ڪٻري ٿي توت ڳهي ”سائين ٻڌو آهي ته هوءَ جيڪا حد کان وڌيڪ مشهور سياسي سماجي اڳواڻ عورت آهي، سا ٽٻرٽٻر ڇورا ڇورا رکيون ويٺي آهي ... ان جو سبب؟“ اٻوجهه، سٻوجهه کان پڇيو. سٻوجهه وراڻيو، ”ائين ناهي چئبو چريا!“ ” باقي ڪيئن چئبو آهي؟“ ”چئبو آهي، ته ڪٻري ٿي توت ڳهي. “ *