جيو گهرڙيائي سائيڪل (Cell Cycle)
گاڊ جين دماغ ۽ دل جي جيوگهرڙن اندر مستقل جاءِ والاري ٿي. ڪو به جيوگهرڙو هڪ دفعو متاثر ٿيو ته ان جو ازالو ڪڏهن ناممڪن ٿي وڃي ٿو. انسان ذات کي وجود اندر دماغ ۽ دل جو خاص خيال رکڻو آهي. دماغ جي بقا پوري جسم جي بقا آهي. دل دماغ جي رت سان آبياري ڪري کيس تازو توانو رکي ٿي.
جيوگهرڙيائي سائيڪل هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن اندر جيوگهرڙي کي ورهائجڻ کان اڳ پوري تياري ڪرڻي پوي ٿي. ورهائجڻ جو عمل جسم جي ضرورت موجب ٿئي ٿو، جيڪو جسماني مرمت کانسواءِ ڪنهن به رهجي ويل کوٽ يا واڌ جي سلسلي هيٺ عمل ۾ اچي ٿو. اهو جيوگهرڙيائي ڦيرو جنهن تي مچاڻ (Enzymes) ۽ واڌ رتوبتون (Growth hormones) اثر انداز ٿين ٿا، اهي ان ڦيري ۽ جيوگهرڙي جي ورهاست (Mitosis) کي ضابطي هيٺ آڻين ٿا. اها ورهاست اهڙن مچاڻن ۽ واڌ رتوبتن جي زير اثر ٿيڻ سبب نون جيوگهرڙن جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي.
جيوگهرڙو سدائين ٻاهرين اڪساهٽ (Stimuli) لاءِ تيار رهي ٿو. ان اڪساهٽ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. اها اڏاوتي (Constructive) يا ڊڏاوتي (Distructive) ٿي سگهن ٿي. اڏاوتي اڪساهٽ ان وقت عمل ۾ اچي ٿي جڏهن ڪا به طبي (Physiological) کوٽ پيدا ٿئي ٿي ۽ ڊڏاوتي اڪساهٽ ان وقت جڏهن غير طبي (Pathological) ڀڃ ۽ ڊاهه پيدا ٿئي ٿي. انهن جي نتيجي ۾ نوان جيوگهرڙا پيدا ٿين ٿا يا نوبنا (Recover) ٿين ٿا. اهڙيون اڪساهٽون (Stimuli) مسلسل هجڻ ڪري جيو گهرڙي اندر تخم کي پريشان ڪري وجهن ٿيون ۽ انهن جي ورهاست ضابطي کان نڪري وڃي ٿي. جيوگهرڙو مسلسل ورهائبو رهي ٿو جنهن صورت ۾ ڪينسر وجود وٺي ٿي. مسلسل اڪساهٽن (Continuous Stimuli) جا ٻه وڏا سبب تابڪاري (Radioactivity) ۽ تماڪو آهن.
ڪينسر ڪا بيماري نه پر اهڙي صورتحال (Condition) آهي جنهن ۾ جيوگهرڙا مسلسل بي چين (Irritable) رهن ٿا، جيڪا تابڪاري، تماڪو، ڪيميڪلز، وائرس يا ٻين اندروني دٻائڻ ڪري پيدا ٿئي ٿي. جيوگهرڙا مسلسل ورهاست جي عمل مان گذرن ٿا جيئن اهي گڏجي جسم جو بچاءُ ڪري سگهن پر ضابطي مان نڪري وڃڻ ڪري ڪينسر ۾ ظاهر ٿين ٿا. مثال طور گٽڪو جنهن ۾ تماڪو موجود آهي. ان جو لڳاتار استعمال وات جي تهه کي ان حد تائين متاثر ڪري ٿو جو تهه جا جيوگهرڙا تباهه ٿيندڙ تهه جي حفاظت ڪندي مسلسل ورهاست جي عمل هيٺ اچي ڇڙواڳ ٿي ان حد کي رسن ٿا جو اهي سوج (Tumor) جي شڪل ۾ ظاهر ٿين ٿا.
گاڊ جين جو ڪم مارڻ نه جيئارڻ آهي. انسان پنهنجو پاڻ کي ماري ٿو. گاڊ جين ساهواري جي ضرورت مطابق جيوگهرڙي تي اثر انداز ٿئي ٿو. اها ان جي کوٽ جو پورائو ڪري ٿي، جڏهن ته جيوگهرڙي جي تذليل (Insult) گاڊ جين جو عمل دخل ختم ڪري وجهي ٿي ۽ جيو گهرڙو پاڻ مرادو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري ٿو.
