تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڏاهپ جو جنم

سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي پاران روشن خيال تعليمي ڪتابي سلسلي جو 14 نمبر ڪتاب ”ڏاهپ جو جنم“ پيش آهي. هي اهم ڪتاب ڪارل مارڪس جي شخصيت ۽ عالمي نقطي نظر جي اوسر بابت آهي. ڪتاب جو ليکڪ گينرخ وولڪوف آهي جڏهن ته سنڌي ترجمو ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ۽ رياضت ٻرڙي پاران ڪيو ويو آهي.
Title Cover of book ڏاهپ جو جنم

فلسفي کان سواءِ ڪا به اڳڀرائي ممڪن ناهي“

فلسفياڻي جاچ جي لاءِ پهرين ضرورت آهي هڪ همت ڀريو ۽ آزاد ذهن..
ڪارل مارڪس
مارڪس جو هي قول سندس ڊاڪٽريٽ لاءِ تياريءَ وارين لکتن مان ورتو ويو آهي. ان جي لفظن جو ترتيب ٿورڙي بدلائي سگھجي ٿي، ان ڪري جو فلسفياڻي سکيا به هڪ همت ڀريي ۽ آزاد ذهن لاءِ يعني آزاد نظري سوچ جي لاءِ ايترو ئي ضروري بنياد آهي. ان جو بهترين مثال پاڻ مارڪس آهي.
اسين اهو ڏسي چڪا آهيون ته جيئن ئي هو قانون جي علم جي ميدان ۾ آزاد نظري اڀياسن ڏانهن مائل ٿيو تيئن ئي کيس خبر پئي ته فلسفياڻي لحاظ کان هو چڱيءَ طرح هٿياربند آهي. هن محسوس ڪيو ته عام هيئتن تي عبور حاصل ڪرڻ کان سواءِ، جن ۾ نظري سوچ اڳتي وڌڻ ۽ هڪ نکرندڙ موضوع جو ٺيڪ ٺاڪ چَـرٻو پيش ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، هو نظريي جي هڪ قطعي ميدان ۾ ڪجھ به اڳتي وڌي يا پوئتي هٽي نه ٿو سگھي.
هيگل جي مشهور جملي کي نقل ڪري سگھجي ٿو ته منروا جو چٻرو ـــــــ جيڪو حڪمت ۽ فلسفي جي نشاني آهي ـــــــ شام جو، جڏهن زندگيءَ جو سج لهي وڃي ٿو ته، جڏهن هر ڏينهن ٿيندڙ سڀ ڪم ڪاريون پورا ٿي وڃن ٿا ۽ خيال پاڻ پنهنجي سمجھ جي اوچاين تي پهچي چڪي ٿو ته، اڏامي ويندو آهي ته جيئن اتي، انتهائي اوچن دائرن ۾، روح جي خوابيده دنيا مٿان اڏام ڪري. ان مثال جو تفسير انهن معنائن ۾ به ڪري سگھجي ٿو ته فلسفي جو اڀياس وڏيءَ عمر وارن ماڻهن لاءِ موزون آهي جيڪي پنهنجي زندگيءَ جي تجربن جي بنياد تي داناءَ ٿي چڪا هجن، پر اها صورت ناهي.
انساني تهذيب جي عظيم تجربيگاهه ۾، جيڪو ڪماليت جي راهه تي نوجوان ذهن کي تيار ڪري ٿو، ٻه دائرا، چئي سگھجي ٿو ته هڪ غير معمولي ڪردار ادا ڪن ٿا: جيڪي آهن فن ۽ فلسفو.
توهان علم رياضي جو اڀياس فزڪس ڄاڻڻ کان سواءِ به ڪري سگھو ٿا (جڏهن ته اهو ڪو سٺو طريقو ناهي)، توهان ڊاڪٽر ٿي سگھو ٿا مادن جي رڪاوٽ بابت ڄاڻڻ جي تڪليف سَٺي بنا، ۽ علم هيئت بابت توهان کي ڪو به اندازو نه هجي، ته به توهان ٽيڪنيڪي اوزار ۽ مشينون ايجاد ڪري سگھو ٿا، پر فن ۽ فلسفي جي علم کان سواءِ توهان مهذب انسان نه ٿا ٿي سگھو. مان هيءَ ڳالهه اڃا وڌيڪ قطعي طور چئي سگھان ٿو ته انهن کان سواءِ توهان سرگرميءَ جي ڪنهن به مقرر دائري ۾ ڪا به صحيح معنائن ۾ تخليقي ڪاميابي حاصل ڪري نه ٿا سگھو.
هيءَ ڳالهه ٿي سگھي ٿو ته ڪجھ اچرج جھڙي معلوم ٿئي. اسان وٽ زمين تي تمدن آهي، جيڪو اڳوڻين پيڙهين ۽ هاڻوڪي پيڙهيءَ جي پورهيي جو نتيجو آهي. شهر آهن، جن کي رازن ۽ اڏاوت جي فن جي ماهرن ٺاهيو آهي. نديون، پُلون ۽ رستا آهن، جيڪي مزورن ۽ انجنيئرن جو ڪارنامو آهن. ڪارخانا، مشينون، انجڻ بٺيون، خراد مشينون، موٽر ڪارون ۽ ٽرڪون، هوائي جهاز ۽ راڪيٽ آهن ـــــــ اهي سائنسدانن، ڊزائن ٺاهيندڙن، ٽيڪنيڪ ماهرن ۽ مزورن جي باعمل ذهن ۽ رت ولوڙيندڙ پورهيي جي پيداوار آهن. فصل تيار ٿي رهيا آهن جن جي پوک زرعي ماهر ۽ هاري ڪندا آهن. اهي سڀ شيون انسانـذات جي لاءِ فخر ۽ خوشيءَ جو ڪارڻ آهن. اهي انساني زندگيءَ جو مرڪز ۽ مغز آهن، پر ان سڀ ڪجھ ۾ اسان کي فلسفين جو پورهيو ڪٿي ٿو نظر اچي؟
فلسفي جو ”عملي“ واهپو ڪهڙو آهي؟ ڇا اهو دنيا ۾ خالي هٿين نه آيو آهي؟ يقيني علمن جي ابتڙ ان جا نتيجا نين مشينن جي صورت ۾ يا وڌيڪ ڪارائتن ٽيڪنيڪي عملن ۾ مجسم نه هوندا آهن. اهو توانائيءَ جي سگھارن وسيلن جي کوجنا نه ڪندو آهي ۽ نه ئي نوَن هٿرادو مادن ۽ نين دوائن جي تخليق ڪندو آهي.
ظاهر آهي ته فلسفي کي انهن کان مختلف معيارن سان ڏسڻ گھرجي جيڪي فطرتي سائنسن لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن. هتي افادي رويو قابلِ قبول ناهي جيئن هي ته، مثال طور فني شاهڪارن جي سماجي اهميت جو اندازو ڪرڻ لاءِ ناقابلِ قبول هوندو آهي.
اهو سوال ڪرڻ پڌري چريائپ ٿيندو ته فيڊياس جي ٺاهيل مجسمي ”وينس“، رودين جي مجسمي ”مفڪر“، موتسارت جي موسيقي جي ترتيب ”نوحه“ يا اسڪريابين جي موسيقيءَ جي ترتيب ”نظم خوشيءَ“ جو ”عملي“ استعمال ڪهڙو آهي.
فن اسان کي وڌيڪ شريف بڻائي ٿو ۽ تعليم ڏي ٿو، اسان کي جمالياتي مزي کان واقف ڪري ٿو، اسان کي پيار ڪرڻ ۽ نفرت ڪرڻ سيکاري ٿو، رنگن ۽ تمثيلن سان دنيا جي سڃاڻپ ڪرڻ سيکاري ٿو. اهو سچ آهي ته فن فلسفي سان هڪ هڪجھڙائي به رکي ٿو. فن اسان جي احساسن جي سکيا ڪري ٿو، اسان جي دنيا متعلق جمالياتي سڃاڻپ کي نکاري سنواري ٿو ۽ فلسفو (پنهنجن ٻين اهم منصبي فرضن سان گڏ) ذهن جي، نظري سوچ جي صلاحيت جي سکيا ڪري ٿو. فن اسان کي سونهن سمجھڻ سيکاري ٿو ۽ فلسفو اسان کي جدلياتي سطح تي سوچڻ سيکاري ٿو.
