تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڏاهپ جو جنم

سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي پاران روشن خيال تعليمي ڪتابي سلسلي جو 14 نمبر ڪتاب ”ڏاهپ جو جنم“ پيش آهي. هي اهم ڪتاب ڪارل مارڪس جي شخصيت ۽ عالمي نقطي نظر جي اوسر بابت آهي. ڪتاب جو ليکڪ گينرخ وولڪوف آهي جڏهن ته سنڌي ترجمو ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ۽ رياضت ٻرڙي پاران ڪيو ويو آهي.
Title Cover of book ڏاهپ جو جنم

هڪ سچي جنگي نعري جي ڳولا

.... اسين دنيا جي آڏو اصول پرستيءَ واري طريقي سان ڪو نئون اصول نه ٿا رکون ته هيءَ آهي سچائي، هن جي آڏو تعظيم ڪندي سيس نِوايو! اسين دنيا لاءِ نوان اصول دنيا جي پنهنجن اصولن مان نکاريون سنواريون ٿا.
- ڪارل مارڪس
پر تاريخ جي ماديت پسنديءَ واري نظريي جي جوڙجڪ ۽ ترتيب لاءِ مارڪس ڪهڙيون راهون ورتيون؟
1842ع جي ابتدا ۾ ئي مارڪس پنهنجي هڪ مضمون ۾ اعلان ڪيو هو ته لڊويگ فيوئرباخ دهريت، ماديت پسنديءَ ۽ انسان دوستيءَ جو وجداني کاٽائو ۽ ”اسان جي دَور جي پاڪ عرصي“، آزاديءَ ۽ سچائيءَ جي راهه تي ”باهه جو چشمو“ آهي.
هن ”قياسي فقيهن ۽ فلسفين“ جي نالي يعني ديندارن ۽ خيال پرستن جي نالي هڪ اپيل جاري ڪئي: ”جيڪڏهن توهان شَين تائين پهچڻ چاهيو ٿا جيئن اهي حقيقت ۾ موجود آهن ته پنهنجو پاڻ کي اڳوڻي قياسي فلسفي جي تصورن ۽ تعصبن کان آزاد ڪري ڇڏيو.“
مارڪس 1841ع جي اونهاري ۾ لڊويگ فيوئرباخ جو ڪتاب ”عيسائين جو سَتُ“ پڙهيو. اينجلس ڏاڍي خوبيءَ سان بيان ڪيو آهي ته هن ڪتاب ان زماني جي نوجوان هيگلين تي ڪهڙو اثر وڌو.
ان ڪتاب هڪ ئي ڌڪ ۾ انهن سڀني تضادن کي ذرا ذرا ڪري ڇڏيو جن ۾ نوجوان هيگلي منجهيل هئا ۽ ان سڌن سادن لفظن ۾ ماديت پسنديءَ جي سوڀ جو اعلان ڪيو. ”قدرت سڄي فلسفي کان آزاد ٿيل نموني موجود آهي. هي اهو بنياد آهي جنهن تي اسين انسان، جيڪي پاڻ به قدرت جي پيداوار آهيون، وڌي وڏا ٿيا آهيون. قدرت ۽ انسان کان ٻاهر ڪنهن به شَي جو وجود ڪونهي ۽ اسان جي مذهبي خيال آرائين جن مٿاهين هستين جي تخليق ڪئي آهي، اهي خود اسان جي جوهر جا پرانهان عڪس آهن. جادو ٽٽي ويو. ’نظام‘ ڊهي پيو ۽ ان کي هڪ طرف هٽايو ويو ۽ تضاد، جڏهن اهو ڏيکاريو ويو ته رڳو اسان جي تخيل ۾ وجود رکي ٿو ته، زائل ٿي ويو. ان جو اندازو ان ماڻهوءَ کي ئي ٿي سگھي ٿو جنهن پاڻ ان ڪتاب جو نجات ڏياريندڙ اثر محسوس ڪيو هجي. هڪ عام جوش هو. اسين سڀ هڪدم فيوئرباخي ٿي وياسون.“•
اينجلس جي ان معنى خيز ۽ واضح بيان جو اطلاق مارڪس جي روحاني ارتقا تي صفا سادي طريقي سان نه ڪرڻ گھرجي جو ان جو مطلب اهو نڪري ته مارڪس کي بس رڳو فيوئرباخ پڙهڻ جي ضرورت هئي ۽ ان کي پڙهندي ئي اڳوڻي خيال پرست ۽ نوجوان هيگلي مان هو هڪدم بدلجي ويو ۽ رات وچ ۾ ماديت پسند ٿي پيو.
ايڏي اونهي ۽ آزاد خيال ماڻهو جي لاءِ، جيئن مارڪس پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ به هو، هن جي بنيادي نظرياتي عقيدن ۾ ڪا تبديلي رڳو وقت جي يا نج خارجي اثر جو سوال ته پئي ٿي سگھي.
هو انهن ماڻهن مان نه هو، جيڪي نون اصولن کي اکيون ٻوٽي ڀروسي تي پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار رهندا آهن پوءِ ڀلِي ته انهن کي قائل ڪندڙ ۽ وجداني انداز ۾ ئي ڇو نه پيش ڪيو ويو هجي. ڪنهن به سچي سائنسدان جيان هو ”ٻين ماڻهن“ جا عقيدا اوڌارا نه وٺندو هو پر انهن کي هڪ اهڙي بنياد جيان استعمال ڪندو هو جن تي خود پنهنجا عقيدا تخليق ڪري سگھجن. ڪنهن نئين نظري خيال کي قبول ڪرڻ کان اڳ هن لاءِ ضروري هو ته ان کي باريڪ تنقيدي سوچ سان پرکي جيڪا پاڻ پنهنجي معاملي ۾ به بنا رک رکاءَ جي هئي. اڃا به وڌيڪ، رڳو اهو نه ته نون اصولن جي پروانن ۾ ”جوڙ“ ڏنو ويندو هو پر انهن جي لاءِ سموري گڏ ڪيل روحاني دولت جو نئين سر جائزو گهربل هوندو هو. هن کي سڄي فلسفي جي نظام ۾ پاڻ پنهنجي جاءِ ڳولڻي هوندي هئي. ان نظام ۽ نون اصولن ٻنهي کي نئين سر منظم ڪرڻ هوندو هو ته جيئن انهن جي ”هم جنسِي“ مڪمل ٿئي.
