سدا بهار صبوح صبوح سان ماکيءَ جي مک، سدا بهار جي گُلن کي چوُسڻ لڳي. سدا بهار جي ٻُوٽي احتجاج ڪندي چيو: ” تون هر موسم ۾ پهريان پهريان منهنجي گلن جو رَسُ چُوسي هلي وڃين ٿي، اِها زيادتي آهي!“ ماکيءَ جي مک کلندي وراڻيو: ” جي سدا بهار سڏائيندين، ته ائين ئي ٿيندءُ.“ *