ڏاهي جي ساٿ ۾ ــــــ هڪ ٻيو ڏاهو
- ولاديمير لينن•
1880ع کان پوءِ واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ به اولهندو يورپ انهن ڇِڪتاڻين ۾ ورتل هو جيڪي پيرس ڪميونۡ وارن پيدا ڪيا هئا. روسي سلطنت لبرل ازم جو تماشو ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي وجود جي هڪ انتهائي ڀوائتي ۽ رجعت پرست دَور ۾ داخل ٿي وئي هئي. ان دَور ۾ ملڪ کي ”جھيڙو ڪندڙن“ ۽ ”لبرلن“ کان پاڪ صاف ڪرڻ ۽ هاري غلاميءَ کي بحال ڪرڻ جي ڳالهه چُري. ترقي پسند روسي دانشورن جي دلين تي نااميدي ۽ بيوسي ڇانيل هئي.
گھڻو اڳ جي انهن سالن ۾، جيڪي ويران هئا
دلين ۾ غفلت جو خواب ۽ اونداهي،
پبيدانوستسيف چٻري وانگر پرَ پکيڙي
روس جي جَهان تي ڇانيل هو.
نه هو رات ڏينهن ۾ ڪو فرق
پرن جي پاڇي جي بس هئي ڪاراڻ....
(اليڪسانڊر بلوڪ، ”سزا“)
ان دَور ۾ ڪجھ يورپي عالمن چيو ته انقلابي تحريڪ جو مرڪز روس ڏانهن ڦِري رهيو آهي ۽ اهو ته انقلابي تحريڪ ۽ سوشلسٽ نئين تعمير لاءِ هڪڙي نئين اُڀار جون سڀئي اميدون هاڻي انهيءَ ملڪ سان لاڳاپيل آهن. انهن عالمن ۾ فريڊرڪ اينجلس به هو. لنڊن ۾ مارچ 1883ع ۾ اينجلس سرگرم روسي انقلابي ۽ سوشلسٽ گيرمن لوپاتن سان ڳالهائيندي چيو ته ”هاڻي سڀني شين جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته ويجھي مستقبل ۾ پيٽرس برگ ۾ ڇا ٿو ڪيو وڃي، جنهن تي سڄي يورپ جي سڀني سوچيندڙن، ڏُور رس ۽ تِڇ رس ماڻهن جون اکيون اٽڪيل آهن.“
پوءِ هن پنهنجي خيال جو اظهار اڃا وڌيڪ حتمي طور ڪيو: ”روس موجوده صديءَ جو فرانس آهي. هڪ نئين سوشلسٽ تعمير نو جِي انقلابي شروعات حقيقت ۾ ۽ قانوني طور تي انهيءَ ڪئي آهي...“
آخري روسي زار نڪولائي ٻئي ۽ سندس حڪمرانيءَ جي مقدر کي جنهن ريت اينجلس ٻڌايو آهي، اهو لڳ ڀڳ بصيرت لڳي ٿو: ”هُو اڌ چريو آهي، ذهن ۽ جسم ٻنهي جي لحاظ کان ڪمزور آهي ۽ انهيءَ مان اندازو ٿئي ٿو ته هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي غير محڪم حڪمراني هوندي جيڪو قسمين قسمين سازشون ڪندڙن جي هٿن ۾ محض هڪ رانديڪو هوندو ۽ اهو روسي حاڪماڻي نظام کي سدائين لاءِ ختم ڪرڻ واسطي ضروري آهي.“
اينجلس جي اڳ-ڪٿي توڙي ڪيڏي اچرج جوڳي ڇو نه لڳي، ان ۾ ڪا به شَي مقدرِي يا غير معمولي نه هئي سواءِ، ظاهر آهي ته، اينجلس جي غير معمولي ۽ لاثاني شخصيت جي.
اينجلس جي دانشمنديءَ تي، سندس چوگرد رهندڙ ماڻهو اڪثر ڪري حيران ٿي پوندا هئا. 1848ع جي انقلاب دوران ”نوئيي رائنيشي زاءِ تونگ“، جيڪا مارڪس ڇپيندو هو، هنگريءَ ۾ ٿيندڙ انقلابي جنگ تي وقتاً فوقتاً مضمون ڇپيا جيڪي اطلاعن ۾ ايڏا ڀرپور هئا ۽ انهن فوجي ڪاروائين جي ارتقا بابت انهن جون اڳ-ڪٿيون ايڏيون صحيح هونديون هيون جو انهن کي هنگريائي فوج جي ڪنهن ليڊر سان منسوب ڪيو ويو. اهي مضمون جرمنيءَ ۾ هڪ نوجوان لکندو هو جيڪو هنگري ڪڏهن ويو به نه هو. ان نوجوان جو نالو هو فريڊرڪ اينجلس.