ان قسم جو رويو سوچ جي هر رنگ جي سلسلي ۾، ايستائين جو سڀ کان وڌيڪ غير اهم جي سلسلي ۾ به مارڪس جي خصوصيت هو، ان ڪري هن جي فلسفياڻن عقيدن ۽ اهم ترين موڙ جو جائزو وٺندي ان کي ذهن ۾ رکڻ گھرجي.
ماديت پسنديءَ تائين پهچڻ لاءِ مارڪس جو رستو سڌو سنئون نه هو. ان سلسلي ۾ فيصلو ڪندڙ ڪردار ادا ڪرڻ وارو رڳو فيوئرباخ ئي نه هو. ماديت پسنديءَ ڏانهن مارڪس جي رهنمائي هڪ ڊگھي ۽ منجھيل ڪامليت، سڀني اڳوڻن فلسفياڻن تهذيب جي ڪارنامن کي تنقيدي طرح پنهنجو پاڻ ۾ سمائڻ، مذهبي عالمي نُڪتي نظر سان هڪ ويڙهه، هيگل جي شاندار نظام سان لاڳيتي جدوجهد ڪئي جيڪي پهريائين ان جي تجديد ڪرڻ جي مقصد سان هئي ۽ پوءِ ان کان اڳتي وڌڻ جي مقصد سان.
هيگلي فسلفي جي ”قياسي نوعيت“ کان بي اطميناني، ”دنيا“ سان فسلفي جي هڪ ويجهڙي اتحاد جي ڳولا، دهريتي عقيدن لاءِ هڪ غير متضاد نظري بنياد جي ڳولا ــــــــ اهي سڀ شيون ڪارڻ بڻيون ته مارڪس پنهنجي ڊاڪٽريٽ جي مقالي ۾ ئي ماديت پسنديءَ ڏانهن ڌيان ڏي. پر ان ۾ يوناني ماديت پسنديءَ لاءِ جيڪا همدردي ڏيکاري وئي هئي، اها ان وقت تائين نظري طرح حاصل نه ٿي هئي.
”عيسائيت جو سَت“ ۽ فيوئرباخ جي ٻين ڪتابن مارڪس جي سوچ کي ان ڏِس ۾، جنهن ۾ اها اڳ ئي وڌي رهي هئي، بلاشڪ وڌيڪ سگھارو تحرڪ ڏنو.
پر ان ڏس ۾ شايد سڀ کان وڌيڪ تحرڪ ”رائنيشي زاءِ تونگ“ ۾ مارڪس جي تيز صحافياڻين سرگرمين جي ڪري، عوام جي مظلوم ۽ محڪوم حصن جي هڪ جوشيلي مقرر جي حيثيت وٺڻ جي ڪري، سياسي ۽ سماجي قوت جي ور وڪڙ ٽڪراءَ ۽ گڏيل عمل کي، طبقاتي آرزوئن ۽ مادي مفادن کي سمجهڻ جي خواهش جي ڪري ملي.
ان معاملي ۾ فيوئرباخ جي ماديت پسنديءَ کان ايتري ئي گھٽ مدد ملي سگھي پئي. جيتري هيگل جي قانوني فسلفي کان. فيوئرباخ ٺيڪ انهيءَ ميدان ۾ خيال پرست رهيو جنهن ۾ مارڪس سڀ کان وڌيڪ جاچ ڪرڻ گُھرِي ٿي، يعني سماجي رشتن جي ميدان ۾. هتي ته فيوئرباخ هيگل کان به گهٽ هو.
ان ڳالهه جي کوج ڪرڻ ڏاڍي دلچسپ آهي ته مارڪس جِي تِـڇ تائين رسندڙ سوچ ڪيئن سچائيءَ جي ذرن کي کوٽي ٿي ۽ سماجي رشتن جي هڪ وضاحت ڏانهن جاچيندي وڌي ٿي.
1842ع جي ابتدا ۾ مارڪس لکي ٿو ته ”مادي جي لهجي سان“ ڳالهه ڪرڻ، ”هر شي جي بنيادي نوعيت مطابق ان تي“ رد عمل ڪرڻ ضروري آهي، ته سچائي شين کي ان نموني سمجهڻ ۾ آهي ”جيئن اهي حقيقت ۾ آهن“.
انهن بيانن جو ماديت پسند لاڙو ناقابل انڪار آهي پر انهيءَ ۾ ماديت پسندي انتهائي تجريدي شڪل ۾ ظاهر ٿئي ٿي ۽ سماجي سوالن کي ڇُهي به نه ٿي.
1842ع جي سرءُ ۾ ڪاٺ جي چوريءَ متعلق مضمون تي ڪم ڪندي مارڪس قانون جي رشتي جي نوعيت کي وڌيڪ سٺي نموني سمجهڻ جي ضرورت ۾ ڦاٿو ۽ هن ملڪيت ۽ قانون جي هڪ ٻئي سان لاڳاپي تي سوچ ويچار ڪئي. جيئن ته نجي ملڪيت ماڻهوءَ تي مالڪيءَ جو حق، بي جائداد خلاف قانوني ۽ رياستي انتظامي پابندين جو حق عطا ڪري ڇڏي ٿي، ان ڪري ڇا اِهو ئي اُهو عنصر آهي جيڪو سياسي ۽ قانوني ادارن جو تعين ڪري ٿو؟ اهو چِٽو پٽو نتيجو معلوم ٿئي ٿو، پر پاڻ مارڪس اڃا سوڌو ان جي جوڙجڪ ۽ ترتيب ناهي ڪئي.
1843ع جي ابتدا ۾ مارڪس سماجي رشتن جي مِڪئنـزم جي سچي تفسير تائين وڌيڪ قطعي طور پهچي وڃي ٿو. موزيل ۾ انگور اپائيندڙن جو بچاءُ ڪندي هو ڏيکاري ٿو ته سماجي ناانصافي بذات خود انفرادي شخصيتن جي عملن مان نه ٿي پيدا ٿئي، جو اهي شخصيتون ”هم عصر دَور جي سڄي سختيءَ“ جو وجود آهن ۽ اهي ناتا ”عام، نظر نه ايندڙ ۽ مجبور ڪندڙ قوتون آهن“.