فن جي اڀياس جي جمالياتي پاسي کي، خيال آرائيون ڪرڻ واري ان جي صلاحيت کي، غير متوقع ڪَڙيون ۽ وابستگيون کوجڻ جي صلاحيت کي نکاري سنواري ٿو ۽ فلسفي جو اڀياس اسان جي سوچي سگھڻ جي صلاحيت کي، سڀ کان مٿاهين درجي جي عموميت ڪرڻ جي صلاحيت کي، ڪُل تصورن جي جدلياتي لوچ جي لاءِ اسان جي صلاحيت کي نکاري سنواري ٿو. اهو اسان کي سيکاري ٿو ته اسين ڪنهن شَي کي اڪيلو ڪري نه، پر لاڳيتي ڦرندڙ گھرندڙ رشتن جي گھڻ پاسائين نظامن جي دنيا جي هڪ جُـز جي حيثيت سان ڏسون.
فلسفو ماڻهوءَ جي روحاني اميريءَ ۾ هڪ غير معمولي ڪردار ادا ڪري ٿو ازين جِهت جو اهو، استعاري جي ٻوليءَ ۾ انسان جي نظري ارتقا جو جوهر هوندو آهي جيڪو علم جي اڳوڻين ترقين جي نتيجن کي تحليل ڪندو آهي.
فلسفو پري نظر ايندڙ جبلن جي برف ڍڪيل چوٽين جو ئي نالو ناهي جتي ٿَڪل مسافر علم جي پٿريلن پيچرن تي هلي پنهنجي سفر جي پڄاڻيءَ تي پهچندو آهي. فلسفو ”جبل جھاڳڻ“ جو سامان به آهي جيڪو هن کي پختن مفروضن جي لڳ ڀڳ اڀين ٽڪرين تي پير ڄمائڻ ۾، هڪ لقاءَ کي ٻي کان ڌار ڪرڻ واري وٿيءَ تي هڪجھڙاين ۽ هر ڪنهن کي شامل ڪرڻ واريون پليون ٺاهڻ ۾، ان ٻاهر نڪتل ڪناري کي ڏسڻ ۾ مدد ڏيندو آهي جيڪو ٻي ڪنهن نه ڏٺو هو ۽ جيڪو مٿاهين طرف وٺي وڃي سگھي ٿو. فلسفو ان مسافر کي هيٺاهين ۾ تجربِي آواره گرديءَ جي ريجھائيندڙ راهن جي محدود امڪانن کي سمجھڻ ۾ مدد ڏيندو آهي، ته هيءَ راهه وڌ ۾ وڌ اهو ته اڳتي وٺي ويندي، پر مٿي نه وٺي ويندي.
ٻين لفظن ۾ فلسفي جو اڀياس راس ٿيل ۽ رچيل صورت ۾ علم کي پنهنجو پاڻ ۾ سموهڻ ئي جو نالو ناهي پر ذهن جي رياضت به آهي ۽ نظري سوچ جي صلاحيت کي سکيا ڏيڻ لاءِ نوجواني جو زمانو ئي بهترين هوندو آهي. پنهنجي ڊاڪٽريٽ جي مقالي جي تياري ڪرڻ ۾ مارڪس ايپيقيورس جو هيٺيون ٽڪرو نقل ڪيو هو: ”جيڪو نوجوان آهي اهو فلسفياڻي سوچ ۾ دير نه ڪري.“
رڳو بدتهذيب جو خيالي پڻو ئي فلسفي کي هڪ اجايو مشغلو سمجھندو آهي. فلسفي بابت بدتهذيبي واري رويي جي ڀيٽ سقراط جي چيڙاڪ زال، سدا حيات زانتيپيٖ جي ان رويي سان ڪري سگھجي ٿو جيڪو هن پنهنجي مڙس، مارڪس جي لفظن ۾ ”دنيا جي تمثيل ۽ استاد“ سان روا رکيو. زانتيپي هن کي گاريون ڏيڻ ۽ گھر ٻار ڏانهن لاپرواهي ڪرڻ ۽ ”بيڪار بڪ بڪ“ ڪندو رهڻ، پر پنهنجي ڪٽنب جي خوشحاليءَ جي ڳڻتي نه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سچ پچ هن تي ڪچرو اڇلائيندي ڪڏهن به نه ٿَڪبي هئي. زانتيپي کي ان ڳالهه تي ڏاڍي ڪاوڙ هئي ته گھٽ کان گھٽ صلاحيتن وارن ۽ گھٽ پڙهيل لکيل مڙسن اعلى عهدا، عزت ۽ دولت حاصل ڪري ورتي پر سندس سقراط اگھاڙي پيرين، چَتيون لڳل قميص پايو گھمندو پيو وتي ۽ سندس شاگرد تعليم ڏيڻ جي اجوري طور هن کي جيڪا معمولي رقم ڏيڻ به چاهن ٿا ته هو اها وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندو هو.
اها حقيقت انساني ”پُوري ساتري عقل“ کي ڪا به خوبي نه ٿي ڀانئجي، ته فلسفو قطعي سائنس ۽ ”فنن“ جي ابتـڙ، ماڻهوءَ کي سوچ سيکارڻ جو خاص مقصد رکي ٿو. ان جي ابتـڙ، تنگ نظر ته ان کي خامي سمجھڻ جو لاڙو رکي ٿو، ان ڪري جو کيس نظري سوچ جو ڪو به واهپو نظر نه ٿو اچي. سندس نظرن ۾ ان ڪري انسان عجوبو ٿي پوندو آهي، ”هن دنيا جو نه“ رهندو آهي.
مارڪس پنهنجي مقالي جي هڪ لکت ۾ لکي ٿو ته پورو ساترو انساني عقل ”سمجھي ٿو ته هن کي فلسفين آڏو پنهنجي انتهائي چريائيءَ وارين گٺل پيٺل ۽ واضح ڳالهين کي ’اڻڄاتل ڌرتي‘ بڻائي پيش ڪرڻ جو حق آهي ۽ هو پاڻ جڏهن آني کي ان جي چوٽيءَ ڀَـر بيهاري ٿو ته پنهنجو پاڻ کي ڪولمبس سمجھي ٿو.“
بدتهذيب اهو سمجھي ٿو ته فلسفياڻي سوچ جھڙي سڀ کان سولي ته ڪا به شَي ناهي ۽ اهو پاڻ به ”سرسري جاين تي ڳوڙهو فلسفو“ جهاڙڻ لڳي ٿو جيڪو بس اهو هوندو آهي ته اخلاقي واعظ چوڻ ۽ سڄي ڌرتيءَ تي هر شَي بابت لٻاڙ هڻڻ.
فلسفي بابت ”رواجي عقل وارو“ رويو پنهنجي بهترين صورت ۾ عام طور ڪجهه فلسفياڻن ڪُل تصورن تي عبور حاصل ڪرڻ سميت قانونن ۽ رمزن کي اهـڙيءَ طرح زباني ياد ڪرڻ تي ٻڌل هوندو آهي جيئن فزڪس ۽ رياضي جا قانون ۽ اصول ياد ڪيا ويندا آهن. پر اهو ”علم“ ايترو به ڪارائتو نه هوندو آهي جيترو اعلى رياضي جي ميدان ۾ تحقيق ڪرڻ لاءِ کوڙا ڪارائتا ٿي سگهن ٿا.
قطعي علمن جي شروعات ان نقطي کان ٿيندي آهي جتي سوال مقرر، ناقابل بحث، تجرباتي طور ثابت ٿيل سچائين جو هوندو آهي. فلسفي جي پڄاڻي ان نقطي سان ٿيندي آهي جتي اهو آخري ڀيرو قطعي سچائين جو اعلان ڪرڻ جي ڪاوش ڪندو آهي.
ڪنهن به هڪ فلسفياڻي سرشتي جي ٺهيل ٺڪيل نتيجن جو اڀياس ڪري نظري طور سوچ ڪرڻ نه ٿو سکي سگھجي. انساني سوچ جي تجريدي صورتن ۾ ان جي ارتقا جي تاريخ جي حيثيت سان فلسفي جي سڄي تاريخ جو اڀياس ڪرڻ تمام ضروري هوندو آهي.
