تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڏاهپ جو جنم

سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي پاران روشن خيال تعليمي ڪتابي سلسلي جو 14 نمبر ڪتاب ”ڏاهپ جو جنم“ پيش آهي. هي اهم ڪتاب ڪارل مارڪس جي شخصيت ۽ عالمي نقطي نظر جي اوسر بابت آهي. ڪتاب جو ليکڪ گينرخ وولڪوف آهي جڏهن ته سنڌي ترجمو ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ۽ رياضت ٻرڙي پاران ڪيو ويو آهي.
Title Cover of book ڏاهپ جو جنم

”آهي ڳالهه سِڌي، خدائن کان مون کي نفرت آهي“

ٽوڪيانسِ ٿو ته سامهون اچ مقابلي تي،
تون هڪ ديوَ جھڙي دنيا، حقير، بدڪردار،
هڪ آهه ڀري ٿي، ڊهي پوي ٿي اتي جو اتي،
اهڙيءَ طرح مان رهان ٿو وري به شعلهء بار.
۽ هڪ خداوندي شانَ سان، بنا ڪنهن خلل جي،
مان هن کنڊر ۾ فاتح جيان پيو ٽِلان.
منهنجي زبان جو هر قول باهه ۽ عمل،
جو منهنجو سينو آهي هاڻي
هر ڳالهه کان واقف خالق جو مرڪز.
ڪارل مارڪس
برلن ۾ شاگردي ڪارل مارڪس جي رڳو فلسفياڻي ئي نه، پر سياسي سمجھ جي به ارتقا جا سال هئا. اسين ڏسي چڪا آهيون ته هو جمنازيم جي سالن ۾ به هر رجعت پرستيءَ واري شَي لاءِ شديد بيزاري محسوس ڪندو هو. بون يونيورسٽيءَ ۾ هو نوجوان اديبن جي هڪ ادبي سنگت ۾ شامل ٿي ويو. ان تنظيم کي پوليس شڪ جي نگاهه سان ڏسندي هئي. بون يونيورسٽيءَ مان تعليم وٺي واندو ٿيڻ تي هن کي جيڪا سند ملي ان ۾ هڪ داخلا ان مضمون جي به هئي ته هُو ”ڪولون ۾ منع ڪيل هٿيار کڻي هلندو هو“.
ان ڳالهه ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش ڪانهي ته برلن ۾، جيڪو پروشيائي سلطنت جي گادي هو، مارڪس کي ملڪ جي سياسي زندگيءَ جي نبض کي وڌيڪ تيزيءَ سان محسوس ڪرڻ جو موقعو مليو. هو بنيادي تبديليءَ جي خواهش رکندڙ نوجوان اديبن کان واقف ٿيو. هانس هيفٽر جھڙن روشن خيالي هيگلي پروفيسرن جي ليڪچرن ۾ شريڪ ٿيو ۽ هن بحث جوڳن سائنسي، سياسي ۽ مذهبي سوالن تي شاگردن جي بحثن ۾ حصو ورتو.
ايئن ٿو معلوم ٿئي ته ڪارل پنهنجن سياسي قسم جي وڌندڙ شڪن بابت پنهنجي پيءُ کي ٻڌايو هو. هائنـرخ مارڪس پاڻ به هڪ چڱيءَ حد تائين ان قسم جا شڪ رکندو هو پر پوءِ به هو ان امڪان جي معمولي آثارن کان به ڊڄندو هو، ته هن جي پٽ ۾ ”گھڻا وڌيڪ کاٻيءَ ڌر“ وارا خيال پيدا ٿي پون، ان ڪري جو ان جو مطلب ٿيندو هن جي ڌنڌي واري ترقيءَ جو خاتمو.
هن پنهنجي پٽ ڏانهن 1836ع جي آخر ۾ لکيو هو ته ”قانون جي باري ۾ تنهنجا خيال سچائيءَ کان خالي نه آهن، پر جيڪڏهن انهن جو هڪ نظام ٺاهيو وڃي، ته اهي طوفان اٿاري سگھن ٿا ۽ توکي ان جو احساس نه آهي، ته علم رکندڙ صاحبن جي وچ ۾ طوفان ڪيتري قدر زوردار هوندا آهن؟ جيڪڏهن ان معاملي ۾ جيڪا شي ڌَڪُ رسائيندي آهي، خود ان کي پوريءَ طرح ختم نه ٿو ڪري سگھجي، ته گھٽ ۾ گھٽ هيئت ته صلح پسنداڻي ۽ قابلِ قبول هجڻ گھرجي“.
طوفانن کان بچ، صلح پسند ۽ قابلِ قبول ٿيءُ، ان شَي کي ختم ڪري ڇڏ، جيڪا ڌڪ رسائي ٿي!
هيءَ نصيحت هڪ اهڙي نوجوان کي ڪئي وئي هئي جنهن ۾ ان وقت به مغلوب نه ٿيڻ واري سرويچ جي باهه اوڳاڇيندڙ مزاج جو، مستقبل جي انقلابي طوفانن جي ”وِڄ وسائيندڙ عظيم خدا“ جو اندازو ڪري سگھجي ٿو.
پيءُ ۽ پٽ جي وچ ۾ غلط فهميءَ جو دائرو وڌنڌو پئي ويو. ايئن پئي لڳو ڄڻ شيشي جو ٽُڪرو انهن جي وچ ۾ اچي چڪو هو. هو هڪ ٻئي کي ڏسي هاڻي به مرڪندا هئا ۽ رشتيداريءَ جا انتهائي خلوص ڀريا جذبا هاڻي به انهن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيون بيٺا هئا، پر هاڻي انهن کي اهو ٻڌڻ ۽ سمجھڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي هئي ته ٻيو ڇا پيو چوي. ان سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ معنى رکندڙ آهي ڪارل مارڪس جي ان ڊگھي اعترافي خط تي پيءُ جو ردِ عمل، جنهن جو ذڪر گذريل باب ۾ آيل آهي.
سڄو سال مارڪس جي شديد محنت، هن جي عالماڻي ۽ شاعراڻي ڪاوش تي، سندس پيءُ پسند جو نه، پر ڏاڍي چِڙ ۽ بيزاريءَ جو اظهار ڪيو. هن پنهنجي پٽ تي ڳوڙهن ۾ ٻڏل ڌمڪين ۽ ملامتن جو حملو ڪري ڏنو. هائنـرخ مارڪس اهو محسوس ٿو ڪري ته اهڙي وقت ۾ جڏهن سندس مرڻ جا ڏينهن ويجھا آهن، جڏهن سندس ننڍڙو پٽ ايڊورڊ تازو ئي مري چڪو آهي، ته ڪارل، جنهن سان هاڻي سڄي ڪٽنب جون اميدون لاڳاپيل آهن، کيس سواءِ ڪَڙين مايوسين جي ٻيو ڪجھ به نه پيو ڏئي. هو اجايُن سرگرمين ۾ پنهنجو وقت، سگھ ۽ صحت پيو وڃائي، ”جيڪو ڪجھ اڄ پيو اَڏي، ان کي سڀاڻي برباد پيو ڪري“، هو پاڻ ”پنهنجي ڪم جو“ قدر نه ٿو ڪري ۽ ”ٻئي جي ڪم“ مان پورو فائدو نه ٿو وٺي، هو مبهم تجريدن تي، جيڪي ڪنهن به ڪم جون ناهن، ”اجائي ۽ غير ضروري“ علم تي، جنهن مان ڪجھ نه ٿو وري، پنهنجي لياقت کي وڃائي رهيو آهي.