اهي ناتا انفرادي شخصيتن جي مرضيءَ کان ايترا ئي آزاد آهن جيترو ”ساهه کڻڻ جو طريقو“. آفيسرن ڏانهن يا غريبن ڏانهن ماڻهن جي سٺي يا خراب مرضيءَ کي نه ڏسڻ گھرجي پر ”معروضي رشتن جي اثر کي ڏسڻ گھرجي.“
مارڪس ان خيال تائين پهچي رهيو آهي ته ان قسم جو رويو اسان کي پيچيده سماجي ٽڪرائن کي لڳ ڀڳ يقين جي ان ئي درجي تائين پهچڻ لائق بڻائي ٿو جنهن سان ڪيميادان ڪيمائي مرڪبن جي ”ٽڪرائن“ جو ”تعين“ ڪندو آهي. هڪ ڀيرو جڏهن اهو ثابت ٿي وڃي ته ڪنهن لقاءَ کي هاڻوڪن ناتن ضروري بڻائي ڇڏيو آهي ته انهن ٻاهرين حالتن جو يقين حاصل ڪرڻ ڏکيو نه رهندو جن ۾ ان لقاءَ کي درحقيقت پيدا ٿيڻ گھرجي ۽ جن ۾ اهو پيدا نه ٿو ڪري سگھجي جيتوڻيڪ ان جي ضرورت موجود ٿي چڪي آهي.“
اڃا ٿورا ئي ڏينهن اڳ مارڪس پريس جي آزادي نه هجڻ کي سماجي مسئلن جي حل ۾ هڪ رنڊڪ سمجهيو هو، پر هاڻي هو پنهنجي نئين ماڻيل ماديت پسنديءَ واري رويي مطابق هو اهو خيال پيو پيش ڪري ته هڪ آزاد پريس جي ضرورت موزيل علائقي ۾ تباهيءَ جي حالتن جي مخصوص ڪيل ڪردار مان پيدا ٿئي ٿي.
مارڪس ان ماديت پسنديءَ واري مؤقف وسيلي هيگل جي ”وحدت الوجود جي قائل تصوف“ تي تنقيد ڪري ٿو جتي ”فڪر رياست جي نوعيت مطابق ناهي هوندو پر رياست فڪر جي هڪ گھڙيل نظام مطابق هوندي آهي.“ مارڪس اهو خيال پيش ڪري ٿو ته رياست جي مختلف هيئتن جي مواد جي وضاحت خود ان سان نه، ”رياست جي خيال“ سان نه، پر مادي رشتن جي دائري ـــــــ خاندان ۽ ”مدني سماج“ سان ڪئي وڃڻ گھرجي.
ظاهري طرح ايئن لڳندو ته سماجي لقائن جو وضاحت جي اها ڪنجي ملي وئي جنهن جي ڳولا هئي ۽ هيگل ۽ فيوئرباخ ٻنهي جي ڀيٽ ۾ ڏاڍي اڳتي واڌ (پيش رفت) ٿي وئي. سماجي قوتن، داخلي آرزوئن، انفرادي جذبن ۽ خيالن جي جدوجهد جي انتشار ۾ مارڪس جي بصيرت آڏو هڪ معروضي حقيقت جا نقشَ اڀرڻ لڳا آهن.
پر اهي اڃا تائين نقشَ ئي آهن، اهڙا خاڪا آهن جيڪي ڌنڌلا، مبهم ۽ غير معين آهن. عوام کي رڳو اهو ٻڌائي ڇڏڻ ڪافي ناهي ته انهن جي مسڪين حالت جو سبب معروضي رشتن ۾ لڪل آهي. انهن جي نوعيت جو انڪشاف به ڪرڻ گھرجي، آزاديءَ جو رستو ڏيکارڻ گهرجي، هڪ ”سچو جنگي نعرو“ مهيا ڪرڻ گھرجي. اهو نعرو ڪهڙو آهي؟ اها طاقت ڪٿي آهي جنهن تي ”محڪوم ۽ مظلوم امِيرِي“ ڀروسو ڪري سگھي ٿي؟
مارڪس جو ذهن سماجي مسئلن جي وضاحت ڪرڻ جي فرض سان نبرندو رهي ٿو پر پوءِ هڪ ”انتها“ سان اڙجي پوي ٿو. هُو سياسي معاشيات، تاريخ ۽ سماجي رشتن جي دائري ۾ يوٽوپيائي سوشلسٽن جي ۽ يوٽوپيائي ڪميونـزم جي نمائندن جي نظرين جي دائري ۾ علم جي کوٽن سان منهن مقابل ٿئي ٿو.
مارڪسزم هڪ مڪمل ۽ استوار تعليم آهي. ان جي اڏاوت هڪ مڪمل تعليم، هڪ ترڪيبي نظام جي حيثيت سان ڪئي وئي هئي جنهن ۾ ڪو به جزو ڪُل کان اڳ ظاهر نه ٿو ٿئي پر پاڻ کي ڪُل سان گڏ ئي گڏ، هڪ جاندار پيٽ ۾ وڌندڙ ٻارڙي جيان، نِکاري ۽ ڪامل بڻائي ٿو.
اهو سوچڻ اٻوجهائي ٿيندي ته جدلياتي ماديت پهريائين وجود ورتو، پوءِ سائنسي ڪميونزم ۽ سياسي معاشيات، جڏهن ته مارڪس جي حياتيءَ جي مختلف دَورن ۾ سندس دلچسپيون انهن دائرن مان اوليت جي حساب سان ڪڏهن هڪ ۽ ڪڏهن ٻئي تي مرڪوز رهيون. جيتوڻيڪ مارڪس نئون عالمي نُڪتي نظر فلسفي سان اَڏڻ ۽ ترتيب ڏيڻ شروع ڪيو هو پوءِ به ان ميدان ۾ فيصلو ڪندڙ انقلاب مارڪسزم جي سماجي ۽ معاشي رُخن جي جوڙجڪ ۾ ئي ممڪن ٿيو.
