تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڏاهپ جو جنم

سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي پاران روشن خيال تعليمي ڪتابي سلسلي جو 14 نمبر ڪتاب ”ڏاهپ جو جنم“ پيش آهي. هي اهم ڪتاب ڪارل مارڪس جي شخصيت ۽ عالمي نقطي نظر جي اوسر بابت آهي. ڪتاب جو ليکڪ گينرخ وولڪوف آهي جڏهن ته سنڌي ترجمو ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ۽ رياضت ٻرڙي پاران ڪيو ويو آهي.
Title Cover of book ڏاهپ جو جنم

”مِهڻي جي مار“ ۽ ”شاعراڻي شعلي جي طلب“

- توهان جو پسنديده اصول؟
- ڊِي اومنِي بس ڊوبيٽانڊم.
ڪارل مارڪس جي ”اعتراف“ مان.
1835ع جي سرءُ ۾ مارڪس قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ بون يونيورسٽي ويو، پر مارڪس لاءِ دنيا رڳو قانون جي علم کان گھڻو وڌيڪ هئي. نوجوانيءَ جي جوش سان گڏ هو هڪ آزاد زندگيءَ جي ڪُنَ ۾ ڪاهي پيو، ڪڏهن روحاني سرگرميءَ جي هڪ دائري ۾ قوت آزمائي ڪئي، ته ڪڏهن ٻي ۾، ۽ ان سان گڏ ئي شاگردن جي لاپرواهه ميڙن کي به نه وساريائين جتي اڻ جھل خوشي، دعوتون، مقابلي بازيون (ڊوئيل) ۽ هر قسم جون عجيب غريب حرڪتون ٿينديون رهنديون آهن. هڪ ڊوئيل ۾ ڪارل مارڪس زخمي ٿي پيو ۽ هڪ ڀيري ”رات جو امن ۾ رُخنو وجھڻ جي ڏوهه ۾“ گرفتار به ڪيو ويو. هن جي بي پناهه خوش مزاجيءَ جي ڪري سندس دوست هن سان پيار ڪندا هئا پر چُڀندڙ فِقرن ۽ ڪم لاهي ڇڏيندڙ جملن کان ڊڄندا به هئا، جن جي ڪري ڪارل مارڪس جمنازيم ۾ به مشهور هو.
نيڪ پوڙهي هائنرخ مارڪس معقول سببن جي بنياد تي پنهنجي پُٽ کان سوال ڪيو ته هُو ”ڊوئيل ۽ فلسفي کي هڪ مُٺ ۾“ ڪيئن ٿو ڪري سگھي. پيءُ جا خط پٽ جي روحاني ڀلائيءَ لاءِ ڳڻتيءَ سان ڀريل آهن. هو پٽ کي تاڪيد ٿو ڪري ته پنهنجي صحت جو خيال رک ان ڪري جو ”سدائين بيمار عالم سڄي ڌرتيءَ تي سڀ کان وڌيڪ بدقسمت مخلوق هوندو آهي.“ هو پنهنجي پٽ کي سبق سيکاريندڙ نصيحتون ڪري ٿو ۽ ڪنهن هرگيونسٽر جا مثال ڏئي ٿو جنهن کي پنهنجي ”نوجوانيءَ جي ڏوهن“ جي ”لڱ ڪانڊاريندڙ سزا“ ملي.
سندس پيءُ پنهنجي پٽ جي شاگرديءَ واري زندگيءَ جي رڳو اخلاقي ئي نه، پر ذهني پاسي بابت به ٻڏتر ۾ هو. بون يونيورسٽيءَ کان پيءُ جي نالي پنهنجين پهريَن خطن مان هڪَ ۾ سترهن سالن جي ڪارل مارڪس ظاهري طرح مذهب متعلق پنهنجن نون ڪَرُ کڻندڙ شڪن بابت لکيو هو.
جواب ۾ هائنرخ مارڪس لکي ٿو: ”مون کي حقيقت ۾ ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته تون اخلاقي لحاظ کان سٺو رهندين، پر اخلاق لاءِ هڪ سڀ کان وڏو سهارو آهي خدا تي نج ايمان. تون ڄاڻين ٿو ته مان ٻيو کڻي ڪجهه به هجان، پر ساڙيلو ناهيان. پر اهو ايمان تڪڙو يا دير سان انسان جي لاءِ هڪ حقيقي گھرج ٿي پوندو آهي ۽ زندگيءَ ۾ اهڙيون گهڙيون به اينديون آهن جڏهن خدا جو انڪارِي به غير ارادي طور قادر مطلق جي پوڄا تي مائل ٿي پوندو آهي.“
هائنرخ مارڪس پنهنجي دليل ۾ وڌيڪ وزن پيدا ڪرڻ لاءِ نيوٽن، لاڪ ۽ لائبنـز جي مثالن جو حوالو ڏي ٿو، پر رڳو فهمائشن تي ڀروسو نه ڪندي، هائنرخ مارڪس ان ڳالهه تي به زور ڀري ٿو ته ڪارل بون جي ضرورت کان وڌيڪ آزاد فضا کي بدلائي ڇڏي ۽ پروشيائي سلطنت جي گاديءَ برلن جي وڌيڪ ضابطي ڀري ۽ رک رکاءَ واري فضا ۾ هليو وڃي. ان جا گھڻا اهم سبب به هئا. ان زماني جي جرمنيءَ جي نظرياتي سمجھ برلن يونيورسٽي ۾ مِڙيل هئي. لڊويگ فيوئر باخ چيو هو ته ”هن محنت-گھر جي ڀيٽ ۾ ٻيون يونيورسٽيون حقيقي شراب گھر آهن.“
هڪ قطعي ڌنڌي جي چونڊ جو سوال ڪارل آڏو هر هر ايندو رهيو، ۽ جڏهن ٽرائر جي سڀ کان وڌيڪ سهڻي ڇوڪريءَ بيرونس جيني فان ويسٽ فالين، ”رقص جي راڻيءَ“ سان، مارڪس جو مڱڻو ٿي ويو، جيڪا ميرنگ جي چواڻي سندن ”پهرين ۽ سڀ کان وڌيڪ خوشي ڏيندڙ سوڀ هئي“ ته ڌنڌي جي چونڊ جو سوال اڃا به وڌيڪ اهم ٿي ويو.
مارڪس جو پيءُ پنهنجن خطن ۾ پنهنجي پٽ کي اهو ياد ڏياريندي ڪڏهن به نه ٿَڪبو هو ته جينيءَ سندس لاءِ ڏاڍي وڏي قرباني ڏني آهي. ۽ جڏهن ڪارل مارڪس خبر ناهي ڪيئن جينيءَ کي پنهنجو عاشق بڻائي ورتو، جنهن پنهنجي لاءِ وڌيڪ حيثيت وارن خواهشمندن کي رد ڪري ڇڏيو هو، ته ڪارل مارڪس کي سمجھڻ گھرجي ته ان غير معمولي جوان عورت جي زندگي سندس هٿن ۾ آهي ۽ ان ڪري هن کي ”دنيا ۾ عزت حاصل ڪرڻ“ ۽ پنهنجي آئنده خاندان جي لاءِ مادِي روزيءَ جي ڳڻتي ڪرڻ گھرجي.