هائنرخ مارڪس پٽ جي زندگيءَ جي نموني جو تصور ڪري بزدل ٿي پيو: ”بدنظمي، علم جي سڀني شين ۾ ٿڪل ٿڪل سياحت، هڪ اداس ڏيئي جي روشنيءَ ۾ ٿڪل ٽٽل سوچ ويچار، هڪ گلاس بِيئر پِي بدمست ٿيڻ بدران هاڻي عالم جهڙو ڊريسنگ گائون پهريل ۽ وار وکريل وحشي، هر قسم جي شائستگي، پر ايتري قدر جو پيءُ جو به ڪنهن به طرح خيال ڪرڻ کان غيرسماجي پاسو ڪرڻ. دنيا سان ربط ۽ ضبط رکڻ جو فن ڪم ڪرڻ جي هڪ گندي ڪمري تائين محدود ٿي ويو آهي جنهن جي روايتي بدنظميءَ ۾ شايد جيني جا پيار ڀريا خط ۽ پيءُ جي ڀلائي گھرندڙ تاڪيدون، جيڪي شايد لُڙڪن سان لکيون ويون، پائيپ ٻارڻ لاءِ استعمال ٿين ٿيون....“
اها ته ٿي حال جي ڳالهه پر مستقبل بابت؟ هڪ ”وحشي عالم“ سان هڪ ڪچي ڪوٺـڙيءَ ۾ زندگي گذارڻ جيني جهڙِي نينگريءَ لاءِ ڪو سندس شانَ جھڙو آئيندو ٿي سگھي ٿو؟ هائنرخ مارڪس جڏهن اهو سوچيندو هو ته جنهن وقت هن جي غيرعملي پُٽ جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ پيءُ جو هٿ نه رهندو، ته هن جو حشر ڪهڙو ٿيندو، تڏهن سندس اکيون رت ٿيون روئينديون هيون. هن کيس منٿ ڪئي ته ”بدروحن“ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ۽ شين کي سنجيدگيءَ سان عملي نظر سان ڏسي. هن ڪارل کي سندس والدين ۽ سندس مڱيندي ڏانهن فرضَ ۽ ذميواريون ٻڌايون. هن کي اميد هئي ته انهن کي پورو ڪرڻ سان سندس پٽ کي ”سچائيءَ“ جي راهه تي موٽي اچڻ ۾ مدد ملندي. انهن فرضن ۽ ذميوارين جي پورائي هڪ ”غير مهذب ڇوڪر کي هڪ باتميز انسان، هڪ نفي ڪندڙ ڏاهي دماغ کي هڪ خاص مفڪر، مٿي ڦريل نوجوانن جي هڪ سرواڻ کي هڪ اهڙو انسان بڻائي ڇڏيندي جيڪو سماج جي لائق هجي، جيڪو ايتري چڱي خودداري رکندو هجي جو بام مڇيءَ جيان ور وڪڙ هڻندو ۽ مُڙندو نه هجي، پر ايتري چڱي ذهانت ۽ سليقو رکندو هجي جو ان ڳالهه کي سمجھي ته اخلاق وارن ماڻهن سان گڏجي رهي ئي، هو پنهنجو پاڻ کي پنهنجي انتهائي خوشگوار ۽ فائديمند پاسي کان دنيا جي آڏو پيش ڪرڻ جو جيترو جلدي ممڪن هجي، هن دنيا جو احترام، محبت ۽ وقار حاصل ڪرڻ جو ۽ ان لياقت جو عملي استعمال ڪرڻ جو فن سکي سگھي، جيڪا قدرت ماتا ان کي واقعي فياضيءَ سان کيس عطا ڪئي آهي.“
اهي پنهنجي پُٽ لاءِ هن جا الوداعي لفظ هئا. هائنرخ مارڪس ايڏو بيمار ٿيو جو کٽ تي چئجي ويو، تان جو مئي 1839ع ۾ هن جو لاڏاڻو ٿيو. اوگسٽ ڪارنو ٺيڪ چوي ٿو ته هائنرخ مارڪس جي تڪڙي وفات هن جي ۽ سندس پُٽ جي وچ ۾ هڪ تلخ جھيڙو ٿيڻ نه ڏنو ۽ انهيءَ ڪري مارڪس سڄي زندگي پنهنجي پيءُ جي خوشي ڀري ياد تازي رکي سگھيو.
جيستائين مارڪس جي ماءُ هنريئيٽٖي جو سوال آهي، هوءَ پنهنجي پُٽ جي صحت بابت هميشه ڏاڍي ڳڻتي ظاهر ڪندي رهي، پر هوءَ مارڪس جي روحاني ڪاوشن کي صفا نه سمجھندي هئي. هوءَ 1863ع تائين جيئري رهي ۽ تاحيات پنهنجي پُٽ کي هڪ ڏکويل ناڪام پُٽ سمجھندي رهي. هوءَ ڏاڍي ڪڙاڻ مان چوندي هئي ته ناڻي بابت ڪتاب لکڻ کان وڌيڪ سُٺو هو ته هو ڪجھ ناڻو هٿ ڪري ها. پنهنجي ليکي هن ٺيڪ ئي سمجھيو پئي، ان ڪري جو ”ناڻي“ جي اشاعت ڪري ملڻ واري رايلٽي (اُجورو)، جيئن مارڪس پاڻ اعتراف ڪيو آهي، ان تماڪ جي قيمت جي برابر به نه هئي جيڪو هن ان کي لکڻ دوران ساڙيو هو. بورجوا، بدتهذيب معيارن جي لحاظ کان ته اهو مقصد، جنهن جي لاءِ هن پنهنجي حياتي سيڙائي ڇڏي هئي، انتهائي بنا فائدي وارو هو!
”معزز“ عالم جي باري ۾ سندس پيءُ جو آدرش، ته هو سوسائٽيءَ ۾ اٿندو ويهندو هجي ۽ پنهنجي علم وسيلي گھڻي کان گھڻو (ظاهر آهي ته ”سماجي ڀلي جي لاءِ“!) حاصل ڪندو هجي، مارڪس جي لاءِ شاگرديءَ وارن سالن ۾ صفا اوپرو ۽ سخت ناپسند هو. هن ليڪچر هال ۾ ۽ حياتيءَ ۾ ته اهڙا الائي ڪيترا ”عالم“ ڏٺا هئا. (ناڻي جي ڪيترن ”سنديافته خدمتگارن“ جي مهمان نوازي مارڪس اهڙي طرح ئي ڪئي هئي جنهن جا اهي حقدار هئا!)
ڄڻ ته پيءُ جي ايلازن جي جواب ۾ ته هو ”علم رکندڙ صاحبن جي وچ ۾ طوفانن“ کان پاسو ڪري، نوجوان مارڪس پنهنجي هڪ نظم ۾ لکيو هو:
ڪيئن مان مجهول ۽ بي پرواهه رهان ان شَي کان
روح خاطر جيڪا وڄ جي گاج، طوفان آهي
آرام وسيلي ۽ سُستيءَ سان ڀلا مون کي ڇا وٺڻو
مان اُتي آهيان جتي طوفان آ، يلغار آ.
ڪا آرزو اڻپوري ئي نه رهجي وڃي
فضل ربي کي سمجھڻ لاءِ ڪوشش ۾ آهيان مان
علم جي گھراين ۾ ڪَري رهيو آهيان جستجو
عالم آهنگ و فن ۾ بار جو چاهيندڙ آهيان مان.
ڪاش جرئت ۽ همت هاڻي اسان جو ساٿ ڏي
هيءُ ناهي پنهنجو مقدر ـــــــ صُلح ڪُل، سڀ جي رضا
اڃا ڪيترا ڏينهن رهنداسون بي زبان؟ بس ڪافي ٿيو
پُورو ٿيو بي عقل ۽ بيڪار جيئڻ، پُورو ٿيو.
اهو نه ٿئي جو اسين ڀاڙين جيان هارايون
ڏاڍ کان، اطاعت کان ڊِڄَ جي بار کان
سَگھ هر آرزوءَ ۽ سَگھ سوچن ۽ عمل جي
توهان کان شرمسار ٿي دل ئي دل ۾ رهٖي.
مارڪس جا شاعراڻا تجربا، ظاهر آهي ته ڪنهن به طرح ڪامل نه هئا. اها اهڙي حقيقت آهي جنهن جو نوجوان شاعر کي به چڱيءَ طرح احساس هو. پر هي نظمَ وري به ڏاڍا دلچسپ آهن، ان ڪري جو اهي سندس روحاني جوش جي آئيني جيان آهن، اهي دنيا جي باري ۾ سندس رويي جي، سندس سماجي پسند ۽ ناپسند جي ۽ هن جي نکرندڙ سماجي سمجھ جي عڪاسي ڪن ٿا.
