روح ۽ سائنس
سائنس عالم غيب جي نفي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سائنسي کوجنائون مذهبي عقيدن سان متصادم رهيون آهن. گليليو، سقراط کان سبق سکيو. سقراط زهر پي ڇا حاصل ڪيو؟ انسان منجهيل آهي ۽ منجهيل رهندو. ڪو به سچ ايستائين سگهارو ٿي نه سگهندو، جيسين ان مونجهاري جو مستقل حل نه ڳوليو وڃي. گليليو اهڙو سچ ڳالهايو جيڪو وقت جو سڀ کان وڏو ڪوڙ هيو. کيس ڪوڙ کي ان ڪري قبول ڪرڻو پيو جو زندگيءَ کان وڏو سچ ڪو به نه آهي! جاهل کي جاهل چوڻ جهالت جي توهين آهي، ڇو جو جاهل دنيا داريءَ جو عاقل آهي. انسانن تي حڪمرانيءَ لاءِ حاڪم جو جاهل هجڻ ضروري آهي. ظلم جاهل کان ئي ٿي سگهي ٿو. عالم ڌرتيءَ تي ٻئي هٿ منهن کي ڏئي هلي ٿو جيئن ڳوڙها ظالم جي ديد کان محفوظ هجن.
انساني اک جي ڏسڻ جي سگهه محدود آهي، پر سائنس اک کي وسعت ڏئي ٿي، ائين تجربو عقل جا در کولي ٿو. خوردبيني (Microscope) ۽ پوءِ اليڪٽران خوردبيني ۽ هاڻي ڪمپيوٽرائيزڊ خوردبيني اهڙا اڻ ڏٺل لقاءَ ڏيکاريا آهن جن عقل حيران ڪري ڇڏيو آهي. جراثيمن جي دنيا انسانن جي دنيا کان وڌيڪ طاقتور آهي. انسان ڪيتريون ئي جراثيم ڪش (Antibiotics) دوائون ايجاد ڪيون پر جراثيم جيئرا آهن. ٽي صديون اڳ جراثيم به جنن جيان نظر نه ايندا هيا. اهي روح جيان اڻ ڏٺل هيا، پر سائنسي وسعتن کين ظاهر ڪري وڌو. سائنس ڪيتريون ئي اڻ ڏٺل شيون عيان ڪري وڌيون آهن. نظر نه ايندڙ ڦوڦندي (Fungus) ساهواري جي جسم تي جنم وٺي ٿي. ڦوڦندي کان متاثر انسان جي چمڙيءَ تي پيدا ٿيل زخم مان جيڪڏهن مواد وٺي خوردبين ۾ ڏسبو ته ان ۾ وڻن، ٻوٽن جو جهان نظر ايندو. انهن ۾ لڙڪندڙ ميوا ۽ ٻج (Spores) جيڪي ڦرين ۾ محفوظ آهن. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سائنس اڻ ڏٺل دنيا ڏيکاري ٿي پر اڄ ڏينهن تائين نه روح کي ڏسي سگهي آهي ۽ نه ثابت ڪري سگهي آهي.