اهو عنصر ”رائنيشي زاءِ تونگ“ جي دَور ۾ ئي وجود وٺي چڪو هو. مارڪس جو فلسفياڻو علم وسيع ۽ سمنڊ جيان هو پر اها روحاني دولت حقيقي حياتيءَ جي پيش ڪيل سوال کي حل ڪرڻ لاءِ ۽ خود فلسفي ۾ به سچي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ صاف طرح ناڪافي هئي. مارڪس حقيقي زندگيءَ ۽ نظريي ٻنهي ۾ سماجي رشتن جو گھرو اڀياس ڪرڻ تي مجبور ٿيو.
هن يوٽوپيائي سوشلسٽ ۽ سڀني کان اڳ سينٽ سائمن، فوريئر ۽ اووين جي نظري ترڪيبن جي تنقيدي ڇنڊڇاڻ ڪئي جن ڏاڍي ذهانت سان ڪميونسٽ سماج جا ڪيترائي نقشَ بيان ڪيا هئا (يعني ملڪيت، طبقاتي دشمني ۽ ماڻهوءَ هٿان ماڻهوءَ جي ڦرلٽ نه ٿيڻ، پورهيي جو هڪ لعنت بدران هڪ اولين انساني گھرج ٿي وڃڻ، خود انتظامي وغيره)، پر اٻوجهائيءَ سبب اهو سمجهندا هئا ته سرمائيداراڻي سماج کي ئي انقلاب وسيلي نه، پر ”مثال جي قوت سان“، هدايتن ۽ نصيحتن سان، بينڪارن ۽ ڪارخانن جي مالڪن کي پنهنجو هم خيال بڻائي ڪميونسٽ سماج اڏي سگھجي ٿو ۽ اهي ماڻهو پنهنجي ملڪيت کان رضا خوشيءَ سان هٿ کڻي ويندا ۽ ان کي گڏيل واهپي لاءِ غريبن جي حوالي ڪري ڇڏيندا.
مارڪس چِٽيءَ طرح پنهنجي شاگرديءَ جي ڏينهن ۾ به يوٽوپيائي سوشلسٽن بابت هڪ قسم جي بي اعتمادي محسوس ڪندو هو. ان ڪري هو انهن جي خيال آرائيءَ جي وڻندڙ اڏامن ۽ نيم-جاگيرداري پروشيا جي زندگيءَ جي وچ ۾ ڪا به حقيقي ڳنڍپ محسوس نه ڪري سگھندو هو. جيڪڏهن اها ڳالهه به ذهن ۾ رکي وڃي ته جرمنيءَ ۾ يوٽوپيائي سوشلزم جي خيالن جي تبليغ هڪ منجهيل پر صوفياڻي انداز ۾ به ڪئي ويندي هئي ته سندس بي اعتمادي بلڪل قدرتي هئي.
مارڪس ”رائنيشي زاءِ تونگ“ ۾ پاڻ کي جن تڪڙن عملي فرضن کي پوري ڪرڻ لاءِ سيڙائي ڇڏيو هو انهن يوٽوپيائيت بابت سندس جھجھڪندڙ رويي کي اڃا به قطعي بڻائي ڇڏيو. کيس يقين هو ته ”صحيح نظريي کي قطعي حالتن ۾ ۽ شين جي موجود حالتن ۾ چٽو ڪرڻ ۽ سنوارڻ سينگارڻ گهرجي.“ هو پنهنجن اڳواڻن سنگتين، نوجوان هيگلين جي مؤقـفن کان ڏکويل هو جيڪي ”تجربن جي آرام ڏيندڙ ڪرسي“ تي ويهي عام بحثن ۾ رڌل رهندا هئا ۽ بجاءِ ان جي جو ”آئيني چوڪاٺي اندر ڏاڪي به ڏاڪي آزادي ماڻن.“
ظاهر آهي ته اهڙي طرح آزادي ماڻڻ جون اميدون خوش فهميءَ تي ٻڌل هيون جن جو مارڪس کي اڃا تائين احساس نه هو. هن اميد پئي رکي ته سڀني ”آزاد فڪر ڪارڪنن“ کي اخبار وسيلي متحد ڪري وٺندو ۽ کيس کٽڪو هو ته ”موجوده رياستي نظامن جي خلاف صاف صاف مظاهري جو نتيجو سينسرشپ جو تيز هئڻ ۽ اخبار جو بند ٿي وڃڻ به ٿي سگھي ٿو.“
پر معاملي اهڙي صورت ورتي جو مارڪس 1842ع جي سرءُ ۾ يوٽوپيائي ڪميونزم بابت پنهنجن خيالن جو اعلانيه اظهار ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو.
لڳ ڀڳ انهيءَ ئي زماني ۾ ”رائنيشي زاءِ تونگ“ ميويسن ۽ هيس جي مضمونن جو هڪ سلسلو شايع ڪيو جن ۾ انهن سوشلسٽ خيالن جو اظهار ڪيو بلڪ ويندي ”ملڪيت جي انقلاب“ جو به مطالبو ڪيو. خاص طور موزيڪ هيس نجي ملڪيت خلاف پورهيتن جي جدوجهد جي ڀيٽ جاگيرداري خلاف بورجوازي جي جدوجهد سان ڪئي ۽ اعلان ڪيو ته اها جدوجهد قومي انقلاب جو سبب بڻجڻ وارو خطرو رکندڙ آهي.
”رائنيشي زاءِ تونگ“ ان وجھ جو فائدو وٺي پنهنجي حريف تي حملو ڪيو. هن ”امير سوداگر ٻارن“ تي ٺٺول ڪئي (موزيس هيس هڪ سوداگر گھراڻي جو ماڻهو هو) جيڪي پنهنجي سادگيءَ ۾ سوشلسٽ خيالن سان کيڏن ٿا. جڏهن ته پنهنجي جائداد ۾ ڪولون جي هٿ جو هنر ڪندڙن ۽ مزورن کي شريڪ ڪرڻ جو سندس ڪو به ارادو نه هوندو آهي. ان سان گڏ ئي ”آلگي مائني زاءِ تونگ“ بحث ڪيو ته جرمنيءَ جهڙي پوئتي پيل ملڪ ۾ وچولي طبقي کي جنهن آزاديءَ سان ساهه کڻڻ اڃا شروع ئي مس ڪيو آهي، فرانسي اميرن جي طبقي 1789ع واري مقدر کان اهو ئي ڊيڄاري سگھي ٿو جنهن جو شين بابت تصور حقيقت ۾ ٻاراڻو هجي.