لينن لکيو آهي ته هيگل جي ”منطق“ جو اڀياس ڪرڻَ ۽ سمجهڻ بنا مارڪس جي ”ناڻي“ کي سمجهڻ ناممڪن آهي، پر ساڳيءَ طرح شيلنگ، فيختي، ڪانٽ، لائبنـز، اسپائينوزا، ارسطو، افلاطون، دمقراطيس ۽ هيراقليطس جي فلسفي کان سواءِ هيگل جي ”منطق“ کي به پوريءَ طرح سمجهڻ ناممڪن آهي.
ان کان به وڌيڪ اهم هيءَ حقيقت آهي ته فلسفياڻي ۽ سماجي سوچ جي سڄي تاريخ تي عبور حاصل ڪرڻ کان سواءِ هيگل جي ”منطق“ کي زير ڪرڻ، ان کان اڳتي وڌڻ ۽ نئون نظريو تخليق ڪرڻ ناممڪن هو. 1830ع کان پوءِ واري ڏهاڪي جي نوجوان هيگلين هيگلي نظام جي چوڪاٺي اندر رهندي، سندس مقالن جي تشريح ۽ تفسير ڪندي، هيگل جي تعليم جي ڪڏهن هِن ۽ ڪڏهن هُن رُخ تي غور ڪندي پاڻ کي هڪ استدلال دُوريءَ ۾ ڦاسائي ورتو ۽ اهي هڪ وِک به اڳتي وڌي نه سگهيا. اهي ان سوال تي سنجيدگيءَ سان بحث ڪندا هئا ته هاڻ جڏهن عالم جو روح هيگلي فلسفي ۾ پنهنجي اصل مقصد يعني ذات جي عرفان تائين پهچي ويو آهي ته دنيا جو ڇا ٿيندو.
مارڪس ڪڏهن به ڪٽر هيگلي نه هو. اسان ڏٺو آهي ته پهريائين هيگل جي تعليمن بابت سندس رويو ان شَي جيان هو جنهن کان هو ويندي ”نفرت“ به ڪندو هو. پر اهو ان عمل ۾ رڪاوٽ نه ٿيو ته هو پنهنجي امڪان جيتري پوري سخت نظر ۽ ڌيان سان هيگل جو اڀياس ڪري. هن هيگل کي هڪ عظيم مفڪر جي حيثيت سان اها اهميت ڏني جنهن جو هُو حقدار هو، پر سندس بُت نه ٺاهيو. هيگل وٽ گهڻو ڪجهه اهڙو هو جنهن کي مارڪس ناقابل قبول ئي سمجهندو رهيو، خاص طور مطلق سچائيءَ ۽ هڪ مڪمل سوچ جي نظام واري دعوى کي.
نوجوان مارڪس جي ان فلسفياڻي مؤقف جي عڪاسي سندس ڊاڪٽريٽ جي مقالي ۾ ٿئي ٿي. هيءُ اهڙو مؤقف آهي جيڪو هيگل کان سندس اڳتي وڌڻ جي، هيگل وسيلي هيگل تي فوقيت کي ظاهر ڪري ٿو.
مارڪس جي جستجوءَ ۾ جاچ ۽ نفيءَ جو جذبو کيس فلسفياڻي سوچ جي ماخذن تائين وٺي ويو. هو سقراط، افلاطون ۽ ارسطو جو اڀياس ڪرڻ ۾ جُنبي ويو ۽ هن ٻين ڪلاسيڪي اديبن، ڊايو جينيز، لائرٽيئس، پلوٽارڪ، سمپليسيئس، فيليسٽس، سيسرو، اسٽوبيئس، فيلوپونس، لوڪريشيئس ڪارس ۽ سيڪسٽس امپيريڪس جون اڻڳڻيون لکڻيون پڙهيون.
پر يوناني فلسفي جي لاڙن ۽ نظرين جي سڀني جنسن ۾ مارڪس دمقراطيس ۽ ايپيقيورس يعني عظيم يوناني ماديت پسندن تي پنهنجو ڌيان ڏنو. ماديت پسندن جي تعليمن جي ڇنڊڇاڻ جي هيءَ وک پنهنجيءَ جاءِ تي پاڻ هيگل ۽ ان جي ڪٽر پوئلڳن لاءِ هڪ چئلينج هئي. ان مان خبر پوي ٿي ته هڪ نئين فلسفي جي ڳولا ڪهڙو ڏِس پئي وٺي.
خيال پرستيءَ جي چوڪاٺي اندر هيگل تي مٿڀرائي حاصل نه پئي ڪري سگهجي ۽ ان سلسلي ۾ ڪو به خيال پرستيءَ وارو نظريو مدد نه پئي ڪري سگهيو. هتي رڳو ماديت پسندي ڪارائتي ٿي سگهي پئي.
مارڪس جو ڊاڪٽريٽ جو مقالو ان ڳالهه جي تصديق نه ٿو ڪري ته هو ماديت پسنديءَ جي مؤقف تائين عبور حاصل ڪري چڪو هو، البت اهو خيال پرستيءَ کان سندس بي اطمينانيءَ جي شاهدي ضرور ڏي ٿو جنهن فلسفي کي حقيقت کان لاتعلق ڪري ڇڏيو هو ۽ ان کي قياس جي دائري ۾ وٺي ويو هو. نتيجو اهو نڪتو ته فلسفي ۽ ”دنيا“ جي وچ ۾، سوچ ۽ عمل جي وچ ۾ هڪ وٿي ٺهي پئي. ”دنيا“ فلسفي لاءِ ناموافق ٿي پئي ۽ فلسفو ”دنيا“ لاءِ اوپرو ٿي پيو. ”پنهنجي حـصول“ جي خواهش کان وجدان ماڻي فلسفو ”ٻئي خلاف ڇڪتاڻ ۾“ داخل ٿي ويو.
جڏهن ”دنيا“ فلسفياڻي ٿي پوندي آهي تڏهن فلسفو ”دنياوي“ ٿيڻ جي خواهش ڪندو آهي، ۽ ان جو مطلب هي آهي ته اهو ”اندريون پاڻ تي قناعت ڪرڻ وارو ۽ مڪمل پڻو“ ٽٽي پيو جيڪو هيگل جي خمير ۾ هو.
هيگلي فلسفو هيگلين جي تعليم ۾ ڊهڻ لڳي ٿو. ”جيڪا شي اڳ دنيا ۽ فلسفي جي وچ ۾ هڪ اونڌي رشتي ۽ اختلاف جيان ظاهر ٿئي ٿي اها پوءِ پنهنجي جاءِ تي پاڻ انفرادي فلسفياڻي خود شعوريءَ جي زوريءَ عليحدگي بنجي پوي ٿي ۽ نيٺ ٻن مخالف فلسفياڻن لاڙن جي حيثيت ۾ فلسفي جي هڪ خارجي عليحدگي ۽ غيريت بڻجي پوي ٿي.“
هيگل جي مطيع ۽ محتاج پوئلڳن تي مارڪس ساهه سُڪائيندڙ ٽوڪ جي ڪاهه ڪري ٿو. ذيلي شخصيتون هر انفراديت کان سواءِ آهن ۽ عام طور ”ماضيءَ جي ڪنهن جليل القدر فلسفي جي اوٽ ۾“ پناهه وٺن ٿيون، ”پر شينهن جي کل ۾ لڪل گڏهه جلد ئي نظر اچڻ لڳي ٿو، ڪنهن نئين گهڙيل ڪاٺ پتلي جو مِڻ مڻ ڪندڙ آواز صدين کان گونجندڙ اُوچي آواز جي ڀيٽ ۾ کِل جوڳي حد تائين ڀڻ ڀڻ ڪندڙ ٻُڌجي ٿو.“•
ٽوڪ ڀرين خطن ۾ مارڪس هڪ بندري جي تصوير چِٽي ٿو جيڪو ٻٽو چشمو پهريل آهي ۽ هڪ ديوَ جي گُنهن تي بيٺو دنيا کي ٻڌائي رهيو آهي ته اهڙيءَ طرح هو جيڪو ڪجهه ڏسي رهيو آهي اهو ڪيترو نه اچرج جهڙو ۽ انوکو نظارو آهي ۽ هُو وضاحت ڪري پنهنجو پاڻ کي کِل جوڳو بڻائي ڇڏي ٿو ته آرڪمڊيز جو نُڪتو ڪنهن ڌڙڪندڙ دل ۾ نه، پر ان ”ٺوس بنيادن واري زمين“ ۾ مليو آهي جتي هُو بيٺو آهي. ”ايئن اسان کي وارن جا، نَنهَن جا، پيرن جا، آڱوٺي جا، گونهن جا فلسفي ۽ ٻيا فلسفي ملن ٿا....“
هتي مارڪس هڪ پاسي ته ساڄيءَ ڌر جي هيگلين جي مفلس مؤقف تي ۽ ٻئي طرف هيگل جي پوڄا تي، هن جي تعليم کي مطلق هجڻ جو درجو ڏيڻ تي، ان استدلال تي حملو ڪري رهيو آهي ته هن کان پوءِ واري فلسفي جي ارتقا هيگلي فلسفي جي مختلف مُنهن مهانڊن ۽ رُخن جي تفسير ۽ تشريح جي ئي رستي تي ٿيڻي آهي.
