شاعري
هوائن مٿان گهر
هوائن مٿان گهر ۔۔۔۔ پياري شاعر محترم سيال حيات جي خوبصورت غزلن تي مشتمل آهي. محترم سيال حيات سنڌ جو بهترين شاعر ، ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار آهي پر وسائل نه هجڻ سبب هو مٿي اڀري ڪونه سگهيو ۽ کيس اها پذيرائي ڪانه ملي۔ جيتوڻيڪ سندس ڊرامه مختلف چينلن تان نشر ٿيا آهن ۽ سندس شاعري به اعلى پائي جي آهي۔ سندس لازوال شاعري خاص ڪري غزل تمام گهڻو وڻندڙ آهن۔
- 0/5.0
- 3629
- 732
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ جا سڄڻو سلام ..........سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام پنهنجي وجود جي پهرين ڏينهن کان جيڪي ڪوششون شروع ڪيون هيون انهن جو مقصد ڪمپيوٽر ۽ خاص ڪري انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليء جي واڌاري ۽ ترقيء جو هيو. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو سسلو شروع ڪيو آهي ۽ ان سلسلي جو هي ڇهون ڪتاب محترم سيال حيات جو “هوائن مٿان گهر” پيش آهي. اسين ٿورائتا آهيون محترم سيال حيات جا، جنهن پنهنجي خوبصورت غزلن جو هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. خاص ٿورا سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ پياري دوست اسد علي سيال جا جنهن جي محنتن سان هي ڪتاب ڪمپوز ڪري اوهان تائين پهچائي رهيا آهيون. مهرباني سنڌ سلامت جي سرپرست محترم نثار احمد ناز جي جنهن سائين سيال حيات جي خوبصورت شاعريء جي ڪتاب لاء مهاڳ لکي ڏنو.
اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاه وندن جي قيمتي مشورن، راين ، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
salamatsindh@gmail.com
www.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ سيال حيات
- ڇپيو ويو
- ڇپائيندڙ سنڌ سلامت ڪتاب گهر
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 01/Jan/1970
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 732 ڀيرا