تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڏاهپ جو جنم

سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي پاران روشن خيال تعليمي ڪتابي سلسلي جو 14 نمبر ڪتاب ”ڏاهپ جو جنم“ پيش آهي. هي اهم ڪتاب ڪارل مارڪس جي شخصيت ۽ عالمي نقطي نظر جي اوسر بابت آهي. ڪتاب جو ليکڪ گينرخ وولڪوف آهي جڏهن ته سنڌي ترجمو ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ۽ رياضت ٻرڙي پاران ڪيو ويو آهي.
Title Cover of book ڏاهپ جو جنم

خواب لهندڙ بي عمليءَ“ جون ٻيڙيون

اهو سچ آهي ته پراڻي دنيا بدتهذيب (اڻ سڌريل) جي دنيا آهي، پر ان کي ڀوائتو نه سمجھڻ گھرجي، جو ان کان ڊڄي ماڻهو پوئتي هٽي وڃي. ان جي ابتڙ، اسان کي ان تي نظر رکڻ گھرجي. دنيا جي ان مالڪ جو اڀياس ڪرڻ فائدي وارو آهي.
- ڪارل مارڪس
ها، بدتهذيب جي دنيا تي نظر وجھڻ اجايو نه ٿيندو پوءِ اها ان حقيقت جي بنياد تي ته انهيءَ دنيا سان جدوجهد ئي هئي جنهن خود مارڪس جي قابليت کي، هڪ سرويچ، مفڪر ۽ انقلابيءَ جي حيثيت سان ان جي شخصيت کي تيک ڏنو ۽ اُجاريو ۽ سنواريو. ان جو گھٽ ۾ گھٽ هڪ مٿاڇرو خاڪو پيش ڪرڻُ ان پس منظر کي وڌيڪ چِٽو ڪري ڏيکارڻَ لاءِ اڻٽر آهي جنهن ۾ مارڪس جي ڏاهپ وڌي ويجھي.
جرمن بدتهذيبي ان ڳالهه لاءِ مشهور آهي ته هائني جي تيز نفرت ڀري ٽوڪ ۽ مارڪس ۽ اينجلس جي ساهه نهوڙيندڙ ڦِٺ لعنت ان کي کُلي عام ذليل ۽ خوار خراب ڪيو. مارڪس جي لاءِ ڪا به شَي ايڏي ڪرڀائتي نه هئي جيڏي بي فڪر بدتهذيبي، پوءِ کڻي اها ڪهڙي به پِڙ ۾ يا ڪنهن به شڪل ۾ ظاهر ٿئي: ذاتي لاڳاپن ۾، روزاني زندگيءَ ۾، سائنس، شاعري، سياست ۾، يا انقلابي جدوجهد جي عمل ۾.
ڇا به هجي، بدتهذيبي ڪا ”قومي“ ايجاد ته آهي ڪا نه. اها ننڍڙي بورجوازِي بي فڪري، مڪار مذهبي اخلاق بازي ۽ اڳوڻي چاڪَر جي تابعداراڻي نفسيات جي، جيڪو دل ۾ چاڪر ئي رهجي ويو آهي، قدرتي پيداوار هوندي آهي. هيءُ ان سماجي نظام جو اڻٽر ميوو آهي جيڪو ”آزاديءَ، برابريءَ ۽ ڀائپيءَ“ جي ”انسان دوستيءَ واري“ نعري هيٺ ماڻهوءَ جي هٿان ماڻهوءَ جي بي رحم ڦرلٽ کي پنهنجو دستور بڻائي ڇڏي ٿو، جيڪو ماڻهوءَ کي مايا-موهه جو غلام بڻائي ڇڏي ٿو ۽ ان کي انسانـذات جو سڀ کان وڏو ”ڪارنامو“ سڏي ٿو.
بدتهذيبي مختلف ملڪن ۾ تاريخي حالتن ۽ قومي ڪردار مطابق وڌِي ويجھي. جرمن بدتهذيبيءَ جو به پنهنجو ئي رنگ هو ــــــــ ۽ ان جا خاص سبب هئا.
”جرمن قوم جي مقدس رومي سلطنت“، جيئن انهن ڏينهن ۾ ان کي وڏي ٺَٺ سان چيو ويندو هو، اڻويهين صديءَ جي ابتدا ۾ ڪيترائي سَو ”خودمختار“ رياستن تي ٻَڌل هئي جن ۾ چڱيون وڏيون رياستون (مثال طور پروشيا ۽ آسٽريا) کان ويندي تمام ننڍڙيون بادشاهيون، شهنشاهه جي چونڊ لاءِ راءِ ڏيڻ جو حق رکندڙ حڪمرانيون، راجائن جون عملداريون، نوابن جا علائقا، تعلقا ۽ آزاد شاهي شهر شامل هئا. اهي سڀ چڱيءَ حد تائين سياسي آزادي رکندڙ هئا ۽ رڳو شهنشاهه ۽ خون بها جي اقتدار هيٺ هئا ۽ اهو اقتدار ڪڏهن ڪڏهن صفا اڻ لَکو هوندو هو. نتيجو اهو هوندو هو ته پاڻ ۾ جھيڙا، وٺ وٺان ۽ ڏاڍي ڊاهه ڊوهه جو راڄ پيو هلندو هو.
هر ننڍو راجا پنهنجيءَ رعيت لاءِ هڪ مرضيءَ وارو حڪمران هو. درٻار ۾ اقتدار وزيرن ۽ حڪومتي عهديدارن ]نوڪرشاهيءَ[ جي هٿن ۾ هو، جن کي جيئن فريڊرڪ اينجلس ٻڌايو آهي، عمل جي پوري آزادي ۽ سزا جي ڊپ کان پوري ڇوٽ حاصل هئي، پر شرط اهو ته اهي پنهنجي مالڪ جو خزانو ڀريندا رهن ۽ سندس ”حرم سرا“ (زنان خاني) لاءِ چڱو زنانو حسن مهيا ڪندا رهن.
ڏوڪڙ ريڙهيندڙ تنگ نظر ماڻهن يعني بورجوا ان حقيقت کي قبول ڪري ورتو هو ته انهن تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪيو پيو وڃي ۽ کين ذليل خوار ڪيو ويو وڃي. کين پڪ هئي ته گندي پاڻيءَ ۾ مڇيءَ جو شڪار ڏاڍو سولو آهي ۽ اهي لاڳيتو سماجي بدنظميءَ ۾ دولت جا اٿاهه سرچشما ڳولي وٺندا هئا. عوام سان متحد ٿي (ٻڌي ڪري) اهي پراڻي اقتدار جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ سلطنت جي اصليت بدلائڻ لائق ٿي سگھيا پئي، جيئن انگريز بورجوازِيءَ ڪنهن حد تائين 1640ع ۽ 1688ع جي وچ ۾ ڪيو هو ۽ جيئن فرانس ۾ انهيءَ وقت ٿيو هو.