عام طور فن ۽ خاص طور شاعري سياسي فضا ۾ ٿيندڙ تبديلين کان ڏاڍي حساس طريقي سان متاثر ٿيندي آهي ۽ سماجي اٿل پٿل جي لاءِ هڪ ماپي جو ڪم ڏيندي آهي ۽ خاص طور اهڙي وقت ۾ جڏهن ٻين شڪلين ۾ سياسي وکون وقتي طور ناممڪن هونديون آهن. 1830ع کان پوءِ واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ جرمني ۾ اها ئي حالت هئي جتي هر سماجي تحريڪ.... ختم ٿي ويندي هئي.“• پر اها طوفان کان اڳ واري ماٺ هئي.
نئين هوا جون پهريون هيرون لڳي رهيون هيون. 1835ع کان نوجوان اديبن جو آواز ڏينهون ڏينهن زور سان گونجي رهيو هو. اهي ”نوجوانُ جرمني“ نالي تنظيم جا ميمبر هئا ۽ اهي پريس جي آزاديءَ، پوڄا جي آزاديءَ ۽ هڪ آئين جي گُھر ڪري رهيا هئا. هائني جي ساز جِي ٽوڪ ڀري ڌُن سڄي جرمنيءَ ۾ ٻُڌجِي رهي هئي، پلاٽين ۽ فرائلي گراٿ جا آزادي گھرندڙ نظم ڇپجي رهيا هئا ۽ گيورگ هيرويگ جي شاعراڻي زندگيءَ جي شروعات ٿي چُڪي هئي. باڪمال شاعراڻو پَـڙهو ڏيندڙ ۽ صحافي لڊويگ بيرنٖي پرڏيهه کان پروشيائي ڏاڍ ڀرِي حڪمرانيءَ تي گولا هڻي رهيو هو.
هونءَ ته شاعريءَ سان اها غيرمعمولي دلچسپي بلڪل قدرتي هئي جيڪا تنهن وقت نوجوان مارڪس ۽ نوجوان اينجلس ٻنهي جي خاصيت هئي. انهن پنهنجي تخليقي سرگرميءَ جي شروعات شاعر جي حيثيت سان ڪئي. سندن پهريون ڇاپي هيٺ لکڻيون نظم هئا. هڪ ڊگھي عرصي تائين مارڪس کي پيشيور اديب بڻجڻ جي اميد هئي.
نوجوان مارڪس جا شاعراڻا تجربا هڪ طوفان جي اميد ۽ باغي جذبن سان ڀرپور آهن. انهن ۾ ڀرپاسي جي دنيا جي فعال ناپسنديدگيءَ جو ۽ ان کي للڪارڻ جو چٽو احساس ٿئي ٿو. هن جي تخيل جوش ۾ آيل جنوني جذبن جي هڪ انبوهه کي، ڏک جي هيرو جِي حد کان وڌايل شخصيت کي، جيڪو ”شعلي جي ڦيري ۾ وڪوڙيل آهي“ ۽ اها آرزو رکي ٿو ته پنهنجين ٻانهن ۾ هن دنيا جي ”بي رحم هستيءَ کي سوگھو ڪري“ ۽ ان کي ”پنهنجي ڊِگھاريل لعنت“ سان ٽڪرائي ذرا ذرا ڪري ڇڏي (الميو ”اولانيم“). هائني وانگر، جنهن آواز اوچو ڪيو هو ته ”مان شعلو به آهيان، تلوار به آهيان!“ مارڪس به اها تمنا ڪري ٿو ته هن جا لفظ ”عمل ۽ باهه“ بڻجي پون.
انساني مقدرن جون سڃاڻپون به ڪيتري قدر عجيب هونديون آهن! 1840ع کان پوءِ واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري مارڪس سان هائني جي ملاقات هائني جي زندگيءَ جو هڪ عظيم واقعو هئي ــــــــ هن جي شاعراڻي تير ۽ خنجرن جي سياسي تکاڻ اڃا تِکي ٿي وئي ــــــــ پر ان کان ڪجھ اڳ ۾ 1830ع کان پوءِ واري ڏهاڪي جي ٻئي اڌ ۾ هائني جي شاعريءَ به خود مارڪس جي تخليقي ارتقا ۾ ايڏو ئي اهم ڪردار ادا ڪيو.
اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته 1837ع تائين اڻويهن سالن جو مارڪس، هائني جي لکڻين کان واقف ٿي چڪو هو، جيتوڻيڪ ان وقت جرمنيءَ ۾ هائني جو نالو وٺڻ به منع هو. پنهنجي پيءُ جي نالي ان خط ۾، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ٿي چڪو آهي، مارڪس ڄاڻي واڻي جلاوطن شاعر جي مشهور نظم جو هڪ مصرعو اُتاري ٿو جيڪو اشپري نديءَ جي ميرانجھي پاڻيءَ بابت آهي، جنهن سان ”چانهه ميري ٿئي ٿي ۽ روح پاڪ“.
جرمني شاعريءَ جو باغي هائني بيشڪ ان وقت مارڪس لاءِ هڪ ”پوڄا لائق هستي“ هو ۽ ان جي عڪاسي مارڪس جي نظمن ۾ به ٿئي ٿي. انهن نظمن ۾ هائني جي نين ترڪيبن جو ۽ هن جي انداز جهڙي اڪثر بي سُرائپ جو احساس ٿئي ٿو جيڪو مارڪس جي ”باغي روح“ جي بي سُرائپ سان چڱيءَ طرح هڪجھڙائي رکي ٿو، ۽ سڀ کان اهم شَي هيءَ آهي ته ان ۾ هائنيءَ جي ٽوڪ جو احساس ٿئي ٿو جيڪو رومانيت ۽ انتهائي ”زميني“ حقيقت پسنديءَ جو، دلِي غنائيت ۽ مدني جذبي جي ميلاپ جو مرڪب هوندو آهي.
”دنيا جي داڦُوڙي مُنهن“ جي مقابلي لاءِ للڪارڻ واسطي هڪ درٻاري شانَ سان هٿن ۾ پهريل غلاف هڻڻ باوجود مارڪس مٿس آقائن جي اخلاقيات ۽ وڏي پيٽ وارن جي پاڪائي“ بابت ٽوڪ ۽ ڌڪار سان وڌيڪ زَبرا وار ڪرڻ نه ٿو ڀُـلجي. ان سلسلي ۾ هن جا اهي شعر خاص طور دلچسپ آهن جن ۾ هو جرمن بدتهذيبيءَ جو، ”بيوقوف ۽ بي زبان جرمن پبلڪ“ تي چِٿر ڪري ٿو:
ويهِي آرام ڪرسيءَ تي ۽ خيالن ۾ وڃائجِي
جرمنيءَ جا ماڻهو ماٺ هئا، ڪجھ سُتل هئا
هيڏانهن طرفان هو ۽ هوڏانهن آنڌاريءَ جو ٽـڙڪو
ڪارن ڪارن ڪڪرن جو هو اُڀ تي انبوهه
نانگ جيان ڦڦڪارون پئي ڏنيون وِڄن مٿان وِڄنِ
اهو سڀ اهڙو ڇا هو، جنهن تي اُهي پاڻ کي ڪن ها هلاک
جڏهن پر طوفان بند ٿيو ۽ هوا ڍَرِي ٿي
۽ ٿَڌي نرم سج جي جھلڪِي ڏيکارجڻ ۾ آئي
تڏهن ئي هڪدم سڀ اٿي بيٺا سورهيه ۽ بهادر
۽ لکي ورتائون ڪتاب ”سِرَ تان بلا ٽَرِي“
ڪيتري قدر خوشيءَ جو ڪارڻ آهن خيالي ڳالهيون ڪرڻ
پهريان جيڪو ڪجھ ٿي چڪو ان کي ڪري ڇڏيو ليڙون ليڙون
پوءِ اهو ڪيو فيصلو ان سڀ ڪجھ ۾ ڪا به معنى ناهي
اهو ڪڪرن جو انبوهه هو بڇڙو ڀوڳ، ٻيو ڪجھ به نه
ڪم آهي ماڻهن جو اهو، مٿان کان هيٺ تائين هاڻي
نظم هڪڙو پيدا ڪن، کوجي وٺن راز سڀ.