ان جو احساس پاڻ ڪارل مارڪس کي به هو. برلن يونيورسٽيءَ ۾، جتي هو 1836ع ۾ هليو ويو هو، هُو علم حاصل ڪرڻ ۾ ساڳي ئي جوش سان، هر شَي تي ڇانئجي وڃڻ واري جذبي سان ڪاهي پيو، جنهن سان هن بون ۾ زندگيءَ جي خوشين کي پنهنجو ڪيو هو. هن جون روحاني دلچسپيون گوناگون هيون. کيس قديم يونان ۽ روم جي ادب، ڊرامي، جماليات، شاعريءَ، فلسفي ۽ قانون سان گهري دلچسپي هئي. هڪ ڌنڌي جي تڪليف ڏيندڙ جستجوءَ ۾ هُو هاڻي به سرگردان هو. هڪ پَل هن کي خيال ٿيو ته تصنيف ۽ تاليف هن جو ڌنڌو آهي. هن بيلڊ، سانيٽ ۽ نظمن جا سڄا سڄا نوٽ بڪ ڀري ڇڏيا ۽ هڪ تاريخي ڊرامو ۽ هڪ خوشيءَ ڀريو ناول به لکيو. سندس پيءُ هن سان شاعر ۽ اديب، ادبي نقاد ۽ ڊرامي نگار جي ڌنڌي جي فائدن ۽ نقصانن بابت سنجيدگيءَ سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ممڪن موضوعن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ۽ ڪارل جي لياقت بابت ڳالهيون ڪيون.
هائنرخ مارڪس پنهنجي پٽ جي ابتڙ جيڪو پنهنجي پيءُ جي راءِ ۾ ”تجريدي آدرش پرستيءَ“ جو لاڙو رکندڙ هو، عملي سوالن جي باري ۾ ڳڻتي ڪندو هو. هن ڪارل کي صلاح ڏني ته هو ”وطن پرستيءَ واري“ انداز ۾ هڪ ڊرامو لکي، جنهن ۾ پروشيائي بادشاهت جي ”روح“ کي اجاگر ڪيو وڃي، هڪ تاريخي موضوع کي جرمن انداز ۾ رٿيو وڃي، ان ڪري جو ان قسم جو قصيدو ”شهرت جو بنياد رکڻ ۽ هڪ نانءَ کي پڪو پختو مڃائڻ“ جي حيثيت رکي ٿو. هو پنهنجي پٽ جِي ان رِٿ جي پوئواري ڪرڻ لاءِ تيار نه هو ته هو ادبي نقاد ٿئي، ان ڪري جو عظيم ليسنگ کي به پنهنجي حياتيءَ ۾ ٿورڙو ئي قدر مليو هو ۽ هو هڪ غريب لائبريرين جي حيثيت ۾ ئي گذاري ويو هو.
پر انصاف جي گھر اها آهي ته هائنرخ مارڪس کي شابس چئي وڃي ـــــــ جيئن اڳ ذڪر ٿي چڪو آهي، هُو ڪارل مارڪس جي غير معمولي لياقتن کي سڃاڻيندڙ پهريون ماڻهو هو. سڀ کان اول هن ئي مبهم طور ئي سهي، ڪارل جي شاندار آئندي کي تاڙي ورتو هو. هن پنهنجي پٽ ڏانهن 1836ع ۾ لکيو هو ته ”توکي اڃا گھڻا ڏينهن جيئڻو آهي، خدا جي مرضي هجي، ته پنهنجي ۽ پنهنجي ڪٽنب جي ڀلي جي لاءِ، ۽ جيڪڏهن منهنجو اندازو غلط ناهي ته انسانذات جي ڀلي جي لاءِ.“
پر ڪڏهن ڪڏهن هائنرخ مارڪس کي پنهنجي پٽ جي مقدر بابت ڊڄُ ٿيندو هو. ڪارل جي لياقت، پنهنجن همعصرن سان هن جي ناٺهپ، هن جي روح جي ڀرپور قوت ۽ حق جي ڳولا لاءِ پڪو ارادو، انهن سڀني شين جي ڪري پيءُ کي پنهنجي پٽ جي ”بدشگون بلا“ جو خيال ٿيو، جيڪو هن کي دنياوي ڪاميابيءَ جي صاف راهه کان ڀٽڪائي ڇڏيندو ۽ پرسڪون زندگيءَ خلاف بغاوت ڪرڻ تي ڀڙڪائيندو.
”اها بلا بهشتي آهي يا فائوسٽي؟“ ان صورت سبب هائنرخ مارڪس ان سوال جو اظهار ڪيو جيڪو سندس روح کي ڏُکائيندو پئي رهيو. گوئٽي جي فائوسٽ جو مقدر شفيق پيءُ کي اهڙو نه لڳو جو ان جي پيروي ڪئي وڃي. فائوسٽ جي هيئت، سچائيءَ ۽ زندگيءَ جي معنى جو اهو ڳولائو جيڪو هميشه غير مطمئن رهي ٿو ۽ جنهن کي شيطان برغلائي ڇڏي ٿو، جنهن کي سهولت ڀري گھڙيءَ جي هٿ نه اچڻ جي رُڃ جي پويان هلندي ڪڏهن هڪ گھڙيءَ جو آرام به نصيب نه ٿو ٿئي، جيڪو سچي خوشيءَ جي ڳولا ۾ ان جي ننڍڙي حصي تي قناعت نه ٿو ڪري ۽ پنهنجي ويجھو رهندڙ ماڻهن کي ڏک پهچائي ٿو، جيڪو زندگيءَ ۽ آزاديءَ جو حقدار رڳو انهن ماڻهن کي سمجھي ٿو جيڪي انهن جي لاءِ پاڻ پنهنجي زندگيءَ ۽ آزاديءَ کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار هجن ـــــــ اها هيئت مارڪس جي پيءُ لاءِ دلڪش نه ٿي پئي سگھي، هو ان کان هڪ اهڙي ڀوت جيان ڊڄندو هو جيڪو ڪارل لاءِ خطرو بنيل هو.
”ڪڏهن ڪڏهن تنهنجي ۽ تنهنجي آئِندي جو سوچي منهنجي دل ڏاڍي خوش ٿيندي آهي، ته به ڪڏهن ڪڏهن انهن سوچن کان پاڻ کي ڇوٽڪارو ڏياري نه سگھندو آهيان جيڪي مون ۾ اداس ڪندڙ انديشا ۽ خوف پيدا ڪنديون آهن. جڏهن مون تي اهي سوچون وڄ جيان ڪرنديون آهن ته ڇا تنهنجي دل تنهنجي دماغ، تنهنجي لياقت سان هم آهنگ آهي؟ ڇا ان ۾ انهن زميني پر لطيف تر جذبن جي گنجائش آهي، جيڪي هن ڏک ۽ سور جي سراءِ ۾ هڪ احساس رکندڙ انسان جي لاءِ ايتري قدر سُڪون بخشيندڙ هوندا آهن؟...... ڇا تون ڪڏهن، ۽ اهو منهنجيءَ دل ۾ ان کان گھٽ تڪليف ڏيندڙ شڪ نه آهي، ته تون ڪڏهن صحيح معنائن ۾ انساني، خانگي خوشيءَ جو اهل ٿي سگھندين؟ ڇا، ۽ ان شڪ هتي ڪجھ ڏينهن کان مون کي گھٽ اذيت نه ڏني آهي جڏهن کان مان هڪ خاص هستيءَ سان پنهنجي اولاد جيان پيار ڪرڻ لڳو آهيان، ڇا تون ڪڏهن انهن ماڻهن کي خوشي ڏيڻ جو اهل ٿي سگھندين جيڪي تنهنجا سڀ کان وڌيڪ ويجھا هوندا؟ ظاهر آهي ته اها خاص هستي جيني فان ويسٽ فالين آهي جنهن جي خوشيءَ بابت هائنرخ مارڪس ايتري قدر شفقت سان فڪرمند آهي.