1870ع ۾ فرانسي-پروشيائي جنگ دوران اينجلس جا مضمون پيشيور فوجين جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويا، ان ڪري جو انهن ۾ هُن سيدان جي ويڙهه ۽ فرانسي فوج جي شڪست جي اڳ-ڪٿي ڪري ڇڏي هئي. ان وقت کان مارڪس جي ڪٽنب ۾ کيس ”جنرل“ جي مزاحيه عرفيت سان سڏيو وڃڻ لڳو. ان جو هڪ ٻيو سبب سندس فوجي انداز ۾ هلڻ به هو جنهن سان سندس واقف تڏهن به متاثر ٿيندا هئا جڏهن هو پوڙهو ٿي چڪو هو. فريڊرڪ ليسنر سندس ذڪر هنن لفظن ۾ ڪيو آهي: ”اينجلس.... ڊگھو ۽ سنهي تن وارو هو، سندس هلڻ چَلڻ ۾ تيزي ۽ چستي هئي، سندس گفتگو مختصر ۽ فيصلائتي هوندي هئي. سندس بيهڻ جو انداز سِڌو هو جنهن سان سپاهياڻي عزت پيدا ٿي پوندي هئي.“
پر سندس گھڻن ئي مطالعن جي گهرائيءَ باوجود فوجي حڪمت عملي سندس لاءِ انهن انيڪ دلچسپين مان هڪ هئي جن جي صلاحيت سندس بيحد قابليت واري شخصيت ۾ هئي ۽ جن کي اها جاري رکي سگھندي هئي.
اها ئي دلچسپين جي حيرت واري گھڻائي، علم ۽ لياقت جي اها جامعيت ئي شايد سندس سڀ کان امتيازي خاصيت هئي. اڻويهين صديءَ تهذيب جي سڀني دائرن ۾ سوچ ۽ روح جا مافوق الفطرت انسان پيدا ڪيا پر ان شاندار پس منظر ۾ به مارڪس جي علم وانگر اينجلس جو سمنڊ جهڙو علم به بي مثال هو. ان لحاظ کان ان جي ڀيٽ ارسطوءَ، ليونارڊو ڊاونچيءَ، گوئٽي ۽ هيگل سان ڪري سگھجي ٿي. پاڻ ئي فيصلو ڪيو: اينجلس فلسفِي، سياسي معاشياتـدان، مؤرخ، ٻوليءَ جي علم جو ماهر، ادبي نقاد، مترجم ۽ سياسي صحافي هو. کيس ٺوس عمرانياتي تحقيقن جو باني چئي سگھجي ٿو جنهن جو چمڪندڙ مثال سندس تصنيف ”انگلينڊ ۾ مزور طبقي جي حالت“ آهي. هُو فزڪس، مڪينڪس، ڪيمسٽريءَ، بائلاجيءَ، رياضيءَ، علم هيئت ۽ انيڪ ٽيڪنيڪي شاخن جو تمام سٺو علم رکندڙ هو، جنهنڪري ئي هُو ”فطرت جي جدليات“ ۾ نيچرِي سائنسن جي سڄي ارتقا جو فلسفياڻو خلاصو پيش ڪري سگھيو. جيستائين ٻولين جي ڳالهه آهي ته اينجلس صحيح معنى ۾ سٺي گفتار ڪندڙ هو ۽ ڪيترين ئي ٻولين جي لهجن جو به مڪمل علم رکندڙ هو.
هڪڙي سوشلسٽ هڪ ڀيري ڀوڳن ۾ چيو هو ته ”اينجلس ويهن ٻولين ۾ ٻاتو ڳالهائيندو آهي.“ هُن ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو هو ته اينجلس جڏهن جوش ۾ هوندو هو ته ٿورڙو ٻاتو ڳالهائيندو هو، پر ان سان گڏ اينجلس ۾ ڪا به ڳالهه اڪيلائي پسند عالم ۽ خشڪ ڪتابي ڪِينئين جھڙي نه هئي. کيس راندين ۾ مزو ايندو هو ۽ هُو سواري ڪندو هو، شڪار ڪندو هو. قسمت اهو به طَي ڪري ڇڏيو هو ته هُو ڪارخاني جي معاون، واپاريءَ، تجارتي مسافر، صنعتڪار ۽ سرمائيڪار جا فرض به نڀائي. سچ پچ به علم جو ڪوئي دائرو اهڙو نه هو جنهن سان اينجلس کي دلچسپي نه هجي، ايستائين جو هُو ٻارن جي ڄَم ۽ دائپي بابت ڪتاب به پڙهندو هو.
نوجوانيءَ ۾ اينجلس شاعريءَ ۾ به قسمت آزمائي ۽ فن ۽ ادب کي پنهنجي عملي حياتي بڻائڻ بابت سنجيدگيءَ سان سوچيو. هن کوڙ ساتريون شعري تخليقون ڪيون جيڪي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون ۽ انهن جي بي انتها خوش طبعيءَ ۽ ٽوڪ واري ڪمال سبب، ماڻهن انهن کي پسند به ڪيو.
1840ع جي ڏهاڪي کان پوءِ اينجلس گارڊ ريجمينٽ ۾ رضاڪار جي حيثيت سان فوجي خدمتون به ڏنيون، وري بادين بغاوت ۾ حصو ورتو ۽ ٽي ويڙهيون وڙهيون. جن ماڻهن کيس گولين جي پاڇي ۾ ڏٺو آهي انهن مِڙني کي اينجلس جي بهادري ۽ غير معمولي سُڪون سدائين ياد رهيو.
1830ع واري ڏهاڪي جي پڄاڻيءَ تي ئي اينجلس پنهنجي آئنده دوست جي نمايان لياقت، اڻ شڪست واري سگھ ۽ مونٽين جھڙي سرڪش روح بابت گھڻو ڪجھ ٻڌي چڪو هو. سندن پهرين ملاقات 1842ع جي نومبر ۾ ڪولونۡ ۾ ٿي جڏهن اينجلس انگلينڊ ويندي ”رانيشي زاءِ تونگ“ جي آفيس ۾ ويو، جنهن جو ايڊيٽر مارڪس هو. مختلف معمولي سببن جي ڪري ان ملاقات مان ڪا حقيقي واقفيت نه وڌي، پر جڏهن ٻن سالن کان پوءِ ٻئي پيرس ۾ مليا ته کين اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته هُو ٻئي مختلف راهن کان انهن خيالن تائين پهتا هئا جيڪي بنيادي طور سماج جي ارتقا بابت هڪجھڙا خيال هئا.
