گاڊ جين ۽ ٻئي دنيا
اسان جا ثواب، گناهه، چڱايون، بڇڙائيون، غير فطري عمل، نفرت، پيار، غم ۽ غصو، سڀ گاڊ جين کي متاثر ڪري هن ئي دنيا ۾ جنت يا دوزخ جا در کولين ٿا.
مذهبن ۾ جنهن ٻئي دنيا جو تصور آهي، اها ٽئين دنيا آهي، ٽئين دنيا ائين آهي جيئن ڪو آزاد رهي قيد جا خواب ڏسي. سائنس ۾ خوابن کي اهميت نه آهي. نفسياتي سائنس ۾ گهري ننڊ اها آهي جنهن ۾ خواب نظر اچن ٿا. انسان خواب ڏسي سٺي ننڊ ڪندو آهي. ننڊ کانپوءِ ڪجهه خواب ياد رهجي ويندا آهن ۽ ٻيا وسري ويندا آهن. جڏهن ڪو چٽا خواب ڏسندو آهي ته ننڊ ۾ ان جي اک جون ماڻڪيون حرڪت ڪنديون آهن. سٺي ننڊ جي نشاني چٽا خواب آهي. خواب زندگي ۽ موت جو تفاوت آهن. خواب زندگي آهن ۽ خوابن بنا ننڊ موت.
دنيا ۾ انسان ڪاوڙ ۽ بدلي جي باهه ۾ سڙن ٿا. کٽيل (Uncontended) احساس، ريس (Relativity) کي اڀاري ٿو. اهو ئي ته دوزخ آهي. گاڊ جين عمل جو هر اشارو (Signal) نسلن ۾ منتقل ڪري ٿي. وڏڙن جي عمل کي ننڍڙن ۾ ظاهر ڪري ٿي، سٺن عملن کي ايندڙ نسل ۾ جاءِ ڏئي جنت جا دروازا کولي ٿي. جڏهن ڪو برو سوچي ٿو ۽ برائين تي عمل ڪري ٿو ته دوزخ ۾ رهي ايندڙن لاءِ دوزخ جا در کولي ٿو، وڏڙن جون ڪيل برائيون گاڊ جين کي متاثر ڪن ٿيون ۽ گاڊ جين اهي برائيون ننڍڙن ۾ منتقل ڪري ٿي. ائين اسان جا ايندڙ نسل اسان جو ڀوڳين ٿا. جيڪڏهن سٺو سوچيون ۽ سٺو ڪيون ته نسل ڇاڻجي (Purify) سٺا ايندڙ (Ancestors) پيدا ڪندو.
انسان پنهنجي ڪردار سان هن ئي دنيا ۾ جنت ۽ دوزخ حاصل ڪري ٿو. اهو نه صرف پنهنجي لاءِ حاصل ڪري ٿو پر ايندڙ نسلن لاءِ انهن جا رستا ٺاهي ٿو.
اسين جيئن چاهيون ٿا خدا ائين ڪري ٿو. خدا انسان جي خواهشن جو احترام ڪري ٿو، جيڪڏهن جيئرو رهڻ انسان جي خواهش آهي ته جيئڻ ۾ خدا انسان جي مدد ڪري ٿو. انسان جي اندروني ڪيفيتن جي تبديليءَ ۾ ماحول جو اثر آهي. انسان جون اندروني ڪيفيتون جين جي اثرانداز ٿين ٿيون. انڪري انسان کي ڪڏهن گهٽ ڏوهي قرار ڏئي سگهجي ٿو. ماحول جو بگاڙ ۽ سنوار ان تي اثر ڇڏي ٿو. ماحول جي تعمير ۽ ترقي حڪمرانن جي ذميواري آهي. آسائش ۽ احترام اتي آهي جتي انسان کي حق حاصل آهن. انسان جو پيٽ خالي هجي ته اهو ڳڀي چورائڻ ۾ حق بجانب آهي. روزگار جا دربند هوندا ته ماحول ۾ مايوسي ڇانيل هوندي. ائين چوريءَ جي نيت نسلن ۾ منتقل ٿي مستقبل جا چور پيدا ڪندي پر جيڪڏهن انسان کي ڳڀو ۽ ٻيون بنيادي سهولتون ميسر هونديون ته اهو شڪرگذار رهندو ۽ نسل نهٺائيءَ جي زندگي گذاريندا.
هڪ بگڙيل (Corrupt) سماج ۾ جتي حڪمران وڏا چور هجن اتي سماج ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو آهي. هڪڙو سماج اهڙو هوندو آهي جنهن ۾ چور هوندا آهن ۽ ٻيو سماج جنهن ۾ وڏا چور هوندا آهن. هڪڙا چور اهڙا هوندا آهن جيڪي منصف ٿي انصاف جي ڪرسين تي ويهندا آهن ۽ ننڍن چورن لاءِ سزائون تجويز ڪندا آهن. ننڍا چور سزائون کائي وري چوري ڪندا آهن، چوري روزگار ٿي پوندي آهي.