ان معاملي ۾ هيگل جي فلسفي جي حشر جي ڀيٽ ارسطوءَ جي فلسفي جي تاريخي حشر سان ڪري سگهجي ٿي، جنهن کي وچين دَور جي مفسرن صفا بي ساهو ڪري ڇڏيو آهي. ارسطوءَ جي خيالن کي هڪ قسم جو دعائن وارو ڪتاب بڻايو ويو آهي، سندس سند کي مذهبي عقيدي جي مستند هجڻ جي حمايت لاءِ استعمال ڪيو ويو. هن جو خطائن کان پاڪ هجڻ جو يقين چريائيءَ جي حد تائين پهچي ويو. مثال طور اهو چيو ٿو وڃي ته جڏهن سترهين صديءَ جي هڪ يسوعي پروفيسر کي دوربين سان ڏسڻ جي دعوت ڏني وئي ته جيئن کيس يقين ٿي وڃي ته سج ۾ داغ آهن، ته هيئتي علم جي ماهر ڪيرخير کي جواب ڏنو: ”اجايو ٿيندو، منهنجا ٻَچا، مون ارسطو ٻه ڀيرا شروع کان پڄاڻيءَ تائين پڙهيو آهي ۽ مون کي سندس لکڻين ۾ ڪٿي به ان ڳالهه جو ويندي اشارو به نه مليو آهي ته سج ۾ داغ آهن، تنهنڪري ان قسم جي داغن جو وجود ٿي ئي نه ٿو سگهي.“
فلسفي بابت ان ”پوڄاباز“ رويي سان، پوءِ کڻي اهو ”جليل القدر فلسفين“ جو فلسفو ئي ڇو نه هجي، مارڪس جو تنقيدي ذهن مطمئن نه ٿيو. هن لکيو: ”ڪنهن جي سند جي ڪري يا خوش عقيدگيءَ سبب ڪنهن به فلسفي کي قبول ئي نه ڪرڻ گهرجي، پوءِ ڇو نه اها سند ڪنهن قوم جي هجي ۽ اهو عقيدو سوين سال پراڻو هجي.“ ان ڪري مارڪس جي خيال ۾ فلسفياڻي جاچ لاءِ پهرين ضرورت آهي هڪ بهادر ۽ آزاد ذهن جيڪو ماضيءَ جي ميراث جي تنقيدي ڇنڊڇاڻ ڪري ۽ نيون حاصلاتون ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندڙ هجي.
انهيءَ ڪري فلسفي جي ڀيٽ مذهب سان نه ٿي ڪري سگهي. عقيدي ۽ انڌي پوڄا تي بيٺل اعلى سند کي فلسفو جاري نه ٿو رکي.
هيگل ۾ مارڪس کي ارسطوءَ جي ئي قدڪاٺ جو مفڪر نظر اچي ٿو ۽ ارسطوءَ کان پوءِ وارن (ايپيڪيورسي، رواقي ۽ تشڪيڪي) فلسفي جي حشر ۾ کيس هيگل کان پوءِ واري فلسفي جي حشر سان ملندڙ جلندڙ ڪا شي نظر اچي ٿي. ساڄيءَ ڌر جي هيگلين فلسفي تي مذهب جي برتريءَ کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ”مرحوم“ پلوٽارڪ جيان فلسفي کي ”مذهب جي اجلاس“ ۾ پيش ڪري ڇڏيو. پر مارڪس فلسفي جي ”اعلى سند“ جي علمبداري ڪري ٿو. ”جيستائين فلسفي جي صفا آزاد دل ۾، جيڪا سڄيءَ دنيا جي تسخير ڪري ٿي، رت جو هڪ ڦڙو به ڌڙڪندو رهندو تيستائين اهو ايپيقيورس جي آواز ۾ پنهنجن مخالفن کي هيءُ جواب ڏيندي ڪڏهن به ته ٿڪبِي ته ’غيرمتقي اهو ماڻهو ناهي جيڪو انهن خدائن کان منڪر آهي جن جي پوڄا انبوهه ڪري ٿو، پر اهو آهي جيڪو خدائن بابت انهن شين جي توثيق ڪري ٿو جن تي انبوهه يقين رکي ٿو.“•
ارسطوءَ کان پوءِ وارو فلسفو يوناني فلسفي جي عروج هو. ان غلام مالڪي دنيا جي زوال ۽ هڪ نئين دور جي ابتدا جو اعلان ڪيو. هيگل کان پوءِ وارو فلسفو به انهيءَ تاريخي مؤقف ۾ هو. ان جو ٽڪراءُ ”هڪ ٽُڪرا ٽڪرا ٿيل دنيا“ سان هو. ان جا ”چنگ“ هوا جي ديوتا ”ايئلس جا چنگ“ هئا جن جي تارن کي طوفانَ ڇيڙيندا هئا. ”پر ڪنهن کي ان طوفان کان ڌوڪو نه کائڻ گهرجي جيڪو هڪ عظيم فلسفي کان، هڪ عالمي فلسفي کان پوءِ ايندو آهي.“
اها هڪ طوفان جي توقع، هڪ نئين ”عظيم“ دور جي توقع 1430ع کان پوءِ واري ڏهاڪي جي آخري ۽ 1840ع کان پوءِ واري ڏهاڪي جي ابتدائي سالن ۾ مارڪس جي ذهني حالت جي ڏاڍي نمايان خاصيت آهي، جڏهن جرمنيءَ پنهنجي خواب مان جاڳڻ شروع ئي ڪيو هو ۽ جڏهن ان جي معاشي، سياسي ۽ ذهني زندگيءَ ۾ نئون روح ڦوڪڻ جي اها شروعات ٿي جيڪا 1848ع واري انقلابي اٿل پٿل جي اڳ ڪٿي هئي.
پنهنجو مقالو لکندي مارڪس جي ”طوفان کان اڳ واري“ مزاجي ڪيفيت ظاهر آهي ته ان وقت تائين ڏاڍي مبهم ۽ حقيقي سياست کان پري هئي. ان کي اظهار جو لباس رڳو خيال پرستيءَ واري فلسفي جي اڻ چِٽن گروهن ۾ مليو پر اهو هڪ اهڙي پليتي جيان هو جيڪو هوري هوري دُکندو آهي پوءِ به هڪ ڌماڪي جو ڪارڻ بڻجندو آهي.