پر جرمن بورجوا طبقي وٽ نه ته ايتري قوت هئي ۽ نه ئي هن ڪڏهن ايڏي همت جي دعوى ڪئي هئي. ”هاري طبقو، واپاري ۽ صنعتڪار هڪ رت-پياڪ حڪومت ۽ ردي واپار جو ٻٽو بار محسوس ڪندا هئا. اميرن جي طبقي ۽ راجائن کي اها خبر پئي پوندي هئي ته انهن جون آمدنيون، پنهنجن هيٺين کي نپوڙڻ باوجود، انهن جي وڌندڙ خرچن جو ساٿ ڏئي نه ٿيون سگھن. هر شَي غلط هئي ۽ ملڪ تي هڪ عام بي چيني ڇانيل هئي. نه تعليم هئي، نه عوام جي ذهنن تي اثر ڪندڙ وسيلا، نه ڪا آزاد پريس هئي، نه عوامي راءِ، تان جو ٻين ملڪن سان وڌندڙ واپار به نه هو ــــــــ ڪجھ به نه هو سواءِ ڪميڻائپ ۽ خود غرضيءَ جي ـــــــ سڄي قوم ۾ هڪ ڪمينو، ڪِريل، نڀاڳو دڪانداري روح رچِي ويو هو.“
هيءَ تصوير ان ”سلطنت جي بيماريءَ“ سان ڏاڍي ملندڙ آهي جنهن جو اطلاع گوئٽي جي ”فائوسٽ“ ۾ چانسلر پنهنجي شهنشاهه کي ڏي ٿو ۽ شڪايت ڪري ٿو ته چئني ڏِسائُن ۾ ڏک ۽ ڏولاوا آهن، هڪ برائي ٻِي برائيءَ کي جنم ڏيندي آهي:
هيڏِي اوچائيءَ تان هر پاسي نظر ته وجھو!
هڪ پريشان خواب آ، هن ملڪ کي ڏسو ته سهي!
هڪ عيب جي قالب ۾ هتي ٻيو عيب ٿو پلجي،
قانون جي چُرچ تي ئي ٿو هر ڏوهه پيو پلجي،
هڪ دَور غلط ڪاريءَ جو، وڌندو ئي وڃي پيو...

هر نيڪ نيت انسان جو حشر اهو ئي ڏٺو آ
رشوت سان، خوشامد سان اهو نيٺ رِجي ٿو،
عادل کي ناهي حق جڏهن ڪو به سزا ڏيڻ جو
ملي وڃي ٿو مجرم سان، انجام اهو ٿئي ٿو
مون هِي جو چِٽيو آهي، سٺو نقش ته ناهي،
وس منهنجو هلي ها جي، ان کان به برو چوان ها.

۽ پوءِ فرانسي انقلاب ان گھاٽي ننڊ ۽ ڄميل ۽ گندي ڌُنڌ واري ديس تي ڪنهن کنوڻ وانگر ڪَڙڪيو. مايوسيءَ ۽ نااميديءَ بداران جوش جزبو اچي ويو. روشن خيال جرمن بورجوا ته ”بي مهار فرونڊي“• قدمن کڻڻ جي به جسارت ڪري ورتي. اهي شراب گھرن ۾ وڏي جوش سان ”مارسيليز“ ڳائڻ لڳا ۽ هنن فرانسي قومي اسيمبليءَ جي نالي مبارڪن جا پيغام موڪليا. جرمن شاعرن هڪ-زبان ٿي فرانسي عوام جي واکاڻ ۾ نظمَ لکيا ۽ جرمنيءَ ۾ به جيڪبين جا حمايتي ظاهر ٿي پيا جن انقلاب برپا ڪرڻ لاءِ زوردار اپيل ڪئي.
پر اولهه کان ايندڙ ان آنڌاريءَ جو نقشو صفا ٿورو وقت رهيو. جيڪوبي دهشت کان جرمن بورجوازي ڊڄي وئي. عزت وارن بدتهذيبَن نجي ڪاروبار جي آزاديءَ جا ۽ ڊِيوڪَن ۽ ڪائُونٽن سان برابريءَ ۽ ڀائپيءَ جا خواب ڏسڻ ته شروع ڪري ڏنا هئا پر هاڻي هُو فرانس کان ايندڙ خبرن کي ڀاڙيائپ واري رڦڻيءَ ۽ ڏک سان ٻُڌندا هئا. جيڪي اجھو ٿوري دير اڳ تائين انقلاب جا جوشيلا يار هئا اهي هاڻي ان جا سخت ۽ ڪٽر دشمن ٿيندا پئي ويا.
تڏهن ئي نپولن جرمن سرزمين تي فوجي ڪاهه ڪئي. معروضي طور هُو جرمنيءَ لاءِ انقلاب جو هڪ نمائندو هو ان ڪري جو هن ان جي اصولن جو رواج وڌو. پراڻين جاگيرداري رسمن ۽ ريتن کي ختم ڪري هن پنهنجو قانوني ضابطو قائم ڪيو، جيڪو بنا شڪ وڌيڪ ترقي پسند هو. هن ڳريل سڙيل سلطنت کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ وڏيون رياستون ٺاهي ننڍڙين رياستن جو سَلو ئي ساڙي ڇڏيو.
پوءِ به جرمن ڪو خاص نپولن جا ٿورائتا نه ٿيا. اها ڳالهه سمجھ ۾ ايندڙ هئي. فوجي شڪستن جي ڪري ٿيل بدناميءَ ۽ ان حقيقت جي ڪري انهن جي قومي غرور کي ڌڪ پهتو هو ته ”غاصب“ پنهنجي بوٽ جي هڪ ٺوڪر سان جاگيرداري نظام جي انهن ڪارڻن کي به ختم ڪري ڇڏيو هو، جيڪي بدتهذيب کي ڏاڍا پيارا هئا. جرمن بدتهذيب مرڻ پسند ڪري ها ان کان وڌيڪ جو اها پنهنجن مالڪن آڏو سيس نوائڻ ڇڏي ڏي.