ننڍڙن ۽ اڻ سمجھو ٻارن جيان آهي ڳولڻو
ان کي جيڪو قطعي طور، هميشه لاءِ گم ٿي ويو
اڄ جي اڏاوت ۾ مصروف ٿيڻو آهي انهن کي
هن زمين ۽ آسمان کي ڀلجي وڃڻو آهي انهن کي
انهن کي سندن حال تي ڇڏي ڏيو، ايئن ئي هلندا رهون
۽ عرصي تائين ٽڪريون لهرن کي ٽوڙينديون رهن.
مارڪس بدتهذيب جي پيٽَ ڀرائيءَ جو مذاق اڏائي ٿو، جنهن جي سمجھ ۾ ئي نه ٿو اچي ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ٿيلِهي حفاظت سان سنڀالي رکي آهي ته پوءِ اهو پنهنجو پاڻ کان خوش ڪيئن نه ٿو ٿي سگھي. خوشيءَ ڀريي ناول ”وڇون ۽ فليڪس“ ۾ مارڪس هڪ ”اصل نسل جرمن“ جي ”هڪ پوري طرح عيسائي“ گھراڻي جي ٽوڪ ڀري تصوير چِٽي ٿو، جنهن ۾ هو رجعت پسند ڪردارن ۽ روشن خيالي خلاف وڙهڻ وارن تي چٿر ڪري ٿو. اِن ۾ اُن سٺي حاضر جوابيءَ جون جھلڪيون ملن ٿيون جيڪا مارڪس جي پختين لکڻين جي امتيازي خاصيت آهي. هو چوي ٿو ته هر عظيم شَي جو ضد به ٿيندو آهي، جيڪو ان عظيم شَي کي هٽائي ڇڏيندو آهي. ديوَ کي ڊينبو هٽائي ڇڏي ٿو، اعلى دماغ کي ڪورو بدتهذيب، سورمي سيزر کي ڍونگِي آڪٽيويئن، شهنشاهه نپولن کي بورجوا بادشاهه لوئِي فلپ، فلسفِي ڪانٽ کي غاليچي جو شينهن ڪروگ، شاعر شيلر کي ڪائونسلر راؤ پاخ ۽ لائبنـز جي جنت کي وولف جو اسڪول. عظيم شَي گذري ويندي آهي ۽ ان جو ضد رهجي ويندو آهي. اهڙيءَ ريت هر سامونڊي سمنڊ کان پوءِ ڪناري تي گند ڪچرو رهجي ويندو آهي.
پوءِ ”لوئي بونا پارٽ جي ارڙهين بروميئر“ ۾ مارڪس وري ان تمثيل کي ياد ڪري ٿو جنهن جي تخليق هن پنهنجيءَ نوجوانيءَ ۾ ڪئي هئي: ”هيگل ڪنهن هنڌ لکيو آهي ته سموريون عظيم اهميت جون حقيقتون ۽ شخصيتون عالمي تاريخ ۾ ٻه ڀيرا ظاهر ٿينديون آهن. هُو اهو واڌارو ڪرڻ ڀلجي ويو ته هڪ ڀيرو الميي جي حيثيت ۾ ۽ ٻيو ڀيرو ٻهروپ جي حيثيت ۾. دانتون جي بدلي ۾ ڪوسيدئير، روبيسپيئر جي بدلي ۾ لوئِي بلان، 95-1993ع جي مونتان جي بدلي ۾ 51-1848ع جو مونتان، چاچي جي بدلي ۾ ڀائٽيو، ۽ اهو ئي ڀُونڊو نقل انهن حالتن جي صورت ۾ به ملي ٿو جيڪي ارڙهين بروميئر جي ٻئي ڇاپي وقت هيون.“
بدتهذيب هميشه ڀونڊي نقل کي ان جي اصل کان مٿڀرو سمجھندو آهي، طوفان کان هو ڊڄندو آهي پر ان کان پوءِ جيڪو گند ڪچرو رهجي ويندو آهي، ان ۾ ڏاڍي شانَ سان رهندو آهي. هو وري ”نظم ۽ ترتيب پيدا ڪرڻ جي“ سڄي طوفان کي اهڙن ڪتابن ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جن جو خريدار ملڻ سولو هجي. نوجوان مارڪس ان موضوع کي پنهنجن هم قافيه فُقرن ۾ هر هر ياد ڪري ٿو:
هڪ ڀيري هيئن ٿيو، جڏهن جرمنيءَ وارا سڀئي
جيئن تيئن عوام جي سوڀ جي منزل ويجھو اچي پهتا
جڏهن ٻڌائيندا ڦريا پئي ڪاميابيءَ جي خبر،
ڏسن ٿا ته لکيل آهي هر هڪ موڙ تي:
”اڻٽر هڪ معجزو چئني پاسي ڏٺو ويو
ٽي ٽنگون هونديون سڀني کي، اڄ کان اهو طَي ٿيو!“
ڏسندي ئي ڏسندي سڀ مُنهن ٿي ويا اداس
پاڻ کان سڀ هئا شرمسار ۽ دلين ۾ هُين ڊپ هراس.
”حد کان وڌيڪ ٿي ويو تڪڙ جي ان جوش ۾
هاڻي سمجھ جي ڳالهه وري ٻُرڻ لڳي آهي ڪن ۾
هڪ ڪتاب هاڻي هو لکن اڻ سَمجھيَن کي سوچي ڪري
جنهن جا گراهڪ ڳولي وٺندا ڏسندي ئي ڏسندي.“
انهن تخليقن ۾ نوجوان مارڪس پنهنجن سياسي احساسن جو اظهار ڪري ٿو: رجعت پرستيءَ لاءِ اڻ رواداري، هڪ انقلابي طوفان جي ۽ عوام جي سوڀ جي اميد، سياسي بزدليءَ ۽ بي نيازيءَ جي تنقيد، زندگيءَ ۾ نه، پر ڪتابن ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ جرمنن جي نمايان مهارت.
فرانز ميئرنگ جو هيءُ چوڻ گھڻو صحيح ناهي ته فن جي ديوين مارڪس جي پينگھي ۾ جيڪي اڻ ڳڻ فضل رکيا هئا انهن ۾ منظوم ڪلام جو فضل ڪو نه هو. جيتوڻيڪ مارڪس جا ڪيترائي نظم تقليد ڪندڙ آهن ۽ جيئن نوجوان شاعر پاڻ سمجھندو هو، منتشر ۽ مبهم آهن، پوءِ به انهن ۾ شاعريءَ جو جوهر موجود آهي جيڪو ”پري کان نظر ايندڙ پرِي محل“ جيان چمڪي پيو. اهو جوهر انهن غنائي نظمن ۾ به آهي جيڪي ”منهنجي پياري، هميشه محبوب جيني“ جي نالي منسوب ڪيا ويا آهن ۽ انهن ٽوڪ ڀرين نظمن ۾ ته خاص طرح موجود آهي جن ۾ هن جي ڳُوڙهي سوچ ۽ ڪاوڙ نمايان هوندي آهي. هن جي ابتدائي شاعراڻن تجربن ۾ شيلر جي جذباتي رومانويت جي جھلڪ ملي ٿي، پر پوءِ وارن نظمن ۾ گوئٽي ۽ خاص طور هائني جو اثر آهي.
مارڪس چڀندڙ ٽوڪ سان ڪليسا جي پادرين، بدتهذيب جي روحاني استادن جي رياڪاريءَ وارين هدايتن تي حملو ڪري ٿو. هن جا ڪيترائي هم قافيا فقرا لُوٿري (پروٽسٽنٽ) پادري پوستڪوهين بابت آهن، جنهن گوئٽي جي لکڻيءَ ”ولهلم مائسٽر“ جو هڪ ڪِريل ۽ کِل جھڙو نقل 1820ع کان پوءِ واري ڏهاڪي ۾ لکيو هو ۽ عظيم جرمن شاعر تي ”بد اخلاقيءَ“ جو الزام هنيو هو.
