ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر پنجاهه (50) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ممبئي ياترا سنڌ جي عاشق انور پيرزادي جي بمبئي بابت سفرنامو آهي.
هيءُ ڪتاب سائوٿ ايشيا فري ميڊيا ايسوسيئيشن(سفما) جي 2006ع واري پنجن ڏينهن جي دوري جو دستاويز آهي جنهن جي 30 ڄڻن واري وفد جو انور صاحب به ميمبر هو. ڇاڪاڻ ته هيءُ عام رواجي سفرنامو ناهي. هيءُ سفرنامي سان گڏ هڪ تاريخي ڳٽڪو به بڻجي ويو آهي. جيڪو هند ۽ سنڌ جي قديم توڙي جديد تاريخ کي قلمبند ڪري ٿو. انڪري هن سفرنامي کي پاڪستان جي حڪومت هند ۽ پاڪ جي بهتر لاڳاپن لاءِ هن ڪتاب کي گائيڊ لائين جي به حيثيت ڏئي سگهي ٿي.انور صاحب هن دوري کي پنهنجي دانشوراڻي، صحافتي ۽ شاعراڻي اک سان ڏٺو انڪري هيءُ سفرنامي وارو ڪتاب شاعراتي نثر سان گڏوگڏ بيحد معلوماتي ۽ تاريخي مقام رکي ٿو.
ھي ڪتاب انور پيرزادو اڪيڊمي پاران 2008ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري موڪليو. لک قرب پياري دوست امر پيرزادي جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
salamatsindh@gmail.com
www.sindhsalamat.com

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