نپولن جي شڪست کان پوءِ جرمنيءَ کي وري ان ”خواب لهندڙ بي عمليءَ“ جي حالت ۾ موٽي وڃڻ جو موقعو مليو جنهن مان کيس ايڏي بدتميزيءَ سان جاڳايو ويو هو ۽ جنهن جي اها مدتن کان آس رکيو ويٺي هئي. هر پاسي رجعت پرستيءَ جي ڌُوڪ ڌوڪان ٿي وئي. هڪ جرمن اليڪٽر (شهنشاهه جي چونڊ ۾ حصو وٺڻ جو حق رکندڙ راجا) ته ايترو به ڪري ڇڏيو جو پنهنجي سپاهين جون چوٽيون به بحال ڪري ڇڏيون جن کي فرانسين جي ناپاڪ هٿن ڪَپي ڇڏيو هو.
بادشاهن مان به ڪي ترقيءَ جا حامي هئا، تنهنڪري ويورٽمبرگ جي بادشاهه پنهنجي رعيت کي هڪ اهڙو آئينُ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو جنهن ۾ هڪ پارليامينٽ قائم ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو. ان مقصد لاءِ هن رياستن جي نمائندن کي گڏ ڪيو، پر پوءِ هڪ اهڙي ڳالهه ٿي جيڪا رڳو جرمنيءَ ۾ ئي ٿي پئي سگھي. رياستن جي نمائندن بادشاهه جي روشن خيال اڳڀراين کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ”پراڻا سٺا قانون“ ئي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ٺيڪ ساڳيءَ طرح جيئن هائني جي نظم ”چيني شهنشاهه“ ۾ ٿيندو آهي:
جيڪڏهن انقلاب جي موجوديءَ سان چينُ ملي
ته چوڻ لڳن ٿا پاڻ ۾ مانچو جا امير
ضرورت ان جي آ ته هڻو تريُن تي ڏنڊا
هتي اسان کي ڀلا آئينَ جي ضرورت آ ڪهڙي!
ڇا ان قسم جي حالتن ۾ ڪا اهڙي تحريڪ اڀري سگھي ٿي جيڪا ڪنهن به نموني بنيادي تبديليءَ جي خواهش رکندڙ هجي؟ ڇا ان ڳالهه جي ذرڙي اميد به ڪري سگھجي ٿي ته عوام پنهنجي ملڪ جي مقدر ۾ مداخلت ڪندا ۽ پنهنجي مرضيءَ جو آزاديءَ سان اظهار ڪندا؟
جرمن بورجوازِيءَ پنهنجون سموريون اميدون پروشيائي بادشاهيءَ سان ڳنڍي ڇڏيون هيون ۽ ان کي هڪ اهڙي قوت سمجھڻ لڳي هئي جيڪا ملڪ ۾ معاشي ۽ سياسي ارتڪاز ڪري پئي سگھي. پاڻ ۾ خانداني جھيڙا ۽ ملڪ جو ننڍا ننڍا ٽُڪر ٿيندو رهڻ هر ڏينهن جون عام ڳالهيون هيون. انهن حالتن ۾ هڪ گڏيل بورجوا رياست جو آدرش جرمن بدتهذيب جي لاءِ قومي آرزوئن ۽ اميدن جو طلسم ٿي پيو هو. ”رياست جي ان حالت سان درٻاري ملازمن جي اهڙن خيالن جي وضاحت به ٿي وڃي ٿي جيڪي ٻيو ڪٿي به نه ٿا ملن، ۽ رياست جي باري ۾ انهن سڀني خوش فهمين جي به، جيڪي جرمنيءَ ۾ عام آهن.“
جرمن بدتهذيب رڳو اقتدار تي قابض صاحبن جي اطاعت گذاريءَ تي راضي رهندڙ نه هئي. اها خدا جي به اطاعت گذار هئي جنهن کي اها ”پنهنجيءَ دل ۾ سانڍيو پئي گھمندي هئي.“ جرمنيءَ ۾ ئي عيسائيت جي سڌاري (ريفارميشن) ۽ پروٽسٽنٽ عقيدي جو جنم ٿيو هو ۽ مذهبي تقوى جو جذبو، جيڪو ”اخلاقي پاڪيزگيءَ“ ۽ خدا سان محبت جو مطالبو ڪندڙ هو، خاص طور سگهارو هو.
غلاميءَ (جي سڀني صورتن) ۽ مڪار اخلاق ۽ ان جي اخلاقي بندشن سميت مذهب جي جائز اولاد جي حيثيت سان بدتهذيب جي تنگ نراڙ تي ماءُ پيءُ ٻنهي جي ڇاپ موجود هوندي آهي. اهو مالڪ به ٿي سگھي ٿو ۽ نوڪر به، اهو معمولي ڪٻاڙي به ٿي سگھي ٿو ۽ سستن خيالن جي کوٿِ کپائيندڙ به. ۽ هر صورت ۾ پاڻ کان برتر جي آڏو، پوءِ کڻي اهو مالڪ هجي، بادشاهه هجي يا خدا هجي، ان جا پير چمڻ ۽ نوڪري چاڪري ڪرڻ ئي ان جي نمايان خاصيت هوندي آهي. اها اطاعت گذاري سوين سالن تائين پلجندي، وڌندي ۽ پختي ٿيندي رهي ۽ پوءِ بدتهذيب لاءِ سندس نفسيات، سندس روحاني دنيا جي لاءِ هڪ اندرِين، لاشعوري ضرورت بڻجي پوي ٿي. هن جي خيالن ۽ احساسن تي ڪٽر اصولن جي اوٽ اچي ٿي، هن جي دل ۽ هن جو دماغ ٻَنڌڻن ۾ ٻڌجي وڃن ٿا ۽ اهو ساڳيءَ طرح ان جي عزت ڪري ٿو. اهو ڪجھ حڪمن، مٿان ايندڙ گشتي حڪمنامن ۽ هدايتن کان سواءِ پنهنجيءَ زندگيءَ جو تصور به نه ٿو ڪري سگھي. جڏهن هن کي آزاديءَ سان قدم وڌائڻ جو موقعو ملي ٿو ته اهو ڄڻڪ اندر ۾ بي چيني ٿو محسوس ڪري. جيڪڏهن کيس پنهنجي مرضيءَ تي ڇڏيو وڃي ته هُو ڪڏهن آزاديءَ جي چونڊ نه ڪندو.