اها مارڪس جي خاصيت آهي ته هو هڪ ”طوفان“ جي اڳڪٿي ڪندي انهن هيگلين جي ڀاڙيائپ واري مؤقف تي حملو ڪري ٿو، جيڪي ”اسان جي استاد کي غلط طريقي سان سمجهن ٿا“، جيڪي خيال ڪن ٿا ته ”اعتدال مطلق روح جي عادي علامت آهي.“ هو انهن ”بي معنى ذهنن“ تي تنقيد ڪري ٿو جيڪي سمجھن ٿا ته فلسفي ۽ ”دنيا“ جي عدم اتفاق کي ”حقيقي ضرورتن سان ٺاهه ڪري“، ”هٿياربند فوجن ۾ کوٽ آڻي، انهن ۾ ڏڦيڙ وجهي“ ٺيڪ ڪري سگهي ٿو.“
ان ”ڏڦير وجهڻ“ جو اظهار خاص طور ان حقيقت ۾ ٿئي ٿو ته فلسفي کي دنيا جي اهم مسئلن تان ٿيڙي خودشعوريءَ جي دنيا ۾ داخل ڪيو ويندو آهي. اها صورتحال ارسطوءَ کان پوءِ واري صورتحال سان ڏاڍي ملندڙ جلندڙ آهي. تنهنڪري ايپيقيورسي، رواقي فلسفي جي تشبيهه مارڪس هڪ کڙکٻيتي سان ڏئي ٿو. ”جڏهن آفاقي سج ٻڏي ويو ته کڙکٻيتي هڪ نجي فرد جي ڏيئـڙي جي روشني ڳولي وٺندو آهي.“•
پر مارڪس هتي رڳو منفي ئي نه، بلڪ هڪ ڏاڍو دل لڀائيندڙ پاسو به ڏسي ٿو ۽ اهو آهي ماڻهو لاءِ ڳڻتي، هن جي روحاني دنيا جي لاءِ، اخلاقيات جي مسئلن جي لاءِ سوچ ويچار جيڪا يوناني انسان دوستي جي خاصيت هئي.
ان نُڪتي نظر کان سندس سقراط جي شخصيت ڏانهن ڌيان ڏيڻ خاص طور دلچسپ آهي. سقراط ڏانهن نوجوان مارڪس کي ان مرددانا جي ”مثالي“ تصوير ڇڪي ٿي جيڪو فلسفي ۽ روزاني زندگيءَ جو سلسلو جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جيڪو فلسفي کي قديم اٿينس جي رستن ۽ چؤڪن تي وٺي آيو. ”سقراط جي ايتري اهم هئڻ جو سبب هي آهي ته منجھس يوناني زندگيءَ سان يوناني فلسفي جي رشتي جو ۽ ان ڪري ان فلسفي جي اندرين حد جو اظهار ٿئي ٿو.“
سقراط کي ان ڏاهپ سان ڪا به دلچسپي نه هئي جنهن جو مقصد قدرت کي سمجهڻ، ڪائنات کي سمجهڻ هوندو هو. انسان جڏهن پاڻ پاڻ بابت ڪجهه نه ٿو ڄاڻي، ته دنيا ۽ ڪائنات بابت ڪيئن ٿو ڄاڻي سگهي؟ ”پاڻ کي سڃاڻو“ سقراطي فلسفي جو پهريون اصول آهي.
انسان کي جيڪي اهم ترين شيون سمجهڻ گهرجن، اهي آهن: نيڪي ۽ بدي ڇا آهن؟ سونهن ڇا آهي؟ انصاف ڇا آهي؟ حياتي ۽ موت ڇا آهي؟ پيار ڇا آهي ۽ خوشي ڇا آهي؟
ماڻهو سمجهن ٿا ته اهي ڏاڍيون معمولي ۽ ساديون شيون آهن ۽ فلسفياڻي ڏاهپ جي شانَ لائق ناهن. اتي ئي سقراط پنهنجي ٽوڪ ۽ پنهنجي جدليات جو استعمال ڪري ٿو، جنهن جي به دل گهري ان سان بحث ڪرڻ لاءِ هُو تيار آهي ۽ اهڙو اٻوجهه بڻجي جيڪو ٻين کان ڏاهپ حاصل ڪرڻ گهري ٿو، هو سادا پر سياڻپ وارا سوال ڪري ٿو جيڪي هن سان ڳالهائيندڙ ڍاول جي جهالت کي، ان ڍاول ۾ جدلياتي طور سوچڻ ۽ اهو سمجهڻ جي صلاحيت نه هجڻ جو انڪشاف ڪري ڇڏي ٿو ته هڪڙو ئي قدم نڪتي نظر ۽ حالتن سبب نيڪ به ٿي سگهي ٿو، ته بد به.
سقراط جي ٽوڪ (مارڪس ۽ اينجلس پاڻ به پنهنجي مناظري واري لَـڙاين ۾ ٽوڪ جو استعمال گهڻو ڪيو آهي)، مارڪس جي جائز چوڻيءَ مطابق، هڪ اهڙي ”دائيءَ وانگر آهي“ جنهن جي مدد سان نظري سوچ جنم وٺي ٿي ۽ سامائجي ٿي.
”عام رواجي عقل“ ۽ ان جي ”ڍاول گھمنڊ واري علم“ لاءِ سقراط جي ٽوڪ هڪ ”جدلياتي ڄار“ آهي. مارڪس جي خيال ۾ اها ٽوڪ سڄي فلسفي جي خاصيت آهي جيڪا ”عام سمجهه“ کي للڪاري ٿي.
سقراط ”سڄو سارو فلسفو“ آهي، پهريائين ته ان معنى ۾ ته ان ۾ فلسفو حاصل ڪيل، زندگي ۾، عمل ۾ مجسم ظاهر ٿئي ٿو، ۽ ٻيو ان معنى ۾ ته اهو انفرادي انساني خودشعوريءَ جو فلسفو آهي. ان سبب مارڪس ان جي تاريخ جي پابند حدبندين کي، ان جي”داخليت“ کي، ان جي پنهنجي ئي اندر رجوع ڪرڻ کي ڏسي وٺي ٿو. پر ظاهر آهي ته شخصي ۽ انساني سطح تي سقراط ئي نوجوان مارڪس لاءِ داناءَ مرد جي، پائدار ۽ ديانتدار فلسفِيءَ جي مثالي تمثيل فراهم ڪئي جنهن حقيقت ۾ پاڻ ئي پنهنجو پاڻ کي موت جي سزا ڏني، ان ڪري جو اهو فيصلو سندس اندرين يقين جو منطقي نتيجو هو.
سقراط تي ئي مارڪس جو اهو خيال سڀ کان وڌيڪ لاڳو ٿئي ٿو ته ”فلسفِي پاڻ ئي زنده تمثيل، زنده فني شاهڪار“، پنهنجي تخليق ڪيل نظرين ۽ نظامن جي جيئري جاڳندي تفسير هوندا آهن. نوجوان مارڪس جي نظر ۾ هڪ فلسفِيءَ جي شخصيت سندس تعليم کان ڪنهن به صورت ۾ ڌار ڪري نه ٿي سگهجي.
ان نُڪتي نظر کان اهو ڏسڻ ڏاڍو دلچسپ آهي ته مارڪس پنهنجي ڊاڪٽريٽ جي مقالي ۾ ۽ ان جي تياريءَ جي سلسلي جي مصالحي ۾ دمقراطيس، ايپيقيورس ۽ پلوٽارڪ کي ڪيئن بيان ڪري ٿو. انهن فلسفين بابت هن جي رويي ۾ ۽ انهن ۾ جيڪو ڪجهه پسند ۽ ناپسند آهي، ان ۾ پاڻ نوجوان مارڪس جي شخصيت جا منهن مهانڊا پڌرا ٿين ٿا.
دمقراطيس ۽ ايپيقيورس ٻه فلسفي آهن جن جي نظرين کي هميشه هڪجهڙو يا لڳ ڀڳ هڪجهڙو سمجهيو ويندو آهي. مارڪس اهو ڏسي ٿو ته اهو صحيح ناهي جيتوڻيڪ انهن ٻنهي اڻ ٽُٽ ذرڙي جي نظريي جي پرچار ڪئي ۽ ان کي هڪ ئي طريقي سان نکاريو سنواريو، پوءِ به ان نظريي جي سچائيءَ، واقعيت ۽ اطلاق ۾ اهي هڪ ٻئي جي بلڪل ابتڙ هئا. اهي علم بابت پنهنجي رويي ۾ به هڪ ٻئي جي خلاف هئا.
دمقراطيس پنهنجي زندگيءَ ۽ ڪاوشن جي اصول جو اظهار هنن لفظن ۾ ڪيو آهي: ”مان ايران جو تخت ۽ تاج حاصل ڪرڻ تي هڪ نئين عادت ۽ ڪارڻ جي سلسلي جي کوجنا کي ترجيح ڏيندس.“ هو هر شَي ۾ منطق جي ڳولا ڪري ٿو ۽ اختيار کي رد ڪري ڇڏي ٿو جيڪو ”صالح سوچ سان ميل نه ٿو کائي“. جيڪو علم هو حاصل ڪري چڪو آهي ان کان بي اطميناني هن کي سدائين ستائيندي رهي ٿي. هو جاميٽري سکڻ لاءِ مصر جو سفر ڪري ٿو ۽ ايران ۾ ڪلدانين وٽ وڃي ٿو ۽ ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته يوگين کان ڏاهپ حاصل ڪرڻ لاءِ هن هندستان جو به سفر ڪيو هو.
