جيوگهرڙي جي بغاوت
فطرت ساهواري جي جيوگهرڙي کي بچاءَ لاءِ هٿيار مهيا ڪيا آهن. اهو ماحولياتي تبديلين جو مقابلو ڪري ٿو. جيڪڏهن ان جي ڪوڊز (Genetic codings) کي ڪو نقصان پهچي ٿو ته جيوگهرڙي اندر مرمتي جينز (Repair genes) موجود ٿين ٿيون، جيڪي ڪنهن مستريءَ جيان جين جي مرمت شروع ڪري ڏين ٿيون، جيڪڏهن ماحولياتي گدلاڻ جو تشدد مسلسل آهي ته پوءِ اهي مرمتي جينز ٿڪجي پون ٿيون ۽ ڀڃ ڊاهه جو عمل شروع ٿي وڃي ٿو. جنهن جو نتيجو جين جي تباهيءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. جين جي تباهي جيوگهرڙي جي ڪردار کي بدلائي وجهي ٿي. اهو ضابطي مان نڪري وڃي ٿو ۽ فطرت سان بغاوت ڪري نسلن جي تباهيءَ جو سبب بڻجي ٿو.
جيوگهرڙي جي ٻاهرين جهلي (Membrane) جو ان سلسلي ۾ وڏو ڪردار آهي. هر اثر انداز ٿيندڙ شيءِ جو واسطو سڀ کان پهريون جهلي (Membrane) سان پوي ٿو. جيوگهرڙي جي جهليءَ تي حاصليون (Receptors) ٿين ٿيون. جيڪي اثرانداز ٿيندڙ شين کي حاصل ڪن ٿيون. حاصليون اهڙا اشارا (Signals) اندر موڪلين ٿيون جيڪي اشاراتي نقل لمحيات (Signal Transduction Proteins) وصول ڪري مرڪز اندر ڊي اين اي کي پهچائين ٿيون. ائين ڊي اين اي هر اشارو جيوگهرڙي جي جهليءَ تي پهتل پيغام جي صورت ۾ وصول ڪري پنهنجو ردعمل ظاهر ڪري ٿو. اهو ردعمل جين جو انجام ثابت ٿئي ٿو.
مٿي آيل ذڪر جين جي باري ۾ ٿورن لفظن ۾ گهڻو سمجهائڻ جي ڪوشش آهي، جين جاندار جو ابتدائي نقطو آهي. سڀ کان پهريون جين جنم ورتو ۽ جين جي زيرِ اثر زندگيءَ جي شروعات ٿي. جين جي مختصر سمجهاڻي اها آهي ته ڊي اين اي جي ڪوڊنگز ۾ اهو سڀ موجود آهي جيڪو حياتي هلائڻ ۽ ان جي برقرار رکڻ لاءِ ڪافي آهي. جيڪڏهن ڪنهن انسان جو ڊي اين اي محفوظ ڪجي ته سندس وفات کانپوءِ ممڪن آهي ته محفوظ ٿيل ڊي اين اي مان ان جهڙو انسان ٺاهي سگهجي. اهي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪوڊنگز انسان جي شڪل صورت کان وٺي ان جي ڪردار ۽ روين کي پاڻ ۾ سمائي رکن ٿيون. ڪلوننگ (Cloning) ذريعي اهو ممڪن آهي ته هڪ انسان جهڙي انسانن جي فوج تيار ڪري سگهجي. اهڙي تجربن تي هاڻي بندش آهي ڇو جو اهي دنيا لاءِ هاڃيڪار آهن. فطرت انسان کي ڪوڊنگز ۾ قيد ڪري وڌو آهي. اسين جين جا غلام آهيون. اسان جا رويا، ڪردار، سوچون ۽ ذهانت ان جي زِيراثر آهن. هڪ گڏهه، گڏهه جي روپ ۾ ئي ظاهر ٿئي ٿو ۽ هڪ عالم پاڻ سان گڏ علم کڻي اچي ٿو. هڪ معزز پنهنجي اندر معزز آهي ۽ ڪمينو پنهنجي ڪمينائپ کان مجبور آهي.
مذهب ۽ تربيت جي ضرورت انڪري پوي ٿي ته انسان جي ناڪاري روين تي غالب پئجي سگهجي. گڏهه کي گوهيءَ کان بچائڻ لاءِ سوٽيءَ جي ضرورت پوي ٿي. دنيا مان جيڪڏهن قانون ۽ اخلاق جا ضابطا ختم ٿي وڃن ته وحشي پڻو ان حد تائين غالب ٿي ويندو جو فطري طرح شريف انسان جو وجود ان قابل نه رهندو ته اهو دنيا ۾ رهي سگهي، انساني ڇڙواڳي قانون جي حدن اندر جائز آهي پر جيڪڏهن قانون جون حدون اورانگهي ته جيئڻ جنجال ٿي ويندو. دنيا ۾ هر انسان کي هڪجهڙا حق حاصل آهن پر حقن جي لتاڙ اهي ڪن ٿا جيڪي سنواريل (Refined) نه آهن. ظالم نسلي طور تي مجبور آهي. خانداني چور سڌري وڃي ته اهو معزز چور هوندو. انسان پنهنجي جين کي پڌرو (Exhibit) ڪري ٿو. سٺائيون انسان ۾ سٺيون تبديليون رونما ڪن ٿيون ۽ اهي جين جي سطح تي اثرانداز ٿي سٺين ڪوڊنگز ۾ ظاهر ٿين ٿيون، ائين سٺن انسانن جا سٺا نسل پيدا ٿين ٿا. هڪ خراب انسان کي سڌارڻ لاءِ ڪنهن به سبق جي ضرورت نه آهي، اهو ان جو اندروني مسئلو آهي. اهو جيڪڏهن سچي دل سان سٺائين کي قبول ڪري ٿو ته اهڙيون سٺائيون ان جي جين تي اثرانداز ٿي نسل جي بهتريءَ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿيون. مذهب ۽ قانون اهڙو خوف آهي جيڪو انسانن جي وحشت کي لگام ڏيڻ لاءِ ضروري ٿي پوي ٿو. خاص ڪري قانون جنهن ۾ ڪنهن قيامت کان اڳ فوري سزائون تجويز ٿيل آهن، اهو انساني نفسيات جي وحشي پڻي کي قابو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.