نسل ايستائين سڌري نه ٿا سگهن جيسين ماحول نه سڌاريو وڃي. انسان فطري طرح برائيءَ ڏي جلد راغب ٿئي ٿو. لاشعوري گناهه ان جي تسڪين ڪن ٿا. انسان موقعي پرست آهي اهو ٻئي جي عزت ۾ اک وجهي ان کي لاهڻ جو انتظار ڪري ٿو. فرشتي جو تصور اهڙي نظر نه ايندڙ مخلوق آهي جيڪا انساني تخم کان پاڪ آهي. مذهبن ۾ فرشتن انسان کي سجدو ڪيو آهي. جيڪڏهن ڪنهن سجدو نه ڪيو ته ان کي شيطان ٿيڻ جي ضرورت نه هئي، ڇو جو انسان جي عظمت پاڻ ۾ اڳ ئي موجود شيطان کان جان ڇڏائڻ ۾ آهي.
انسان هن ئي دنيا ۾ قيامت کي منهن ڏئي ٿو. هن جا ٻه هٿ ترازوءَ جا پڙ آهن. هٿ ترين ۾ گناهن ۽ ثوابن جو زائچو آهي. هو عبادت جيئن آڱرين جي لڪيرن ۾ پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن ڳڻي ٿو، سندس ننهن ۾ پنهنجي چهري جي رهنڊن جو ماس ڦاٿل آهي.
مذهب اهڙو دڙڪو آهي جيئن الر ڪري سامهون ايندڙ کي پٿر کڻي ڊيڄارجي. اهو يا ته ڀڄي ويندو، ڇتو هوندو ته ڏاڙهي وجهندو ۽ انسان پاڻيءَ کان ڊڄي موت جي منهن ۾ هليو ويندو. ڪتو انسان جو نفس آهي. نفس ڪائنات جي هر شيءِ سنگهي ٿو. انسان جنت جو متلاشي آهي ۽ هڪ جنت کانپوءِ ٻي جنت گهرندو. جنت ڳولهڻ دوزخ کي ويجهو پوڻ آهي، ڇو جو جنت لاءِ جدوجهد دوزخ جي باهه ٻاري ٿي. جنت ڳولهبي نه آهي، ٺاهبي آهي.
انسان دنيا ۾ مطمئن نه رهيو آهي. عمر جي هڪ حد کانپوءِ دنيا ان آڏو حيثيت وڃائي ويهي ٿي. انسان جي عمر سان دنيا ساڳي نه ٿي رهي. جڏهن دنيا انسان اندر سمائجي وڃي ٿي ته ٻاهر ڪجهه نه بچي ٿو. دولتمند پاڻ کي مطمئن رکڻ لاءِ عيش، لذت ۽ تفريح جو اهتمام ڪري ٿو. غريب مايوس ۽ نااميد رهي ٿو. ٻئي دنيا جو تصور مظلومن جو آٿت آهي. ڪنهن ڏاهي چيو ته “دنيا ڪنهن ٻئي هنڌ آهي.” ڏاهو دنيا کي دنيا مڃڻ لاءِ تيار نه آهي. انسان غلط جاءِ تي جنم ورتو آهي. اهو دنيا ۾ اچي دنيا ڳولهي ٿو. فطري طرح انسان دنيا سان موافق (Adopted) هوندي به غير موافق آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته فطرت انسان کي تراشي ٿي. ان ۾ جيئڻ جون صلاحيتون پيدا ڪري حالتن سان مقابلي جي همت ڏئي ٿي پر تنهن هوندي به هڪ حد تي اچي دنيا کان باغي ٿي پوي ٿو. ان جي بغاوت جو سبب هڪ نئين جستجو آهي، ڇو جو اهو گهڻو ڳولهڻ چاهي ٿو. وقت سان دنيا جي ڪا به شيءِ ان لاءِ نئين نه ٿي رهي ۽ دنيا حيثيت وڃائي ويهي ٿي. پيري (Ageing) ساهواري جي غير ارتقائي (Antievolutionary) ڪيفيت آهي. انسان يا ڪو به ساهوارو جڏهن ارتقائي طور دنيا جي ماحول مطابق آهي ته پوءِ پيريءَ جي ڪيفيت واضح ڪري ٿي ته اهو هڪ حد تي اچي دنيا مان مايوس ٿئي ٿو ۽ مايوسيءَ سبب پوڙهائپ طاري ٿئي ٿي جيڪا اڳتي هلي انت جو سبب بڻجي ٿي. گهرڙيائي سائيڪل (Cell Cycle) ۾ موت جي جين (Gene of Death) انسان جي ان خواهش جي احترام ۾ جنم ورتو. انسان کي گهڻو وقت دنيا ۾ رهي ڇا ڪرڻو آهي؟ جيئڻ جي جدوجهد انسان کي ٿڪائي وجهي ٿي. ڏٺو وڃي ته دولتمند دنيا اندر هڪ غريب کان وڌيڪ غير مطمئن آهي. اهو پئسي عيوض دنيا کي رنگين بڻائي ٿو. ڇو جو دنيا جا رنگ فطري طرح اکين ۾ ڦٽي وڃن ٿا. غريب دنيا ۾ رهي مذهب جي ٻئي دنيا لاءِ سامان سهيڙي ٿو. اهو مطمئن آهي ته جيڪي کيس هتي نه مليو اهو ٻئي دنيا ۾ حاصل ڪري وٺندو.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته انسان هن دنيا کي پنهنجو سمجهيو ئي نه آهي. هو هن دنيا کي پنهنجو سمجهي ته ان تي ڪڏهن موت نازل نه ٿئي. انسان ٻئي دنيا جي جستجوءَ ۾ هيءَ دنيا ڇڏي ٿو. جڏهن انسان کي اها سمجهه ايندي ته زندگي موقعي (Chance) کانپوءِ هڪ دفعو ملي ٿي ۽ ٻئي دنيا آٿتا (Placebo) آهي ته پوءِ هيءَ دنيا ناياب ٿي ويندي. اهڙي سوچ هن دنيا کي پنهنجي ڪرڻ جي آرزو نسل درنسل انسان اندر اهڙي تبديلي (Mutation) آڻي سگهندي جو اهو امرتا ماڻي وجهندو. حق ۽ انصاف کي هتي ڳولهڻ شروع ڪندو.
ٻئي دنيا جو تصور جيڪو هاڻي به هڪ سگهارو مذهبي تصور آهي. اهو نئون نه آهي. حورون، شرابن طهورا ۽ ماکيءَ جون نديون جيڪي انسان چڱائيون ڪري حاصل ڪندو. اهڙو تصور مذهبن اندر هر دور ۾ رهيو آهي. انسان قربانيون ڪري، ٻليون چاڙهي، خدا کي راضي ڪندا آيا آهن. اهي پاڻ تي سختيون ڪري، جسماني تشدد ڪري، چلا ڪڍي، روزا رکي خدا کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آيا آهن. جيئن اهڙن صدمن جو اثر وٺي رحمت جا در کولي ۽ زندگي آسان ٿي سگهي. ٻئي دنيا جو تصور موت کي آسان بنائي ٿو. انسان دنيا مان غير مطمئن هئڻ سبب موت کي ويجهو ٿئي ٿو. ٻار جي دل هڪ رانديڪي مان ڀرجي وڃي ته اهو ان کي ڀڃي نئين رانديڪي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. انسان به ٻار جيان آهي. دنيا مان ڀل ان جي دل ڀرجي وڃي پر اهو نئين دنيا جي خواهش رکندو آهي. ان وٽ موت جي خواهش ايستائين نه آهي جيسين آپگهاتي جين (Suicidal gene) حرڪت ۾ نه ٿي اچي. آپگهاتي جين جو وجود ۾ اچڻ مايوسين جي انتها آهي. جڏهن انسان کي هر عمل ڪوتاهي نظر اچي ته اها بي اعتماديءَ جي حد آهي. جڏهن ڪنهن به عمل کي حق بجانب (Justificational) نه سمجهي ته اعتماد وڃائي ويهي ٿو، کيس هر عمل گناهه نظر اچي ٿو. اهو چڱائين کي به ائين محسوس ڪري ٿو ڄڻ مدائيون هجن.
جسم اندر جيوگهرڙن ۾ سٽائي موت (Programmed cell death) آهي، ان کي آپگهاتي انت (Apoptosis) چئجي ٿو. جسم اندر جيوگهرڙا بيمارين سبب مرندا آهن جنهن کي گهاتي موت (Necrosis) چئبو آهي پر ڪجهه حالتون اهڙيون آهن جو جيوگهڙي کي خودڪشي ڪرڻي پوي ٿي ۽ ان کي آپگهاتي انت چيو وڃي ٿو. جيوگهرڙو خودڪشي انڪري ڪندو آهي جو جسم کي ان جي وڌيڪ ضرورت محسوس نه ٿيندي آهي.