ٻنهي جون راهون جڏهن هڪ ڀيرو ملي ويون، ته پوءِ مارڪس جي وفات تائين گڏوگڏ هلنديون رهيون. مارڪسزم هڪڙي ئي ماڻهوءَ جو نانءُ رکڻ باوجود اصل ۾ ٻن ڄڻن جو اهڙو ڪم آهي جنهن کي ڌار ڌار نه ٿو ڪري سگھجي. مارڪس هڪ ڀيري پاڻ اينجلس جو تعارف پنهنجي ”همزاد“ جي حيثيت سان ڪرايو هو.
لينن هڪ ڀيري چيو هو ته مارڪس ۽ اينجلس جا تعلقات انساني دوستيءَ بابت پراڻي وقت جي انتهائي متاثر ڪندڙ قصن کان به وڌيڪ هئا. بظاهر سندس ذهن ۾ ڪاسٽر ۽ پولڪس جو وڻندڙ قصو هو. پولڪس زيئس ۽ ليڊا جو پٽ هو ۽ پنهنجي ”پڳ مَٽ“ دوست جي ابتڙ، لافاني هو. ٻئي هڪ ٻئي کان مختلف هئا ۽ ڌار ڌار قسمن جون لياقتون رکندڙ هئا. ڪاسٽر رَٿ هلائڻ ۾ ماهر هو ۽ پولڪس بي مثال جنگجو هو. ٻئي گڏ هجن ته ڪو به کين هارائي نه سگھندو هو ۽ اهي اڪثر ڪري دشمن کي ڀڄائي ڇڏيندا هئا. ٻئِي هڪ ئي نانءَ سان ياد ڪيا ويندا هئا ”ڊيوسڪيورِي.“
پر هڪ ڀيري ڪاسٽر ويڙهه ۾ مارجي ويو. پولڪس جي نظرن ۾ دنيا اونداهه ٿي وئي. هُو پنهنجي زيئس وٽ ويو ۽ کيس درخواست ڪئي ته منهنجي لافانيت وٺ ۽ مون کي پاڇن جي دنيا، هيڊس ۾ پنهنجي دوست وٽ وڃڻ ڏي. سياڻي زيئس اهو مسئلو ٻيءَ ريت حل ڪيو. هن لافانيت کي ٻنهي دوستن ۾ هڪجيترو ورهائي ڇڏيو. ان ريت ٻنهي کي اڌ وقت هيڊس ۾ رهڻو پوندو هو ۽ اڌ وقت ديوتائن جي دنيا اولمپس ۾.
ديوتائن کي اهڙي نِج دوستي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ هنن ڪاسٽر ۽ پولڪس ٻنهي کي کڻي آسمان تي پهچائي ڇڏيو، جتي اهي جوزا ستارن جي جھرمٽ ۾ چمڪن ٿا. هڪڙو صبح جو ستارو ۽ هڪڙو شام جو ستارو، هڪڙو اونداهيءَ يعني هيڊس ۾ هليو وڃي ٿو ۽ ٻيو اولمپس جي مٿان اڀرندو آهي.
ڊيوسڪيوري وانگر ذهن جي فطرت جي لحاظ کان به مارڪس ۽ اينجلس برابر نه هئا، پر انهيءَ ڪري اهي ٻئي هڪٻئي جو ضميمو بڻجندا هئا.
ماڻهو عام طور اينجلس جي هنن لفظن جو حوالو ڏيندا آهن ته هُو مارڪس جي ”سنگت“ ڪندو هو، ۽ واقعي هو به ايئن ئي. پر خود مارڪس جي بيان کي به ذهن ۾ رکڻ گھرجي، جنهن هڪ ڀيري پنهنجي هڪ دوست کي خط ۾ لکيو: ”تون ڄاڻين ٿو ته هر شَي (1) مون کي دير سان خيال ۾ ايندي آهي ۽ (2) مان سدائين تنهنجي قدمن جي نقش تي هلندو آهيان.“
پنهنجي سموري غير معمولي لياقت باوجود اينجلس ڏاهپ جي تخليقي سگھ ۾، سدائين تجسس ڀري تحقيق جي درستيءَ ۽ گھرائيءَ ۾، اسلوب جي اعلى جدلياتي سونهن ۽ عموميت جِي محڪم قولن جهڙي درستيءَ ۾ مارڪس جي سطح جو نه هو، پر ڪجھ معاملن ۾ اينجلس کي مٿڀرائي حاصل هئي. سندس لاءِ نئينءَ شَي کي سمجھڻ ۽ ان جي نئين سر جوڙجڪ ڪرڻ وڌيڪ سولو هو، هُو هڪ ئي اڪيلي موضوع جي اڀياس ۾ گھڻن ڏينهن تائين الجھيل نه رهندو هو ۽ هُو سائنس ۽ تهذيب جي مختلف دائرن مان مصالحي جو سَت وڌيڪ آزاديءَ سان ڪڍي وٺندو هو.
