تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڏاهپ جو جنم

سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي پاران روشن خيال تعليمي ڪتابي سلسلي جو 14 نمبر ڪتاب ”ڏاهپ جو جنم“ پيش آهي. هي اهم ڪتاب ڪارل مارڪس جي شخصيت ۽ عالمي نقطي نظر جي اوسر بابت آهي. ڪتاب جو ليکڪ گينرخ وولڪوف آهي جڏهن ته سنڌي ترجمو ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ۽ رياضت ٻرڙي پاران ڪيو ويو آهي.
Title Cover of book ڏاهپ جو جنم

  ارپنا

نالي واري اديب ۽ دانشوَر،
سنڌ ۾ ترقي پسند فڪر جي پرچارڪ،
سنڌي علم، ادب ۽ ڏاهپ جي معمار،
هڪ صديءَ جي زنده تاريخ،
محبتي، ملنسار ۽ مهان ماڻهوءَ،
استاد، منتظم ۽ نقاد
سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي نالي.

- رياضت ٻرڙو