اهو ڏاڍو چالاڪ حملو هو جنهن جو مقصد بورجوا پڙهندڙن کي ”رائنيشي زاءِ تونگ“ کان ڊيڄارڻ ۽ حڪومت کي اهو ڏيکارڻ هو ته اها اخبار ڪميونسٽ آهي.
”رائنيشي زاءِ تونگ“ جي خاص ايڊيٽر جي حيثيت سان مارڪس لاءِ ان حملي جو جواب ڏيڻ لازمي هو. سندس آڏو هڪ پيچيده ۽ نازڪ مدبراڻو فرض هو ته اخبار جيڪو مؤقف وٺي چڪي آهي، ان جو بچاءُ ڪري ۽ ان سان گڏ اخبار جي خريدارن کي ٻيهر مطمئن به ڪري جيڪي ”ڪميونـزم“ کان ڇرڪي پيا هئا.
مارڪس ڏاڍي ٽوڪ سان چوي ٿو ته ڪميونـزم کي سهڻن جملن لاءِ ڊرائنگ رومن جو موضوع نه هجڻ گھرجي. ان مان گلاب جي سڳنڌ نه ٿي اچي ۽ اهو ميرا لٽا پائي ٿو، پر اهي شيون ان ڳالهه ۾ جهل پل نه ڪنديون آهن ته اهو هن زماني جو اهم سوال آهي.
مارڪس نئين اميريءَ، يعني پرولتاريه جو پڪو بچاءُ ڪري ٿو: ”اها ڳالهه، ته جيڪا اميري اڄ ڪنهن شَي جي مالڪ ناهي اها وچولي طبقي جي دولت ۾ حصي جو مطالبو ڪري ٿي، هڪ حقيقت آهي جيڪا اشٽراس بورگ ۾ ڳالهه ڪرڻ کان سواءِ ۽ آوگس برگ جي ماٺ باوجود مانچسٽر، پيرس ۽ ليونس ۾ هر ماڻهو لاءِ واضح آهي.“
مارڪس جي لکڻين ۾ پورهيت جو اهو پهريون ذڪر ظاهر ڪري ٿو ته 1842ع تائين هو فرانس ۽ انگلينڊ ۾ ان جي سماجي مطالبن ڏانهن ڌيان ڏيڻ شروع ڪري چڪو هو.
پر اڃا تائين مارڪس ان ڳالهه جو فيصلوڪرڻ جو ذمو نه ٿو کڻي ته وچولي طبقي (بورجوازي) ۽ نئين اميريءَ (مزورن) جي وچ وارو ”جهيڙو“ ڪيئن طَي ٿيندو. ”اسان اهڙن مسئلن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ ٻه قومون ڪم ڪري رهيون آهن هڪ اڪيلي جملي ۾ نبيري ڇڏڻ جي فن ۾ مهارت ماڻي نه سگھيا آهيون.“
مارڪس سوال جي ٻنهي پاسن جي وچ ۾ هڪ چٽو فرق ڪري ٿو: ”نئين اميريءَ“ جي تحريڪ جي حيثيت سان ڪميونسٽ تحريڪ جو حقيقي مسئلو ۽ نظري رواج، ڪميوزم جي پرچار. ان ٻئي پاسي جي سلسلي ۾ مارڪس تنقيدي آهي. پر ان ۾ به هو جنهن طريقي سان پنهنجي ڳالهه ظاهر ڪري ٿو ان بابت ڏاڍو محتاط آهي. اهو اعلان ڪرڻ ۾ ته ”رائنيشي زاءِ تونگ“ ڪميونسٽ خيالن تي تفصيلي تنقيد ڪندِي، ته هو اهو به نه ٿو مڃي ته اهي خيال نظري حقيقت رکندڙ آهن، ۽ ان ڪري ان جي عملي نفاذ جي ان کي اڃا به گھٽ خواهش ٿي سگھي ٿي. مارڪس جي ذهن ۾ ڪميونسٽ خيال ”پنهنجي هاڻوڪي هيئت ۾“ آهن.
يوٽوپيائي ڪميونزم ۾ ٺيڪ ٺيڪ ڪهڙي شَي هئي جيڪا مارڪس کي پسند نه هئي، ان جو اندازو ”آلگي مائني زاءِ تونگ“ جي هڪ خاص فرضي واقفقار بابت سندس ٽوڪ ڀرين جملن مان ڪري سگھجي ٿو جنهن پنهنجو سڀ ڪجھ ڪميونۡ کي ڏئي ڇڏيو ۽ ”پنهنجي ڪامريڊن جون پليٽون ڌوئڻ ۽ انهن جا جوتا صاف ڪرڻ لڳو“. هتي ذڪر چِٽيءَ طور فوريئر جي پوئلڳن جي قطار ٻڌل ڪميونن جو آهي جن بابت ڪيترائي قصا مشهور هئا ۽ انهن جي ڪري ڪميونسٽ خيال بدنام ئي پئي ٿيا. مارڪس جو اهو چوڻ بلڪل ٺيڪ هو ته ان قسم جو ”ڪوششون“ حقيقت ۾ خطرناڪ نه آهن.
سندس ڳالهيون سينسرشپ سبب ڪجھ ته ڳجھيون هيون، پر انهن جو حاصل مطلب هي هو ته ڪميونسٽ خيالن ۾ هڪ نظري بنياد ضروري آهي جيڪو عوام جي ڏاهپ کي فتح ڪري، انهن جي ذهنن کي فتح ڪري ۽ تڏهن اها توپن جي رنڊڪ به ڪري سگهندي. مارڪس اهو قبول ڪري ٿو ته ڪميونزم جي نظري تنقيد ڪرڻ کان اڳ هو ليرو، ڪانسيديران جي لکڻين ۽ سڀ کان وڌيڪ ”پرودون جي تيز فهم ڪتاب“ جو چڱيء طرح اڀياس ڪرڻ چاهي ٿو.
