ڪڙهڻ ۽ پڙهڻ تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي ڪلاسن کان بائيڪاٽ ڪرڻ واري خبر تي، اٻوجهه تبصرو ڪندي چيو: ” اڄڪلهه جا شاگرد پڙهن گهٽ، بائيڪاٽ گهڻا ڪن ٿا. “ ”ائين ناهي چئبو!“ سٻوجهه کيس منع ڪندي چيو. ” ته ڇا چئبو آهي؟“ ” چئبو آهي، ته شاگرد ڪڙهن گهڻو ٿا، پر پڙهن گهٽ ٿا!“ *