ان زماني جو پروشيائي بدتهذيب ضابطي (ڊسپلين، نظم ۽ ضبط) جو ڏاڍو شيدائي هو. ”اعلى حضرت شهنشاهه“ جي بيرڪن جو تربيت ورتل بدتهذيب، جنهن جي تربيت فوجي به هوندي هئي ۽ ذهني به، ڏنڊي جي زور تي ڪرايل ضابطي کي وڏي خوشيءَ سان قبول ڪري وٺندو هو ۽ ڏاڍي خلوص سان يقين رکندو هو ته انهيءَ ئي ضابطي تي سڄيءَ دنيا جو دارومدار آهي. ڏنڊي جي لاءِ هو سچ پچ ”ڪتن جھڙي“ شفقت محسوس ڪندو هو ۽ پنهنجي مالڪ سان وفاداريءَ جي ثبوت لاءِ هُو هر ان ماڻهوءَ کي چَڪي چٻاڙي کائڻ لاءِ تيار هو جيڪو ان ڏنڊي کي ڦرڻ جِي ڪري. ۽ ”فسادين“ کي ڪُٽڪو ڏيڻ لاءِ هو پاڻ وڏيءَ خوشيءَ سان ضابطي جي ڏنڊي جو ڪردار ادا ڪندو هو.
بدتهذيب تي خود پنهنجي تقوى جو، پنهنجي ورتاءَ جي ناقابل اعتراض طور ”اخلاقي“ هئڻ جو اهڙو نشو چڙهيل هوندو آهي جو هر ڪنهن (غريب توڙي امير) کي ”اخلاقيات جو سبق سيکارڻ“، سڀني کي صحيح رستي تي هلائڻ پنهنجو مقدس فرض سمجي ٿو. هو هر ان شَي کان اڻ ڄاڻائيءَ کي خوبي سمجھي ٿو جنهن سان ڪنهن ماڻهوءَ کي سُڪون ۽ سهولت ڀرِي زندگي گذارڻ لاءِ مدد نه ٿي ملي.
مارڪس انهن مان هڪ جي تصوير هنن لفظن وسيلي بيان ڪئي آهي: ”ڪالهه گرائفسوالڊ کان هاسٖي آيا، جن جي سلسلي ۾ مون کي جنهن اڪيلي شَي تي اچرج لڳو ته اهي ها هنن جا زبردست ٽاپ بوٽ، جيڪي ڳوٺاڻن پادرين جهڙا هئا. ۽ هُو ڳوٺ جي پادريءَ جي ٽاپ بوٽ جيان ئي ڳالهيون ڪري رهيا هئا. هنن کي ڪنهن به شَي بابت ڪا به ڄاڻ ناهي پر هو بي ڪيف ۽ بي رنگ آنسليم آف ڪينٽربريءَ بابت هڪ ڪتاب ڇپائڻ جي تياري ڪري رهيا آهن جيڪو ڪيترن ئي جلدن ۾ ورهايل هوندو ۽ جنهن تي هو ڏهن سالن کان ڪم ڪري رهيا آهن. سندن خيال آهي ته هاڻوڪو تنقيدي لاڙو هڪ گَهڙي آهي جنهن تي قابو پائڻ گھرجي. هو مذهبيت بابت چون ٿا ته اها زندگيءَ جي تجربي جي پيداوار ٿيندي آهي، جنهن مان شايد سندن مطلب آهي پنهنجن ٻارن کي ڪاميابيءَ سان پالڻ تاتڻ ۽ سندن پنهنجا وڏا ڍِڍ، ان ڪري جو ٿُلهن ڍڍن کي هر قسم جا تجربا حاصل هوندا آهن ۽ جيئن ڪانٽ چوي ٿو: جيڪڏهن اهو هيٺ هليو وڃي ٿو ته ريح بڻجي پوي ٿو ۽ جيڪڏهن مٿي چڙهي ٿو ته مذهبي وجدان ٿي پوي ٿو. پنهنجي مذهبي قبضيءَ سميت هي متقي هاسي به ڪهڙا نه ماڻهو آهن!“•
هاسي جهڙي قسم جي بدتهذيبن کي شاندار تقريرون ڪرڻ جو شوق هوندو آهي ۽ هنن وٽ پنهنجي ڪِريل ۽ محدود ضرورتن کي ”دل ۽ دماغ“ جون ضرورتون ٻڌائي پيش ڪرڻ ۾ ڪو به عار نه هوندو آهي ۽ نه ئي انهن لاءِ پاڻ کي مجاهد سڏائڻ ۾ ڪو عار هوندو آهي، جڏهن ته اهو ذڪر اجايو نه ٿيندو ته اهي هميشه ”پوئين پساهه تائين“ مجاهد ناهن، پر ”پيٽ خاطر“ مجاهد هوندا آهن.
پنهنجيءَ سوچ جي خماريل نفسيات کي حق جي ڳولا ۾ رومانِي جَهان گشتي ڄاڻائي اهي پاڻ کي مفڪر جي حيثيت سان پيش ڪرڻ گھرن ٿا پر عام طور الاهي حڪم (قضا) کان اڳتي وڌي نه سگھندا آهن. اهي گٺل پيٺل، ڪِريل خيالي ڳالهين ۽ ”روح افزا“ بيهودائپ جي اونداهين گھٽين ۾ پنهنجي گھٽ عقليءَ تي روشني وجھندا آهن.
مارڪس انگريز اخلاق پرست جيريمِي بينٽم (1748ع - 1832ع) کي، اڻويهين صديءَ جي بورجوا عقل جٖي سنجيدگيءَ سان علميت جهڙيءَ ۽ بيزار ڪندڙ ڄاڙِي باز غيب جي مفتيءَ کي، ”بورجوا بيوقوفيءَ جي انداز ۾ عالِي دماغ“ کي ”بدتهذيبن جي ڏاڏي آدم“ جو نالو ڏنو هو. ”سادڙي بيوقوفائپ“ سان بينٽم اعلان ڪيو ته بدتهذيب ئي، جيڪي پنهنجي خودپرستيءَ وارن مفادن کي انهن سڀني شين جو پيمانو سمجھي ٿو جيڪي سماج لاءِ ”فائديمند“ آهن، مثالي انسان آهي.
