سيال حيات جي شاعري دل جا تار ڇيڙيندڙ آهي
سيال حيات جي شاعري جي هن اي ڪتاب جنهن جو نالو“ هوائن مٿان گهر” ئي عام پڙهندڙن کي ضرور متاثر ڪندو، سيال حيات جا جيڪي ڀي غزل هن اي ڪتاب ۾ آهن هر غزل جو عنوان ئي اهڙو آهي جنهن سان سيال حيات صاحب پنهنجو ڪتاب ڇپائي سگهي ٿو. منهنجي خيال ۾ سيال حيات جا هن ڪتاب “هوائن مٿان گهر” ۾ جملي 50 غزل آهن، پهرين غزل “خواب مان بڻجي پوان” کان آخري غزل “دل گُهريئي دلبر جي آ” تائين هڪ هڪ غزل مون باقائده پڙهيو آهي .
سيال حيات جون پهريون چارسٽو ن جنهن ۾ شاعر پنهنجي هن شاعري جي ڪتاب جو عنوان “هوائن مٿان گهر” سهيڙيو آهي :
ارادو مَٽِيو آ سڄڻ جو ٻُڌو ٿم،
ورِي اڄ اسان ڏي اچڻ جو ٻُڌو ٿم،
اڙي اڻ جهلِي دل، ورِي تُنهنجا ساڳيا،
هوائن مٿان گهر اڏڻ جو ٻُڌو ٿم ..!
پڙهي اندر جا تار ڇڙي پيا، سيال حيات جي ڪتاب جو هي پهريون چار سٽو ڏات ۽ ڏانءُ سان ڀرپور آهي ، تخيل جي اُڏار کان وٺي چئن فعولن واري بحر مثمن سالم جي سندس استعمال مان خبر پئي ته شاعر کي پنهنجي ڏات سان گڏ پنهنجي ڏانءُ کي سينگارڻ جو فن به ڀلي ريت اچي ٿو. مونکي ڪنهن پراڻي ڪوي جو شاعر جي باري ۾ هڪڙو پراڻو قول پيو ياد اچي ته “شاعر دنيا جو واحد اڪيلو شخص آهي جو هو پنهنجي خيالن جي وهڪري کي سمنڊ جي اجگر ڇولين جيان روانيون ڏيئي پنهنجي ڪويتائن کي نت نوان انڊلٺ جا رنگ ڏيئي عوام الناس کي پاڻ سان گڏ وٺي ٿو هلي” جيئن تمام جدت سان ڀرپور خيال حيات سيال پنهنجي ڪتاب جي پهرين غزل جي چند بندن ۾ ڏي ٿو ته :
ترس مان تنهنجو اکين ۾ ، عڪس ويهاري وٺان.
دل جي ديول ۾ رکيل ، پوتر ڪا ئي تصوير ٿي
دل رکڻ جي لاءِ ڪوڙو ئي دلاسو ڏي کڻي
مان وري ايندس سگهو ايڏو نه دلگير ٿِي.
ٿِي سهارو ، ساهه جو ڪر وار هر واسينگ تي
ڍال ٿِي مظلوم جِي ،ظالم جي لاءِ ڪو تير ٿِي
ترس مان تنهنجو عڪس اکين ۾ ويهاري وٺان واري شعر کي پڙهي بي اختيار واهه واهه ڪري ويٺس يا دل رکڻ جي لاءِ ڪوڙو ئي دلاسو ڏي کڻي وارو مجازي ڳالهه دل تي اهڙو لاجواب اثر ٿي ڇڏيو جو وڃي ٿيا ست خير هن غزل جو حاصل طلب ۽ شاهڪار شعر ٿي سهارو ساهه جو ڪر وار هر واسينگ تي ۾ شاعر پڙهندڙن کي بهادري، حوصلي ۽ بردباري جو سڏ ڏيندي مظلوم جي ڍال ۽ ظالم لاءِ تير ٿيڻ جي ڳالهه ڪري مزاحمتي شاعري جي بلندين تي نظر ٿو اچي اهڙي شاعري سنڌ جي موجوده حالتن ۾ نهايت ئي ضروري آهي ، ڇو ته موجوده نفسا نفسي واري دور ۾ جتي اسان جي جوڌن سپوت پُٽن حقن جي ڳالهه ٻُڌڻ ڇڏي ڏنو آهي اتي مونکي يقين آهي ته حيات سيال جي غزل جو هي بند هڪ جوت وانگر ستل قوم ۾ هڪ اُجالي جيان ثابت ٿيندو. ان کان علاوه هن غزل ۾ ڀي سيال حيات ڏات سان گڏ ڏان وارو فن علم عروض واري بحر ٽي فاعلاتن ۽ هڪ فاعلن استعمال ڪيو آهي. مونکي سنڌ جي ڀلوڙ شاعر ايوب کوسي جي ڪتاب “ سنڌ اُداس آهي ” جي هڪڙو مضمون “ شاعري عالمي سچ آهي” ياد پيو اچي جنهن ۾ ايوب کوسي لکيو هو ته :