مشهور سوويت اينجلس شناس، سيريبرياڪوف جي مناسب ڀيٽا جي لفظن ۾، ننڍا هٿيار کنيل مجاهد اينجلس گھڻي ڦـڙتيءَ سان چرپر ڪندو هو، وڌيڪ آزاديءَ سان داءَ پيچ بدلائيندو هو ۽ دشمن جي ڳڙهيءَ تي پهريائين حملو ڪندو هو. اها شَي سائنسي ڪميونزم جي بانين جي روحاني ارتقا جي اولين مرحلن ۾ ئي پڌري ٿي وئي هئي.
باوجود ان حقيقت جي ته اينجلس عمر ۾ مارڪس کان ٻه سال ننڍو هو، هن اخبارن ۽ رسالن ۾ پنهنجيون تخليقون پهريائين شايع ڪرائڻ شروع ڪيون، پهريائين شاعر جي حيثيت سان، پوءِ صحافيءَ جي حيثيت سان. هن موجوده سماجي نظام جي مخالفت جلد ئي شروع ڪئي ۽ مارڪس کان اڳ ۾ ئي انقلابي جمهوريت پسند ۽ ريپبلڪن ٿي ويو. ٻنهي مان اينجلس ئي يوٽوپيائي سوشلزم ۽ ڪميونزم جي تنهن وقت واري شڪل ڏانهن متوجهه ٿيو ۽ هن سياسي معاشيات جي تنقيد پهريائين ڪئي. اينجلس جي ”پٺيان“ هلندي ئي مارڪس کي فطرتي سائنسن جي ڪارنامن سان دلچسپي ٿِي.
پوءِ به حقيقت اهائي آهي ته جتي اينجلس شاندار خاڪا ڇڏيا، اتي مارڪس دَور کي شاباس ڏيندڙ تخليقون ڇڏيون. ٻنهي جو پنهنجو اسلوب آهي، پنهنجي پنهنجي لياقت، سائنسي دلچسپين جو پنهنجو پنهنجو دائرو آهي، پر ان سان هڪ ٻئي لاءِ سندن ڪشش ۾ واڌارو ئي ٿيو آهي. مارڪس جي لحاظ کان اينجلس هڪ حقيقي انسائيڪلوپيڊيا هو ۽ هُو ان خوبيءَ جو قدر ڪندو هو ته اينجلس ڏينهن جو يا رات جو ڪنهن به وقت ڪم ڪري سگھندو هو، ته هُو تيزيءَ سان لکندو هو ۽ منجھس ”شيطاني“ تکاڻ هئي.
سندس سياسي معاشيات جي اڀياسن جي سلسلي ۾ ان ڳالهه تي تفصيل سان بحث ڪرڻ گھرجي. 1844ع ۾ اينجلس جو هڪ مضمون ”ڊوئچ فرانزيسيشي ياربيوخير“ ۾ ڇپيو، جنهن جو عنوان هو ”سياسي معاشيات جي تنقيد جو خاڪو“. ان مضمون جي ليکڪ جي ڄمار 24 سال هئي، پر ان مضمون ۾ جديد سماج جي حياتيءَ جا بنيادي سوال ايڏي بهادريءَ سان ۽ نمايان طور کنيا ويا هئا ۽ ڪلاسيڪي سياسي معاشيات جي اصولن تي ايڏي گهري تنقيد ڪئي وئي هئي، جن تي پهريائين ڪنهن ڪو به شڪ ئي نه ڪيو هو، جو اينجلس بنا دير ان ميدان ۾ هڪ مڃيل ماهر ٿي ويو. ان مضمون ۾ ڪيترائي بنيادي طور نوان خيال هئا، جن کي پوءِ مارڪس ”ناڻي“ ۾ نکاريو سنواريو. اهو حقيقت ۾ سائنسي سوشلزم جو پهريون معاشي مضمون هو، ۽ پاڻ مارڪس به ”ناڻي“ ۾ وري وري ان جو حوالو ڏي ٿو.
هڪ سال پوءِ اينجلس پنهنجو ڪتاب ”انگلينڊ ۾ مزور طبقي جي حالت“ ڇپيو. ان ۾ گھڻي مقدار ۾ حقيقتن تي مشتمل مواد هو جنهن جي بنياد تي مصنف نه رڳو اهو نتيجو ڪڍيو ته پرولتاريه تڪليفون سهندڙ طبقو آهي پر سماج ۾ ان جي انقلابي ڪردار لاءِ سائنسي اساس به فراهم ڪيو. ڪيئي سال پوءِ اينجلس جي نالي هڪ خط ۾ مارڪس لکيو ته اهو ڪتاب ڪيتري قدر تازگيءَ ۽ جذبن سان لکيو ويو هو، هُو ان جي بهادر دُور انديشيءَ ۽ ان ۾ ڪنهن به طرح جي علمي يا سائنسي شَڪن جي کوٽ جو ڏاڍو قدر ڪندو هو.
لينن به اينجلس جي ان ڪتاب کي ڏاڍو اهم سمجھندو هو. سندس خيال هو ته 1845ع کان اڳ يا ان کان پوءِ مزور طبقي جي ڏک سُور جِي ايڏي نمايان ۽ سچي تصوير عام منظر تي ناهي آئي.
جنهن محقق ايڏي شاندار شروعات ڪئي هئي، ان جو اڳلو وڏو ڪتاب 1878ع ۾ ڇپيو. اينجلس جي انهن ٻنهي ڪتابن جي وچ ۾ 33 سالن جي وٿي هئي. اهو سچ آهي ته اهي سال مڪمل ادبي ماٺ جو دَور نه هئا. اينجلس اخبارن ۽ رسالن ۾ انيڪ مضمون ڇپرايا، پر بدقسمتيءَ سان هُو ڪو وڏو ڪتاب لکي نه سگھيو. اهو شايد سندس حياتيءَ جو سڀ کان ڏکوئيندڙ رُخ آهي.
