هڪ ڏاهو ۽ ان جو ماحول
- مقصد جي وحدت.
اوهان جو محبوب اصول؟
- ڪا به انساني شَي مون لاءِ اوپري ناهي.
- ڪارل مارڪس جي ”اعتراف“ مان.
جيستائين مارڪس جي عالمي نُڪتي نظر جي خاص رُخن جي جوڙجڪ ٿِي، تيستائين سندس شخصيت جي جوڙجڪ به ٿي چڪي هئي، جيڪا هڪ اهڙي انسان جي شخصيت هئي جنهن ۾ سائنسدان ۽ انقلابي ملِي هڪُ ٿي ويا هئا. مارڪس سائنس ۾ ٺاهوڪو انقلابي هو ۽ انقلاب ۾ سائنسدان هو، جنهن فلسفي ۾ ۽ سماج بابت خيالن ۾ صحيح معنائن ۾ ڪاپرنيڪس جهڙي اٿل پُٿل پيدا ڪئي هئي ۽ سڄي انقلابي نظريي ۽ عمل کي سخت سائنس جي مدارن تي ڦرڻ لاءِ ”مجبور“ ڪري وڌو هو.
مارڪس پاڻ کي اهڙو مثالي انسان ثابت ڪيو جيڪو پنهنجن همعصرن ۾ وڌيڪ گهرائيءَ تائين ماضيءَ جي تهذيبي ورثي ۾ مهارت ماڻي ۽ تنقيدِي طور ان جي نئين جوڙجڪ ڪري، پنهنجن عظيم اڳواڻن جي ڀيٽ ۾ گھڻو وڌيڪ پنهنجي وقت کان اڳتي نڪري ويو هو.
مارڪس جيئن ته پاڻ به گھڻ رُخو ترقي يافته انسان هو، ان ڪري هن تخليقي حيثيت سان به پاڻ کي گھڻ رُخي طور ظاهر ڪيو. انساني سرگرميءَ جي ڪنهن هڪ به اهڙي دائري جي به نشاندهي ڪرڻ ڏُکيو هوندو جيڪو سندس تجسس ڀري سوچ کان بچيو هجي. اسان بلڪل حقُ ڳالهائي مارڪس جو ذڪر فلسفيءَ ۽ معاشي ماهر، سماجي ماهر ۽ مؤرخ، انقلابي ۽ اڳواڻ، صحافي ۽ ٻوليءَ جي ماهر، ادب جي عالم ۽ اخبار نويس طور ڪري سگھون ٿا.
اسان ڄاڻون ٿا ته مارڪس ”ناڻي“ تي پنهنجو ڪم پورو ڪرڻ کان پوءِ هڪ ”منطق“، فلسفي جي تاريخ تي هڪ ڪتاب، بالزاڪ بابت هڪ ڪتاب ۽ گراخ ڀائرن بابت هڪ ڊرامو لکڻ چاهي پيو. رياضيءَ جي دائري ۾ ۽ ٽيڪنيڪ جي تاريخ ۾ ڪجھ اصلي اڀياس هن سان يادگار آهن ۽ کيس فزڪس، ڪيمسٽريءَ، بائلاجيءَ ۽ ڪامليت جي نظريي جي ڪارنامن سان دلچسپي هئي.
مارڪس پنهنجي طبعي مقصديت سان پنهنجي بحر جهڙي علم ۽ سڀ رُخي ترقي يافته صلاحيتن کي معاشي مسئلن کي حل ڪرڻ تي مرڪوز ڪيو جيڪو سندس سائنسي تحقيق جو خاص موضوع بڻجي ويو، پر ڪو به محدود پيشيوراڻو ماهر ”ناڻي“ جهڙي ڪا شَي ڪڏهن به ڏئي نه پئي سگھيو.
سندس شخصيت ظاهري طور به ايڏي ئي نمايان هئي. ان حقيقت کي اهي ماڻهو به محسوس ڪندا هئا جيڪي مارڪس کي مٿاڇرو ڄاڻيندا هئا ۽ مارڪسزم کان اوپرا هئا.