پر نيٺ ماڻهو پاڻ خوشيءَ کي ڪيئن بدلائي؟ شايد ڪارل مارڪس ”انهن ماڻهن کي“ جيڪي سندس ”سڀ کان وڌيڪ ويجھو هئا“ اهڙي صاف ۽ روشن ”گھريلو“ خوشي نه پهچائي، جنهن جا خواب سندس پيءُ ڏٺا هئا. پاڻ ڪارل مارڪس جي لفظن ۾، هن صحت، خوشيءَ ۽ ڪٽنب کي پنهنجي زندگيءَ جي لاڀ ـــــــ ”ناڻي“ تي قربان ڪري ڇڏيو. جيني کي پنهنجي مڙس سان گڏ هن جي بيچَين زندگيءَ جي سڀني بارَن ۾ شريڪ ٿيڻو پيو! ڌڪا ٿاٻا کائڻ، قيد، لَڏپلاڻ، مفلسي ۽ وحشي ظلم ۽ سختيون ــــــــ هن جا ٽي ٻار مري ويا ــــــــ پر هوءَ مارڪس جي سڀ کان ويجھي مددگار ۽ صلاحڪار، هن جي لاءِ رحمت جي حور جيان رهي. هن پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي ڏسي ورتو ته مارڪس جو نانءُ روس کان وٺي آمريڪا تائين نئين سرويچ دنيا جو نشان بڻجي ويو ــــــــ ۽ ان جي ڪري هر شَي جي تلافي ٿي وئي.
هائنرخ مارڪس جي انديشن هن کي ڌوڪو نه ڏنو هو. هن جي پٽ جو عفريت بهشتي نه، پر فائوسٽي اصل جو هو. هو ان کي ترسڻ نه ڏيندو هو، هن کي پنهنجي روحاني ارتقا ۾، پنهنجي ڪمال جي ڳولا ۾، هٿ نه اچڻ واري ۽ من موهيندڙ ”شيطاني منطق“ جي، حقيقت جي پُوري ڄاڻ ۽ مڪمل سمجھ جي ڇانوَ جو پيڇو ڪندي اڳتي ئي اڳتي وڌندو رهڻ تي مجبور ڪندو رهيو، ۽ ان جي لاءِ هو قربانيءَ جو مطالبو ڪندو هو، خود مارڪس کان به ۽ انهن ماڻهن کان به جيڪي ”هن کي سڀ کان وڌيڪ ويجھو هئا.“ مارڪس سماجي سچائيءَ جي منطق جي خدمت ڪرڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي پوريءَ طرح وقف ڪري ڇڏيو هو. هُو خوشي جي ان خيال جو وفادار رهيو (”سڀني جي ڀلائي لاءِ قربانيون“، ”ڪروڙين ماڻهن“ جي خوشيءَ جي لاءِ) جنهن جو اظهار هن جمنازيم ۾ ڪيو هو.
فائوسٽ جي ابتڙ مارڪس پنهنجي وجود اندر ”ميفسٽوفليز“ به هو. هو پاڻ پنهنجين لکڻين جو سڀني کان وڌيڪ بي رحم نقاد به هو. هو پنهنجي پسنديده اصول ”سڀني شين جي باري ۾ پڇا ڳاڇا“ سڀ کان اڳ پنهنجي قلم جي لکتن تي لاڳو ڪندو هو.
پنهنجي شاگرديءَ جي ابتدائي سالن جي شاعراڻن تجربن بابت هن سخت ترين فيصلا مڙهيا. پنهنجي پيءُ ڏانهن خط ۾، اڻويهن سالن جي مارڪس انهن بابت هيٺين راءِ ڏني: ”اسان جي زماني تي حملا، احساس جا ٽٽل ٽـڙيل ۽ اڻ پڪا اظهار، ڪا به شَي قدرتي ناهي، هر شَي خواب ۽ خيال سان ٺاهيل، جيڪو ڪجھ آهي ۽ جيڪو ڪجھ ٿيڻ گھرجي، ان جي وچ ۾ مڪمل تضاد، شاعراڻي سوچ بدران بياني زور جون جھلڪيون، پر شايد هڪ قسم جي احساس جي تابش ۽ شاعراڻي شعلي جو شوق به.“ ظاهر آهي هتي مارڪس جو تنقيدي احساس غلط نه هو.
پر جڏهن به هن ڪجھ نظمن ۾ ”پري کان نظر ايندڙ پَرِي محل جيان سچي شاعريءَ جي جرڪندڙ دنيا“ جي جھلڪ ڏٺي، ته به ان ڪاميابيءَ کي مارڪس پنهنجي شاعراڻي صلاحيت جي سنجيدي اندازي لاءِ هڪ موقعي جيان استعمال ڪيو ۽ ”منهنجيون سموريون تخليقون سڙي خاڪ ٿي ويون.“ ان فِقري کي لفظي معنى ۾ سمجھڻ گھرجي، ان ڪري جو مارڪس پنهنجن نظمن کي ۽ ناولن جي خاڪن کي ساڙي ڇڏيو.
”فنن جي ديوين جي رقصن ۽ قصن ڪهاڻين جي موسيقيءَ“ کي ڇڏي مارڪس اڃا به وڌيڪ جوش سان سائنس ڏانهن ڌيان ڏنو. پهريائين به شاعري سندس لاءِ هڪ ضمني مشغلو هئي. هو هڪ اڻپوري بيلڊ يا منظوم ڊرامي کي هڪ پاسي رکي ڇڏيندو هو ۽ قانون ۽ فلسفي جي علم ۾ گم ٿي ويندو هو. هن ليسنگ جي لکڻي ”لائوڪون“، وينڪل مانۡ جي ”فنن جي تاريخ“ ۽ اوويڊ جا مرثيا پڙهيا ۽ انهن دوران رائماروس جو ”جانورن جي فنڪاراڻي جبلت بابت“، لوڊين جي ”جرمن قوم جي تاريخ“ ۽ ارسطوءَ جي لکڻي ”ڳالهائڻ جو علم“ ۽ بيڪن، شيلنگ، ڪانٽ ۽ هيگل جون لکڻيون پڙهيون. هن قانون جي علم بابت خصوصي ادب جو هڪ ڍير پڙهي ڇڏيو. جيترو ڪجھ هن هڪ سال ۾ پڙهيو، ان جي حقيقي ضخامت ئي اچرج جھڙي آهي.