مارڪس ”ناڻي“ (”سرمائي“) ۾ لکيو آهي ته ”فلسفين ۾ بينٽم ايئن ئي آهي جيئن شاعرن ۾ مارٽن ٽپر.“ پوئين صديءَ جي وچ ڌاري ٽپر کي انگريز تنگ نظرن جي حلقي ۾ ڏاڍي مقبوليت حاصل هئي جن کي هن جي نظمن جو انتهائي غلط خيالي پڻو ۽ ڏيکاءَ جي بلاغت پنهنجي ذوق مطابق معلوم ٿيندي هئي. مارڪس پنهنجي ”اعتراف“ ۾، جيڪو 1865ع ۾ سندس وڏين ڌيئرن پاران هڪ سوالنالو هو، ”توهان جي چِـڙ؟“ جي جواب ۾ لکيو هو ”مارٽن ٽپر.“ مُنشين، ذليل سياسي سازشين ۽ بي لياقتي واتوڙين جي سڄي لوڌ مان، جنهن سڄي زندگي مارڪس کي بي رحميءَ سان اذيت ڏني هئي، مارڪس بنا ڪا غلطي ڪرڻ جي هڪ نانءَ جي چونڊ ڪئي هئي. هڪ اهڙي ماڻهو جو نالو، جنهن سان ذاتي طور سندس واسطو ڪڏهن به نه پيو هو پر جيڪو مارڪس جي نظرن ۾ سَستي ڪاميابيءَ جو پيڪر هو، جنهن جي ڪري تنگ نظرن جي ڪِريل مذاق جي تسڪين ٿيندي آهي، جيڪو ادبي بدتهذيبي جو مجسم هو.
ان قسم جو بدتهذيب ”نظرئيدان“ انهن سڀني شين جي پوڄا ڪندو آهي جيڪي اُوچيون، روماني ۽ ”عيني“ آهن ۽ ”واهيات ماديت“ کان نفرت ڪندو آهي. ماديت مان بدتهذيب جي مراد هوندي آهي گھڻو کائڻ، بدمستي، نفسانيت، جسماني لذتون، غرور، هوَس، بُخل، حرص، نفعو کائڻ ۽ سِٽي بازار جا ڌوڪا ـــــــــ ٿورڙي ۾ اهو، ته اهي سموريون بُڇڙيون بدڪاريون جيڪي هو پاڻ ئي ڳجھ ڳوهه ۾ ڪندو رهندو آهي. ”عينيت“ جي لفظ مان هُو سمجھندو آهي نيڪيءَ تي ايمان، عام رحم جو صلو ۽ ”سٺي دنيا“ تي ايمان، جنهن بابت هُو ٻين آڏو وڌي چڙهي ڳالهيون ڪندو آهي، جنهن تي هو پاڻ ان وقت تائين يقين رکندو آهي جيستائين خمار جي ڪري مٿي ۾ سُور هوندو اٿس يا جڏهن هُو ڏيوالي جو شڪار ٿيندو آهي جيڪو هن جي عادتي ”ماديت پرستاڻي“ فضول خرچيءَ جو نتيجو هوندو آهي. ۽ تڏهن هو پنهنجو پسنديده راڳ آلاپڻ لڳندو آهي: ”ڇا آهي هيءُ انسان، اڌ فرشتو، اڌ حيوان.“
ڇا جڏهن هائنرخ هائني شعر لکيا هئا ته سندس ذهن ۾ بدتهذيب جو اهو ئي راڳ نه هو:
نه مان بُرو آهيان، نه ئي سٺو آهيان،
نه تِکو هلندو آهيان ۽ نه ئي هوريان،
ڪالهه جو اڳتي وڌيو هئس،
ته اڄ مون کي پٺتي موٽڻو آ،
ظلمت تي فدا آهيان روشنيءَ ۾،
نه مان آهيان گھوڙِي، نه آهيان گھوڙو،
سوفوڪليز ۽ ڪينوت• ٻنهي سان
هُنر جو فائدو ڪرڻ وارو.
ها، هي ”سوفوڪليز ۽ ڪينوت“ جا جوشيلا شيدائي وڏا جذباتي هوندا آهن! ”اها ئي بدتهذيب ڪميڻائپ جنهن کي پورهيت (پرولتاريءَ) ۾ هڪ نفرت جوڳي ۽ بدعنوان ڦاٽل حال کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نظر نه ايندو آهي ۽ جيڪو جونِ 1848ع ۾ پيرس واري عام قتل تي مطمئن ٿي پنهنجا هٿ مهٽيندو آهي جڏهن انهن ’ڦاٽل حال ماڻهن‘ مان 3-هزار ماڻهو ڪُٺا ويا هئا ـــــــ اها ئي ڪميڻائپ ان مذاق تي ڏاڍي ناراض ٿيندي آهي جنهن جو شڪار جانورن سان بي رحميءَ جي خاتمي وارين جذباتي تنظيمن کي بڻايو ويندو آهي.“
ظاهر آهي ته بدتهذيبيءَ جا ڪيترائي پاسا هوندا آهن. اها اهڙي نفاست واريون، مهذب صورتون به اختيار ڪري سگھندي آهي جن جي ڪري سولائيءَ سان سڃاڻي نه سگھبِي آهي. اها فيشن جي پابند هوندي آهي ۽ هر نئين دَور ۾ پنهنجو لباس بدلائي ڇڏيندي آهي.
اڻويهين صديءَ جي ابتدا ۾ بدتهذيبي جرمن سماج جي سڀني رڳن ۾ ويهجي وئي هئي، ان جي ڇُوت سائنس، شاعريءَ ۽ سياست کي چهٽي چڪي هئي.
پر ظاهر آهي ته بدتهذيب جرمني ئي سڄِي جرمني نه هئي. اڀرندڙ پورهيت جي، ”سائيليشيا جي بئنڪرن“ جي جرمني به هئي جيڪا هائني جي چواڻي ”ڪُوڙي وطن لاءِ بد دعا“ بڻجي رهيا هئا. ليسنگ، گوئٽي، ڪانٽ، فيختي ۽ هيگل جي جرمنيءَ به وجود رکيو پئي، پر گوئٽي ۽ هيگل جھڙن روحن جا ديوَ به، جيڪي پنهنجي زماني کان گھڻو مٿي، بدتهذيبي جي ڌُٻڻ کان گھڻو اُوچا هئا، ڪڏهن ڪڏهن ان ڌٻڻ ۾ وڃي ڪِرندا هئا ۽ اُها انهن جا پير پڪڙي وٺندي هئي، پوءِ به انهن سان انهن سڀني ماڻهن جون اميدون ڳنڍيل هيون جن ”رُوءِ زمين تي جنت جوڙڻ“ بابت هڪ ”نئون گيت شروع ڪيو“ هو.
1840ع کان پوءِ واري ڏهاڪي ۾ يعني ان وقت تائين جڏهن مارڪس ۽ اينجلس سماجي سرگرمين جي ميدان ۾ نروار ٿيا، جرمنيءَ پنهنجي ”خواب لهندڙ بي عمليءَ“ مان نڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. اها انقلاب جي حامل ٿي چُڪي هئي ۽ جرمن ڪلاسيڪي فلسفي هن جي لاءِ هڪ قسم جي نظرياتي تياريءَ جو ڪم ڪيو هو.