پادري پوستڪوهين کي گھرجي ته اهو ها، ته هُو ڪليسا جي رَڌڻي ۾ پنهنجن وفادار مريدن لاءِ پنهنجن خالي واعظن جا پڪوڙا ٺاهي ها، پر ”بونن“ کي اڪثر ڪري پاڻ کي ڏاڍو وڏو سمجھڻ جو جنون هوندو آهي ۽ اهي پنهنجي گُهمنڊ ۾ پاڻ کي ڪنهن ”ديوَ“ برابر ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اهي پنهنجن معيارن سان گڏ ان تائين پهچندا آهن ۽ رڳو هن جي جوتن تي لڳل مٽيءَ کي ڏسي سگھندا آهن. ان تي ”بونا“ ڏاڍي خردماغيءَ سان ڪرم تي مائل ٿي پوندا آهن ــــــ اهي ”ديوَ“ جي خوبين کي خاميون سمجھندا آهن ۽ کين ان ۾ انهن ئي شين جي کوٽ نظر ايندي آهي جن جو اهي ”بونا“ پنهنجو پاڻ منجھ ڏاڍو قدر ڪندا آهن، ته پوءِ انهن ”ديوَن“ جي عزت ڇو ڪئي ويندي آهي؟ مارڪس ٽوڪ منجھان پوستڪوهين جي زباني، جيڪو پنهنجي روحاني سادگيءَ ۾ ايترو ته پارسا آهي، چوي ٿو ته گوئٽي جڏهن ته هڪ به واعظ نه لکيو ته نيٺ کسي ايتري اهميت ڇو ٿي ڏني وڃي؟ هن رڳو قدرت جو اڀياس ڪيو جڏهن ته کيس گھربو هو ته هو لوٿر جي شرح جو اڀياس ڪري ها ۽ ان بابت نظم لکي ها.
گوئٽي پڙهڻ بلڪل اڻ وڻندڙ آهي عورتن لاءِ
۽ جيڪڏهن سندر هجي ته پوءِ ان لاءِ اهو اجايو آهي.
قدرت کي ته هن ورتو جھڙي به سندس هٿ لڳي
پر ڪجھ ڪليسائي اخلاق سان ان جي سونهن نه وڌائي
کيس گھربو هو ته لوٿر جي اصولن کڻي ها
۽ انهن جي بنياد تي سٺا سٺا نظم چوي ها.
آهه گوئٽي! سچ آ هُن حسن جي ڪجھ تخليق به ڪئي
پر ڀلجي ويو اهو چوڻ: ”هذا من فضل ربي.“
۽ سندس لکڻين ۾ ڪم جي شَي ڪهڙي آهي؟ نيٺ به ”مدرسي جي سبق ۾ به هن کي ڏکيائي هئي!“
عجيب آهي نه هيءَ خواهش ته مٿي تي ويهارينداسون
ته آسمان تي گوئٽي کي ويهارينداسون
ڪڏهن به اهڙي لکڻي نه هن کان لکي وئي
جو ”واعظ ڪوه“ تي جنهن سان ڪجھ روشني پوي ها
آهي ان وٽ ڪو اهڙو ذرڙو به
هاري جنهن تي لالچي ٿئي يا مدرس به
نه کيس حق جي رضا ڪڏهن سمجھ ۾ آئي
جو مدرسي جي سبق ۾ به کيس ڏکيائي هئي.
۽ ”فائوسٽ“ بابت ڇا خيال آهي؟ اهو هڪ سبق ڏيندڙ ڪهاڻيءَ لاءِ ڪيتري قدر شاندار موضوع هجي ها ته ڏوهه ڪيئن ”انسان کي شيطان ڏانهن وٺي وڃي ٿو“ ۽ ڪيئن ماڻهوءَ کي پنهنجي روح جي نجات جي ڳڻتي ڪرڻ گھرجي. پر گوئٽي ان سڀ کي غلط طريقي سان پيش ڪيو. سندس فائوسٽ ”خدا تي ۽ دنيا تي شڪ ڪرڻ جي همت ڪري سگھندو هو“ پوءِ به ”نادان نوجوان گريٽا کي ان جي پوڄا ڪرڻي پئي، جڏهن ته ٿيڻ ايئن گھربو هو ته هو ان جي ضمير کان ملامت ڪرائي ها“ ۽ هن کي ٻڌائي ها ته ”کيس شيطان گھيرو ڪري وٺي ويو، ۽ هاڻي قيامت جي ڏينهن ۾ ڪا دير ناهي.“
فائوسٽ جو قصو اهڙيءَ طرح لکيائين، يقين ڪريو
سڀ بُهتان ۽ ڪوڙ شاعر جو آ، ٻيو ڪجھ به نه اٿس!
اصل ۾ فائوسٽ عاصي ۽ سُست هو
خدا جي ڊپ کان غافل هئي زندگي
کسي مٿان کان مدد نيٺ ايتري به نه ملي
شرم جھڙو موت اچي ها ۽ ختم ٿئي ها زندگي
ان ڪري رڳو گھڻو ئي خوف دل ۾ هيس رکيل
انتظار ۾ هو ته ختم دوزخ جي باهه جِي زحمت ڪري
۽ پوءِ سوچڻ لڳو ته ڪهڙي شَي آهن موت ۽ حياتي
علم ڇا آهي ۽ فنا ڇا، ڇا آهي ڪائنات جو حشر
۽ هڪ ڍير لفظن، انگن جو بڻجي پيو
جن جي معنى جو سرو اونداهين ۾ گم رهيو
ڪاش شاعر سينگاريو هجي ها ان سڀ ڪجھ کي
۽ اهو چوي ها ته ’شيطان ان ڏوهه تائين وٺي ويو.‘
وري ڪڏهن به جي گھري ها قرض کان ڇوٽڪارو
ان کي چون ها، ’روح خاطر ڪيو نجات جي ڳڻتي.‘
شيلر جي ڳالهه ئي ٻي آهي. ”سندس لکڻين ۾ آهن ڪجھ ته خيال آرائيون، ها پر هجن اتي ها ڪجھ ٻيون به رعنائيون“، ڪاش ”جيڪڏهن هن ڪجھ ڌيان سان انجيل پڙهيو هجي ها.“
گوئٽي جي عظمت کان پوستڪوهين جھڙن ڍاولن ”بونن“ کي چَوٽ رَسي ٿي، ان سان سندن پرهيزگاريءَ کي تڪليف ٿئي ٿي ۽ هو وڏي خوشيءَ سان سندس سِرُ وڍي ان کي ڪجھ ”ننڍو“ ڪري ڇڏيندا.
پوستڪوهينن جي گندي، پراڻ پرست دنيا تي تنقيد جو مطلب هوندو هو ڪٽر مذهبي تقوى تي به تنقيد، جيڪا ان قسم جي ماڻهن جي پرورش ڪري ٿي، ۽ اها اڻٽر طرح پاڻ مذهب بابت به پڇا ڳاڇا جو ڪارڻ بڻبي هئي.
1837ع جي هم قافيا فقرن ۾ پادرين جي اڳرائيءَ واري حماقت خلاف جنگ جو اعلان ڪري مارڪس پاڻ ”ٿڌي خدا“ خلاف به جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جيڪو سڀ کان وڏو رياڪار ۽ سڀ کان وڏو جابر حاڪم هو.
مذهب سان مائٽي ٽوڙڻ بنا بورجوا بدتهذيب دنيا کان پورو ناتو ٽوڙڻ ممڪن ئي نه ٿي پئي سگھيو، ۽ ٻئي طرف مذهب تي سنئين سڌي ۽ بي رحم تنقيد خيال پرستيءَ وارن مؤقفن کان ناممڪن هئي. ان جون پاڙون به حقيقت جي تنقيد ۾ پيوست هيون. هيءُ هو ان راهه جو اڻٽر منطق، جنهن تي ڪارل مارڪس سندرو ٻڌِي وڌيو.
1830ع کان پوءِ واري ڏهاڪي جي پڄاڻيءَ ڌارا ”ڊاڪٽرن جي ڪلب“ جي نوجوان هيگلين ۽ پنهنجن وڌيڪ دوستن جيان مارڪس جو ڌيان به خاص طور مذهب جي تنقيد ڏانهن ٿيو. مذهب تي فلسفياڻي حملي جي ابتدا ڊيوڊ اشٽرائوس جي ڪتاب ”يسوع جي حياتي“ سان ٿي، جيڪو 1835ع ۾ ڇپيو. ان ۾ انجيل جي ”الاهي معصوميت“ کي رد ڪيو ويو هو. برونو بائر، جيڪو ”ڊاڪٽرن جي ڪلب“ ۾ مارڪس جو ڏاڍو ويجھو سنگتي هو، ان کان به اڳتي وڌي ويو ۽ چيو ته چئني حوارين جي انجيلن مان ڪنهن ۾ رتيءَ جيتري به سچائي نه آهي.