پر مارڪس رڳو پڙهيو ئي ڪو نه، هن هڪ عادت وجھي ڇڏي هئي جيڪا سڄي زندگي قائم رهيس ـــــــ جيڪو ڪجھ هو پڙهندو هو، ان مان ڊگھا ڊگھا ٽڪرا چونڊي لکي ڇڏيندو هو ۽ ان سان گڏ پنهنجا خيال به لکندو ويندو هو. ان ڪري کيس پنهنجي ڪم ۾ ڏاڍي مدد ملي، سندس سوچ ۽ يادگيرو منظم ٿيو.
مارڪس جي هڪ امتيازي خاصيت هيءَ آهي ته جڏهن هو علم جي ڪنهن نئين شعبي جو اڀياس ڪري ٿو، ته ٿـڏي تي ئي ان شاخ جي آزاد ڇنڊڇاڻ به ڪري ٿو. سندس ادب جو اڀياس شاگردن جھڙو مفعولي عمل ڪڏهن به نه هوندو هو، پر آزاد تخليقي سوچ جي لاءِ رڳو هڪ موقعو، هڪ ترغيب ۽ هڪ تحريڪ هو.
پنهنجي فلسفي ۽ قانون جي اڀياس ۾ هو ”قانون جو هڪ اهڙو فلسفو“ ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جيڪو قانون جي سڄي شعبي کي گھيري ۾ آڻيندو هجي.“ ان موضوع جي رڳو سڃاڻپ طور ارڙهنِ سالن جي مارڪس هڪ ”غير اطمينان بخش تصنيف، لڳ ڀڳ 300 صفحن جو هڪ ڪتاب“ لکي ورتو.•
فن جي تاريخ ۽ فلسفي جي تاريخ جو اڀياس ڪندي انهيءَ ئي تعليمي سال هلندي هن 24-هن صفحن جو هڪ مڪالمو لکيو ”جنهن ۾ آرٽ ۽ سائنس ڪنهن حد تائين متحد هئا.“ ”ڪليانـٿيز، يا فلسفي جي شروعات جو نقطو ۽ لازمي تسلسل.“ افسوس، ته جو اهو مڪالمو اسان تائين نه پهچي سگھيو، ان ڪري جو ان دَور جي شايد اها اڪيلي لکت آهي جنهن جي پاڻ مارڪس ساراهه ڪئي آهي.“ باقي هر شَي تي هن اهڙي ئي تباهه ڪندڙ تنقيد ڪئي آهي جھڙي نظمن تي ڪئي هئي.
ان تعليمي سال (37-1836ع) هلندي ڪيتريون ئي راتيون بنا ڪنهن ننڊ جي گذري ويون ۽ ڪيتريون ئي تيز روحاني لڙايون ٿيون. ”روح جي ڀٽڪندي رلڻ“ جو نتيجو عام طور اهو ٿيندو هو ته جيڪو ڪجهه ڪيو ويو هو، ان کي رد ڪيو وڃي. مارڪس فسلفي ۽ قانون جي علم جي ميدان ۾ ڪنهن نه ڪنهن ٺوس ثبوت ڏيندڙ استاد جي نُڪتي نظر کي اختيار ڪندو هو ۽ ان کي سندس منطقي نتيجي تائين ترقي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پر نتيجو اهو نڪرندو هو ته بحث هيٺ ٺوس ثبوت استاد جِي، سندس تعليمن جِي ۽ سندس پنهنجي ڪوششن جي اَڻ درستيءَ کي ڳولي لهندو هو. هو هڪ خدا جي عبادتگاهه کي برباد ڪري ڇڏيندو هو، پر رڳو ان لاءِ ته ان کي نوَن خدائن سان ڀري ڇڏي. هو هڪ بُت کي ڊاهيندو هو، سچائيءَ جي تخت تي ٻين بتن کي رکڻ جي لاءِ. هن پاڻ پنهنجي لکڻين جا جُلدن مٿان جُلد ڀريا ـــــــ شاعراڻا، جمالياتي ۽ فلسفياڻا ـــــــ پر انهن کي رڳو ساڙي ڇڏڻ لاءِ. هڪ سال ۾ هن ايترو لکيو جيترو ٻيا اديب سڄي ڄمار ۾ لکندا آهن، پر جيڪا شَي سائنس جي بدتهذيب لاءِ آڪڙ ۽ غرور جو سبب ٿي سگھندي هئي، ان مان نوجوان مارڪس کي بي اطمينانيءَ جو ڪرب مليو.
مارڪس پنهنجي تخيل جي دنيا جي تخليق به پوري نه ڪندو هو جو ان کي ڊاهي تباهه ڪري ڇڏيندو هو ۽ نين دنيائن جي ڳولا ۾ روانو ٿي ويندو هو. هڪ نظم ”ڳولا“ ۾، جيڪو جيني کي منسوب ڪيو ويو هو، هُو ان بابت پاڻ هيئن لکي ٿو:
سمورا ٻنڌڻ ٽوڙي مون جڏهن پنهنجي راهه ورتي
”ته ڪيڏانهن؟“، ”ڳولڻي آ مون کي هڪ دنيا نئين.“
”ڇا چيئه؟“ ”ڇا سُهڻو گھٽ آ هيءُ تنهنجو جهانُ ــــ
هيٺ لهرن جو ترنم، مٿي تارن جو جُهرمٽ.“
”هيئن جو منهنجي روح مان ٿئي منهنجي دنيا جو ظهور
۽ انهيءَ جي سيني سان ٿي لڳي بي قرار
سمنڊ کيس هر طرف کان مون سان گڏ گھيرو ڪري
هن جي فلڪ جو گنبذ منهنجي ساهن سان ڀري.“
مون پنهنجي راهه ورتي، وري جڏهن آيس موٽي
هٿ ۾ گھڻن لفظن واريون دنيائون کڻي
جن ۾ جرڪندڙ اُس هئي ۽ روشني پئي کيڏندي
پر هڪڙي وِڄ ڪري ۽ هاڻي اهي دنيائون ناهن.
جيڪو ڪجھ حاصل ٿي چڪو آهي ان مان لاڳيتي بي اطميناني، ڪمال جي مسلسل ڳولا ان جي پختائي وارن سالن ۾ به هن جون امتيازي خاصيتون رهيون. سندس خيال اڃا مشڪل سان نقش ڪڍندو هو، ته پاڻ ان کان اڳتي نڪري ويندو هو، جيڪو ڪجھ حاصل ڪيو هئائين، جيڪو ڪجھ لکيو ويو هو، تنهن کي اڻ رَسندڙ اوچاين تان بيهي ڏسندو ۽ پوءِ هڪ نئين اوچائيءَ طرف هلي پوندو. ان جو مقصد اهو نه هو ته هُو اوچاين کي فخر سان پيرن هيٺان ڪري وٺي، پر اهو ته هڪ مثبت اوچائيءَ تي پهچي وڃي، جتان هن کي سچائي پنهنجي اصل روشني ۾ ڏيکارجي.