1849ع جي پڇاڙيءَ ۾ جرمنيءَ جي انقلابي واقعن کان پوءِ، جن ۾ مارڪس ۽ اينجلس گھڻي ئي سرگرميءَ سان سڌيءَ ريت بهرو ورتو، ٻئي هجرت ڪري انگلينڊ هليا ويا. مارڪس ۽ سندس ڪٽنب جي مدد ڪرڻ جي خيال کان، جيڪو هاڻي روزيءَ جي ڪنهن ذريعي کان سواءِ ٿي پيو هو، اينجلس مانچسٽر ۾ رهڻ لڳو ۽ هڪڙي سوٽي ڪپڙي جي مل ۾، جنهن ۾ سندس پيءُ حصيدار هو، دفتري ڪلارڪ جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ لڳو. ان ”واپاري غلاميءَ“ ۾ هن 20 سال قربان ڪيا! ۽ ان سموري عرصي ۾ مارڪس ۽ اينجلس ۾ ڏاڍي جيالِي خط ڪتابت رهي ۽ لڳ ڀڳ هر خط ۾ اينجلس، جيڪو پاڻ به ڪنهن طرح عيش ڀري حياتي نه گذاري رهيو هو، اطلاع ڏيندو هو ته هن معمولي رقم جي هڪ چيڪ موڪلي ڇڏي آهي. فرانز ميئرنگ صحيح چوي ٿو ته اهڙي قرباني ڏيڻ ۽ اها قبولڻ ٻنهي جي لاءِ برابر مٿاهون ۽ شريف روح گھربل هو. اهو رڳو مادي امداد جو سوال نه هو.
جڏهن مارڪس کي ”نيويارڪ ڊيلي ٽربيون“ لاءِ مضمون لکڻ جو چيو ويو، ته اينجلس انهن مضمونن کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪندو هو، ان ڪري جو سندس دوست کي تنهن وقت تائين انگريزيءَ ۾ پوري رواني نه هئي.
مارڪس کي ”ناڻي“ جي سلسلي ۾ پنهنجي ڪم دوران جيڪي به مشڪلون ۽ مسئلا ٿيندا هئا انهن سڀني تي هُو اينجلس سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو هو، ۽ پوءِ مارڪس لاءِ اينجلس جي راءِ وڏي اهميت رکندي هئي. پنهنجي دوست سان مشورو ڪرڻ کان سواءِ مارڪس پنهنجي لنڊن واري حياتيءَ جي دَور ۾ هڪڙو به عملي قدم نه کنيو ۽ نه ئي هڪڙي به لکڻي ڇپرائي.
سندن دوستيءَ ”مقدس خاندان“ ۽ ”جرمن آئيڊيالاجيءَ“ تي ڪم ۾ تخليقي ڀائيواريءَ سان واڌ ويجھ ڪئي، ان کي سندن انقلابي سرگرميءَ سان سگھ ملي ۽ وقت گذرڻ سان اها اڃا وڌيڪ پُختي ٿيندي وئي. سندن روحاني ڀائيواري ايڏي پختي هئي جو هڪ ٻئي کان سواءِ سندن ڪم ڪار اڳتي وڌِي ئي نه پئي سگھيو.
مارڪس خوددار ۽ جلدي ڪاوڙجندڙ ماڻهو هو پر کيس پنهنجيءَ تنقيد کان گھڻي وڌيڪ ڪاوڙ اينجلس جي تنقيد سان لڳندي هئي. هُو پاڻ مٿان زر پرست منشين جي زهريلن حملن کي فلسفياڻي خاموشيءَ سان سَهندو هو ۽ جواب ڏيڻ جي زحمت نه ڪندو هو. پر جيڪڏهن معاملو اينجلس جي عزت جو هجي، ته پوءِ مارڪس کان نه ته درگذر جي توقع ڪري سگھجي پئي، نه ئي رحم جِي. هُو هڪدم ويڙهه جي ميدان ۾ لهي پوندو هو. جڏهن 1850ع ۾ ميولرٽيلرنگ نالي هڪ شخص مزدورن جي جماعت کي اينجلس بابت تهمتن ڀريو خط لکڻ جي همت ڪئي ته مارڪس وَسي پيو. هن تهمتون هڻندڙ بدبخت کي ڏاڍو ضبط ڪري ڪاوڙ مان لکيو: ”ڪلهه تو مزورن جي تنظيم کي خط لکيو آهي سندس سلسلي ۾، جيڪڏهن اينجلس تي شرم جوڳيون تهمتون هڻڻ کان پوءِ تون ان لائق هجين ها ته مان توکي ڊوئل وڙهڻ جي چئلينج ڪيان ها.... مان تو سان گڏ هڪڙي ٻئي ميدان ۾ مقابلي جو منتظر آهيان ته جيئن مان ان انقلابي ڪٽرپڻي جي فريبي نقاب کي ڇِڪي اڇلايان جنهن جي اوٽ ۾ تون هن مهل تائين پنهنجن ڪِريل مفادن، پنهنجي ساڙ، پنهنجي غير مطمئن غرور ۽ ان ڳالهه تي پنهنجي هوس ڀرِي ڪاوڙ کي لڪائيندو رهيو آهين جو دنيا تنهنجي عظيم ڏاهپ کي نه ٿي مڃي....“