انهيءَ وقت لڊويگ فيوئر باخ ”هاليشي ياربيوخير“ ۾ مذهب ۽ فلسفي جي ايڪي بابت هيگل جي مقالي تي تنقيد اهڙن مؤقفن سان شروع ڪئي جيڪي هن کي جلد ئي ماديت پسنديءَ طرف وٺي ويا.
مارڪس جي هڪ ٻي پراڻي دوست فريڊريخ ڪيپن 18-هين صديءَ جي فرانسي ۽ جرمن روشن خياليءَ جي روايتن جي بحاليءَ لاءِ ويڙهه ڪئي. ڪيپن هڪ ڪتابڙي کي، جيڪو هن 1840ع ۾ ڇپيو، منسوب ڪيو ”پنهنجي سنگتي ٽرائر جي ڪارل مارڪس جي نالي“.
مارڪس ”ڊاڪٽرن جي ڪلب“ جو سڀ کان ننڍي ڄمار وارو ميمبر هو، پر ان هوندي به کيس پروفيسرن ۽ مددگار پروفيسرن جي وچ ۾ هڪ مٿاهون مقام ملي ويو. اهي مارڪس جي غيرمعمولي ذهن، هن جي سوچ جي نواڻ واري سگھ ۽ آزاديءَ کي محسوس ڪندا ۽ سندس روحاني دلچسپين جي غيرمعمولي وسعت جو، هن جي راءِ جي جسارت جو ۽ هن جي خوش مزاجيءَ جو به قدر ڪندا هئا. برونو بائر ان وقت مددگار پروفيسر ۽ نوجوان هيگلين جي تحريڪ جو مڃيل سربراهه هو، پر پنهنجي شاگرد مارڪس ڏانهن بون کان دوستاڻا خط لکندو هو جيڪي هن جي لياقت لاءِ احترام سان ٽمٽار هوندا هئا. بائر لکيو ته ”’ڊاڪٽرن جي ڪلب‘ جي دانشوراڻي دلچسپي“ جو مقابلو ڪا به شَي نه ٿي ڪري سگھي ۽ مارڪس سان هن اعتراف ڪيو ته هو ”ڪڏهن به ايترو نه کِليو جيترو برلن ۾، جڏهن مان تو سان رستو اُڪري رهيو هوس.“
ڪارل مارڪس ان ويڙهه ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتو جيڪا نوجوان هيگلي مذهب خلاف وڙهي رهيا هئا. هن فقهه جي هڪ پروفيسر خلاف هڪ مناظري وارو ڪتاب به لکيو، پر اهو ڇپايو نه. پر هن جا خيال صفا ميٽجي نه ويا، انهن کي هن جي وڏيءَ ڄمار وارن دوستن قبول ڪيو ۽ نکاريو سنواريو. ان جي خبر ڪيپن جي اعتراف مان پوي ٿي، جيڪو هن مارڪس ڏانهن لکيل هڪ خط ۾ ڪيو. ڪيپن 1841ع ۾ پاڻ پنهنجي مٿان کِلندي لکيو ته جڏهن کان ڪارل بون مان هليو ويو آهي، تڏهن کان هن نيٺ ”ڪجھ پنهنجا ئي خيال، ايئن چوڻ گھرجي ته شروع کان آخر تائين آزاديءَ سان“ حاصل ڪيا ۽ مارڪس کان اڌارا نه ورتا. ڪيپن لکي ٿو ته ”هاليشي ياربيوخير“ ۾ برونو بائر جو ڏاڍو سٺو مضمون به پنهنجن خيالن لاءِ مارڪس جو ٿورائتو آهي. پنهنجي خط ۾ هو لکي ٿو ته ”ايئن سمجھ ته تون خيالن جو خزانو، هڪ ڪارخانو، يا برلن وارن جي انداز ۾ چيو وڃي ته خيالن جو گائوسر آهين.“
پنهنجي شاگرديءَ جي سالن ۾ ئي مارڪس دانشوراڻي ذهنيت رکندڙ نوجوانن ۾ هڪ غالب اثر بڻجي ويو. هو کاٻيءَ ڌر وارن هيگلين جي کاٻي سري تي هو ۽ سندس سنگتي به کيس ’بيباڪ انقلابي‘ سمجھندا هئا.“•
ظاهر آهي ته اڃا سوڌو اهو هڪ نظري انقلاب جو سوال هو ۽ سڀ کان وڌيڪ مذهب بابت هڪ ”انقلابي“ رويي جو. ان معاملي ۾ بائر، ڪيپن اينڊ ڪمپنيءَ جي ڀيٽ ۾ مارڪس گھڻو اڳتي وڌي ويو. شاگرد جي حيثيت سان پنهنجن آخري ٽن سالن ۾ هن مذهبي رياڪاريءَ خلاف احتجاج ڪرڻ کان اڳتي وڌي، خود مذهب کي ئي صفا رد ڪري ڇڏيو. نوجوان هيگلي جارج گيورگ يونگ آرنلڊ روگي ڏانهن 1841ع ۾ لکيو ته مارڪس چوي ٿو ته عيسائي مذهب ”بداخلاق“ آهي ۽ اهو ته هُو، بائر ۽ فيوئر باخ پوڙهي حضرت خدا کي آسمان کان ڪڍي ٻاهر ڪندا ۽ مٿس مقدمو هلائيندا.
خدا کي آسمان مان ڪڍي ٻاهر ڪرڻ جي تياريءَ ۾، مذهب جي بُتن کي ڪيرائڻ لاءِ مارڪس 1838ع ۾ ئي قديم زماني جي عظيم خدا جي منڪرن ايپيقيورس ۽ لوڪريشيئس جي مدد ورتي هئي. خدائن خلاف انهن مفڪرن جي همت ڀري للڪار مارڪس کي پنهنجي ان زماني جي ڪاوش ۾ ڏاڍي ڀلي معلوم ٿي هئي ۽ هو انهن جي ان بليغ ڪوشش ۾ پوريءَ طرح شريڪ هو ته ”انسانن جي ذهن کي مذهب جي سوڙهيءَ ڳنڍ کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي“ ۽ اهڙيءَ طرح ”خدا جي ٻانَهنِ“ کي اوچو ڪري آسمانن تائين پهچايو وڃي.
پنهنجي ڊاڪٽريٽ جي مقالي ۾ هن ”يوناني روشن خياليءَ جي عظيم ترين نمائندي“ ايپيقيورس بابت لوڪريشيئس جا عظيم الشان شعر اُتاريا آهن:
ان وقت جڏهن سڀ ڏسي رهيا هئا بيوس ۽ مجبور بيٺا
ماڻهن جي زندگي ڏُکي هئي مذهب جي ڳري بار هيٺان
يونان جو هڪ فاني بَندو ان وقت اٿيو سڀ کان اڳ
جيڪو بيٺو سرڪش ٿي ۽ مذهب کي جنهن للڪاريو
خدائن جي قصن کان نه ڊنو، لِڪو نه جيڪو وڄ ڪڪر کان
آسمانن جو سمورو غضب جنهن کي ڊيڄاري نه سگھيو
هي فيض آ هن جي همت جو، مذهب آ اسان جي پيرن هيٺان
۽ سوڀ سڻائيءَ پاڻ اسان کي آسمان برابر ڪيو آ.
ايپيقيورس جي دَور ۾ 1830ع کان پوءِ واري ڏهاڪي جي پڄاڻيءَ ڌارا جرمني ۾ مذهب بابت ”طوفانن ۽ ڪاهُن“ جي عهد ۾ ڪيتريون ئي شيون هڪجھڙيون هيون. قديم يونان ۾ مذهب تي ٻين به حملا ڪيا ۽ ايپيقيورس به، پر ٻين اهي حملا بزدليءَ سان ۽ غير مضبوط طريقي سان ڪيا. مثال طور رواقين قديم مذهب کي پاڻ پنهنجي قياس جي جوڙجڪ تي گھڙي ورتو، جيئن نوجوان هيگلين ڪيو. مارڪس ايپيقيورس جي واکاڻ ڪئي ان ڪري جو، هن ڪا به رعايت نه ڪئي هئي، نه هو ”چالاڪ“ ۽ ”عيار“ ٿيو هو، پر هن هڪ ”پڌري خدا جي منڪر“ جيان ورتاءُ ڪيو ۽ ”مذهب تي حملو ڪيو“ ۽ ان جو نتيجو اهو نڪتو ته صدين کان ڪليسا جا پادري هن کي لعنت جو حقدار چئي رهيا آهن.
