تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڏاهپ جو جنم

سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي پاران روشن خيال تعليمي ڪتابي سلسلي جو 14 نمبر ڪتاب ”ڏاهپ جو جنم“ پيش آهي. هي اهم ڪتاب ڪارل مارڪس جي شخصيت ۽ عالمي نقطي نظر جي اوسر بابت آهي. ڪتاب جو ليکڪ گينرخ وولڪوف آهي جڏهن ته سنڌي ترجمو ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ۽ رياضت ٻرڙي پاران ڪيو ويو آهي.
Title Cover of book ڏاهپ جو جنم

رياضت ٻرڙو

رياضت ٻرڙو سنڌي ٻوليءَ جو ليکڪ (شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نويس)، مترجم، پبلشر ۽ رسالي ”سائنسي سوچ“ جو ايڊيٽر آهي. هو 27 فيبروري 1970ع تي، شوڪت علي ”شوق“ ٻرڙي جي گهر ۾، قنبر شهر ۾، پيدا ٿيو. هن ايم.ايس سِي. (فزڪس، 1995ع)، ايم.اي. (سنڌي، 2000ع) ۽ ايم.ايڊ. (2000ع) جي تعليم پرائي آهي. هو 2001ع ۾ شاهه لطيف ڊگري ڪاليج قنبر ۾ فزڪس جو ليڪچرر مقرر ٿيو. هاڻ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سندس مقرري آهي.
هو 88-1987ع ۾ ترجمن وسيلي ادبي دنيا ۾ شامل ٿيو. کيس گهر ۾ ئي ادبي ماحول مليو. ادب ۾ سندس رهبري، نالي واري اديب ڀاءُ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ڪئي ۽ شاعريءَ ۾ رهنمائي مشهور شاعر سرمد چانڊيي ڪئي. سندس هڪ ڪهاڻي-ڪتاب ”پيار جي ڪهاڻي“ (1994)، ٻه شعري مجموعا ”شام جي هوا“ (2004) ۽ ”ديوانِ رياضت“ (2005)، ايڊٽ ڪيل ۽ سهيڙيل تاريخي ڪتاب ”قنبر: هڪ اڀياس“ (2006)، ”چانڊوڻا چمڪن“ (2007)، ”ڏات ڏيئا ٻاريا“ (2010)، سميت، ٻين ڪجھ سهيڙيل ڪتابن کان سواءِ، ڊاڪٽر محبت جا 13 ڪتاب سندس وفات کان پوءِ سهيڙي ڇپرايا اٿائين. هن ماهوار ”سائنس“ ۽ ٻين رسالن ۾ پڻ مختلف ذميواريون نڀايون آهن. هو سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ جو 6 ڀيرا سيڪريٽري پڻ رهيو آهي ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو 05-2004ع دوران مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري به رهيو. سائنسي، تعليمي ۽ سماجي طور ”موهن جو دڙو سائنس ڪلب قنبر“ کان وٺي ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر“ تائين مختلف عهدن تي سرگرم رهيو آهي. پبلشنگ جي شعبي ۾ هن وقت ”ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻي“ جو باني آهي. هو لاڙڪاڻي ۾ آرٽس ڪائونسل جو ميمبر ۽ ”انڊس لٽرري فورم“ (الف) جو جوائنٽ سيڪريٽري پڻ آهي.
سندس رهائش پروفيسرس ڪالوني، لاڙڪاڻي ۾ آهي.

***