پوءِ هن ياد ڪيو ته ”ان وقت جڏهن اڳتي وڌڻ جي نيڪ نيت اڪثر حقيقتن تي ٻڌل علم جي جاءِ وٺندي هئي، ”رائنيشي زاءِ تونگ“ ۾ فرانسي سوشلزم ۽ ڪميونزم جو هڪ پڙاڏو، جنهن ۾ فلسفي جو هلڪو رنگ هوندو هو، گھڻي قدر ٻڌڻ ۾ پئي آيو. آءٌ ان پاڻ پسنديءَ تي اعتراض ڪندو هوس پر ان سان گڏ ئي آؤگس برگ جي ”آلگي مائني زاءِ تونگ “ سان هڪ بحث ۾ مون صاف صاف اعتراف ڪيو ته منهنجو اڳوڻو (پراڻو) علم مون کي فرانسي نظرين جي مواد تي ڪا راءِ ظاهر ڪرڻ جي موڪل نه ٿو ڏي.“
”رائنيشي زاءِ تونگ“ کي هلائڻ مارڪس کان، جيڪو اڃا 25 ورهين جو به نه هو، نه رڳو وسيع ۽ گهِري علم جو، پر سنجيده، عملي اڳواڻيءَ جي خوبين جو به گھرجائو هو جيڪو ظاهري طرح سندس مجاهداڻي، دٻائي نه سگھجندڙ روح جي مالڪ شخصيت جي خاصيت نه لڳندي.
پر مارڪس ڏيکاري ڇڏيو ته هن اخبار کي اڪيلي ممڪن رستي تي محڪم اشارن سان هلائڻ جي پيچيده فن تي پوري طرح عبور حاصل ڪري ورتو هو ۽ سينسرشپ جي ستسيلا ۽ حد کان وڌيل انقلابي گھرجن جي ڪاريبدس جي وچ ۾ وڏي مهارت سان ان کي ڪڍي رهيو هو.
اهي گُھرون برلن جا نوجوان هيگلي ڪندا هئا جن گڏجي ”آزادان“ نالي گروهه ٺاهي ورتو هو. اهي اخبارن کي لکڻين جا ٿها موڪليندا هئا جيڪي دنيا کي انقلابي ڪري ڇڏڻ جي دعوى رکندڙ، پر خيالن کان خالي هوندا هئا ۽ انهن سڀني ۾ اهي ماڻهو اڌ گندي يوٽوپيائي ڪميونزم جو لوڻ مرچ هڻي ڇڏيندا هئا.
مارڪس ڪردار جي توانائي جو ثبوت ڏنو. هو ”لفظن جي وهڪ“ کي رد ڪري ڇڏيندو هو ۽ ”رائنيشي زاءِ تونگ“ جي نئين اڳواڻ جي قدامت پرستيءَ“ ۽ ”دغابازيءَ“ بابت ”آزادان“ جي مايوسيءَ وارين دانهنِ ڪُوڪن کان هو پريشان به نه ٿيندو هو.
هڪ انقلابي جهموريت پسند جي حيثيت سان مارڪس لاءِ اخبار کي ملڪ ۾ مخالف ڌُر جي سڀني قوتن جو مرڪز بڻائڻ ڏاڍو اهم هو. پر ”آزادان“ مطالبو ڪندا هئا ته اخبار حد کان وڌيڪ ”انتهاپرستيءَ واري“ انداز ۾ عمل ڪري جيڪو ان جي ترت ئي بند ٿي وڃڻ جو ڪارڻ ٿئي ها ۽ نتيجو اهو نڪري ها ته ”جنگ جو ميدان“ پوليس ۽ سينسرشپ جي هٿن ۾ رهجي وڃي ها.
”آزادان“ جي گروهه بابت مارڪس جي سخت رويي کي سمجهڻ لاءِ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته اهي ماڻهو ڪهڙي شَي جا علمبردار هئا، برونوباير، ايڊولف روٽنبرگ ۽ فريڊرڪ ڪيپن، جن سان اڳ ۾ مارڪس جا لاڳاپا ڪافي دوستاڻه رهيا هئا.
ان گروهه ۾ ڪيئي قسمن جا ماڻهو هئا. لبرل اخباري ليکڪ هئا جيڪي حاضر جوابيءَ ۾ هڪٻئي سان مقابلو ڪندا هئا. نوجوان هئا جيڪي هڪ نئين سياسي صبح جا مبهم خواب ڏسندا رهندا هئا. اڀرندڙ فنڪار ۽ پرائيويٽ استاد هئا جن کي اڃا سوڌو عالماڻي ڏاهپ جو چوغو پائڻ جو وجھ نه مليو هو. اهڙا آفيسر هئا جيڪي بيرڪن ۽ تنبيلن ۾ پوريءَ طرح پيهي نه ويا هئا ۽ شاگرد هئا جيڪي پنهنجي پروفيسرن جي خشڪ ليڪچرن کان بيزار ٿي پيا هئا. ”آزادان“ ۾ اهڙيون عورتون به هيون جن بابت مشهور هو ته سٺيون دوست آهن ۽ عام مذاق تي يا بُري ٻول تي چِـڙنديون ناهن.
اهي ماڻهو هڪ شراب خاني ۾ مِڙندا هئا جتي اهي گھڻوئي شراب ڏٽڪائي ويندا هئا ۽ ايتري ئي خوشيءَ سان سڄي موجود نظام تي بحث ڪندا ۽ ان کي تباهه ڪري ڇڏيندا هئا. بدتهذيبيءَ لاءِ پنهنجي ڌڪار جو گوڙيلو مظاهرو ڪري، پاڻ کي سماج جي ”ساڙن“ کان پاڪ ماڻهو ظاهر ڪري ۽ هڪ ٻئي کي ”زبردست انقلابي“ جملن سان سنگسار ڪري اهي بوهيميائي اديب پاڻ اهڙن بدتهذيبن جو مثال پيش ڪندا هئا جيڪي ليڪا لنگهي ويا هجن.