بالزاڪ هڪڙو ننڍڙو خاڪو لکيو هو، جنهن جو عنوان هو ”غير معروف شاهڪار.“ اهو هڪ غير معمولي طرح باڪمال فنڪار بابت آهي، جيڪو هڪ اڪيلي، عمدي تصوير ٺاهي ٿو، چاهي ٿو ته ان کي رنگ جي سڄي ڪمال جو نمونو بڻائي ڇڏي ۽ قدرت جي اهڙيءَ طرح تصوير چِٽي جو اها تصوير پنهنجي اصل کان به سٺي ٿي پوي. سالن تائين هو ڏاڍي وجدان سان ڪم ڪري ٿو، رنگن ۾ اهڙيءَ طرح روح ڦوڪڻ جي ڪوشش ۾ اڪثر سڀني جُزن کي بدلائيندو رهي ٿو جيئن افسانوي پگميليئن جي هٿن ۾ مجسمو جيئرو ٿي پيو هو. نيٺ هو محسوس ڪري ٿو ته سندس مقصد حاصل ٿي ويو آهي پر ڄميل ناظرين رڳو برش جي لِيڪُن جو هڪ بي ترتيب مجموعو ڏسن ٿا. ڪمال جي زيادتيءَ تصوير کي تباهه ڪري ڇڏيو.
فيبروري 1887ع ۾ جڏهن ”ناڻي“ جي پهرئين جلد تي هن جو ساهه سُڪائيندڙ ڪم پورو ٿيڻ ويجھو هو، تڏهن مارڪس بالزاڪ جي ان خاڪي کي وري پڙهيو ۽ اينجلس کي سفارش ڪئي ته هُو به اهو پڙهي وٺي. هيءُ هڪ ننڍڙو شاهڪار آهي جيڪو نفيس ٽوڪ سان ڀريل آهي. ظاهري طرح ان ۾ مارڪس پنهنجي لکڻي ”ناڻي“ ۾ ڪمال لاءِ پاڻ پنهنجي صبر آزما ڳولا تي ٽوڪ ڏٺي، جڏهن جڏهن به کيس اهو لڳندو هو ته اهو ڪم ڪڏهن به پورو نه ٿيندو.
بالزاڪ جي هيرو جي ابتڙ، مارڪس پنهنجو پاڻ سان ان ويڙهه ۾، پنهنجي بي رحماڻي خود تنقيد جي ڪري، پنهنجي ان اندرين مطالبي سبب سوڀارو ٿيو، ته موضوع کي جيتري قدر ڀرپور نموني ممڪن هجي سمجھجي ۽ جيتري بهترين طريقي سان ممڪن هجي اهو سمجھائجي. هن سرمائيداراڻي سماج جي جيڪا تصوير ٺاهي، اها صحيح معنى ۾ شاهڪار ثابت ٿي، جيڪا صدين تائين باقي رهندي ۽ هُو جائز طرح پنهنجي ”ناڻي“ کي فني ڪُل چئي سگھيو پئي، پر ان لاءِ هن سالن جا سال ڪم ڪيو هو. اڃا به اهو چوڻ صحيح ٿيندو ته ان ۾ هن پنهنجي ڄمار ڳاري ڇڏي، ان ڪري جو سندس سڄي ڄمار ”ناڻي“ جي تخليق لاءِ هڪ تياري هئي.
سمورن سچن تخليقڪارن جيان مارڪس به پنهنجين لکڻين کان هميشه مٿير رهيو. هن جي روحاني دنيا جي مالداريءَ جي عڪاسي، جيڪو ڪجهه هن لکيو ان جي دولتمنديءَ ۾ صرف جزوي طرح ۽ ڏاڍي اڻپوري طريقي سان ٿي. تنهنڪري سندس ”بهترين“ لکڻي اڻ لکيل رهجي هئي. اهو ئي بي اطمينانيءَ جي لاڳيتي ڪرب جو اصل سبب هو.
شَڪُ ته سوچ جي سستيءَ ۽ ڀاڙيائپ جي نشاني به ٿي سگھي ٿو جيڪو زندگيءَ جي اسرارن جي رازن جي مونجھارن آڏو شرمندو ٿي پوي ٿو ۽ ان جي ستن پردن ۾ لڪل هجڻ جو اعلان ڪري ڇڏي ٿو، جيئين عتيق عهدنامي جي راهبن ڪيو هو، جن ”آسمان هيٺ جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو ان سڀ ڪجهه جي“ ڳولا ۽ جستجو ڏاهپ سان ڪرڻ گُھرِي ۽ ان نتيجي تي پهتا ته ”سڀ ڪجهه انا آهي ۽ روح جي گندگي.“
پر اهو ئي شڪُ نظرياتي جسارت لاءِ اشد ضروري هٿيار به آهي. ان جسارت ۾ ماضيءَ جي فڪر جي پريشان آسيبن تي غيرجانبداراڻو حڪم هلائي ٿو ۽ ان ڪري جو انهن آسيبن جي طاقت ڪنهن به طرح مفروضو يا غير حقيقي ناهي.
هيگل طربيه ٽوڪَ، الميه ٽوڪَ ۽ وري شڪ جي ٽوڪ بابت لکيو جيڪو نيٺ ڪُل انانيت ڏانهن وٺي وڃي ٿو جڏهن، جيئن ديرو چيو آهي، هڪ صاحبِ احساس پيانو اهو تصور ڪندو آهي ته اهو ته دنيا ۾ اڪيلو پيانو آهي، پر هڪ ٻيو طنز به ٿيندو آهي جنهن کي ”تعميري“ طنز چئي سگھجي ٿو، جيڪو هر تخليقي خمير لاءِ ضامن جو ڪم ڏيندو آهي، جيڪو هڪ نئين خيال جي جنم ۾ مدد ڏيندو آهي، ان لاءِ راهه سِڌي ڪندو آهي ۽ ان کي اعتماد جو وجدان عطا ڪندو آهي.
انسانـذات هڪ چوڻيءَ جي لفظن ۾، پنهنجي ماضيءَ کان مرڪندي موڪلائيندي آهي. اها پنهنجي نظرياتي ماضيءَ کان به مرڪندي موڪلائيندي آهي. سجاڳيءَ (Renaissance) جي دَور ۾ مذهب جي اقتدار ۽ ”ڪُوڙيل مٿي واري ارسطو“ جي اقتدار بابت هڪ طنزيه رويو فڪر جي ميدان ۾ هڪ انقلاب جي اڳ-ڪٿي هو: فطرتي سائنسون ۽ نئين دَور جو فلسفو. پهريائين فرنسوآ رابلي جو هيج ڀريو، ڦاٽوڙو ٽهڪ گونجيو ۽ تڏهن سر فرانسس بيڪن وچين دَور جي ڪٽر اصولن جي ”بُـتن“ کي منطقي دليلن سان ڊاٿو ۽ نون خيالن ۽ آدرشن سان انهن کي رد ڪيو.
جيڪا ڳالهه مجموعي حيثيت سان سماج بابت سچ آهي اها فرد لاءِ به صحيح آهي، خاص طور مارڪس جهڙي ماڻهوءَ لاءِ. هڪ ڏاهو هميشه نفي ۽ ٽوڪ وارو روح رکندڙ هوندو آهي، ان ڪري جيڪو ڪجھ ”عظيم“ ۾ عبوري، بدبخت ۽ رحم لائق نوعيت جو هوندو آهي ان کي ان شدت سان ڪو به نه محسوس ڪندو آهي جيئن هو ڪندو آهي. ۽ ”عظيم“ کي انهن شين کان احتياط سان پاڪ ڪرڻ جو ۽ سنگتراش جي سنهڙي ڇيڻي کڻي ”عظيم“ کي آزاد ڪرڻ جو ڪم به ڪو ٻيو پورو ڪري ناهي سگھندو.