۽ جڏهن پنهنجي دوست جي عزت جو بچاءُ ڪرڻ جو سوال هجي ها ته اينجلس جو رد عمل به اهڙو ئي هجي ها. هن عامِي معاشياتدان لوريا کي، جيڪو ”ناڻي“ جي خيالن جي انڪار ڪرڻ ۽ انهن کي بگاڙڻ ۾ مهارت رکي پيو، سخت ڪاوڙ منجھان دڙڪا ڏنا هئا. ”ڪارل مارڪس بابت مون کي تنهنجو مضمون مليو. توکي سندس تعليمن جي صفا سخت تنقيد ڪرڻ جِي ۽ انهن کي غلط سمجھڻ جِي به مڪمل آزادي آهي، توکي مارڪس جِي اهڙي سوانح حيات گھڙڻ جي به پوري موڪل آهي جيڪا صفا هٿ ٺوڪي هجي، پر جنهن شَي جي توکي ڪڏهن به اجازت نه ڏيندس اها آهي منهنجي مرحوم دوست جي ڪردار بابت تهمتون گھڙڻ.“
اينجلس جڏهن لنڊن ويندو هو ۽ دوستن جي روبرو ملاقات ٿيندي هئي ته مارڪس جي گھر ۾ سچي خوشي اچي ويندي هئي. مارڪس جون ڌيئر اينجلس کي پنهنجو ٻيو پيءُ چونديون هيون. اهو چوڻ ڏکيو آهي جيڪڏهن اينجلس جي سالن تائين رهندڙ بي لوث امداد نه هجي ها ته مارڪس ۽ سندس ڪٽنب جو ڇا ٿئي ها. هن ڄاڻي واڻي پاڻ پنهنجين سائنسي دلچسپين کي هڪ پاسي ڪري ڇڏيو ۽ انهن کي پنهنجي دوست جي سائنسي مطالعن تي قربان ڪري ڇڏيو. مارڪس جي دل تي سدائين ان جو ڏاڍو بار رهيو.
16 آگسٽ 1867ع تي ٻِي وڳي صبح جو مارڪس ”ناڻي“ جي پهرين جلد جا پروف پڙهي پورا ڪيا ۽ اينجلس کي لکيو: ”ته هيءُ جلد پورو ٿي ويو. اهو فقط تنهنجي ڪري ممڪن ٿيو آهي. مون لاءِ جيڪڏهن تو پنهنجي قرباني نه ڏني هجي ها ته مان ٽن جلدن لاءِ اهو زبردست ڪم ڪڏهن به نه ڪري سگھان ها. مان توکي ڀاڪر پايان ٿو، شڪرگذاريءَ منجهان.“
اينجلس پنهنجيءَ قسمت جي ڪڏهن شڪايت نه ڪئي، نه ئي افسوس ڪيو. هُو پنهنجي ڪم ۾ ايڏو خوش ۽ پُرسڪون رهندو هو ڄڻ ڪارخاني وڃڻ يا آفيس ۾ ويهڻ کان وڌيڪ دنيا ۾ ٻيو ڪجھ آهي ئي نه.
ان جو اصل ۾ مطلب اينجلس جي لاءِ ڪهڙو هو، ان جو اندازو ايليونورا مارڪس ايولنگ جي يادن جي هيٺئين ٽڪري مان لڳائي سگھجي ٿو جيڪا ان ڏينهن اينجلس جي ئي گھر ۾ هئي جڏهن سندس ”سخت پورهيي سان قيد“ ختم ٿي رهيو هو.
”مان ان فتحمنديءَ کي ڪڏهن به وساري نه ٿي سگھان جنهن سان هن صبح جو آخري ڀيرو آفيس وڃڻ لاءِ بوٽ پاتو ۽ چيو: ’آخري ڀيرو!‘
”ڪجھ ڪلاڪن کان پوءِ اسان ڦاٽڪ تي بيٺا سندس انتظار ڪري رهيا هئاسين. اسان کيس، جنهن گھر ۾ هُو رهندو هو، ان اڳيان ميدان ۾ ڏٺو. هُو پنهنجي لٺ هوا ۾ لوڏي رهيو هو ۽ ڳائي رهيو هو. سندس منهن ٽـڙيل هو. پوءِ اسان جشن ملهائڻ لاءِ ميز سينگاري، شئمپيئن پيتي ۽ خوشيون ملهايون.
”ان وقت مان ان سڀ ڪجھ کي سمجھڻ لاءِ ڏاڍي ننڍڙي هيس، پر هاڻي جڏهن سوچيان ٿي ته اکين ۾ ڳوڙها تري اچن ٿا.“
ان ڏينهن اينجلس پنهنجيءَ ماءُ کي لکيو: ”مان صفا ٻيو ماڻهو ٿي پيو آهيان ۽ 10 سال ننڍڙو ٿي پيو آهيان.“
اينجلس سان لاڳاپيل هر شَي ۾ حياتيءَ جو جوش ۽ مزو، بيساختگي، سگھ ۽ خاص وضاحت ۽ گرم جوشي کيس ڏاڍو وڻندڙ انسان بڻائي پئي. هڪ ڏينهن مارڪس کي پنهنجي هيمبرگ جي ناشر جو خط مليو جنهن کيس خبر ڏني هئي ته اينجلس ساڻس ملڻ آيو هو ۽ ان ريت هُو پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڻندڙ ماڻهوءَ سان مليو.
