي چونڊ جو نظريو” رکيو ويو. ان جون ڪي خاص ڳالهيون هي آهن.
1) سڀ جاندار ڌرتيءَ جي پکيڙ جي تناسب سان وڌن ٿا.
2) کاڌي ۽ جاءِ جي حد محدود هجڻ سبب پيدا ٿيندڙ جاندارن جو نتيجو انهن جي بقا جي جدوجهد جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو.
3) سڀ جاندارن ۾ حالتن سان ٺهڪندڙ ۽ اڻ ٺهڪندڙ فرق موجود آهن.
4) اهي جاندار جن جا فرق حالتن سان ٺهڪندڙ آهن وڏي پيماني تي جيئرا رهي سگهن ٿا، انهن جي بنسبت جن جا فرق حالتن موافق نه آهن. ٻين لفظن ۾ بقا جي جدوجهد ۽ فطرت ٺيڪ شين جي چونڊ ڪري ٿي.
5) هڪ نسل جا جاندار ايندڙ نسل جا ابا آهن، انڪري سٺيون تبديليون هڪ نسل کان ٻئي نسل ڏانهن منتقل ٿين ٿيون.
6) هر نسل ۾ حالتن موجب ماحول جي چونڊ ڪرڻ جي سُست پر اڻ ٽر پهچ موجود آهي.
7) سٺيون تبديليون جيڪي هڪ نسل کان ٻئي نسل طرف ڊگهي عرصي تائين منتقل ٿين ٿيون، اهي جاندار ۾ ايتري حد تائين گڏ ٿين ٿيون جو اهو هڪ نئين قسم جي جاندار ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.
ڊارون مٿئين نظريي جي وضاحت ڪندي چيو ته ڌرتيءَ جي تناسب سان جاندارن جي واڌ ٿئي ٿي. هاٿي جيڪو کير پيئاريندڙ جانورن مان سڀ کان گهٽ ٻچا ڄڻيندو آهي. اهو ٽيهن سالن جي عمر ۾ ٻچن ڏيڻ جي قابل ٿيندو آهي ۽ لڳاتار نوي سالن تائين وڌ ۾ وڌ ڇهه ٻچا ڄڻيندو آهي. ڊارون حساب ڪيو ته هاٿين جو هڪ جوڙو ست سو پنجاهه سالن ۾ اڻويهه ملين هاٿين جو اضافو ڪري سگهي ٿو. سهڙ جيڪو ڇهن مهينن ۾ ٻچا ڏيڻ شروع ڪري ٿو، اهو هاٿيءَ جي حساب سان اڻ ڳڻت تعداد ۾ نسلي اضافو ڪري ٿو. ڪوڊ مڇي پنهنجي عمر ۾ ست ملين آنا ڏئي ٿي جيڪي جيڪڏهن مڇين ۾ تبديل ٿي وڃن ته دنيا جا سڀ سمنڊ صرف انهن جي وجود سان ڀرجي وڃن. اڻ ڪرنگهي وارن جانورن ۾ نسلي واڌ جي قوت اڃا به وڌيڪ آهي. گهونگهو (Oyster) هڪ موسم ۾ نوي ملين آنا ڏيندو آهي. جيڪڏهن هڪ گهونگهو جيئرو رهي پنجن نسلن تائين ان مقدار ۾ آنا ڏيندو اچي ته، ان جي آنن جي ڇلڙن جو تعداد ڌرتيءَ جي مقدار کان اٺهوڻو ٿي وڃي. پيرا ميشيم ڏينهن ۾ ٽي دفعا ٽٽي الڳ جاندار جي صورت اختيار ڪندو آهي، جيڪڏهن اهو ان رفتار سان پنجن سالن تائين جيئرو رهي ته ڌرتيءَ جي مقدار کان ڏهه هزار دفعا گهڻو ٿي وڃي. اها ڳالهه ٻوٽن جي ٻجن سان پڻ لاڳو آهي. انڪري گهڻو نسل پيدا ڪندڙ جاندارن جي حياتي انهن کان گهٽ آهي جيڪي وڏي عمر ۾ ٿورو نسل پيدا ڪن ٿا.