هائني جائز چيو آهي ته جيئن اڳ والٽيئر جو ٽهڪ گونجيو ۽ تڏهن بادشاهه مٿان گلوٽين ڪري، جيئن مونتيسڪيو، روسو ۽ ديدرو جا خيال، جن فرانسي سماجي شعور ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو، 18-هين صديءَ جي پوياڙيءَ ۾ سياسي انقلاب جي تمهيدَ هئا، اهڙيءَ طرح گوئٽي جي اداس ميفسٽوفليزي مُرڪ ۽ ڪانٽ ۽ هيگل جي پُرفڪر نظرياتي لکتن دنيا منجھ جرمنيءَ ۾ ايندڙ انقلاب جو پڙهو گھمائي ڇڏيو.
ڪانٽ جي فلسفي جي پرورش هڪ طرف ته فرانسي انقلاب جي خيالن ڪئي ته ٻئي طرف ان زماني جي قدرتي سائنسن جي ڪارنامن. هن جي سمنڊ جھڙي وسيع ذهن سڄي ڪائنات جو گھيرو ڪرڻ، انهن سڀني سوالن جا جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪي اڳوڻي مهيا ڪيل سوچ علم هيئت (فلڪي شين بابت علم) ۽ رياضيءَ کان ويندي اخلاقيات ۽ جماليات تائين پيش ڪيا هئا.
روسو جي رند تي هلندي ڪانٽ اعلان ڪيو ته انسان ٻين مقصدن کي حاصل ڪرڻ جو وسيلو نه، پر پاڻ ئي سماجي ارتقا جو غرض وارو اصلي وجود آهي. خود پرستيءَ وارن، مالڪيءَ وارن مفادن جي مقابلي ۾ هن اخلاقي فرض جي اعلى گھرج کي رکيو: اهڙيءَ طرح عمل ڪيو جيئن هر ماڻهوءَ کي عقل جي حڪمن مطابق عمل ڪرڻ گھرجي. هن عوامي اقتدار جي خودمختياريءَ وارن ۽ قانون آڏو سڀني جي برابر هئڻ وارن خيالن کي نکاريو ۽ سينگاريو.
ڪانٽ انسان جي عقل، ان جي سمجھڻ ۽ تخليق ڪرڻ جي صلاحيت کي فلسفياڻي ڇنڊڇاڻ جو مرڪزي موضوع بنايو. هن حاڪماڻي مذهبي فڪري نظام جي ڏنڊا ٻيڙين کان شڪ جي ديوَ کي آزاد ڪرايو ــــــــ ”خدا پاران مَـڙهيل“ سچائين جي قطعي ۽ مطلق هجڻ تي شڪ، ڪڏهن به مڪمل ۽ آخري علم حاصل ڪري وٺڻ واري اسان جي صلاحيت تي شڪ. سمجھ ۾ نه اچڻ جوڳي ”شين جي وجود“ ۾ ڪانٽ خدا کي به شامل ڪري ڇڏيو ۽ اهڙيءَ طرح جرمنيءَ ۾ مذهب جي فلسفياڻي تنقيد جو بنياد رکيو.
پر ڪانٽ کي خيال جي غيرمعمولي همت ۽ بي عيب مضبوطيءَ جو الزام ڏيڻ ڏکيو ٿيندو. هو نظريي جي ميدان ۾ به پيدائشي انقلابي نه هو. ڪا به وِک اڳتي وڌائيندي هُو هميشه پوئتي مُڙي ڏسندو هو. هن ڪوشش ڪئي ته هو فرانسي انقلاب مان ۽ قدرتي سائنسن ۾ انقلاب مان وجدان پرايل روشن خيالن کي جرمن فلسفي ۾ ڳجھ ڳوهه ۾، ”چور در“ مان داخل ڪري ڇڏي، انهن کي اهڙيءَ طرح پيش ڪري، جو تنگ ذهن جرمن بدتهذيب کي ان مان صدمو نه پهچي. هن انتهائي ناقابل يقين طور تي پاڻ منجھ بورجوا لبرل ۽ بادشاهه پرست، تشڪيل پرست ۽ معقوليت پسند، ماديت پسند ۽ خيال پرست خدا جو انڪاري ۽ نفاست پسند مذهبي بچاءُ ڪندڙ (خوبين کي) گڏ ڪري ورتو.
ڪانٽ جي مجبورين، نِيم دِليءَ ۽ احتياط تي ٽوڪ منجھان تنقيد ڪندي هائني ”خيال جي مملڪت جي ان ڦورُوءَ“ جي ڀيٽ فرانسي جيڪوبين جي اڳواڻ ميڪسملن روبيسپيئر سان ڪئي آهي جنهن جو نالو ئي فرانس جي امير طبقي ۾ دهشت پکيڙڻ لاءِ کوڙ هو، پوءِ به هائني اها کوجنا ڪري ٿو ته انهن ۾ ڪا شَي هڪجھڙي آهي ۽ اها شَي سڀ کان پهريائين اُهائي اٽل، سمجھوتو نه ڪرڻ وارِي، بي مزي، سنجيدي ديانت آهي. ان سان گڏ ٻئي ”بي اعتماديءَ جي مهارت“ رکن ٿا. فرق رڳو هيءُ آهي ته هڪَ ان جو استعمال خيالن تي ڪيو ۽ ان کي تنقيد جو نالو ڏنو، جڏهن ته ٻئي ان جو اطلاق انسانن تي ڪيو ۽ ان کي جمهوري خوبيءَ جو نالو ڏنو. ۽ نيٺ ”ٻنهي ۾ بهرحال تنگ نظريءَ جو نمونو ئي نمايان هو ـــــــ فطرت انهن کي چانهه ۽ کنڊ تورڻ لاءِ پيدا ڪيو هو پر مقدر هڪ جي لاءِ بادشاهه کي ۽ ٻئي جي لاءِ خدا کي تارازيءَ جي پُڙ ۾ رکي طَي ڪيو ته اهي ٻين شين کي تورِن...“•
اهي لفظَ روبيسپيئر جي سلسلي ۾ ڏاڍا سخت آهن، پوءِ به ڪانٽ جي سلسلي ۾ هر اکر صحيح آهي جنهن جي هڪ هٿ ۾ خدا جي لاءِ ”موت جي سزا“ آهي پر جيڪو پنهنجي ٻئي هٿ ۾ ”جان جي بخشش جو حڪم نامو“ پڪڙيو بيٺو آهي.