موت انسان جي ڪوتاهين جو نتيجو آهي. نواڻ جي جستجو انسان کي پراڻو ڪري وجهي ٿي. موت ساهواري جي لاشعوري خواهش آهي، گهڙيالي جين (Clock Gene) هر جيوگهرڙي اندر موجود آهي. جنهن کي (Clk-I) چيو وڃي ٿو. اها ساهواري کي پوڙهائپ (Senescence) طرف وٺي وڃي ٿي. سائنس ان جين جي کوجنا کانپوءِ اهو اندازو لڳايو آهي ته جيڪڏهن ان ۾ تبديلي آڻي سگهجي ته پوءِ انسان جي حياتيءَ کي پنهنجي مرضيءَ موجب وڌائي سگهجي ٿو.
ٻئي دنيا جو تصور مذهبي عالمن لاءِ سڪون ۽ راحت جو سبب آهي. علامه آءِ آءِ قاضيءَ جهڙو عالم جنهن پنهنجي پوري زندگي اخلاقيات تي ليڪچر ڏيندي گذاري ان سنڌوءَ ۾ پاڻ کي لهرن حوالي ڪري ڇڏيو. سندس گهر واري ايلسا جنهن جي وڇوڙي کان پوءِ اداس رهندو هيو ۽ نيراني اڪيلو چانهه جو ڪوپ پي نه سگهندو هيو. اهڙي عالم خودڪشيءَ کان اڳ اهڙي عمل کي ضرور صحيح (Justify) ڪيو هوندو. علامه جو ٻئي دنيا ۾ يقين هيو. اهو روح جي روح سان ملڻ جي فلسفي کان واقف هيو. موت انهن لاءِ آسان آهي جيڪي موت کي موت نه ٿا سمجهن. خدا انسان جي جستجو آهي ڇو جو اهو ڪمزور آهي. ڪائنات جون سڀ دنيائون انسان جي اندر مان جنم وٺن ٿيون. هر انسان پنهنجو ڪتاب پاڻ سان گڏ کڻي اچي ٿو. وجود اندر ڪروموسومز جي ڪوڊنگز ۾ ڳجها اکر لکيل آهن. ان جي حياتي گهڙيالي جين (Clock Gene) جي ڪوڊ (Clk-I) ۾ موجود آهي. اها جين ڪنهن گهڙيال جيان حياتيءَ جون گهڙيون ڳڻي ٿي ۽ ان جي “ٽڪ ٽڪ” دل جي ڌڙڪن آهي. اهو لکيل آهي ته دل گهڻا دفعا ڌڙڪندي ۽ انسان جا ساهه ڪهڙي حد تي پهچي بند ٿي ويندا. دل جي ڌڙڪن انسان جي حياتيءَ جو هر لمحو ڳڻي ٿي. اها اسٽاپ واچ آهي. ان ۾ اڳ ئي ٽائيم سيٽ ٿيل آهي. پنهنجي وقت تي پهچي اهو “ٽڪ ٽڪ” جو آواز پاڻ ئي بند ٿي ويندو.
موت ظالم بادشاهه آهي. ڪير بچي نه ٿو سگهي پر موت سفارش ٻڌي ٿو. بي وس تي ترس نه ٿو کائي. امير پئسي جي زور تي ڪجهه وقت ان کي ٽارڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو. سونهن آسائش ۾ سمايل آهي. حسن اميرن جي ملڪيت آهي. غريب جي سونهن جٽادار نه آهي. خوراڪ جي گهٽتائي جوان جسم کي پوڙهو ڪري وجهي ٿي. تفريح ۽ سير جسم کي ڳرڻ کان بچائين ٿا. آرام گهڻين ئي بيمارين جو علاج آهي.
دنيا ۾ هر شيءِ طبقاتي آهي. تعليم کان تربيت ۽ علاج کان آسائش تائين، هر انسان ورهايل آهي. ادب، پيار، حسن، محبت سڀ طبقاتي آهن. کاڌي کان پاڻي ۽ هوا تائين هر شيءِ نابرابريءَ ۾ ورهايل آهي. غريب جي جهوپڙيءَ اڳيان محل هوا روڪي ٿو. سياست فريب جي تخليق آهي ۽ فريب دغا بازن جي ملڪيت، دغا باز سرمايو حاصل ڪري ٿو. سرمايو معتبر ۽ عادل بڻائي ٿو. سرمايو خود اعتمادي ڏئي ٿو ۽ اعتماد رهنماءُ بنائي ٿو. اهو ڪجهه به ڳالهائي ٿو کيس هر ڪو ڳالهه کي وزن ڏئي ٿو. هن معاشري ۾ غريب اٺ جيان آهي، جنهن جي ماديءَ جو کير ٻيا پي وڃن ٿا.
•