ڌرتيءَ جي تناسب سان نسلي واڌ ڪري هر جاندار پاڻ کي برقرار رکڻ لاءِ سخت جدوجهد ڪري ٿو. اها جدوجهد، کاڌي، جاءِ ۽ زندگيءَ جي ٻين ضرورتن متعلق ٿئي ٿي. اها جدوجهد پڻ آس پاس جي طبعي ڦير ڦارن، وڌيڪ گهم يا خشڪي، ٿڌ يا گرمي، روشني، طوفان ۽ زلزلن خلاف ٿئي ٿي. انڪري هن جي بناوت ۾ ان لحاظ سان ڦير ڦار ٿي جئين اهو حالتن جو مقابلو ڪري سگهي.
سڀني جاندارن ۾ بناوت، پکيڙ، رنگ، جسماني سرشتن ۽ عادتن جو واضح فرق موجود آهي. ڊارون جي بقول اهي فرق حالتن موجب تبديل ٿيندا رهن ٿا. انهن مان ڪجهه فرق جاندارن لاءِ فائديمند آهن، ڪجهه غير فائديمند ۽ ڪجهه نقصانڪار. ڊارون مورثي ۽ غير مورثي فرقن ۾ تفاوت بيان نه ڪيو آهي. هن ايترو چيو آهي ته سڀ فرق مورثي هوندا آهن، جيڪي بقا جي جدوجهد ۾ اڳتي هلي ظاهر ٿيندا آهن، پر ٻين سائنسدانن ڊارون کانپوءِ غير مورثي فرق کي پڻ پڌرو ڪيو.
اڻ ڳڻت جانورن جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ، انهن ۾ هڪ مقابليدار بقا جي جدوجهد شروع ٿي وڃي ٿي. جيئن ته سڀني جاندار قسمن ۾ واضح فرق موجود رهن ٿا، جن وٽ فائدي وارا فرق ٿين ٿا اهي پنهنجي پسگردائيءَ واري ماحول ۾ ٺهڪي اچن ٿا. بنسبت ٻين جي جيڪي انهن صلاحيتن کان محروم آهن. انڪري فطرت ٺهڪندڙ شين جي چونڊ ڪري ٿي. ٺهڪندڙ جاندار ڊگهي عرصي تائين جيئرا رهن ٿا ۽ پنهنجا ڪمائتا فرق پنهنجن نسلن ڏانهن اماڻين ٿا. چونڊ جو اهو عمل نسلن کان نسلن تائين جاري رهي ٿو ۽ ڊگهي عرصي کانپوءِ اهي فرق ان حد تائين گڏ ٿي ظاهر ٿين ٿا جو جاندار جو اهو قسم مڪمل طور هڪ نئين قسم ۾ ظاهر ٿئي ٿو ۽ ان کي ارتقا چئجي ٿو.
ڊارون جڏهن پنهنجو نظريو لينن سوسائٽيءَ ۾ پيش ڪيو ته ان هجوم ۾ موجود ماڻهن جي ذهنن ۾ هڪ نئين هلچل مچي وئي. ڪجهه ماڻهو شڪ جي انداز ۾ پنهنجين ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيرڻ لڳا ته ڪجهه ڏاڙهيون ان جي مخالفت تي لهي آيون. جيڪڏهن اهو نظريو صحيح هيو ته سڀ مذهبي ماڻهو ان وقت تائين اوندهه ۾ جيئرا ۽ مرندا آيا هيا. ان نظريي سان ڌرتيءَ جي گولي جي انهن لکين سال اڳ فنا ٿي ويل جاندارن جي ڍانچي ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو جيڪي اڃان تائين هڪ ڳجهارت جي صورت ۾ عجائب گهرن ۾ محفوظ هيا. ڊارون جي نظريي ۾ اهڙي پختگي هئي جو اهو انجيل جي تشريح کان به وڌيڪ حيرت ۾ وجهندڙ هيو. ان اجلاس کانپوءِ اهي سڀ ڳالهيون سائنسدانن تائين محدود رهيون ۽ عوام تائين نه پهچي سگهيون.
ٻئي سال ڊارون پنهنجي نظريي تي “اصل جاندارن جا قسم” نالي ڪتاب شايع ڪيو. ڪتاب جو پهريون ايڊيشن پڌري ٿيڻ واري ڏينهن ختم ٿي ويو. ان کانپوءِ بحث مباحثي جو واچوڙو مٿي ٿي هر طرف ڦهلجندو ويو.
“اهو شخص چريو آهي” ، “ڪافر آهي”، “قتل لائق آهي”، “ان کي قيد ڪري موت جي سزا ڏني وڃي.”