پنهنجي دَور جي هڪ علم جي درياءُ دماغَ ڪائنات جو هڪ انتهائي يقين لائق، قياسي نظريو، اڻ ٽُٽ ذرڙي جو فلسفو تخليق ڪيو جنهن جي خاص مهانڊن جي تصديق صدين تائين علم کان پوءِ واري ارتقا ڪئي. پوءِ به هو غير مطمئن رهيو ۽ چيو ٿو وڃي ته هن پاڻ کي انڌو ڪري ڇڏيو ته جيئن اکين جو حسي نور هن جي ذهن جي تيزيءَ تي پردو نه وجهي سگھي.
ايپيقيورس بلڪل ئي ٻئي قسم جو ماڻهو هو ۽ فلسفي بابت هن جو رويو به مختلف هو. دمقراطيس ته هر ڪنهن کان علم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو، پر ايپيقيورس کي فخر هو، ته هن پاڻ پِرايل هو ۽ هن سچائيءَ جي واٽَ بنا ڪنهن ٻئي جي مدد جي ڳولي لڌي. دمقراطيس جي بيچَين روح کيس دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جو رولو ڪرايو ۽ هن 80 سال ٻين ملڪن ۾ گذاريا، جڏهن ته ايپيقيورس پنهنجي اٿينس واري باغ کان ٻه يا ٽي ڀيرا ٻاهر نڪتو ۽ اهو به دوستن مان ملڻ لاءِ. هن فلسفي ۾ امن ۽ خوشي پالي تاتِي ۽، دمقراطيس جي ابتڙ، قطعي علمن کي صفا رد ڪري ڇڏيو. سڀني شين جي علم حاصل ڪرڻ جي امڪان کان مايوس ٿي دمقراطيس پاڻ کي انڌو ڪري ڇڏيو، پر ايپيقيورس کي جڏهن اهو احساس ٿيو ته هن جي موت جي مهل اچي پهتي آهي، تڏهن هو سڄر پاڻيءَ سان وِهتو، شراب گهرايائين ۽ پنهنجن دوستن کي وصيت ڪيائين ته اهي فلسفي سان وفادار رهن.
ايپيقيورس کي لقاءَ جي ظاهر جي حواسي سمجهه ٻوجهه تي پورو ڀروسو هو. انهيءَ ڪري دمقراطيس کي اهو لڳندو هو ته سج ڏاڍو وڏو آهي، پر ايپيقيورس کي ائين لڳندو هو ته اهو بس ٻن فوٽن برابر، يعني ايترو ئي وڏو آهي جيترو اسان کي نظر اچي ٿو.
دمقراطيس هر شي ۾ ان جي لزوم (لازم) کي ڏسڻ جي اميد رکي ٿو، پر ايپيقيورس لازم کي رد ڪري ٿو. هو لازم کي اڻٽر مقدر جِي، قسمت جِي هڪ علامت سمجهي ٿو جيڪا انسان کي محڪوم بڻائي ٿي. هو ان جو سلسلو مذهب ۽ خدائن سان ڳنڍي ٿو، جيڪي انسان جي سڀني عملن کي مقرر ڪن ٿا. انسان جي ورتاءَ جو دارومدار پاڻ تي، اختيار تي هجڻ گهرجي، نه ڪي لازم تي.
ايپيقيورس جو چوڻ آهي ته جبر ۾ جيئرو رهڻ هڪ بدقسمتي آهي پر ان قسم جي حياتي ڪنهن به طرح جبر ناهي. آزاديءَ جون راهون هر پاسي کليل آهن جيڪي گهڻيون آهن، ننڍڙيون ۽ سوِليون آهن، بس رڳو اهو ته جبر کي ”مطيع ڪرڻ“ گهرجي. هو سمجهندو هو ته مڃڻ گهرجي ”خدا کي نه.... پر اختيار کي“. ٺيڪ ان مطابق ايپيقيورس، دمقراطيس جي ابتـڙ، پنهنجي اڻ ٽُٽ ذرڙي واري نظريي ۾ اڻ ٽُٽ ذرڙن جي جزن جي اختياري انحراف کي داخل ڪري ڇڏي ٿو.
سڀ کان اڳ مارڪس ئي ثابت ڪيو (۽ اها ئي سندس ڊاڪٽريٽ جي مقالي جي پائدار علمي اهميت آهي) ته اڻ ٽُٽ ذرڙي جي جزن جو ايپيقيورسي اختياري انحراف نه رڳو هِي ته گھٽتائيءَ جو مستحق ناهي، جيئن گهڻا ماڻهو سمجهندا هئا، پر اهڙي پيدائش آهي جنهن اڻ ٽُٽ ذرڙي جي نظريي ۾ چڱو واڌارو ڪيو ۽ ان جي نکرڻ ۾ مدد ڪئي. مارڪس، پنهنجي جلدياتي فطري حواس جي اثر هيٺ جنهن شَي ڏانهن اشارو ڪيو هو ان جي تصديق، اهو چئي سگجي ٿو ته تجربن جي بنياد تي جديد ذيلي ايٽمي فزڪس ڪري ڇڏي آهي جنهن بي يقينيءَ جو اصول پيش ڪيو آهي.
ايپيقيورسي فلسفي کي ــــــــ خدائي جي منڪر ۽ يوناني روشن خياليءَ جي فلسفي کي، جنهن آزاد انسان جي تعريف ڪئي جيڪو زندگيءَ جي سادين ۽ فطري خوشين مان مزو وٺي ٿو ــــــــ فلسفياڻي رياڪارين ۽ بدتهذيبن جي ڇتِي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.
انهن تنقيد ڪندڙن ۾ اڳيان اڳيان ”مجذوب“ پلوٽارڪ آهي جنهن کي مارڪس بذات خود مطمئن حماقت، اهڙي جهومندڙ نخرا ڪندڙ عزتداريءَ جو مجسمو سمجهي ٿو جيڪا پاڻ کي چالاڪ سمجهي ٿي.
مارڪس ايپيقيورس جي دليلن جي پائدار، ديانتداراڻي، بيباڪ منطق جي، هڪ اهڙي منطق جي ڀيٽ، جيڪا پنهنجن ڪڍيل نتيجن کان ڊڄي نه ٿي پوءِ ڇو نه اهي مذهب کي ئي رد ڪري ڇڏڻ جو سبب بڻجي پون، ڌڪار سان پلوٽارڪ جي ڀاڙِي، بي معني انتخابي مؤقف سان، هن جي خدا ترس، واعظاڻين ڳالهين سان، هن جي عياراڻي ظاهري زهد سان ڪري ٿو.
پلوٽارڪ جو استدلال وچٿري درجي جي ذهن جي ڪِريل فلسفي جو ڪلاسيڪي مثال آهي جيڪو پاڻ پنهنجي ”تقدس“ ۽ ”صفتن“ ۾، ٻيءَ دنيا ۾ خوشحالي ۽ ”دائمي برڪت“ لاءِ ڳڻتيءَ ۾ اطمينان جي ڳولا ڪري ٿو. هيءُ اهڙو ”فلسفو“ هوندو آهي جيڪو پاڻ پنهنجي گھٽ مايي واري ”انا“ جي غربت ۽ ذلالت کي اخلاق جي برف سان ڍڪي ڇڏي ٿو. پلوٽارڪ جي شخصيت مارڪس جي ذهن ۾ هڪ اهڙي ماڻهو سان لاڳاپيل آهي جيڪو ڊنل بيٺو آهي، تابعداري واري انداز ۾ رڙهي ٿو ۽ ان ڳالهه بابت سبق ڏئي ٿو ته ”اها ڪيڏي ناانصافي آهي جو سٺا ماڻهو مري پون ته پنهنجي زندگيءَ جي حاصل کان به محروم ٿي پون.“ قدرتي ڳالهه آهي ته پلوٽارڪ سوچ جي ميدان ۾ ”رک رکاءَ“ جي هر خلاف ورزيءَ جي مذمت ڪري ٿو. پلوٽارڪ کي پڙهي اسان کي ايئن ٿو لڳي ته اسين هڪ ٻوساٽيل ”اسڪول“ ۾ ويٺا آهيون. ايپيقيورس ۽ لوڪريشيئس کي، هن ”دنيا جي تازه دم، پُراشتياق، شاعراڻي مالڪ“ کي پڙهي اسين هڪ شوخ لباس ۾ هڪ بيباڪ ڪرتب باز ڏسون ٿا ۽ پاڻ کي وساري ويهون ٿا ۽ پاڻ کان مٿاهون ٿي اڃا اڳتي ڏسون ٿا ۽ وڌيڪ آزاديءَ سان ساهه کڻون ٿا.