جيڪڏهن توهان جيوگهرڙي جي سائيڪل ڏسندا ته ان ۾ پنج ڏاڪا آهن. پهريون ڏاڪو Go آهي، جنهن ۾ ساهواري جو جيوگهرڙو آرام ۾ هوندو آهي. جسم جا جيو گهرڙا گهڻو ڪري آرام واري صورت ۾ هوندا آهن.
جڏهن ماحولياتي يا اندروني اڪساهٽون جيو گهرڙن تي اثر انداز ٿينديون آهن ته اهو ان ڦيري تي مجبور ٿي پوندو آهي. جيو گهرڙي اندر ڦيريانڪ (Cyclins) واڌ رتوبتون ۽ مچاڻ نمودار ٿيندا آهن جيڪي کيس ٻئي ڏاڪي G1 ڏانهن وٺي ويندا آهن. ان ڏاڪي اندر جيوگهرڙو پنهنجا اندروني ساز ۽ سامان، عضويات ۽ ڪرموسز مضبوط ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو آهي ۽ ٽئين ڏاڪي S ۾ جيڪو (Synthesis) مان نڪتل آهي، اهو ٺهي راس ٿيندو آهي ۽ پنجين ڏاڪي M ۾ ورهاست (Mitosis) جي عمل مان گذرندو آهي.
دماغ ۽ دل جا جيوگهرڙا ورهاست (Mitosis) کان عاري آهن. اهي ورهائجي نه سگهندا آهن جنهن ڪري انهن کي مستقل (Permanent) جيو گهرڙا چيو وڃي ٿو.
هر ساهواري اندر زندگيءَ ۾ هر جيو گهرڙي جي ورهاست جي حد مقرر آهي. اهو ان حد کان وڌيڪ ورهائجي نه ٿو سگهي. گاڊ جين ڊي اين اي جو آفاقي تخم (Supergene) آهي. اها ان جي هر ڪوڊ کي ضابطي ۾ آڻي ٿي. هڪ ساهواري جي حياتي به ان ڪوڊ ۾ محفوظ آهي. پيري (Ageing) ان ڪوڊ جي ماتحت آهي. هر ساهواري کي هڪ ڏينهن موت جو ذائقو چکڻو پوي ٿو ۽ موت جو تخم (Gene of death) ان جي جيوگهرڙي اندر ڊي اين اي جي ڪوڊنگز ۾ اڳواٽ لکيل آهي. اهڙو ڪوڊ فطري موت (Natural death) سان لاڳو آهي. حادثاتي موت (Accidental death) سان ان جو ڪو تعلق نه آهي.
تنتي جيو گهرڙو (Fibroblast) جسم اندر موجود عام جيوگهرڙن جي ٽشوز (Tissues) وچ ۾ مددگار (Supportive) حالت ۾ موجود ٿئي ٿو. تنتي جيوگهرڙي کي اها فوقيت حاصل آهي ته پنهنجي آس پاس موجود جيو گهرڙن جهڙا ٻيا جيو گهرڙا پيدا ڪري سگهي ٿو. هاڻي دنيا ۾ ڪجهه اهڙيون ليبارٽريون وجود ۾ آيون آهن جن اندر ماڻهوءَ جا عضوا گاڏين جي پرزن (Spare Parts) جيان ٺهڻ شروع ٿي ويا آهن. جيڪڏهن ڪنهن انسان جو ڪو به عضوو ضايع ٿي وڃي ٿو ته ان جهڙو عضوو، ان جهڙي عضويي جي تنتي جيو گهرڙي مان ٺاهي سگهجي ٿو.
فرض ڪيو ڪنهن انسان جو ڪن ڪٽجي ويو ته ان جي ڪن مان الڳ ڪيل تنتي جيو گهرڙو پاٽوڙيءَ (Petridish) ۾ وجهي، ڪي خاص خوراڪون ڏئي مخصوص گرمي پد تي رکي، واڌ رتوبتون (Growth hormones) ڏئي، ورهائجي سگهجي ٿو. ان جي اهڙي ورهاست (Mitosis) وڌي اهڙو ٽشو ٺاهي وجهي ٿي جيڪو ڪن جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو ۽ اهو ڪن پاٽوڙيءَ مان ڪڍي آپريشن ڪري انسان کي لڳائي سگهجي ٿو جنهن جو ضايع ٿيل آهي. ائين جسم جو هر حصو ليبارٽريءَ ۾ تيار ڪري سگهجي ٿو، جنهن لاءِ اڃان وڌيڪ تجربا جاري آهن. انسان جو تنتي جيو گهرڙو ۽ ٻيا جيو گهرڙا حياتيءَ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري ورهائبا ۽ ضايع ٿيندا اچن ٿا. اهو سڀ گاڊ جين جي حڪمرانيءَ ۾ ٿئي ٿو، جيئن ته حياتي ڊي اين اي اندر موت جي تخم جي صورت ۾ موجود آهي، ان ڪري هر جيو گهرڙي جي اهڙي ورهاست جي حد مقرر آهي. هڪ انساني تنتي جيو گهرڙو (Fibroblast) فطري حياتيءَ ۾ پنجهٺ دفعا ورهائجي سگهي ٿو، پوءِ ان جي اها شڪتي ختم ٿي وڃي ٿي. جڏهن ته هڪ پروجيريا (Progeria) جي مريض جو تنتي جيو گهرڙو پنجٽيهه دفعا ورهائجي سگهي ٿو. پروجيريا هڪ پيدائشي بيماري آهي جنهن ۾ انسان چوڏهن کان ويهن سالن جي عمر ۾ پيدا ٿي، جوان ٿي ۽ پوڙهو ٿي مري وڃي ٿو. ان جي عمر پيدائشي بيماريءَ سبب فطري طرح ننڍي ٿئي ٿي جنهن ۾ هو عمر جا سڀ مرحلا تيزيءَ سان طئي ڪري موت جي مخفين (Code of death) جي نظر ٿي وڃي ٿو.
