بي شرم، بي حيا هڪ پراڻو سياستدان، اميدوار جي حيثيت سان هڪ ووٽر جي در تي آيو ۽ ووٽ ڏيڻ جي لاءِ کيس گذارش ڪئي. ووٽر وراڻيو: ”سائين، نه اوهانکي ووٽ گهرندي شرم ٿو اچي، ۽ نه اسان کي ووٽ ڏيندي حياءُ ٿو ٿيئي.“ سياستدان کلندي چيو: ”اِها اسان جي روايت آهي، ته بي شرم ٿي ووٽ وٺون ۽ اها توهان جي روايت آهي ته بي حيا ٿي ووٽ ڏيو.‘‘ *