انهن جي مَشڪرائپ اڪثر عيش سهڻ ۾ بدلجي ويندي هئي. اهي شرم ڏيندڙ تفريحن جو انتظام ڪندا، پينُن جي جلوسن جو بلو ڪندا ۽ واٽهڙن کان پئسا اڳاڙيندا هئا ته جيئن شراب جا دَور ڦرندا رهي سگهن، اهي چَڪلن ۾ به ويندا هئا ۽ اتي بيوقوفيءَ جون حرڪتون ڪندا هئا تان جو اتان ڌِڪي ٻاهر ڪڍيا ويندا هئا.
برونوباير ۽ سندس ڀاءُ ايڊگر ”آزادان“ جي وندرن جا سرواڻ هئا. ماڪس اشٽرنر جي شاديءَ دوران به پادريءَ کي شاديءَ واري اصلي منڊي ڏيڻ بدران برونو کيس سندس ئي ٿيلهي جا ڇلا ڏئي ڇڏيا.
ان حد کان ڪِريل کيشٽن سان گڏ ئي، جن تي بدتهذيب ته ڀوڪرجي ويندا هئا. برونوباير پنهنجي ايتري حد کان ٽپيل نظرياتي بيان ڏيندو رهندو هو ته رياست، ملڪيت ۽ ڪٽنب کي ختم ٿيل تصور سمجھڻ گھرجي.
پاڻ کي سماج جي ”رسمن ۽ رواجن“ کان آزاد ڪرڻ ۾ خوددار ماڻهو جي فرقي جو اعلان ڪرڻ ۾ جيڪو ”ميڙ“ کان مٿاهون ٿئي ٿو، ”آزادان“ اهو خيال ڪونه ڪيو ته ان سان گڏئي پاڻ کي انساني حيثيت کان به آزاد ڪندا پيا وڃن ۽ پنهنجن ڪَنن تائين ڪِن ڦِٿ ۾ ٿـڦجي رهيا آهن. انهن سماج جي ”سورپڻ“ خلاف احتجاج پنهنجي انفرادي سورپڻ سان ڪيو.
اخلاقي سبق سيکاريندڙ بدتهذيبيءَ واري رياڪاريءَ کي پاڻ به ناپسند ڪرڻ باوجود مارڪس ان خلاف احتجاج ڪرڻ جي اهڙين صورتن خلاف همدردي نه پئي ڪري سگهيو. هو ان ڳالهه تي خاص طور ناراض هو ته ”برلن وارا ڊاڙِي“ ڀروسي نه ڪرڻ جهڙي غرور باطل ۽ لٻاڙ وسيلي پنهنجي سچي انقلابي هجڻ جو، ڪميونسٽ ۽ انسانذات جو نجات ڏياريندڙ هئڻ جو اعلان ڪندا هئا ۽ اهڙيءَ طرح ان عظيم مقصد کي بدنام ڪندا هئا.
”آزاديءَ جي جن سورمن“ ”رائنيشي زاءِ تونگ“ اخبار کي پنهنجي بي شرم اشتهاربازيءَ جو ترجمان بڻائڻ پئي گھريو انهن آڏو مارڪس هڪ اٽل ۽ انصاف ڀريو مطالبو رکيو: مبهم دليل، شاندار جملا ۽ ڍاول پاڻ-پوڄا گھٽ ۽ قطعيت وڌيڪ، واقعي گھڻ-ڪمِي حالتن ڏانهن ڌيان گھڻو، مهارت ڀريو علم وڌيڪ.
مارڪس ٻڌايو ته هو وقت بوقت ٿيٽري تنقيد وغيره ۾ ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ نظرين ۽ هڪ نئين عالمي نُڪتي نظر کي لڪ لڪوٽي داخل ڪرڻ واري ”آزادان“ جي چال کي به نامناسب ئي نه پر غير اخلاقي به سمجهي ٿو. هن مطالبو ڪيو ته ”جيڪڏهن ڪميونزم تي بحث ئي ڪرڻو آهي ته پوءِ ان تي بلڪل نئين نموني ۾ ۽ وڌيڪ تفصيل سان بحث ٿيڻ گھرجي.“
”آزادان“ سان غير واسطيداري هڪ حقيقت ٿي چڪي هئي، پر اها شَي ”رائنيشي زاءِ تونگ“ کي حڪومت جي تنبيهي هٿ کان نه بچائي سگھي جيڪا تنقيدي مضمون ۽ خاص طرح موزيل جي انگور پيدا ڪرڻ وارن جي بچاءَ ۾ مارڪس جي مضمون تي ڪاوڙيل هئي. اخبار تي ڪڪر ڇانئجڻ لڳا.
سينسرشپ جي ڊيڄاريندڙ مصيبتن، ڀائيوارن جي دانهنِ ڪُوڪن، صوبائي اسيمبليءَ ۾ بهتان مڙهجڻ ۽ ”اوبير پريسيڊنٽ“ جي شڪايت باوجود مارڪس پنهنجي عهدي تي ڄميو رهيو. هو ان ڳالهه کي پنهنجو فرض سمجهندو هو ته اقتدار تي ويٺل ماڻهن کي، جيترو ممڪن هجي، سندن رٿائون پوريون ڪرڻ کان پاسائتو رکي.
مارڪس ڪجھ ٺاهه ڪرڻ لاءِ تيار هو، پر شرط اهو ته اهي ماڻهو اخبار کي پنهنجو ڪردار ۽ عزت برقرار رکڻ ڏين، پر جڏهن اخبار جي مالڪن ان ڳالهه تي اصرار ڪرڻ شروع ڪيو ته ان کي اقتدار جي مالڪن بابت ”وچٿري“ رويي جي پرچار ڪرڻ گھرجي، ته مارڪس احتجاج ڪيو ۽ ادارتي سڀا کان پاسو ڪرڻ تي مجبور ٿيو. طريقيڪار سان لاڳاپيل سببن جي ڪري هو اصل شَي کي بچائڻ لاءِ تفصيلن ۾ دٻجڻ لاءِ تيار هو، پر اصول جي معاملي ۾ هو ڪنهن به دٻاءَ ۾ نه آيو.