روسي لبرل اديب پ. آننڪوف مارچ 1846ع ۾ مارڪس سان برسيلز ۾ مليو ۽ هن لکيو ته مارڪس اهڙو ماڻهو آهي جيڪو توانائيءَ، قوت اراديءَ ۽ لازوال يقين جو وجود هو ۽ سندس شڪل ۽ صورت به ڏاڍي نمايان هئي. گھاٽن ڪارن وارن واري مَٿي، بج وارن هٿن ۽ هيٺ مٿي بٽڻ لڳل ڪوٽَ سان هُو اهڙو ماڻهو لڳي پيو جيڪو ڪهڙي به انداز ۾ اوهان اڳيان اچي ۽ ڪجھ به ڪري، اوهان جي احترام جو مستحق آهي. سندس سڀئي چرپرون تِکيون پر واضح ۽ پراعتماد هيون. ماڻهن سان سندس ورتاءَ جي پوري انداز جي خاصيت هئي آزادگي ۽ جيڪي شيون عام طرح مڃيل هيون، انهن کان مختلف هو، ۽ سندس کهرو، کڙڪندڙ آواز ماڻهن ۽ شين بابت سندس فيصلن جي قطعي نوعيت سان پوريءَ طرح هڪجھڙائي رکي پيو.
28 ورهين جي مارڪس آننڪوف کي هڪ اهڙي شخص جي حيثيت سان متاثر ڪيو جنهن کي ان ڳالهه جو يقين هجي ته سندس ڪم جو منصب آهي انسانن جي ذهنن تي حڪمراني ڪرڻ ۽ سندن رهنمائي ڪرڻ، جيڪو سڀني ”نقلي پيغمبرن“ ۽ ”انسانذات کي ڇڏائيندڙن“ جي برخود غلط جهالت کان بيزار هو.
آننڪوف ڪميونسٽ خط پَٽ ڪاميٽيءَ جي هڪ گڏجاڻيءَ جو احوال ٻڌايو آهي، جنهن ۾ مارڪس ۽ ولهلم وائٽلنگ جي وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو. وائٽلنگ يوٽوپيائي ڪميونزم جي ردي برابريءَ واري صورت جو اصول ساز هو ۽ هن پنهنجي منجھيل پر نمايان واعظن سان جرمنيءَ ۾ ڊَپ پکيڙي ڇڏيو هو ۽ مزورن ۾ سندس ڪجھ پيروڪار به پيدا ٿي پيا هئا.
مارڪس انهن تصوري اصولن بابت ڪجھ تکا سوال پڇيا جيڪي وائٽلنگ پنهنجيءَ سرگرميءَ ۾ راهه جي مشعل بڻائڻ وارو هو. ان تي وائٽلنگ ناپائداريءَ سان وضاحت ڪرڻ شروع ڪئي ته انهن جو مقصد نوان معاشي نظريا خلقڻ نه، پر مزورن کي انهن جي حيثيت جو خراب پاسو ڏيکارڻ ۽ کين جمهوري ۽ ڪميونسٽ ڪميونن ۾ متحد ٿيڻ جي تعليم ڏيڻ آهي.
ان تي ڪاوڙ منجهان منهن گُھنجائي مارڪس اوچتو وائٽلنگ جي ڳالهه اڌ ۾ ڪَٽِي ۽ ٽوڪ مان چيو ته عوام کي سندن سرگرميءَ جي مستحڪم، سوچيل سمجھيل سبب ٻڌائڻ کان سواءِ ڀڙڪائڻ رڳو انهن کي ڌوڪو ڏيڻ ٿيندو. مزور کي ڪنهن به طرح سائنسي خيالن يا تعميري نظريي کان سواءِ آواز ڏيڻ واعظ جي ان غيرديانتداراڻي تماشي جي برابر آهي جيڪو اهو سمجھندو آهي ته هڪ طرف الهامي پيغمبر آهي ۽ ٻئي طرف بي عقل گڏهه آهن.