جرمنيءَ ۾ ڪيترائي مذهبي فلسفي هئا جن ۾ هيگل به شامل هو، جيڪي اڻ ٽُٽ ذرڙي (ائـٽم) جي فلسفي جي عظيم يوناني نمائندن جا ذڪر ڌڪار سان ڪندا هئا.• هيگل جي مڃيل استاديءَ کان مارڪس ڊنو نه. جيتوڻيڪ ان وقت هُو هيگلين جي ويجھو هو پوءِ به هن جي لاءِ سچائيءَ جي عظمت ٻين سڀني مصلحتن کان هميشه وڌيڪ حيثيت واري رهي. ڍاول خدائن ۽ سائنس جي بتن کي ۽ روح جي انهن سڀني پنڊتن پروهتن کي، جيڪي پاڻ پنهنجي خيالن جي ڦڻ تي ڌيان ڏين ٿا، خوار ڪندڙ هي ماڻهو رڳو هڪ خدا جي عبادت ڪندو هو ــــــــ سچائي جي.
مارڪس پنهنجي مقالي جي پيش لفظ ۾ لکيو هو ته هيگل جو ”قياسي“ رويو روڪيندڙ ٿيو جنهنڪري هي ”ديوَن جيڏا مفڪر“ ايپيقيورسي، رواقي ۽ تشڪيڪي نظامن ۾ يوناني فلسفي جي تاريخ جي لاءِ ۽ عام طور يوناني ذهن جي لاءِ هن جي زبردست اهميت کي نه سڃاڻي سگھيو.
اڳتي هلي پلوٽارڪ بابت ڳالهه ڪندي، جيڪو فلسفي کي مذهب جي اجلاس ۾ وٺي آيو، مارڪس حقيقت ۾ هيگل سان، اڃا به سندس حامين جي ساڄيءَ ڌر سان مناظرو ڪري ٿو.
هيگل جي معاملي ۾ مارڪس ”خدا جي وجود جي ثبوتن“ جي سلسلي ۾ به ان تي تنقيد ڪري ٿو. ڪانٽ انهن ”ثبوتن“ کي رد ڪري چڪو هو، پر هيگل انهن کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو يعني ”انهن جو جواز پيش ڪرڻ لاءِ انهن کي رد ڪيو.“ مارڪس ٽوڪ ڀري انداز ۾ چوي ٿو ته ”اهي ڪهڙي قسم جا مُؤڪل آهن جن جو وڪيل صفائي انهن کي سزا کان بچائڻ لاءِ پاڻ ئي قتل ڪري ڇڏي ٿو؟“
مارڪس اهو ثابت ڪري ٿو ته ”خدا جي وجود جو ثبوت“ دراصل هڪ اعلى انساني سمجھ جي وجود جا ۽ ان ڪري ”خدا جي عدم وجود جا ثبوت“ آهن. حقيقت ۾ هڪ ”ثبوت“ چوي ٿو ته جيئن ته قدرت جي اڏاوت اهڙي سٺي نموني سان ڪئي وئي آهي ان ڪري خدا جو وجود آهي. پر قدرت جي ”معقول“ تنظيم ان جي ابتڙ خدا جي فضول هجڻ کي، خدا جي ڪنهن به ضرورت نه هجڻ کي ثابت ڪري ٿي.
”خدا جي وجود جي“ سچن ”ثبوتن“ کي چوڻ گھرجي ته ”جيئن ته قدرت جي اڏاوت بري طرح ڪئي وئي آهي. ان ڪري خدا جو وجود آهي“، ”جيئن ته دنيا عقل کان عاري آهي ان ڪري خدا جو وجود آهي“، جيئن ته سوچ نه آهي ان ڪري خدا (موجود) آهي.“
”پر ايئن چوڻ جو مطلب ڇا ٿو ٿئي سواءِ ان جي، جو جنهن کي دنيا عقل کان وانجھيل معلوم ٿئي، ان جي لاءِ خدا جو وجود آهي؟ يا اهو ته عقل کان وانجھيل هجڻ ئي خدا جو وجود آهي.“
اهو نتيجو پنهنجي زماني لاءِ ڏاڍو همت ڀريو هو.
مارڪس اڏول ارادي سان اعلان ڪيو ته خود پنهنجي سمجھ ئي ”سڀ کان مٿاهين الاهيت“ آهي ۽ چيو ته ”اهو ڪنهن ٻي کي جائز نه ٿو ڪري.“ هن پروميٿيس جي همت ڀريي اعتراف کي ته ”آهي ڳالهه سڌي، خدائن کان مون کي نفرت آهي“ ”سڀني آسماني ۽ زميني خدائن سان“ موافق ڪري ڇڏيو. هيءُ همت ڀريو بيان رڳو مذهب جو مخالف ئي نه، پر هڪ سياسي نوعيت جو به هو.
شاگرديءَ جي زماني کي موڪلاڻي چوندي مارڪس شعوري طرح ”ويچارن سَهَن“، اقتدار تي ويٺل اربابن جي بدبخت خدمتگارن جي نالي هڪ چئلينج جاري ڪري ڇڏيو. ايسڪيلس جي پروميٿيس سان هم زبان ٿي، جنهن زيئس جي خادم هرميز کي، جڏهن هن زنجيرن ۾ جڪڙيل باغيءَ کي ”عقل کان ڪم وٺڻ“ ۽ اطاعت قبول ڪرڻ جي صلاح ڏني ته حقارت سان رد ڪري ڇڏيو، مارڪس انهن کي ڄاڻائي ڇڏي ٿو ته:
سمجھي ڇڏ چڱيءَ طرح، مون کان ٿِي نه ٿو سگھي
مان رنج ۽ تڪليف جي بدلي ۾ چاڪري ڪريان
زيئس جو نوڪر اطاعت گذار بڻجڻ کان
مون کي جبل سان جڪڙيو رهڻ پسند آهي.
”ويچارا سها“ مارڪس جي ڏاڍي گھڻي ”کاٻيءَ ڌر واري“ مؤقف کان واقعي ڊڄي ويا. آرنلڊ روگيءَ مارڪس جي مونتاناردازم بابت لکيو. بائر به، جيڪو نظريي جي دهشت پسنديءَ جي گُهر ڪندو هو، مارڪس جي چئلينج کان ڊڄي ويو ۽ هن مارڪس کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو پنهنجي مقالي جي همت ڀريي پيش لفظ کي نرم ڪري. هن اها رِٿ ڏني ته هو رجعت پرست آئخهارن کان معافي وٺي ۽ هن کي صلاح ڏني ته هو جدوجهد ۾ محتاط رهي ۽ حڪومت جي ڪڍ نه پوي.
پر ان قسم جي نصيحتن کي ٻڌڻ، پوءِ اهي ڪنهن جي به پاران هجن، پيءُ پاران يا سنگتين پاران، مارڪس جي فطرت ۾ نه هو. آسماني ۽ زميني خدائن کي مقابلي لاءِ للڪارڻ کان پوءِ سندس ايتري تي ئي بس ڪرڻ جو ڪو به ارادو نه هو. مارڪس هڪ ڀيرو جدوجهد جي راهه تي رَميو ته پوءِ پڇاڙيءَ تائين وڙهڻ لاءِ تيار هو ۽ هن جي ويجھڙن واقفڪارن ۾ ڪو به اهو قياس نه پيو ڪري سگھي ته ان جدوجهد ۾ هو ڪيترو اڳتي وڌي ويندو.
سندس مغلوب نه ٿيندڙ سرويچاڻي مزاج کي نوجوان اينجلس پنهنجي هڪ ٽوڪ ڀري رجزيه نظم ”پڪي يقين جي سوڀ“ ۾ ڏاڍي خوبيءَ سان بيان ڪيو آهي. اهو نظم 1841ع ۾ لکيو ويو هو. شروع ۾ اينجلس برونوبائر جو نقش چِٽيو آهي:
بڪي رهيو آ طيش ۾ هو ڪُٻو سبزپوش
هن جي مهانڊي مان بَکي پيو غصو، هيجانُ ۽ جوش
بائيبل تي اعتراضن جو آ هڪڙو وهڪرو هلندڙ
هٿ ۾ جھنڊو کنيو ڪندو وتي پيو آسماني سير.