ڊارون خلاف جتي نفرت جو طوفان اٿيو، اتي ئي هن جا ڪجهه حامي پيدا ٿي پيا. هن جو نالو يورپ کان وٺي آمريڪا تائين گونجڻ لڳو.
ڪليسيا جا پادري چوڻ لڳا “جيڪڏهن انجيل جي پيش ڪيل حقيقت کي قبول نه ڪندؤ ته بي دينيءَ جي دروازن کي کولي ڇڏيندؤ، جيڪي اخلاقي معيارن کي وهائي ويندا.” “بڪواس بند ڪيو” ڪجهه سڃاڻ ذهن فلسفين چيو “اهو سڀ خدا جي عبادت جي نئين آزاديءَ جو فلسفو آهي.”
ان بحث جي سلسلي ۾ بشپ سمونيل ولبر فورس 1860ع ۾ ڊارون جي جوشيلي حامي ۽ حياتيات جي ماهر ٿامس هسڪلي سان ان موضوع تي هڪ مناظري جي چيلنج قبول ڪئي. آگسٽ جي ان منجهد جو آڪسفورڊ جو هال ٻڌندڙن سان مڪمل طرح ڀريل هيو. آڪسفورڊ جا شاگرد ڪنهن نه ڪنهن ڌر جي حوصلا افزائي ڪرڻ يا مذاق اڏائڻ لاءِ موجود هيا. هڪ طرف سائنسدان ۽ ٻئي طرف ڪليسيا جا پادري ويٺا هيا.
ولبر فورس پراڻن ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ نظرين جي بنياد تي اهڙا مثال ڏئي رهيو هيو جيڪي سائنسدانن لاءِ عجيب هيا. هو سائنس کي انجيل جي پيداوار چئي رهيو هيو. انجيل کي هڪ مڪمل ڪتاب جي صورت ۾ پيش ڪري رهيو هيو، جنهن ۾ سڀ سائنسي نظريا سمايل هيا، پر ان جون اهي ڳالهيون ويهه سال پراڻيون هيون. ڊارون جو نظريو هر طرح انجيل کي ٿڏي رهيو هيو. بشپ ولبر فورس آخر ۾ هسڪلي طرف اشارو ڪندي چيو “ڇا منهنجو دوست اهو ٻڌائيندو ته هو پنهنجي ماءُ جي طرف کان ڀولي جي نسل مان آهي يا پيءُ جي طرف کان؟” اهو ٻڌي نوجوان هسڪلي ٽپ ڏئي پنهنجيءَ جاءِ تان اٿيو ۽ ولبر فورس ڏانهن ڪاوڙ مان ڏسندي وراڻيائين “مان پاڻ کي ماءُ ۽ پيءَ جي طرف کان ان وقت جي انسان جنهن جي شڪل ڀولي سان ملندڙ هئي جي نسل مان هوندي هڪ اهڙي انسان تي ترجيح ڏيان ٿو جيڪو هن وقت جي ڀولي کان به بدتر آهي.”
ڪليسيا جي پادرين جون ڪاوڙ مان رڙيون نڪري ويون ۽ آخر ڪار هڪ وڏي بحث کانپوءِ نوجوان هسڪلي پادرين کي هار مڃڻ تي مجبور ڪري وڌو. ٻين لفظن ۾ اها ڊارون جي فتح هئي.
انهن سڀني هنگامن کان ڏور ڊارون سيسڪس جي علائقي ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺاڻي جاءِ ۾ رهيو پيو هيو. هن چيو ته هو آڪسفورڊ جي مناظري ۾ شريڪ ٿيڻ کان موت کي ترجيح ڏيندو. هو ڪڏهن به منظرعام تي اچڻ پسند نه ڪندو هيو. هن ڪڏهن به ڪو سائنسي اعزاز قبول نه ڪيو. سائنسي انعامن جي هن مٿان ائين بارش ٿيڻ لڳي جيئن گارين جي خطن جي. انهن خطن جا جواب هو صبر ۽ شرافت سان ڏيندو هيو، جنهن جا اهي مستحق نه هيا.