وائٽلنگ جو ڦڪو مُنهن ڳاڙهو ٿي ويو. هن وڏي شانَ سان پنهنجين خدمتن جو ذڪر ڪرڻ شروع ڪيو ۽ خاص طور چيو ته سندس ٿورو گھڻو ابتدائي ڪم مصيبت ۾ ڦاٿل دنيا ۽ ڏک سور ۾ ڦاٿل عوام کان صفا ڪَٽيل نظرين جي تنقيد ۽ آرام ڪرسيءَ تي ويٺي ويٺي انهن جو تجزيو ڪرڻ کان شايد گڏيل مقصد لاءِ وڌيڪ عزت وارو آهي.
انهن لفظن تي ڪاوڙ ۾ ڀرجي مارڪس ميز تي ايڏو ته زور سان مُڪ هنئي جو ان تي رکيل لئمپ لُڏي ويو ۽ کڙ کڙ ڪرڻ لڳو. هُو اهو چوندي اُٿي بيٺو ته ”جهالت اڄ تائين ڪنهن جي مدد ناهي ڪئي!“
مارڪس سان جيڪي ماڻهو ملندا هئا تن مان گھڻائي ان سختيءَ تي حيران ٿي پوندا هئا جنهن سان مارڪس ماڻهن ۽ نظرين بابت ”فيصلا“ ڏيندو هو. مارڪس جي بدتهذيب يادگيريون لکندڙن ۽ سوانح نگارن اڪثر ڪري سندس بي صبري ڪاوڙ، سندس ”آمراڻن“ اندازن ۽ انهن ماڻهن لاءِ سندس ”ميفسٽوفليزي“ نفرت جي اڪثر ڪري شڪايت ڪئي آهي جيڪي سندس هم خيال نه ٿيندا هئا.
مارڪس پنهنجن مخالفن سان جيڪي بحث ڪندو هو، اهي اڪثر ڪري جذباتي رنگ ۾ رڱجي ويندا هئا. مارڪس پيدائشي سياستدان ۽ انقلابي هو ۽ سندس لاءِ سماجي سائنس اهڙو ميدان هو جتي راين جو ٽڪراءُ مختلف سماجي طبقاتي مؤقفن جو ٽڪراءُ بڻجي پڌرو ٿيندو هو، نه ڪي اهڙن پرائيويٽ پروفيسرن جي علمي اعتبار کان مجهول ۽ ڌوڪي سان اخلاقي بحث، جيڪي ان فن ۾ مهارت حاصل ڪندا آهن ته هارِي ويندڙ راند کيڏندي به نِرڙ تي گھنج نه پوي.
اصول جي سوالن تي مارڪس جي فيصلي ۾ ڪڏهن به نرمي نه ٿيندي هئي، پوءِ اهو ڀلي ته اهڙن ماڻهن جو سوال ڇو نه هجي جن سان سندس سالن جا ناتا رهيا هجن. مارڪس پاڻ هڪ رُخي ذهنيت جو ماڻهو هو ۽ ٻين جي عملن کي ماپڻ لاءِ ٻِٽو معيار استعمال نه ڪندو هو: هڪ ”انساني“ سطح لاءِ ۽ ٻيو سائنسي ”ڪاروباري“ سطح لاءِ. جيڪو ماڻهو سائنسي نظريي يا انقلابي عمل جي سوالن تي ”انڪار“ ڪندو هو، اهو مارڪس جي نظرن ۾ هڪ اخلاقي غلطي به ڪندو هو ۽ صرف مفڪر يا انقلابيءَ جي حيثيت سان ئي نه، پر انسان جي حيثيت سان به سندس احترام کان محروم ٿي پوندو هو. ساڳيءَ طرح ڪنهن جي ذاتي رشتن ۾ ٿورڙي به بد احتياطي مارڪس وٽ ان ڳالهه جو مناسب ڪارڻ ٿي پوندي هئي ته هُو ان ماڻهوءَ تي سائنسي ۽ سياسي ٻنهي معاملن ۾ ڀروسو نه ڪري.
اهو پراڻو قانون ته ”افلاطون مون کي پيارو آهي، پر سچائي صفا پياري آهي“ پنهنجن دوستن سان مارڪس جي لاڳاپن ۾ پوريءَ طرح مجسم ٿي پوندو هو. سچائيءَ سان دغا ڪرڻ تي هُو ڪنهن کي به معاف نه ڪندو هو. سائنسي سوالن تي اختلاف راءِ هميشه ان ڳالهه جو سبب بڻبو هو ته نيٺ اهي دوستي ٽوڙن ۽ پوءِ چُڀندڙ مناظراڻي جنگ شروع ٿي پوي.