“حقيقت اها آهي ته رڳو اسان اُهي پهريان ماڻهون ناهيون جن آرٽ جي آڱر جهلي آهي. يا ڪتابن جي ٻنين ۾ شعرن جا فصل پوکيا آهن ۽ ائين به ڪونهي ته اسان اُهي پهريان ماڻهو آهيون ، جن درد جي رڻ ڪڇ ۾ صُبح وڃائي شامون لٽائي ۽ راتيون کپائي اظهار کي هٿيار ٺاهيو آهي ، ائين بنهه ناهي! اسان کان به گهڻو صفا گهڻو اڳ، هنن پٽن ۽ دڳن ۾ ، ٻيلن ، ٻنين ، صحرائن ۾، شهر جي پنجوڙن ۽ ڳوٺن جي ڌُوڙ ۾ ماڻهن زخم ماڻيا آهن دلين درد ڀوڳيا آهن ۽ آڱرين آرٽ تخليق ڪيو آهي”.(ايوب کوسو ڪتاب سنڌ اُداس آهي).
سيال حيات جي هن شاعري ۾ ڀوڳنائن جي سفر کان وٺي آڱرين جو آرٽ چوڏهين جي چنڊ جيان نروار آهي،
ڀاڳ جون سڀ ڀوڳنائون ، ساهه کان پياريون اٿم ،
سونهن جون ساريون ادائون ، ساهه کان پياريون اٿم.
دلبرن جيڪي اچي , هن ، دل جي دفتر ۾ ڪيون ،
درد جون سي دا خلا ئون ، ساه کان پيا ريون اٿم.
وار تي نئون وار ٿيوِ ۽ وارجي وئي زند گي،
وقت جون سڀ وارتائون ، ساه کان پيارون اٿم .
جن نماڻپ مان نهاري ، ڪئي نوازش نينهن جي،
ناز واريون سي نگاهون ، ساه کان پيارون اٿم ..!
جيڪو شاعر ڀوڳنائن کي پنهنجو ڀاڳ سمجهي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏي اهو شاعر ڪو معمولي ماڻهو ناهي بلڪل ثابت ٿئي پيو ته حيات سيال حياتيءَ جي رڻ ۾ پنهنجي دردن کي پوکي ، پنهنجون سُندر شامون لُٽائي ۽ مهڪندڙ راتيون کپائي پنهنجي اظهار کي تمام پياري انداز سان پنهنجي شاعريءَ جي روپ ۾ اسان کي ارپي پيو. سيال حيات جي شاعري ءَ ۾ ڪنهن ڪنواري ڪنيا جي چوڙين جي کنڪ آهي ته ڪنهن نرتڪي جي ڇير جي ڇم ڇم به آهي، ڪنهن مظلوم جا وهندڙ گرم ڳوڙها به آهن ته وري محبوبا جي پهرين پيار جي پهرين نيهار به آهي. “ بقول ايوب کوسي جي ته شاعري جهڙي محبوب ۽ معصوم شُعبي ۾ مٿي ڄاڻايل رنگن جو شامل رهڻ ان ڪري به اڻ ٽر آهي جو ماڻهو شاعراڻي اظهار کي سولائيءَ سان سمجهي سگهن ٿا. شاعريءَ کي محبوبيت ان ڪري به ملي ٿي جو اها تخليقي شاعرن وٽ صلاحيت، فڪر، جذبي ۽ احساس جي روپ ۾ پاڻمرادو لهي ٿي”.(ايوب کوسو ڪتاب سنڌ اُداس آهي)
سيال حيات جي هن شاعري ۾ مون بلڪل ائين ئي محسوس ڪيو آهي ته سيال حيات باقائده هڪڙو پختو ۽ برجستو شاعر آهي، جنهن کي لفظن کي ناچ ڪرائڻ جو فن باقائده اچي ٿو، جڏهن به ان مٿان ڏات جي ديوي مهربان ٿئي ٿي هو بغير ڪنهن دير ڪرڻ جي لفظن جا گُلدستا عام پڙهندڙن کي هُڳاءُ جي روپ ۾ ڏي ٿو، هن شاعري جي فن سان باقائده نڀاء ڪيو آهي. مونکي هتي هڪڙي ڳالهه ضرور لکڻي آهي ته دنيا جون ساريون لائبريريون تقريبن انٽرنيٽ جي حوالي سان آڱرين جي ٽچ تي آهن پر وري به جيڪو مزو ڪتاب هارڊ ڪاپي جي صورت ۾ پڙهڻ جو آهي اهو انٽر نيٽ واري ڪتابن جي پڙهڻ ۾ ڪونهي ، ڀلي انٽرنيٽ تي ڪوبه شاعر پنهنجي شاعريءَ جا خزانه لٽائي ڇڏي پر هو صاحب ڪتاب نٿو سڏجي سگهي. هو تاريخ ۾ امر تڏهن ئي ٿيندو جو هن جا پنهنجا ڪتاب باقائده پرٽنگ پريس مان شايع ٿيا هُجن.