مارڪس خط پڙهڻ ڇڏي، ڏاڍي سادگيءَ ڀريي فخر سان چيو: ”ڀلا اهو ڪهڙو شخص هوندو جيڪو فريڊ کي ايڏو ئي ملنسار به نه سمجھي جيڏو هُو عالم آهي.“
۽ جڏهن ماڻهو اينجلس جو ”اعتراف“ پڙهي ٿو، جيڪو هن مارڪس جي ڌيئرن جي سوالنامي جي جواب ۾ خوش دليءَ سان لکيو هو، ته به هُو هڪڙو وڻندڙ، خوش مزاج ۽ خوش طبع ماڻهو نظر اچي ٿو.
* اوهان جي وڻندڙ خوبي خوش مزاجي.
* مرد جي خاص خوبي پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ.
* عورت جي خاص خوبي شيون رکي وساري ڇڏڻ.
* اوهان جي خاص خاصيت سڀ شيون ٿورو ٿورو ڄاڻڻ.
* اوهان جو خوشيءَ جو تصور شاتو مارگو، 1848ع
* اوهان جو ڏک جو تصور ڏندن جي ڊاڪٽر وٽ وڃڻ.
* برائي، جيڪا اوهان معاف
ڪري ڇڏيو ٿا هر قسم جي گھڻائي.
* برائي، جنهن سان اوهان
نفرت ڪيو ٿا منافقت.
* اوهان جي چِڙ بناوٽي مغرور عورتون.
* وڻندڙ مشغلو ٽوڪ ڪرڻ ۽ مذاق جو شڪار ٿيڻ.
* محبوب هيرو ڪو به نه.
* محبوب هيروئن ڪيئي آهن، نالا نه ٿا ڳڻائي سگھجن.
* وڻندڙ گُل بلوبل.
* وڻندڙ رنگ ڪو به، جيڪو انيلين نه هجي.
* وڻندڙ کاڌو ٿڌو: سلاد، گرم: آئرش اسٽو.
* وڻندڙ قانون ڪوئي قانون نه رکڻ.
* وڻندڙ اصول گھٻرائڻ جي ڪا ڳالهه ناهي.
مارڪس وانگر اينجلس به غير معمولي طور تي ترقي يافته شَي لطيف رکندو هو. ان سان کيس هجرت جي حياتيءَ جو بار کڻڻ ۾ مدد ملي.
اينجلس جي نالي هڪ خط ۾ مارڪس خراب صحت جي ڪري پنهنجين تڪليفن جو ذڪر ڪرڻ کان پوءِ لکيو ته انهن سڀني حالتن باوجود هُو هميشه کان وڌيڪ ان ڳالهه کي محسوس ڪري ٿو ته سندن جهڙي دوستي عظيم خوشي هوندي آهي ۽ اهو ته هُو ڪنهن به ٻئي رشتي جو ايڏو قدر نه ٿو ڪري.
ڪاروبار جي نفرت قابل ويڙَهه کي لاهي اڇلائڻ کان پوءِ اينجلس لنڊن اچي ويو ۽ مارڪس جي گھر ويجھو ئي رهڻ لڳو. دوستن منجھ تقريباً ڏهاڙي ملاقات ٿيندي هئي. اينجلس هاڻي تمام گھڻي محنت ڪري رهيو هو ۽ انهن سڀني تخليقي منصوبن کي پورو ڪري رهيو هو جن ۾ خاص منصوبو هو فطرتي سائنسن جي ڪارنامن جو جدلياتي سَتُ پيش ڪرڻ جو عظيم ڪم سرانجام ڏيڻ. 1878ع ۾ سندس ڪتاب ”ڪٽيندڙ ڊوئرنگ“ ڇپيو جيڪو لينن جي لفظن ۾ فلسفي، فطرتي سائنس ۽ سماجي علمن جي ميدان ۾ انتهائي اهم مسئلن جو تجزيو ڪري ٿو. هن قديم ابتدائي سماج جي تاريخ جو اڀياس به ڪيو جڏهن هُو ڪتاب ”ڪٽنب، ذاتي ملڪيت ۽ رياست جي ابتدا“ لاءِ ڪم ڪري رهيو هو، جيڪو 1884ع ۾ ڇپيو.
پنهنجي خالص سائنسي اڀياسن کان سواءِ اينجلس پارٽيءَ جو تنظيمي ڪم به انتهائي توانائيءَ سان ڪيو. کيس انٽرنيشنل جي جنرل ڪائونسل جو رڪن چونڊيو ويو، جتي سندس ذمي ڪيترن ئي ملڪن لاءِ خط پَٽ لکندڙ سيڪريٽريءَ جا فرض ڪيا ويا.
اينجلس هميشه ڪوشش ڪئي ته پنهنجين سائنسي دلچسپين کي انقلابي جدوجهد جي عملي مقصدن موجب رٿي. ايئن، مستقبل جي دُور انديشي ڪندي هن پراڻي وقت جون ٻوليون پڙهڻ شروع ڪيون.