خير، پسند پنهنجي پنهنجي. ”جيڪو ماڻهو پاڻ پنهنجن وسيلن سان سڄيءَ دنيا جي اڏاوت ڪرڻ، دنيا جو خالق ٿيڻ نه چاهي پر سدائين رڳو پاڻ بابت ڳڻتي ڪندو رهي، ان کي روح ملعون قرار ڏئي چڪو آهي، مٿس ڪفر جي فتوى جاري ٿي چڪي آهي، پر بلڪل ابتي معنى ۾. ان کي عبادتگاهه مان ڪڍيو ويو آهي ۽ روح جي دائمي خوشيءَ کان وانجهو ڪيو ويو آهي ۽ ڇڏي ڏنو ويو آهي ته هو پنهنجي نجي برڪت بابت لوليون ڳائي ۽ رات جو پاڻ بابت ئي خواب ڏسي.“•
پلوٽارڪ سان مارڪس جو مناظرو ظاهر آهي ته فلسفي ۾ سندس روحاني وارثن سان به مناظرو آهي جن جي ڳڻپ سدائين گهڻي هئي.
پلوٽارڪن جي، علم ۾ انهن ”مجذوب“ وڏن لفنگن جي پرشڪوه لفاظي، جيڪا قوت ڀري ۽ ڌڙڪندڙ سوچ کي ڄار ۾ ڦاسائي سمهاري ڇڏڻ لاءِ اخلاق سيکاريندڙ رنڊڪون ۽ وطن پرستيءَ جي واعظن جا ڄار اڻن ٿا، پوءِ به مارڪس کي سخت ناپسند رهي. پنهنجي قلم (جي چهنب) سان مارڪس پلوٽارڪ جي انداز جي ”اخلاق آموز تنقيد ۽ تنقيدي اخلاق“ جي هر نشانيءَ کي تاريخ جي عام تذليل ۽ تشهير جو مرڪز بنائي ڇڏيو.
تنهنڪري پيٽي بورجوا ڊيموڪريٽ ڪارل هائنـزن اڻويهين صديءَ ۾ اينجلس سان پنهنجي مناظري ۾ ان ”تنقيد“ جو اهڙو ئي مجسمو هو جيئن پلوٽارڪ ٻه هزار سال اڳ ايپيقيورس سان مناظري ۾ هو.
هائنـزن جي شخصيت ۾ مارڪس بي رحماڻي حاضر جوابيءَ ۽ ٽوڪ سان ان ”بدتهذيب بدحيثيت نقاد“ تي وار ڪيا جيڪو فخر سان ٻٽاڪ هڻي ٿو ته هن جو اسڪول ته فلسفو يا علم نه، پر ”ڀريل ڀريل زندگي“ آهي، جيڪو ”صالح رواجي عقل“ جي پوئواري ڪري ٿو، ”پاڻ پنهنجي صفت جي بذات خود مطمئن بدتهذيب واري ايمانداراڻي شعور“ جو مظاهرو ڪري ٿو، ڪجهه ”ڏٻرين، هڙيلي“ سچائين کي غير متزلزل ڪٽر اصول بڻائي ڏي ٿو ۽ ”اهڙا اصول ايمان جي مخالفن جي ’انڌائپ‘، ’بيوقوفي‘ يا ’بي ايمانيءَ‘ تي پنهنجي اخلاقي غضبناڪيءَ“ جو اظهار ڪري ٿو.
پلوٽارڪ جي سڀني پوئلڳن بابت مارڪس جي سخت منفي راءِ علم جي باري ۾ سندس مثبت رويي کي، سڄي فلسفياڻي سوچ جي فرضن ۽ ڪردار جي باري ۾ سندس سمجهه کي انتهائي صاف طرح ظاهر ڪري ڇڏي ٿي.
فلسفو ڪٽر اصولن، مقرر ڪيل، پٿرايل مقالن سان ميل نه ٿو کائي. هيگلي نظام جي جنهن شَي کان مارڪس مطمئن نه ٿيو، اها هئي ان جي قطعيت، مڪمل هجڻ، سندس مطلق ۽ ”قياسي“ نوعيت. اسين ڏسي چڪا آهيون ته ڪيئن پنهنجي ڊاڪٽريٽ جي مقالي ۾ ئي مارڪس ”دنيا“ سان، حقيقت سان هيگلي فلسفي جي عليحدگيءَ خلاف پنهنجي تنقيد جي پورو زور لڳايو هو.
مارڪس جي شروع واري مؤقف ۾ هڪ ڌماڪو ڪندڙ پليتو پيل هو ۽ جلد ئي مارڪس فلسفي بابت ڏُور رس نتيجن تائين پهچي ويو.
قدرتي سائنسن جي اڻپوري اوسر سبب فلسفو اڃا قطعي علمن جي بَدل طور ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور هو. هن دنيا جو هڪ آفاقي نظريو، علمن جو سرواڻ هئڻ جي دعوى ڪئي. اها دعوى هيگلي فلسفي ۾ پوريءَ طرح ظاهر ٿئي ٿي ۽ انهيءَ ڪري هيگلي نظام پراڻي تصور جي فلسفي جي تڪميل، ان جي فضيلت جي دستار، ان جو ثمر ۽ ان جو بچيل حصو آهي.
مارڪس پنهنجي شاگرديءَ جي پويَن سالن ۾ به پوريءَ طرح محسوس ڪندو هو ته فلسفو، روح جي بي اثر عالم تي فرمانروائي ڪندڙ ”رئيس العلوم“ زمين تي لهڻ جي ضرورت ۾ ڦاٿل آهي. بهرحال ان وقت هو ڪميونسٽ ته نه هو، پر انقلابي ڊيموڪريٽ به نه هو ۽ هن سياست ۾ پنهنجي مؤقف کي چٽيءَ طرح بيان نه ڪيو هو. ان ڪري اها بلڪل قدرتي ڳالهه آهي ته ”دنيا“ جي باري ۾ سندس خيال ۽ ”دنيا“ سان فلسفي کي متحد ڪرڻ جي صورت بابت سندس خيال ڪجهه تجريدي هئا.
لڳ ڀڳ ٽن سالن کان پوءِ اسين مارڪس کي سندس ڪتاب ”هيگل جي قانون واري فلسفي جِي تنقيد ۾ واڌارو“ ۾ ڪم ڪندي ڏسون ٿا. تعارف ۾ هن دنيا جي انقلابي نظر جي مڪمل ڀرپوريت ۽ استقامت سان ”دنيا“ سان فلسفي جي رشتي بابت مقالي جي جوڙجڪ ڪئي.
مارڪس لکي ٿو ته انقلاب ”فلسفيءَ جي ذهن ۾ شروع ٿيندو آهي“ جيڪو مضبوط ٿيندڙ تضادن جي عڪاسي ڪري ٿو پر نظري تنقيد جو هٿيار ”هٿيارَ وسيلي تنقيد“ جي جاءِ وٺي نه ٿو سگهي. نظريو جيئن ئي عوام کي فتح ڪري وٺندو آهي تيئن ئي اهو هڪ مادي قوت بڻجي پوندو آهي. تنهنڪري مادي قوت بڻجڻ لاءِ فلسفي کي انتقلابي طبقي يعني پرولتاريه جي فلسفي جي حيثيت سان عمل ڪرڻ گهرجي.