ان ڪري وري به اسان کي خاص ڪري مونکي اوسيئڙو رهندو ته سيال حيات جو هي اي ڪتاب جيڪو سنڌ سلامت جي سُونهن ٿيو آهي اهو باقائده شاعر طرفان يا ادب دوستن طرفان ضرور ڇپايو ويندو . ان کان علاوه هڪڙي ٻي ڳالهه به ضرور لکڻي آهي ته اسان جي سنڌي قوم سنڌي ڪتاب خريد ڪري پڙهي ئي ڪا نه ٿي هڪڙو مخصوص حلقو آهي جيڪو سنڌي ڪتاب پڙهي به ٿو پر هو ڪتاب خريد ڪري نٿو پڙهي هو صرف اعزازي ڪتاب حاصل ڪري ئي ڪتاب پڙهندو آهي ، اردو ادب ۾ ڏسو ته انهن جي شاعري يا ڪهاڻين جا ڪتاب راتو رات کپي ويندا آهن ان ڪري جو انهن ۾ ڪتابن کي پڙهندڙن جو وسيع حلقو موجود آهي.
مون هڪڙي اردو شاعر کان پڇيو ته تنهنجو هي ڏهون شاعريءَ جو ڪتاب آهي آخر ڪهڙي طرح تون ايتري رقم خرچ ڪري اهي ڪتاب ڇپرائيندو آهين چوڻ لڳو“ ناز ڀائي جو اداره ميري ڪتابين ڇپواتا هي وه مجهي باقائده اس ڪتاب کي رائلٽي ڀي ديتا هي ”معلوم ٿيو ته اردو ادب وارن کي پنهنجي شاعرن جي شاعريءَ سان گڏ شاعر جي حوصلا افزائي ڪرڻ جو به اونو رهندو آهي، هتي اسان جي سنڌي شاعرن سان اها ويڌن آهي جو پنهنجي شاعري کي ڇپائڻ واسطي پنهنجي سنڌي قوم کي نت نئين ۽ نڪور سوچ کي همڪلام ڪرڻ لاءِ ٽڪو ٽڪو جوڙي هڪڙو ڪتاب ڇپائي ٿو ته اهو ڪتاب صرف اعزازي ڪاپين حاصل ڪرڻ وارن جي ور چڙهيو وڃي جيڪڏهن ڪو شاعر ڀُلجي ڪنهن ڪتاب فروخت ڪرڻ واري اداري کي ڏي ٿو ته اهو ادارو سڀ کان پهرين اها ڳالهه ڪندو آهي ته جڏهن به ڪتاب کپيا ته پنجويهه فيصد شاعر جا ۽ ٻارهن آنا اداري جا. شاعر ويچارو انهي ڳالهه تي به راضي ٿي ويندو آهي پر جڏهن ڪتاب وڪرو ٿي ويندو آهي ته شاعر کي پنجويهه فيصد ڄاڻايل رقم کان به جواب آهي يا ته اها رقم رُئاڙي رُئاڙي ملندي آهي.
بهرحال محترم سيال حيات جو جو هي اِي ڪتاب “هوائن مٿان گهر” سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي شاعري جي حوالي سان هڪ تمام بهترين ڪتاب ثابت ٿيندو، شاعرن کان وٺي عام پڙهندڙ به هن ڪتاب مان آنند حاصل ڪندا. آخر ۾ منهنجي دُعا آهي ته محترم سيال حيات آئنده به اهڙا لاجواب غزل تخليق ڪندو رهي ۽ پوري سنڌي قوم اها شاعري پڙهي کيس مڃتا عيوض پنهنجا پيار واريندي رهي ۽ جيجل سنڌ جي سيند سائي ٿيندي رهي. آمين.
خيرانديش
خادم الادب ۽ خادم سنڌ
نثاراحمد ناز
سرپرست اعلى