هائني هيٺ ڏنل منظر کي ڏاڍي دلچسپ نموني لکيو آهي، جنهن ۾ الميي کان پوءِ بڇڙو مذاق اچي ٿو. شروع ۾ ايمانوئيل ڪانٽ بي رحم فلسفيءَ جو ڪردار ادا ڪري ٿو، آسمان تي ڪاهه ڪري قلعي جي سڄي نگهبان فوج کي پُورو ڪري ڇڏي ٿو ۽ خدا جي وجود جي سڀني دليلن کي رد ڪري ڇڏي ٿو ۽ دنيا جو اعلى حاڪم، جنهن جو وجود ڪُوڙو ٿي چڪو آهي، پاڻ پنهنجي ئي رت ۾ ترندڙ هوندو آهي. هاڻي نه ته ڪو ڪُل رحمت آهي، نه پيءُ واري عنايت آهي ۽ نه ئي هن دنيا ۾ تياڳ جي صلي ۾ ٻيءَ دنيا ۾ انعام آهي. روح جي بقا پنهنجي آخري ڪَربَ ۾ مبتلا آهي ـــــــ ساهه اُکڙي چڪو آهي ۽ سُور کان سَٽون پيو کائي. ۽ ڪانٽ جو وفادار نوڪر، ڪراڙو لامپٖي، جيڪو سڄي زندگي پروفيسر جي پويان پويان سندس ڇٽي کنيو پيو هلندو هو، اهو سڀ ڪجھ هِيسجي ڏسي ٿو. هن جو مُک پريشانيءَ جي ڪري پگھر ۾ شَل آهي ۽ اکين مان ڳوڙها ڳڙي رهيا آهن.
تڏهن ايمانوئيل ڪانٽ کي رحم اچي ٿو ۽ هُو ڏيکاري ٿو ته هُو رڳو هڪ عظيم فلسفي ئي نه، پر هڪ مهربان انسان به آهي. هُو غور ٿو ڪري ۽ ڪجھ نيڪ دليءَ ۽ ڪجهه ٽوڪ مان چوي ٿو: پوڙهي لامپي لاءِ هڪ خدا ضرور هجڻ گھرجي، نه ته ويچارو ماڻهو خوش رهي نه سگھندو ــــــ پر ماڻهوءَ کي زمين تي خوش رهڻ گھرجي ـــــــ يعني عملي عقل موجب. چڱو، ٺيڪ آهي، عملي عقل خدا جي وجود جو ڪارڻ بڻجي پوي.
جيتوڻيڪ ڪانٽ ۾ بدتهذيبيءَ جو عنصر هن جي اخذ ڪيل فلسفياڻن نتيجن ۾ به غالب اچي ويو، پوءِ به سندس لکڻين ۾ جيڪو تنقيد جو جذبو شامل هو، ان جرمنيءَ ۾ هڪ زبردست ذهني آنڌ مانڌ پيدا ڪئي، اهڙي آنڌ مانڌ جنهن جي پڄاڻي فيختي، شيلنگ ۽ خاص طرح هيگل جي فلسفي تي ٿي.
هيگل ڪانٽ جي شروع ڪيل فلسفياڻي انقلاب کي ان جي منطقي خاتمي تي پهچايو. هيگل جي لکڻين ۾ نظرياتي سوچ تي تنقيدي قوت خود سندس نکاريل سنواريل جدلياتي شاهه راهه جي مدد سان هڪ طاقتور هٿيار حاصل ڪري ورتو. هيگل جي جدليات ان خيال کي زبردست نموني غلط ثابت ڪري ڇڏيو ته ڪو به نظرياتي اصول پوريءَ طرح مطلق ۽ لافاني هوندو آهي ۽ ان سان گڏ ئي ان خيال کي به ته ڪو به سماجي نظام لافاني ۽ دائمي هوندو آهي. هيگل جنهن جدلياتي فلسفي کي نکاريو ۽ سنواريو، ان کي بيان ڪندي اينجلس لکيو ته ان جي لاءِ ڪا به شَي قطعي ۽ مقدس نه هئي. ”اهو هر شَي کي ۽ هر شَي ۾ عبوري ڪردار کي بي نقاب ڪري ٿو.“
هيگل جي ان مشهور مقالي جي ته ”هر شَي جيڪا حقيقي آهي اها معقول آهي ۽ اهو سڀ ڪجھ جيڪو معقول آهي، اهو حقيقي آهي“ جِي تفسير ان مفهوم ۾ به ڪري سگھجي ٿي ته انساني تاريخ جي دائري ۾ وقت سان گڏ هر شَي غيرمعقول ٿي وڃي ٿي ۽ نتيجي ۾ ان لائق ٿي وڃي ٿي ته انقلاب ان کي برباد ڪري ڇڏي.
هائنرخ هائني هڪ عظيم شاعر ئي نه، پر ڳُوڙهو فلسفي به هو ۽ فلسفي جو اڀياس هن پاڻ هيگل جي اڳواڻيءَ هيٺ ڪيو هو. هن بيان ڪيو آهي ته ڪيئن هو استاد ”جي پويان بيٺو هو“ جڏهن هيگل پنهنجي جدلي نگارشن (لکڻين) جي موسيقي ترتيب ڏئي رهيو هو.