جيڪڏهن اسين مارڪس جي ٽوڪ جي ماخذن تائين پهچڻ گھرون ٿا ته اسان کي فن ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو.
بالزاڪ پنهنجي تِکي طبيعت واري ٽوڪباز هيرو کي فن ۽ ان جي سڀني رازن، ان جي حال و قال ۽ جذب و ڪيف جو مجسمو قرار ڏنو آهي. اهو ڏاڍو ڳُوڙهو نُڪتو آهي ان ڪري جو فن هر قسم جي ڪٽر اصول پرستيءَ کان، زندگيءَ جي سڀني پنڊپهڻ ٿيل خيالن کان مخالف هوندو آهي. اهو حقيقت کي هڪ لاڳيتي سلسليڪار جي حيثيت سان، چرپر جي حيثيت سان، عمل جي حيثيت سان سمجهندو آهي، نه ته اهو فن ئي نه رهندو. اصول جي پابند صنفن ۾ به فن ”پنڊپهڻ“ مواد خلاف احتجاج ڪندو آهي ۽ ان ۾ حياتيءَ جو ڌَڙڪو پيدا ڪرڻ ۽ ساهه ڦوڪڻ چاهيندو آهي.
حقيقت کي نظرياتي طور سمجھڻ جي ابتڙ، جيڪو عالم کان تعريفن، جوڙجڪن ۽ نظري شڪلين جي صحت ۽ ان جي مڪمل هجڻ جي گھر ڪري ٿو ۽ اهڙيءَ طرح گُھريل اڻ گھريل، هٿ ڪيل نتيجن کي ”استوار“، ”اٽل“ وغيره سچائي ٺاهي ڇڏڻ جو امڪان پيدا ڪري ٿو، فن ۾ (ظاهر آهي ته صحيح فن ۾) دنيا بابت اسان جي خيالن کي پنڊپهڻ ڪري ڇڏڻ لاءِ ڪا به جاءِ نه هوندي آهي.
سڀ کان وڌيڪ فن ئي فرد جي انهن صلاحيتن کي نکاري سنواري ها جيڪي ان ڳالهه جي اعتبار جوڳي ضمانت ڏين ٿيون ته سوچ ”سختيءَ“ جو شڪار ٿي نه سگھندي. ۽ گڏوگڏ اهي صلاحيتون ئي تخليقي خمير جون ”ضامن“، نون خيالن جي جنم لاءِ هڪ اٿاهه سرچشمو به هونديون آهن. اها دنيا کي هڪ ڪُل جي حيثيت سان ڏسي سگھڻ جي صلاحيت هوندي آهي، تناسب، آهنگ ۽ حسن، تخيل، خيال آرائي ۽ پيش حسي جو احساس هوندو آهي، مزاح جو ۽ وري ٽوڪ جو احساس هوندو آهي.
فن ڌنڌي وارين خوبين کي نکاريندو سنواريندو ناهي، پر اهو ان آفاقي ۽ صحيح معنائن ۾ انساني صلاحيت کي روشني ڏيندو آهي جيڪا ڪنهن به ڌنڌي لاءِ انتهائي ضروري هوندي آهي ــــــــ ۽ اها آهي تخليق ڪرڻ جي صلاحيت. انهيءَ ڪري ئي ذهني تهذيب جي ارتقا ۾ ان جو ڪردار ايڏو زبردست آهي بنا ڪنهن رک رکاءَ جي، ته اهو ذهن ڪنهن جو آهي، ڪنهن سائنسدان جو، فنڪار جو يا انجنيئر جو.
صفا ننڍڙائپ کان ئي مارڪس هڪ اهڙي ماحول ۾ پَليو نپيو جيڪو فن سان ٽمٽار هو. هڪ پاسي شيلر ان ۾ جابراڻي فرمان روائي خلاف، بدنصيب ماڻهن تي تشدد خلاف نفرت پيدا ڪري رهيو هو، ته ٻئي پاسي شيڪسپيئر ان لاءِ انساني احساسن ۽ رشتن جي منجھڙيل دنيا جو نقاب لاهي رهيو هو ۽ حاضر جوابيءَ لاءِ ان جي فطري لياقت کي روشني ڏئي رهيو هو، ۽ گوئٽي ماڻهن کي ترغيب ڏئي رهيو هو ته احساس ۽ خيال کي، خيال آرائيءَ جي عجيب غريب تماشي ۽ موت ۽ حيات جي معنى تي سوچ ويچار کي، روايتي اخلاق تي ميفسٽوفليز جھڙي ٽوڪ ڀري کِل ۽ علم لاءِ واگنر جھڙي تڙپ ۽ ان جي قادر هجڻ، مطلق هجڻ تي يقين کي متحد ڪن.
پر اچو ته اسين پراڻي برلن جي هڪ ماٺي سڙڪ تي موجود شاگرد جي ڪمري ۾ موٽي هلون جتي تماڪ جي دُونهين ۾، هڪ ٻري ٻري ختم ٿيندڙ ميڻ بتيءَ جي جَهڪِي روشني ۾ ڪارن وارن وارو هڪ نوجوان ــــــــــ جنهن جي نالي جي ان وقت، 1837ع ۾، ڪنهن لاءِ به ڪا اهميت نه هئي ــــــــ پنهنجي پيءُ کي هڪ خط لکي رهيو آهي.
ان خط ۾ مارڪس پنهنجي پيءُ کي اطلاع ڏنو ته هاڻي ايتري سڀ ڪجهه جي نفي ٿيڻ کان پوءِ هُو ”هڪ زيردست ٽوڪ جي عتاب جي پَڪڙ“ ۾ آهي ۽ کيس اهو پيو معلوم ٿئي ته سندس سموري محنت ”بي ثمر“ هئي ۽ اهو ته هُو انهن ”هنگامي وارن امڪانن“ کي ختم ڪرڻ جي طاقت نه ٿو رکي جيڪي هنن پيدا ڪري ڇڏيا آهن.
پر اهو زندگيءَ ۾ هڪ موڙ جو عارضي بحران هو جنهن هن جو ڪم ڪجهه ته حقيقت ۽ سائنس سان هن جي ٽڪراءَ کان اڳ، اڻ پُختي دَور لاءِ ”موڪلاڻيءَ وارو گيت“ هو ۽ ڪجهه آئِندي جي ڪجهه وڌيڪ سخت ۽ بنيادي ٽڪرائن لاءِ هڪ همت ڀري تمهيد هو.