پوءِ مارڪس ظاهر ٿئي ٿو:
۽ وري طوفان جيان هي ڪير آيو؟
ٽرائر جو رهاڪو، ڪارا وار، ڪاوڙ ۾ ڀريل
سندس اچڻ، ڄڻڪ هڪ ڳرو جبل آ ڦاٽي پيو
هن جي اکين مان بَکي پيو عقابي حوصلو
هٿ بيباڪي سان آهن اهڙيءَ طرح اڳتي وڌيل
آسمانن جون رسيون پَٽي، ڪندو پرتي ڦِـٽو.
آئِندي اهو ثابت ڪيو ته مارڪس ۽ برونو بائر جي حياتيءَ جون راهون جيڪي 1841ع ۾ هڪ چَوواٽي تي اچي مليون هيون، جڏهن هنن مذهب تي تنقيد جو ڪم گڏجي ڪيو، اڳتي هلي، هڪ ٻئي جي ابتڙ رخ ۾ وڃڻ واريون هيون. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ بائر جي نظرياتي ”دهشت پسندي“ حڪومت جي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ وفادار ٿيندي وئي ۽ پوءِ بلڪل منطقي طور بسمارڪ واري انتهائي وفاداري واري حمايت ۾ بدلجي وئي، جنهن جرمن سوشل ڊيموڪريٽن خلاف بورجوا دهشت واري حڪمراني هلائي.
1843ع ۾ ئي مارڪس مذهب تي تنقيد ۾ بائر کان اڳتي نڪري چڪو هو. ”ڊوئچ فرانزيسيشي ياربيوخير“ ۾ شايع ٿيل مضمونن ۾ مارڪس ثابت ڪيو هو ته مذهب تي بنيادي تنقيد لاءِ مذهب جي فلسفياڻي ترديد ڪافي ناهي.
جڏهن ماڻهو پاڻ ئي مٿي ڪڪرن ۾ هجي ته”آسمان جي خيمي جون رسيون نه ٿو ڪَٽي سگھي.“ ان ڪري زمين تي هجڻ ضروري آهي. مذهب جون پاڙون پنهنجي بڻ جي لحاظ کان ”زميني“ آهن. مذهبي ٽَٽ پونجيائپ سماجي رشتن جي حقيقي ٽٽ پونجيائپ جو هڪ اظهار آهي ۽ اها ئي ان کي پيدا ڪندي آهي.
”بلند ۽ بدتر“ آڏو ”خدا جي ٻانهنِ“ جي خاڪساريءَ واري تابعداري سماج ۾ انسان جي اطاعت گذار، محڪوم، محتاج حيثيت جو رڳو هڪ ڪوڙو عڪس، ان حقيقت جو هڪ عڪس آهي ته سماجي ناتا اڃا سوڌو صحيح معنى ۾ انساني نه ٿيا آهن.
”مذهب ان انسان جي خود پنهنجي سمجھ ۽ خود پنهنجي عزت آهي جنهن يا ته اڃا سوڌو پنهنجو پاڻ کي حاصل نه ڪيو آهي يا ٻيهر پنهنجو پاڻ کي وڃائي ڇڏيو آهي.“ مذهب هڪ غير انساني دنيا جي پيداوار آهي جتي انسان تي مٿس مخالف قوتون حڪومت ڪنديون آهن.
”اونڌي دنيا“ هڪ ”اونڌو“ عالمي نُڪتي نظر پيدا ڪندي آهي. اهو انسان ”جنهن اڃا سوڌو پاڻ کي هٿ نه ڪيو آهي“ ان ڏک جي ماٿريءَ ۾ هڪ مٿاهين (مابعد) زندگي جي پرفريب خوابن ۾ تسڪين حاصل ڪري ٿو. جيئن ته هو زمين تي ڏک ۽ سور ۾ مبتلا آهي ان ڪري هو جنت جي برڪتن بابت واعظن وسيلي پنهنجو پاڻ کي آٿت ڏي ٿو.
پنهنجي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ ۽ قدرت خلاف جدوجهد ۾ انسان پنهنجو پاڻ کي هيڻو ۽ بيوس ڀانئي ٿو، ته خدا کي طاقت ۽ مطلق قدرت جو حامل بڻائي ڇڏي ٿو. خدا ۾ انسان خود پنهنجي وجود جي بدبختيءَ جو بدل ڳولي وٺي ٿو. ان ڪري ان زماني جو مذهب نه رڳو هي ته ”هي بي دل دنيا جي دل“ ۽ ”بي روح حالتن جو روح“ آهي، پر هو هن دنيا ۽ ان جي حالتن خلاف هڪ احتجاج به آهي.
پر اهو احتجاج هڪ مجهول احتجاج آهي. مفلسي (پوءِ سماجي هجي يا انفرادي) ڪا اهڙي شَي ناهي جيڪا الاهي جي خلاف هجي پر ان جي اڻٽٽ صفت آهي. هڪ مان ٻئي جو جنم ٿئي ٿو ۽ تعين ٿئي ٿو.
مذهب خلاف بنيادي جدوجهد جي لاءِ ”هن دنيا خلاف“ جدوجهد پهريون شرط آهي ”جنهن جي روحاني خوشبو آهي مذهب“. هيءَ تفاوت جي سڀني صورتن سان انسان جي آزادي لاءِ جدوجهد، ان جي ڀرپور ارتقا لاءِ جدوجهد آهي.
برونو بائر ۽ لڊويگ فيوئر باخ ٻئي مذهب تي تنقيد تائين بيهجي ويا، جڏهن ته ”مذهب تي تنقيد ته سڄي تنقيد جو مقدمو آهي.“
جيڪڏهن، جيئن فيوئر باخ جو خيال هو، انسان ئي انسان جي لاءِ بلند ترين هستي آهي، ته مارڪس منطقي طرح نتيجو ڪڍيو ته انهن سڀني رشتن کي، جن ۾ انسان ذليل، غلام، بيڪس، نفرت لائق آهي، ختم ڪري ڇڏڻ گھرجي، ان ڪري جو انهن رشتن کي ان کان وڌيڪ سٺي نموني بيان ڪري نه ٿو سگھجي جيترو هڪ فرانسي ماڻهوءَ جي واتان بي اختيار نڪتل لفظن ۾ ملي ٿو جيڪي هن ان وقت چيا هئا جڏهن هن اهو ٻڌو ته ڪتن تي ٽيڪس هڻڻ جو منصوبو سِٽيو پيو وڃي. هن چيو، ”ويچارا ڪتؤ! هي ماڻهو توهان سان به انسانن جھڙو سلوڪ ڪرڻ گھرن ٿا!“•
مارڪس پنهنجي ڊاڪٽريٽ جي مقالي ۾ خدائن جي نالي جيڪا همت ڀري چئلينج جاري ڪئي هئي، ان جا نتيجا ڏيکارڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي ذڪر ۾ ڪجھ اڳتي وڌي وياسون. مقالي جي ان نتيجي مان، ته ”عقل جو نه هجڻ ئي خدا جو وجود آهي“، ”عقل کان وانجھيل“ دنيا جي نئين انقلابي جوڙجڪ جي ضرورت جو نتيجو اخذ ڪرڻ تائين بس هڪ ئي وک جي ڳالهه هئي، پر اها ئي اُها وِک هئي جيڪا بنيادي تبديلي چاهيندڙ نوجوان هيگلي کي انقلابيءَ کان الڳ ڪندي هئي.
مذهب تي تنقيد انهن پاسن مان رڳو هڪ هئي جيڪا نوجوان مارڪس جي سائنسي عالمي نُڪتي نظر جي ارتقا اختيار ڪئي. شاگرديءَ جي آخري سالن ۾ هن کي خاص دلچسپي فلسفي سان رهي. ۽ مذهب بابت تنقيدي رويو خود وڏيءَ حد تائين مارڪس جي فلسفياڻي ارتقا وسيلي مقرر ٿيو.