اخبار جو سڀ کان وڏو ويري ان جو سنسر سينٽ پال به جيڪو انتهائي شرمناڪ طريقي سان ادارتي سڀا کي تنگ ڪندو هو، ان جي ايڊيٽر مارڪس جي شرافت، ڪردار جي پختگيءَ ۽ گھِرن عقيدن کان انڪار نه ڪري سگھيو. اخبار کان ڊاڪٽر مارڪس جي لهي وڃڻ بابت حڪومت کي اطلاع ڏيندي، جنهن جا حد کان وڌيڪ جمهوري خيال پروشيائي رياست جي اصولن سان هڪجهڙائي نه رکندا هئا، سينٽ پال لکيو ته هاڻي ڪولون ۾ ڪو هڪ به ماڻهو اهڙو نه آهي جيڪو اخبار کي اڳوڻي ناموزون ڪردار سان هلائي سگھي ۽ ان جي رجحان لاءِ ڀرپور نموني وڙهي سگھي.
مارڪس پاڻ به اخبار ڇڏڻ کان پوءِ سک جو ساهه کنيو. هن آرنلڊ روگي سان اعتراف ڪيو ته ان فضا ۾ سندس ساهه گھٽجڻ لڳو هو. ”آزاديءَ لاءِ به ڪِريل فرض پورا ڪرڻ، لٺين بدران ڦاهن سان وڙهڻ خراب شَي آهي. آءٌ رياڪاري، بيوقوفي، واضح مرضيءَ ۽ پنهنجي جھڪڻ ۽ ميڙمنٿ ڪرڻ، پاسو ڪرڻ ۽ لفظن تيي وار جي کل لاهڻ کان تنگِ ٿي پيو آهيان. تنهنڪري حڪومت مون کي منهنجي آزادي ڏئي ڇڏِي.“
ممڪن آهي ته مارڪس 1865ع ۾ پنهنجي حياتيءَ جي انهيءَ دَور کي ياد ڪيو هجي جڏهن هن ڌيئرن جي ترتيب ڏنل سوالنامي ۾ پاڻ هن سوال جي جواب ۾، ته توهان جي ڪَرب جو تصور ڪهڙو آهي؟ رڳو هڪ لفظ لکيو هو: ”اطاعت گذارِي“.
مارڪس لاء اخبار ڇڏڻ جو مطلب پنهنجي ملڪ ۾ سياسي جدوجهد ۾ حصو وٺڻ جي آخري وجھ کان وانجهو ٿيڻ هو ۽ ان کان سواءِ مارڪس لاءِ بدتهذيب جرمنيءَ ۾ رهڻ بلڪل بي مقصد هو، جيڪا انهن ئي بُوٽن کي چَٽي رهي هئي جنهن وسيلي شهنشاهه اڀرندڙ بورجوا لبرل ازم کي چِٿي رهيو هو.
ان ڪري مارڪس بنا ڪنهن دل من هڻڻ جي ۽ شايد خوشيءَ سان جرمني ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو، جتي ”ماڻهو پنهنجو پاڻ کي نقلي بڻائي ڇڏي ٿو“ ان ڪري جو ”هتي جي هوا ماڻهوءَ کي غلام هاري بڻائي ڇڏي ٿي.“
مارڪس جي جوشيلي مزاج جو هڪ ٻيو اهم سبب به هو. هن فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته هُو پنهنجي حياتيءَ جو نئون دَور جيني سان گڏ جرمنيءَ کان ٻاهر گذاريندو، جنهن مارڪس جي يونيورسٽيءَ واري تعليم ۽ ”رائنيشي زاءِ تونگ“ ۾ ڪم جي سمورن سالن دوران سندس انتظار ڪيو هو.
مارڪس 1843ع ۾ آرنلڊ روگي کي پنهنجين نجي رٿائن بابت اطلاع ڏيندي ساڻس اعتراف ڪيو: ”آءٌ توکي ذرو به رومان پسنديءَ کان سواءِ پڪ ڏياري سگھان ٿو ته آءٌ عشق ۾ چرياڻ آهيان ۽ حقيقت هيءَ آهي ته ڏاڍي سنجيدگيءَ سان. اسان جي مڱڻي کي ستن سالن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي ۽ منهنجي مڱينديءَ مون لاءِ وڏي ويڙهه ڪئي آهي جنهن سندس صحت کي لڳ ڀڳ تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ڪجھ ته پنهنجن مذهبي اميراڻن مائٽن خلاف جن لاءِ ’آسمان جو خدا‘ ۽ ’برلن جو خدا‘ هڪ جهڙيون مذهبي پوڄا جون شيون آهن ۽ ڪجھ منهنجي پنهنجي گھراڻي خلاف جنهن ۾ ڪجھ پادرين ۽ منهنجن ٻين دشمنن مضبوطي ماڻي ورتي آهي.“
12 جون 1843ع تي ”هر ڪارل مارڪس، ڊاڪٽر آف فلاسافي، رهائش ڪولون ۽ فرائولائن يوهانا برٽا يولي جيني فان ويسٽ فالين، جنهن کي ڪو به ڌنڌو ناهي، رهائش ڪرائيزناخ“ جي وچ ۾ شاديءَ جي اقرارنامي تي صحيحون ٿي ويون.
ان ڏينهن مارڪس کي پنهنجي باقي حياتيءَ لاءِ هڪ ونادار ساٿي ملي ويو. اينجلس جي لفظن ۾ جيني ”...نه رڳو هي ته پنهنجي مڙس جي مقدر، ڪم ۽ جدوجهد جي شريڪ هئي پر ان ۾ پاڻ به وڏيءَ ذهانت ۽ جوشيلي جذبي سان حصو وٺندي هئي.“
ڪرائيزناخ ۾ ڪجھ مهينا رهڻ کان پوءِ نوجوان جوڙو پيرس روانو ٿي ويو، جتي مارڪس ۽ روگي ”ڊوئچ فرانزيسيشي ياربيوخير“ رسالو ڪڍڻ جو ارادو رکيو پئي.
”تنهنڪري پيرس لاءِ، جيڪا فلسفي جي پراڻي يونيورسٽي آهي ـــــــ ڪاش اهو بدشگون ثابت نه ٿي!“