پنهنجي پاران: احساس اُڏاڻل ڳوليان پيو . . . . ( دل جي دفتر مان )
خير . . . ! وقت ۽ حالات مون تي سدائين حاوي رهيا آهن ۽ ان کان به وڌيڪ اثر انداز رهي آهي پنهنجي انا جو ڪيترن ئي مهربانن ڪتاب ڇپرائڻ جي آڇ ڪئي پر احسانن جي بار هيٺان دفن ٿيڻ جي خوف کان بهتر سمجهيم ته ڪنهن اڳيان ڪنڌ جهڪائي صاحب ڪتاب بنجڻ کان بهتر آهي ته صاحب ضمير رهان .
بس پوءِ ڪجهه شاعري جون ڊائريون خدا جي مخلوق اُڏوهي جي پيٽ ڀرڻ جي ڪم آيون. ڪجهه پنا پراڻا ٿي زبون ٿي ويا ۽ پڙهڻ جهڙا نه رهيا يا کڻي چئجي ته مٽي سان ملي مٽي ٿي ويا ۽ پوءِ ڪجهه عرصو پاڻ کي به اها سوچ ڳڙڪائي وئي ته جڏهن شاعري ڇپرائڻ وس ۾ ناهي ته لکي ڇاڪريان . خالي اڇن پنن تي ڪارا ليڪا پائي پنهنجا ليکا ڇو وڌايان. بس پوءِ هزار خيال آيا ته به پين جي مس سان ملائي پنن تي ڪونه هاريم. پوءِ وري ڪجهه سالن کان ڪمپيوٽر عام ٿيا ته مون به جديد ٽيڪنالاجي مان لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ شاعري ، ڪهاڻين ۽ ادب کان هٿ ٻڌي هميشه لاءِ موڪلايو ۽ ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ سڪون ڳولڻ لاءِ نڪتس. پر ڪجهه سالن کان پوءِ احساس ٿيو ته پاڻ کي ڪيترو به مصروف رکيم پر ڏات هڪ پل لاءِ به پيڇو نه ڇڏيو.
تازوئي اسد صاحب جون صلاحون ۽ مشورا ڪجهه اثرانداز ٿيا ته جديد دنيا ۾ E-book تي ڪوبه خرچ نٿو اچي تنهنڪري ڪجهه نه ڪجهه شاعري کي محفوظ ڪجي . سندس دليل منهنجي ڳالهين کان طاقتور هيا تنهنڪري ڪجهه شاعري سندس حوالي ڪيم . جيئن ته هي ڪتاب ڇپيل صورت ۾ نه ڪنهن مارڪيٽ ۾ موجود هوندو نه ڪنهن لئبرري جي ڪٻٽ ۾ ۽ نه ڪنهن هٿ جي تريءَ تائين پهچندو جو ڪوئي ان ۾ گل رکي. هي صرف نيٽ تي ڪنهن مخصوص ويب سائيٽ تي پڙهي سگهبو يعني هوا جي لهرن ۾ لڙهندو رهندو ۽ هوا جي هٿن سان ئي ورق ورق کولي پڙهي سگهبو. جنهنڪري مونکي مناسب لڳو ته هن جو نالو به هوائن مٿان گهر هجڻ گهرجي. ڇوته جيون جي اٿاهه جذبن کي جيڪڏهن ڪنهن حنا لڳل هٿن جي حوالي نه ڪري سگهيم ته هوائن ۾ ته اڏاري ڇڏيم ، جتان ڳولڻ وارا پيا ڳوليندا. ۽ مان اڃا به هوائڻ ۾ اڇلائڻ لاءِ ڪي پراڻا اڏاڻل احساس ڳوليان پيو. ڇوته جڏهن به مان شاعري لکندو آهيان تڏهن من سار جي سنڌوءَ ۾ ترندو آهي ۽ هاڻي ان جا عڪس اسد جي چوڻ ۽ سنڌ سلامت جي ساٿين جي سهڪار سان هوا جي لهرن ۾ لوڙهن سان به هڪ اڏار جو احساس ساهه کي سرهائي ڏئي ٿو.
ســـڪ ســـلامـــت
جيسين
ســــــنـڌ ســـلامـــت
ســـيـال حـيــات
پڪا چانگ، خيرپور ميرس
2011- جولائي-1
رابطي لاء
0333-7036311
Siyalhayat_sindh@yahoo.com