مارڪس ۽ اينجلس مزور طبقي جي تحريڪ جي ڪاميابي پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ ئي ڏسي ورتي. اهي هر فتح جو جشن ذاتي فتح وانگر ملهائيندا هئا. پنهنجي پوڙهپڻ ۾ به اينجلس جرمنيءَ ۾ پارليامينٽري چونڊن جي موقعي تي پنهنجي گھر ۾ حقيقي جشن جو انتظام ڪندو هو. ايڊورڊ ايولنگ ياد ڪري ٿو ته اينجلس خاص جرمن بيئر جو هڪ پيپا (ڪاٺيءَ يا ڌاتوءَ جو ٿانءُ) خريد ڪندو هو ۽ دسترخوان تي خاص کاڌا رکندو هو (اينجلس ڏاڍا سٺا کاڌا پچائيندو هو) ۽ پنهنجن ويجھن دوستن کي گھرائيندو هو. ”’جنرل‘ هر هڪ تار کي کوليندو هو ۽ ڏاڍيان پڙهندو هو. جيڪڏهن جيت ٿيندي هئي ته (چونڊن ۾ سوشل ڊيموڪريٽن جِي. - مصنف) ته اسان پيئندا هئاسين ۽ هارائڻ جي خبر هوندي هئي ته پيئندا هئاسين.“
1883ع ۾ مارڪس جي وفات کان پوءِ اينجلس مزور طبقي جي بين الاقوامي تحريڪ جو مڃيل اڳواڻ ٿي ويو. هن رهنمائيءَ جا فرض نڀايا پر پاڻ اڳ وانگر ئي انڪسار ڪندڙ، سادو ۽ ٺاهه ٺوهه کان آجو رهيو. پوءِ، هڪ ڏينهن هن پاڻ بابت لکيو: ”قسمت جي اها ئي مرضي هئي ته مان، جيئرو رهي پوڻ ڪري اهو اعزاز حاصل ڪيان جيڪو منهنجي فوتي همعصرن جي ڪري ۽ سڀ کان وڌيڪ مارڪس جي ڪم جي ڪري آهن.“ ۽ هن وچن ڪيو ته هُو پنهنجي بچيل زندگي پرولتاريه جي سرگرم خدمت ۾ گذاريندو ته جيئن گھٽ ۾ گھٽ مستقبل ۾ جيستائين ٿي سگھي ان اعزاز جي لائق بڻجي، جيڪو کيس مليو آهي.
مارڪس ۽ اينجلس پنهنجي حياتيءَ جي آخري سالن ۾ روس ڏانهن ڌيان ڏنو. اينجلس ڪيترن ئي مشهور روسي سوشلسٽن، پليخانوف، زاسوليچ، لوپاتن ۽ ٻين سان خطن وسيلي لک پڙهه ڪندو هو.
روسي انقلابين سان پنهنجيءَ ڳالهه ٻول ۾ اينجلس اصرار ڪندو هو ته کيس بس مارڪس جي لکڻين جا حوالا نه ڏيڻا پون پر ايئن سوچڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي جيئن مارڪس جيڪڏهن سندس جڳهه تي هجي ها ته سوچي ها. هُو سمجھي پيو ته لفظ ”مارڪسي“ کي صرف انهيءَ ئي صورت ۾ وجود جو حق آهي. اينجلس کي يقين هو ته روس ۾ ايندڙ انقلاب سڄي عالمي ڪميونسٽ تحريڪ جي مقدر ۾ هڪ اهم حصو ادا ڪندو، ۽ سندس خيال غلط نه هو.
اينجلس کي پنهنجي چونڊيل راهه جي صحيح هجڻ جو ۽ ان مقصد جي عظيم مستقبل جو يقين هو، جنهن لاءِ هن ۽ مارڪس پنهنجيون سڀ توانائيون وقف ڪيون هيون. ان ڪري زندگيءَ سان اٿاهه پيار ڪرڻ جو اينجلس کي پورو حق هو، ۽ سڀني بارن باوجود اينجلس جي زندگي به ايڏي ئي ثابت ۽ شاندار هئي جيڏو هُو پاڻ هو.
مارڪس جي وفات کان پوءِ ”ناڻي“ جي ٻئي ۽ ٽئين جلد جي تڪميل اينجلس جو خاص ڪم هو. پاڻ پنهنجي مسودي ”فطرت جي جدليات“ کي هڪ پاسي ڪري، جيڪو پوءِ مڪمل ٿي ئي نه سگھيو، اينجلس پنهنجي دوست جي مسودي تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هن اهو ڪم پنهنجي فوتيءَ کان بس ڪجھ مهينا اڳ پورو ڪيو پر ان کي انهيءَ ساڳئي ڌيانَ، حد کان وڌ احتياط ۽ ڏاڍي صحيح مواد سان پورو ڪيو جيڪا سدائين سندس خاصيت رهي هئي.
ان ڪري ”ناڻي“ جي ڇپائي ٻن ڏاهن جو ڪارنامو آهي. انسانـذات ايڏي روحاني سگھ رکندڙ ڪنهن ٻيءَ لکڻيءَ کان آگاهه ناهي جيڪا ان کان پوءِ واري سڄي مقدر تي ايڏي اثرانداز ٿي هجي.
***
هاڻ جڏهن ته اسان کي اهو معلوم ٿي ويو آهي ته ڪيئن ۽ ڪهڙين حالتن ۾ ”ناڻو“ لکيو ويو، ته اچو ته ان حيرت ڀري ڪتاب ڏانهن ڌيان ڏيون. خالص معاشي مسئلن کي ڇڏي ڪري، اچو ته اسان ان کي هڪ اهڙي ڪتاب وانگر ڏسڻ جي ڪوشش ڪيون جنهن نئين، نج سائنسي عالمي نُڪتي نظر کي، جدلياتي ۽ تاريخي ماديت جي فلسفي کي مڪمل وجود ڏنو.