ان تمهيد ۾ هِتي هُتي، تمام گھڻي ڀروسي ۽ وضاحت سان نه سهي، پوءِ به، انهن موضوعن جي جھنڪار ٻڌڻ ۾ پئي اچي جيڪي پوءِ وڌي سڄِي سمفني ٿيڻ وارا هئا. جنهن دانشوراڻي پورهيي هر شَي جي نفي ڪري ڇڏي هئي ۽ جيڪا دنيا جي معاملي ۾ به بي رحم هئي ۽ پاڻ پنهنجي باري ۾ به، اها بي ثمر نه هئي جيئن مارڪس سمجھيو پئي. ان جون نفيون بيڪار نه هيون ۽ نه ئي اجايون، ان ۾ نوَن ثمرن جا ٻج لڪل هئا. ان جي سوچ روايتي، ڏيکاءَ جي سائنسي لٻاڙ جي ساڙَن کي پاڙان پَٽي رهي هئي ۽ حقيقي سائنس جي مکڙين لاءِ ٻنيءَ جي جوٽائي ڪري رهي هئي.
پنهنجي پيءُ ڏانهن هن جيڪو خط 10 نومبر 1837ع تي لکيو، انهيءَ ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته صورت اهائي ئي هئي.
پنهنجي پيءُ ڏانهن قانون جي فلسفي تي پنهنجي وسيع ڪم جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌائيندي، مارڪس ان جي ناقص هجڻ جي سببن جي ڳولا ۾ لکي ٿو ته ”سچائيءَ کي سمجھڻ ۾ شروع کان ئي هڪ رڪاوٽ هئي..... رياضياتي ڪٽر اصول پرستيءَ جي غير سائنسي شڪل“. مارڪس جي ذهن ۾ اها ”اقليدسي“ شاهراهه هئي، جنهن کي اسپينوزا جي دَور کان فلسفي ۾ ترقي ڏني وئي هئي، هڪ اهڙي شاهراهه جنهن ۾ شَي کي ائين سمجھيو وڃي ٿو ڄڻڪ اها ڌار ڌار پاسن کان هڪ طَي ٿيل شَي هجي، ٺيڪ ساڳي طرح جيئن اقليدس ۾ هڪ ٽڪنڊي جي ڇنڊڇاڻ مختلف مناسبتن سان ڪئي ويندي آهي ۽ انهيءَ ڇنڊڇاڻ کي نظري شڪل ۾ يا انهن ڪُل تصورن ۾ درج ڪيو ويندو آهي جيڪي مقدمن کان پابند، ظاهري نتيجو ڪڍڻ وسيلي حاصل ڪيا ويندا آهن. ٽڪنڊو پاڻ بنا ڪنهن ڦير ڦار لائق رهندو آهي ۽ ”ترقي ڪري ان کان ڪا وڌيڪ شَي نه ٿي سگھندو آهي“، ٻين لفظن ۾، ”ليکڪ هِتي هُتي بحث ڪندو آهي، بحث هيٺ شي جي چوڦير چڪر هڻندو رهندو آهي، پر شي ڪنهن جاندار ۽ ٻه رُخي طريقي سان ترقي ڪندڙ شي جهڙي شڪل ۾ نه ايندي آهي.“
ان شاهراهه کان ”مُئل“ مادي جي خارجي صورتن جي اڀياس ۾ بهتر نتيجا ظاهر ٿيندا آهن پر ”جاندار“ مادي جي اظهار لاءِ ۽ خاص طور سماجي ڏيکاءَ (مظهر) جي اظهار لاءِ، ”خيالن جي جيئري جاڳندڙ دنيا“ جي حتمي ڇنڊڇاڻ لاءِ اها صفا اڻ پوري آهي. ”هتي خود شي جو اڀياس ان جي ارتقا ۾ ڪرڻ گھرجي؛ دل گھرِي ورهاست کي شامل نه ڪرڻ گھرجي، خود شي جي مناسب ڪردار کي اهڙي شي جيان ترقي ڪرڻ گھرجي جيڪا پاڻ منجھ ئي تضاد رکندڙ آهي ۽ ان کي پنهنجو ايڪو پاڻ منجھ ئي ملي سگھي ٿو“.
شي جو اڀياس ان جي ارتقا ۾، ”پنهنجي جوڙجڪ پاڻ ڪندڙ هڪ شي جي حيثيت سان، جاندار ۽ ٻه رُخي طريقي سان ترقي ڪندڙ شي جيان“ ــــــــ هي آهي اهو شاهراهه جهڙو مطالبو جيڪو ”ناڻي“ ۾ ايتري قدر شاندار طريقي سان مجسم ٿي ويو آهي.
جيڪو قانون مٿي نقل ڪيو ويو آهي ان ۾ گھڻو ڪجهه هيگل کان اڌارو ورتل آهي. هتي ان جو اثر محسوس ڪري سگھجي ٿو ۽ ان کي ان حقيقت ۾ به ڏسي سگھجي ٿو ته مارڪس ان عمل لاءِ پاڻ پنهنجي تنقيد ڪري ٿو ته هو مادي ۽ هيئت کي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون رکي ٿو، اهڙيءَ طرح جو انهن کي ”مادي“ سان ڀريل خانن واري هڪ ميز ملي وئي. ان رويي بابت، جنهن کي مارڪس شابس به ڏني هئي، ٽوڪ ڀري انداز ۾ لکندي مارڪس ان نتيجي تي پهتو ته ”هيئت کي مواد جو رڳو تسلسل هجڻ گھرجي“.
مارڪس تـڙ تڪڙ ۾ هيگل جي خيالن کي قبول نه ڪيو جيتوڻيڪ هيگل هن کي روايتي فلسفي بازيءَ جي ڪجهه گندگين مان ڪڍيو هو. هُو قبول ٿو ڪري ته پهريان کيس هيگلي فلسفي جي ”بي ڍنگي ناهموار لئه“ پسند نه آئي، پر ڏاڍي ٿڪ سبب بيمار ٿيڻ دوران جڏهن هن هيگل کي ”شروع کان آخر تائين“ پڙهي به ورتو تڏهن به ڪارل هن کان ڇرڪندو ئي رهيو. هُو ”جنهن نظريي کان نفرت ڪندو هو انهيءَ جو هڪ بت ٺاهي ڇڏڻ جي روح ڏکائيندڙ خلش“ بابت لکي ٿو ته ظاهر ۾ ”ناهموار لئه“ سامونڊي جادوگرياڻين جي گاني جي چقمقي ڪشش رکندي ٿي ۽ ان ڏانهن ڇڪجي نه وڃڻ ڏکيو هو.
کڻي ڪري ڪجهه به ٿيو هجي، هيگل جي جوشيلن مداحن ۾، جيڪي مارڪس کي انهن نوجوان هيگيلن ۾ مليا جن گڏجي ”ڊاڪٽرن جي ڪلب“ ٺاهي هئي، هُو هڪ اهڙي ماڻهوءَ جيان اعلى هو جيڪو پوڄا جي ان گھيراءَ جي چمڪ کان اکيون نه ٿو ٻُوٽي جيڪو ان مڃيل استاد جي چوڌاري قائم ٿي ويو هو. اهو سوال اڻ نبيريل رهيو ته هُو هيگل جي رندن تي هلندو يا نه.