فلسفي کي جيئن پرولتاريه ۾ پنهنجا مادي هٿيار ملي پون ٿا اهڙيءَ طرح پرولتاريه کي به فلسفي ۾ پنهنجو روحاني هٿيار ملي پوندو آهي. ۽ هڪ ڀيرو جڏهن عوام جي هن سچي (بنا تصنع واريءَ) زمين تي سوچ جي کنوِڻ ڪڙڪي پوندي تڏهن جرمن ماڻهن جو نجات حاصل ڪري انسان بڻجڻ شروع ٿيندو.“
پر ”رائج الوقت“ يعني هيگلي فلسفو پاڻ ئي ان حقيقت جي نقصن جو حامل آهي جنهن کي رَد ٿيڻو آهي. ان ڪري ”فلسفي کي رد ڪَئي بنا ان کي حقيقت بنائڻ“ ناممڪن آهي ۽ اڳوڻي فلسفي کي مارڪس ۽ اينجلس درحقيقت رد ڪري ڇڏيو. ان ”رد ڪرڻ“ جو مطلب رڳو رد ڪري ڇڏڻ نه هو. ان جو مطلب هو هڪ اهڙو انقلاب جنهن جي نتيجي ۾ سڄي ڪلاسيڪي فلسفي ۽ سڀ کان وڌيڪ هيگل ۽ فيوئرباخ جي ورثي جي بنياد تي ”نيبٖي لونگَن جِي ڪارِي تلوار“، مادي جلديات جي شاهراهه گهڙي وئي. ان شاهراهه کي سائنسي ڪميونزم جي نظريي ۾ شاندار وجود مليو جيڪو پرولتاريه جو ”سچو جنگي نعرو“ انسانـذات جي آزاديءَ ۽ انسان جي شانَ لائق سماج جي اڏاوت جي جدوجهد ۾ هڪ طاقتور هٿيار آهي.
ٺيڪ مارڪس جي اڳڪٿيءَ مطابق ويهين صديءَ جو پرولتاري پنهنجو پاڻ کي مجبور ۽ محڪوم ۽ غريب طبقي جي حيثيت سان رد ڪري رهيو آهي ۽ مارڪسي فلسفي کي حقيقت بنائي رهيو آهي.
* * *
پر اچو ته نوجوان مارڪس وٽ موٽي هلون ۽ برلن يونيورسٽيءَ مان تعليم پرائي واندو ٿيڻ واري وقت تائين سندس روحاني اوسر جو تَتُ پيش ڪريون.
سندس ڊاڪٽريٽ وارو مقالو سندس خدا کان منڪر عقيدن جي تصديق ڪري ٿو. جيئن ڄاڻون ٿا ته پائدار منڪر خدائي خيال پرستيءَ سان ميل نه ٿي کائي. اها اڻٽر طور ماديت پسنديءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿي. پنهنجي مقالي ۾ مارڪس اڃا تائين خيال پرست فلسلفي جي ورثي سان لاڳاپا نه ٿو ٽوڙي پر ماديت پسنديءَ ۽ يوناني فلسفي جي روشن خيال انسان دوستيءَ ڏانهن ڌيانُ ڏيڻ لڳو آهي.
هتي اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته مارڪس پنهنجو مقالو ڇپائڻ لاءِ تيار ڪري رهيو هو ۽ سينسرشپ جي ڪري هُو ڪيترن ئي سوالن تي کليءَ دل سان پنهنجيءَ راءِ جو اظهار نه پئي ڪري سگهيو.
مارڪس پنهنجي روحاني ارتقا ۾ نوجوان هيگلين کان اڳتي نڪري چڪو هو. جيتوڻيڪ هُو اڃا تائين اڻڄاتل نوجوان عالم هو جنهن جي هڪ به علمي تصنيف ڇپي نه هئي، پوءِ به سندس ڏاهپ جي برتريءَ کي نوجوان هيگلين جي تحريڪ جون وڏيون شخصيتون مڃينديون هيون.
مستقبل جي ”سچي سوشلسٽ“ موزيس هيس جي شاهدي ان سلسلي ۾ خاص طرح دلچسپ آهي. 1841ع تائين هيس هڪ ڄاتل سڃاتل صحافي ۽ فلسفي هو. ان وقت تائين هو هيگلي فلسفي ۽ فرانسي سوشلزم کي هڪ ٻئي سان ڳنڍڻ جي هڪ خاص پرعزم ڪوشش ڪري چڪو هو جيتوڻيڪ اها گهڻي پائدار نه هئي، ۽ مبهم، اڌڙ تصوفياڻي صورت ۾، مسيح جي ظهور جيان، ڪميونسٽ انقلاب جو اعلان ڪري چڪو هو. پوءِ به موزيس هيس تازو تعليم کان واندو ٿيل ڪارل مارڪس کي فلسفياڻي ارتقا جي لحاظ کان پاڻ کان گهڻو مٿي سمجهندو هو ۽ هن قدرلائق گهِري نظر سان مارڪس لاءِ هڪ عظيم مستقبل جي اڳڪٿي ڪئي.
هيس پنهنجي خط مؤرخه 2 سيپٽمبر 1841ع تي پنهنجي دوست آويرباخ کي لکيو: ”توکي هتي هڪ ماڻهوءَ سان ملي خوشي ٿيندي جيڪو هاڻي اسان جي دوستن جي حلقي سان به تعلق رکي ٿو جيتوڻيڪ هو بون ۾ رهندو آهي، جتي هو جلد ئي پڙهائڻ وارو آهي.... هيءُ هڪ اهڙو لقاءُ آهي جنهن کان مان ڏاڍو متاثر ٿيس توڙي جو مان پاڻ به انهيءَ ميدان ۾ مصروف آهيان. ٿوري ۾ هيءُ ته توکي سڀ کان وڏي شايد اڪيلي حقيقت جيئري فلسفيءَ سان ملڻ لاءِ تيار ٿي وڃڻ گهرجي، جيڪو جلد ئي جرمنيءَ جي نگاهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندو، جڏهن هو منظرِ عام تي ايندو (ڇپيل صورت ۾ يا مقرر جي حيثيت سان). پنهنجي ذهني لاڙي ۽ پنهنجي فلسفياڻي تعليم ٻنهي جي لحاظ کان هُو نه رڳو اشٽرائوس کان پر فيوئرباخ کان به مٿڀرو آهي، ۽ پويون ذڪر ڪيل ڏاڍي اهميت رکي ٿو! جيڪڏهن مان هن وقت بون ۾ هجان ها جڏهن هو منطق تي ليڪچر ڏيندو ته مان کيس ڌيان سان ٻڌندڙ هجان ها. منهنجي هميشہ اها خواهش هئي ته اهڙي قسم جو ماڻهو فلسفي ۾ منهنجو استاد هجي. هاڻ مان محسوس ٿو ڪيان ته مان حقيقي فلسفي ۾ ڪيتري قدر نئون آهيان، پر ڌيرج کان ڪم وٺ! مان هاڻي به ڪجهه نه ڪجهه سکي وٺندس!
”ڊاڪٽر مارڪس، جيڪو منهنجي ساراهيل جو نالو آهي، اڃا ڪَڙيل نوجوان آهي (وڌ ۾ وڌ 24 سالن جو) جيڪو وچين دَور جي فلسفي ۽ سياست تي آخري وار ڪندو. منجھس انتهائي تکي حاضر جوابيءَ سان گڏ انتهائي گهِري فلسفياڻي سنجيدگي مِڙيل آهي. تصور ڪر ته روسو، والٽيئر، هولباخ، ليسنگ، هائني ۽ هيگل هڪ ئي ماڻهوءَ ۾ متحد ٿي پون، مون چيو متحد، گڏوچڙ نه، ته توکي ڊاڪٽر مارڪس ملي پوندو.“
ٿي سگهي ٿو ته هيس نوجوان مارڪس جي انهن لکڻين کان واقف رهيو هجي جيڪي زيان ٿي ويون، يا شايد سندس راءِ مارڪس سان ڳالهين ٻولين تي ٻڌل هجي پر هن جي اڳڪٿي حيرت انگيز طور ٺيڪ هئي. مارڪس اندرين طرح پاڻ کي هڪ انقلابي فلسفي جي تخليق لاءِ تيار ڪري رهيو هو. هن ۾ نظري سوچ جي ڏاهپ تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي هئي ۽ پاڻ کي پڌرو ڪري رهي هئي.