”اهو سچ آهي ته هن تمام غير واضح ۽ گَهڙيل علامتن ۾ لکيو هو ته ان کي هر ماڻهو نه پڙهي سگھي. ڪڏهن ڪڏهن مون کيس ڏٺو ته هو ڳڻتيءَ منجھان هيڏي هوڏي ڏسندو هو ان ڀَوَ کان، ته ڪٿي ڪو سمجھي نه وڃي. هو مون تي ڏاڍو مهربان هو، ان ڪري جو کيس پڪ هئي ته مان سندس راز کي ظاهر نه ڪندس. اهڙي وقت ۾ مان هن کي خوشامدي به سمجهندو هوس. هڪ ڏينهن جڏهن مون ’هر شَي جيڪا حقيقي آهي اها معقول آهي‘ لفظن تي اعتراض ڪيو ته هو ڏاڍي عجيب انداز ۾ مرڪيو ۽ چيائين، ’ان جي معنى اها به ٿي سگھي ٿي ته اهو سڀ ڪجھ جيڪو معقول آهي ان کي ضرور حقيقي هئڻ گھرجي.‘ هن تڪڙ ۾ هيڏي هوڏي ڏٺو پر جلد ئي مطمئن ٿي ويو ان ڪري جو هن جيڪو ڪجھ چيو هو ان کي رڳو هائنرخ بيئر ٻڌو هو. چڱي وقت کان پوءِ ان ڳالهه جا جزا مون کي سمجھ ۾ آيا، ۽ پوءِ ئي اهو به منهنجي سمجھ ۾ آيو ته هن تاريخ جي فلسفي ۾ ڇو اها دعوى ڪئي هئي ته عيسائيت ترقي پسند آهي ان ڪري جو اها هڪ اهڙي خدا جي تبليغ ڪري ٿي جيڪو مري چڪو آهي، جڏهن ته بُت پرست جو خدا موت کان اڻڄاڻ هو، ته پوءِ اها ڳالهه قبول ڪرڻ ۾، ته خدا جو وجود ڪڏهن هو ئي نه، ترقي (وري) ڪهڙي ٿي!...“
جيئن ”فائوسٽ“ ۾ ميفسٽوفليز چوي ٿو تيئن ئي هيگل به چئي سگھي ٿو ته ”مان اهو روح آهيان جيڪو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ منڪر ٿيندو پيو وڃي ۽ اهو صحيح آهي ـــــــ ان ڪري جو جيڪو ڪجھ وجود ۾ ايندو آهي اهو فنا جو حقدار آهي.“
پر پنهنجي جدليات سان دنيا کي ذرو ذرو ڪري ڇڏڻ واري ”ميفسٽوفليزي“ نتيجا اخذ ڪرڻ خود هيگل جي وس ۾ نه هو. هُو نهايت عزت وارو شهري ۽ پروشيا جي بادشاهه جو وفادار نوڪر هو.
ڪانٽ جيان هيگل به سائنس ۾ بدتهذيب ئي رهيو. هن جدليات جي تلوار کي مياڻ مان ڪڍيو ته سهي، پر رڳو ان لاءِ ته جيئن ان کي پنهنجي نظام جي ڪَٽُ لڳل مياڻ ۾ رکي ڇڏي، مياڻ کي پنهنجن چپن تائين آڻي، ”شجاعت سان“ گوڏن ڀر جُهڪٖي ۽ پنهنجو سيس به ان مشهور ننڊ جي تُرٖي سميت پنهنجي حاڪم فريڊرڪ ولهلم ٽين جي درگاهه ۾ جھڪائي ڇڏي جنهن جي صلي ۾ هن کي سرڪاري فلسفيءَ جو لقب مليو.
جرمن ڪلاسيڪي فلسفي جي ورثي مان ”انقلاب جي آلجبرا“ انهن لفظن جي صحيح معنى ۾ تخليق ڪرڻ لاءِ ٻين دماغن جي، ٻين ڪردارن جي ضرورت هئي، اهڙن ماڻهن جي جيڪي پراڻي سماج جي سڀني بدتهذيبي وارين ٻيڙين کان آزاد هجن، جيڪي پنهنجي دَور کان گھڻو اتم هجن، اهڙا ماڻهو جيڪي پاڻ پنهنجي سوچ جي نتيجن کان ڊنل نه هجن ۽ کين بنا ڪنهن هراس جي عمل ۾ آڻي سگھن، اهڙا ماڻهو جن وٽ علم سان وفاداري ۽ انقلاب سان لڳاءُ ئي اڪيليون وفاداريون هجن.
عظيم ماڻهو اتي ۽ ان وقت نروار ٿيندا آهن جتي ۽ جڏهن انهن جي عظيم عملن لاءِ حالتون رچي راس ٿيون هجن. جنهن سال هيگل جي وفات ٿي، ان سال تيرهين ورهين جو هڪ ڇوڪر ڪارل مارڪس ٽرائر جي جمنازيم ۾ پڙهي رهيو هو ۽ ان شهر کان ٿورڙو پرڀرو، بارمن ۾، يارهن ورهين جو فريڊرڪ اينجلس رهندو هو. ٻئي رهائن لئنڊ جا اصلوڪا رهاڪو هئا. ڇا اهو رڳو اتفاق هو؟
رهائن لئنڊ تي ٻن عظيم تهذيبن جو اثر هو ــــــــ جرمن ۽ فرانسي. نپولن جي زماني ۾ رهائن لئنڊ فرانس جو حصو هئي. باقي جرمني جي ابتڙ هتي جاگيرداري رسمون ۽ رواج پوريءَ طرح پورا ڪيا ويا هئا.
پر رهائن لئنڊ وارا جڏهن ٻيهر پوئتي پيل پروشيائي فرمانروائيءَ هيٺ آيا ته انهن کي اڃا به گھڻي مايوسي ٿي. ڀيٽ ڪرڻ سان فرق تمام گھڻو هو! اها بلڪل قدرتي ڳالهه هئي ته رهائن لئنڊ ۾ ڪجهه رياستي عهديدار به روشن خياليءَ ۽ معقوليت پسنديءَ جي نمائش ڪندا هئا.
پاڙي ۾ فرانس کي ڌونڌاڙيندڙ انقلابي طوفانن جي گاج رهائن لئنڊ ۾ ڏاڍي چِٽي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. ان جي سهاري فرانسي ماديت پسنديءَ ۽ روشن خياليءَ جي خيالن جو وهڪرو جرمني ۾ داخل ٿي ويو. ڪنهن به ٻي جاءِ کان وڌيڪ رهائن لئنڊ ۾ ئي قدرتي طور جرمن ڪلاسيڪي فلسفي جا خيال خيالي (خاص طور سينٽ سائمن جي) سوشلزم جي خيالن سان ٽڪر ۾ آيا. هتي پاڙيسرين جا مزيدار، پُرمسرت، ٽوڪ جا تيرَ ۽ نشتر هڻڻ واري فن جي روح جرمنن جي خيالن ۽ احساسن تي هڪ حياتي بخشيندڙ اثر وڌو جيڪو جذباتي شاعري، وچين دَور جي درٻاري رومانن ۽ ڪليسا جي گانن تي پَليا هئا.
ان سان گڏ رهائن لئنڊ ۾ جرمنيءَ جي سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته ۽ گهڻ قسمي صنعت هئي ۽ ان جو نتيجو اهو هو ته صنعتي پورهيت جي، پراڻي سماج جي ”قبر کوٽيندڙ“ جي ڳڻپ به هتي ئي سڀ کان وڌيڪ هئي.
نه اهو ڪو اتفاق نه هو جو مارڪس ۽ اينجلس جي پيدائش جرمنيءَ جي رهائن لئنڊ ۾ ٿي.