ڪو به ساهوارو ڊي اين اي جي لوح وقلم کان محفوظ نه آهي. ڊي اين اي جي ڪوڊنگز کي ڪتاب جيان پڙهي سگهجي ٿو. هر انسان اربها جيوگهرڙن جو ڍير آهي. هر جيوگهرڙي اندر ڪتابن جا ڍير آهن. ائين هر انسان عظيم الشان لائبريري آهي. اندر جي ڪتابن کي پڙهڻ لاءِ علم جي ضرورت پوي ٿي. اهڙو علم حاصل ڪرڻ آسان آهي. اندر جي روشني اتي موجود سڀني اکرن کي نروار ڪري ٿي.
مون اڄ کان ٽيهه سال پهريون پروفيسر ڊيوڊسن کي ڊي اين اي انساني جيوگهرڙن مان الڳ ڪندي ڏٺو هيو. اهو هڪ آمريڪي پروفيسر هيو جيڪو سکر جي ڀرپاسي هڪ ڳوٺ ۾ جتي ڊينڊڙا (Dwarfs) پيدا ٿي رهيا هيا، انهن تي تحقيق ڪرڻ آيو هيو. مان ان وقت سکر جي سول اسپتال ۾ پئٿالوجسٽ هيس. پروفيسر کي سول اسپتال ۾ هڪ وارڊ خالي ڪرائي ڏنو ويو، جنهن ۾ ان اهي ڊينڊڙا داخل ڪيا، انهن جو قد ٽن چئن فوٽن کان وڌيڪ نه هيو. اها بيماري ڳوٺ ۾ مورثي (Hereditary) هئي. جنهن جو واسطو جين سان هيو. ڳوٺ ۾ ويجهن رشتن ۾ شادي ٿيڻ ڪري اها جين اتي مسلسل موجود هئي.
پروفيسر ڊيوڊسن انهن ڊينڊڙن جو رت ڪڍي ليبارٽري ۾ سينٽر يفيوج (Centrifuge) اندر وجهي اڇن جزن کي الڳ ڪيو ۽ پوءِ انهن کي مختلف ڪيميائي عملن مان گذاري ڊي اين اي ڪڍي هڪ ٽيسٽ ٽيوب ۾ محفوظ ڪيو. ڊي اين اي شفاف جيلي دار مادو آهي. ان مادي کي جڏهن اليڪٽرو فوريسز (Electrophoresis) عمل مان گذاريو وڃي ٿو ته ڪاغذ تي ان جا ڪمپيوٽرائيزڊ نشان اچي وڃن ٿا. جن کي پڙهي ڊي اين اي اندر تبديلين جي زير اثر جسم تي اثرن جو جائزو وٺي سگهجي ٿو.
مون کي ياد آهي ان پروفيسر ڊينڊڙن کي تجربي تي راضي ڪرڻ لاءِ خرچي ڏني هئي ۽ فل سوٽ سبرائي ڏنا هيا. انهن کي فل سوٽن تي ڪالر وٽ ڳاڙها گل لڳل هيا. اهي خوش ۽ هر تجربي تي راضي هيا.
جڏهن مان پروفيسر ڊيوڊسن سان هڪ جيپ ۾ سنڌوءَ ڪناري لنگهي رهيو هيس ته ان سڄو شهر ڇڏي پاڻيءَ ڪناري ٺهيل جهوپڙين جي تعريف ڪئي هئي. ان واعدو ڪيو هيو ته جڏهن آمريڪا وڃي پنهنجي تحقيق مڪمل ڪندو ته ان جي هڪ ڪاپي مون ڏي موڪليندو پر ان واعدي وفائي نه ڪئي.
•