هيگل جو جامع اڀياس ڪرڻ کان اڳ مارڪس کي ڪلاسيڪي جرمن فلسفي جي ٻن عظيم هستين ڪانٽ ۽ فيختي جي اثر جو تجربو ٿي چڪو هو. ڪانٽ جي لکڻين ۾ اعلى اخلاقي آدرش ۽ فلسفياڻي ۽ مذهبي سوچ جي ڪٽر اصولن بابت پُرعزم شڪ پسنديءَ مارڪس جو پاڻ ڏانهن ڏيان ڇڪايو ۽ فيختي کان هُو بنيادي طور سندس فلسفي جي فعال، جذبن ڀري، محڪوم قوت اراديءَ واري فطرت جي ڪري متاثر ٿيو.
نوجوان مارڪس، جيڪو پاڻ عمل لاءِ بي چَين هو ۽ دنيا کي بدلائي ڇڏڻ لاءِ سائنسي سوچ کي باهه ۽ ترار ٺاهي ڇڏڻ جو خواهشمند هو، پنهنجي شاگرديءَ جي ابتدائي سالن ۾ فيختي جي فلسفي ۽ نُڪتي نظر کان گھڻو ڪجهه حاصل ڪيو.
فيختي جي شخصيت ان زماني جي بنيادي تبديلي چاهيندڙ نوجوانن کي ڏاڍي پسند ايندي هئي انهن ۾ نظري سوچ ۽ عمل لاءِ جوشيلي تڙپ جو ڏاڍو سٺو ميلاپ هو. اهي سرويچ به هئا ۽ فلسفي به. انهن لاءِ سوچ ۽ عمل هڪ هيڪڙائي هئا. اهي فلسفي جا بوناپارٽ جي نالي سان مشهور هئا، جيتوڻيڪ پنهنجي ڪم جي ابتدائي دَور ۾ انهن کي جائز طرح فلسفي جا جيڪوبي چئي سگھجي پيو. اهي ان ڳالهه کي پنهنجي لاءِ فخر جو ڪارڻ سمجھندا هئا ته انهن کي پنهنجو پاڻ کي انقلابي فرانس جو شهري چوڻ جو حق عنايت ڪيو ويو.
ڪانٽ جي ابتڙ فيختي ڪنهن به صورت ۾ سمجھوتو ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. هن جي سوچ ۽ عمل ۾ للڪار هئي ۽ هو ”توهين ڪندڙ طور“ بيباڪ هو. سندس لکڻين ۾ هڪ فخر ڀري خودمختياري، آزاديءَ سان محبت ۽ دليريءَ وارو وقار هو. هن جو اسلوب چِٽو، پُرشڪوه ۽ دل ۾ لهي ويندڙ هو. هن ۾ پنهنجي فلسفي جي مدد سان سڄي دَور جي روح تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ بي لاگ دعوى جو احساس ٿئي ٿو.
مجهول مراقبي بدران فيختي تخليقي عمل کي، فرد جي تخليقي فعل کي رکيو. سندس خاص خيال اهو هو ته انسان پنهنجن عملن ۾ پنهنجي تخليق ڪري ٿو. هن جي خيال جو نوجوان هيگلين تي ڏاڍو اثر هو جن سان مارڪس پنهنجي شاگرديءَ جي زماني ۾ ملندو رهندو هو.
ظاهر آهي ته فيختي جو ”عمل جو فلسفو“ دنيا جِي هڪ خيال پرستيءَ واري تشريح هو ۽ هن جو عمل رڳو روح جو عمل هو. مارڪس کي روحاني ارتقا جو هڪ ڊگھو رستو طَي ڪرڻو هو، ان کان اڳ جو فيختي جي خيالن (۽ ٻين فلسفين جي خيالن) جو ”معقول مغز“ مکڙي بڻجي عمل بابت جدلياتي ماديتي نظريي جي صورت ۾، هڪ اهڙي سائنس جي تخليق جي صورت ۾ نمودار ٿئي جيڪو دنيا کي بدلائڻ جي لاءِ هڪ سچو ذريعو بڻجي پوي.
ڪانٽ ۽ فيختي ٻئي انسان دوست هئا پر آزاديءَ ۽ فرد جي ڀرپور ارتقا جي آدرش کي يا ته مستقبل بعيد لاءِ ملتوي ڪيو ويو هو (ڪانٽ وٽ) يا هن يوٽوپيائي منهن مهانڊا حاصل ڪري ورتا هئا (فيختي وٽ). نوجوان مارڪس خيال پرستيءَ جي ڪلاسيڪي فلسفي کان ڇو مطمئن نه ٿي سگھيو، ان جي خبر هڪ سجع (تُڪ بند فُـقرن) مان پوي ٿي جيڪا هن 1837ع ۾ لکي هئي:
ڪانٽ ۽ فيختي ته ڪٿي آسمانن ۾ گم آهن
پر انهن آدرشن جون دنيائون پيا اتي ڳولِن
ان کان گھڻي گھٽ آهي منهنجي دل نشين آرزو
ان کي سمجھان جيڪو هتي مون کي مليو راهه رَمندي.
جيڪو ڪجهه مارڪس ڪانٽ ۽ فيختي بابت لکيو آهي اهو ظاهر آهي ته هيگل بابت به سچ آهي. مارڪس نه رڳو ”روح“ جي ٻي ورهاست ڪئي پر جيڪو ڪجھ ”راهه رَمندي“ حقيقي زندگيءَ ۾ ٿي رهيو آهي، ان جي به نظري سمجھه حاصل ڪرڻ گھري ٿو.
گذريل سال بابت سندس خيالن جو خلاصو هيٺئين نتيجي ۾ پيش ڪيو ويو آهي: ”خيال پرستيءَ کان، جنهن جي ڀيٽ ۽ جنهن جي سگھ، اهو ذڪر اجايو نه ٿيندو ته، مون ڪانٽ ۽ فيختي جي خيال پرستيءَ سان ڪئي هئي، مان خيال کي خود حقيقت ۾ ڳولڻ جي منزل تي وڃي پهتس. جيڪڏهن اڳ خدا زمين تي رهندا هئا ته هاڻي ان جو مرڪز بڻجي پيا.“•
هتي ماديت پسنديءَ تائين عبور جو ڪو به سوال ڪونهي. اهو اڃا پري آهي. ”خدائن“ کي لاٿو نه ويو آهي. انهن کي رڳو ٻيءَ دنيا کان هِن دنيا ۾ آندو ويو آهي، ”وجود منجھان شين“ کان ”اسان لاءِ شَي“ بڻايو ويو آهي. ان ڪري جو خود حقيقت بابت اعلان ڪيو وڃي ٿو ته اها ته الاهي خيال جو رڳو هڪ پوڄا-گھر آهي.
پر مارڪس ان پوڄا-گھر ۾ گھڙي پيو، ان لاءِ نه، ته ان جو دائمي قيدي ٿي پوي ۽ گوڏن ڀر جھڪي تعظيم سان مطلق خيال بابت مراقبو ڪري، جنهن پاڻ کي هيگلي فلسفي ۾ پوريءَ طرح سمجھي ورتو آهي. مارڪس ته اهو ٿو آزمائڻ گھري ته ڇا هي ڍاوَل ديوتا حقيقت ۾ ايتري قدر ”مطلق“ آهي، ڇا اهو هن جي چڀندڙ تنقيد جي غضبناڪ وارن جو تاءُ سهي سگھي ٿو.