ڊارون شرميلو ۽ محنتي شخص هيو، جنهن ڪري هو اڪيلائي پسند هيو. “بيگل” جهاز جي پنجن سالن واري سفر دوران هن تي جيڪو بيماريءَ جو حملو ٿيو هيو، انڪري سندس صحت ڪڏهن به ٺيڪ نه ٿي. ٿورو به گوڙ گهمسان يا دوستن جي ملاقات جيڪا اڌ ڪلاڪ تائين مس هوندي هئي، هن کي بيمار ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي. امن ۽ سڪون هن لاءِ تمام ضروري هيو. تقريبن هر سال هن جو هڪ نئون ڪتاب ضرور شايع ٿيندو هيو. هن جي ڪتاب انساني نسل (Descent of man) ۾ انساني جانورن جو شجرو ڏنل آهي، جنهن تي ڪليسيا جي طرف کان سخت تنقيد ۽ ملامت ڪئي وئي. ڊارون انهن ڳالهين کان متاثر ٿئي بغير “انسانن ۽ جانورن جي جذبن جو اظهار” نالي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ انسان جي جمالياتي احساسن کي جانورن تي پڻ لاڳو ڪيو.
ڊارون جا مخالف ٻيو ڪو رستو نه ڏسي هن جي زندگيءَ جي اخلاقي ڪمزوريءَ کي ڳولهڻ لڳا. بس ايترو ئي معلوم ڪري سگهيا ته ڊارون هڪ انتهائي شريف ۽ ضعيف ماڻهو آهي. جنهن علم جي خدمت ۾ پنهنجا وار اڇا ڪيا آهن ۽ جيڪو پنهنجو سمورو وقت گلن ۽ ٻارن ۾ گذاري ٿو. جيتوڻيڪ هو پنهنجي نظرين جي بنياد تي لادين ٿي ويو هيو ۽ هن ڪليسيا اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو هيو، تڏهن به هن جي زبان مان هڪ اهڙو حرف به نه نڪتو جيڪو خدا جي وجود يا انساني روح جو انڪاري هجي.
سائنسدانن مان ڊارون جيتري عزت شايد ئي ڪنهن ٻئي کي ملي هجي. هو جڏهن به ڪنهن سائنسي گڏجاڻيءَ ۾ ويندو هيو ته سڀ ٻڌندڙ هڪ ئي وقت اٿي بيهندا هيا. هن جي ذات گذريل صديءَ جي متضاد ۽ نئين موضوع جي بحث جو مرڪز رهي. اها هڪ اهڙي جنگ جو مرڪز رهي جيڪا نئين فلسفي جي فتح جي جنگ هئي. حقيقت ۾ هن ذاتي طرح ان جنگ ۾ ڪو به حصو نه ورتو. هو هڪ محنت ڪش مالهيءَ جيان هر سال زرخيز خيالن جا باغ پوکيندو هيو ۽ هن انهن لڙ ۽ گوڙ ڪندڙ پکين ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏنو جيڪي هن جي ڀريل باغ کي نقصان پهچائڻ لاءِ هن مٿان لامارا ڏيندا هيا. ڪليسيا جي پادرين جي تهمتن جي ڀيٽ ۾ هو سائنسي تنقيد تي غور ڪندو هيو ۽ چوندو هيو ته جيڪڏهن ڪو به هن جي نظريي کان بهتر ڳالهه پيش ڪري ته هو پنهنجي نظريي تان دستبردار ٿي ويندو.
چارلس ڊارون 12 فيبروري 1809ع ۾ ان ڏينهن پيدا ٿيو جنهن ڏينهن آمريڪا ۾ غلاميءَ جو خاتمو ڪندڙ عظيم انسان ابراهام لنڪن جنم ورتو. هن 1882ع ۾ وفات ڪئي. هن مرڻ کان اڳ وصيت ڪئي ته کيس پنهنجي ڳوٺاڻي گهر ۾ دفن ڪيو وڃي، پر برطانوي قوم (جنهن هن کي ته “نائٽ” جي اعزاز کان محروم رکيو پر هن جي ٽن شاگردن کي اهو اعزاز بخشيو) مرڻ کانپوءِ لاش کي پنهنجي امانت ۾ ورتو. هن جو تابوت ويسٽ منسٽر ايبي آندو ويو. تابوت جي جلوس ۾ هسڪلي، هُوڪر، ويلسن، سرجان ليڪ، ارل آف ڊربي، ڊيوڪ آف آرگائل، ڊيوڪ آف ڊيون شائر شامل هيا. هن کي نيوٽن جي ڀرسان دفنايو ويو.