برونو باير، ايڊولف روٽنبرگ، آرنلڊ روگي، پيئر پروڌان، ميخائيل باڪونين، موزيس هيس، ولهلم وائٽلنگ ۽ گيورگ هيرويگ جي معاملي ۾ ايئن ئي ٿيو.
نوجوان مارڪس پنهنجي ذهني اوسر ۾ اهڙو تِکو قدم کنيو جو سندس اڳوڻا هم خيال دوست پٺتي رهجي ويا. پر اصل ۾ اها ڳالهه نه هئي جنهن تي سندس مناظراڻي ڪاوڙ اُٿلي پوندي هئي. هُو بنهه اهڙو ماڻهو نه هو جيڪي علم ۽ پنهنجين صلاحيتن جو ڏيکاءُ ڪندا هجن. علم جي کوٽ سبب پيدا ٿيندڙ نادانيءَ کي هُو هميشه سمجھي وٺندو هو ۽ ان کان ڪِنارو ڪندو هو، پر عالم نما جاهلن جي سهنجين ۽ ويڙهين ۾ رڌل لالچن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو هو جيڪي ٻين کي سبق سيکارڻ ۽ رهنمائي ڪرڻ جا دعويدار هئا. اهڙين حالتن ۾ جهالت ذاتي ڪوتاهي ناهي رهندي پر هڪ سماجي خطرو بڻجي پوندي آهي، ۽ مارڪس ان جي مذمت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندو هو.
هن مختلف ماڻهن بابت راءِ قائم ڪرڻ ۾ تقريباً ڪڏهن به غلطي نه ڪرڻ واري فطري حواس جو مظاهرو ڪيو. هُو نه رڳو اهو ته ان سماجي مؤقف کي چٽِيءَ طرح ڏسي وٺندو هو جيڪو ڪو به ماڻهو ڪنهن خاص موقعي تي اختيار ڪندو هو، پر هُو اڳ-ڪٿي به ڪري سگھندو هو ته ان جو اهو مؤقف مستقبل ۾ ان کي ڪٿي پهچائيندو. سندس تنقيدي حملا شروعات ۾ اجايا لڳندا هئا، پر ڪجھ ڏينهن کان پوءِ خبر پوندي هئي ته مارڪس صحيح هو.
فڪر جي ”دهشت پسند“ برونو باير پوءِ رجعت پرستيءَ واري اخبار ”ڪروئز زاءِ تونگ“ لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ايڊولف روٽنبرگ، جنهن پنهنجي سرگرمي سياسي شهيد جي حيثيت سان شروع ڪئي هئي، ايڏو ڪِريو جو ”پروسيشير اشٽاٽس انزائگر“ جو ايڊيٽر ٿيو. آرنلڊ روگي، جنهن 1840ع جي پوءِ واري ڏهي ۾ پنهنجين لکڻين جي صفحن تي سياسي جدوجهد جو بگل وڄايو هو، پنهنجي زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ بسمارڪ جو حامي بڻجي ويو.
جيستائين وائٽلنگ ۽ پروڌان جو سوال آهي، ته ميرنگ صحيح لکيو آهي ته سندن مقدر اهو هو ته کين ساڳئي قسم جي مشهوري ۽ ساڳئي قسم جو افسوسناڪ انجام ملي. سندن سرگرميءَ جي شروعات ۾ سڀ کان گھڻو مارڪس سندن واکاڻ ڪئي ۽ سندن وجودن ۾ مزور طبقي جو جاڳندڙ شعور ڏٺو. پر وائٽلنگ جرمن هنرمند جي محدود افق کان ۽ پروڌان فرانسي پيٽي بورجوائن جي محدود افق کان اڳتي وڌي نه سگھيا. تاريخي اوسر جي لَهرن هنن کي جبلن تي اڇلي ڇڏيو ۽ هُو مارڪس کان ڌار ٿي ويا، جنهن اهو ڪم شاندار پڄاڻيءَ تائين رَسايو، جنهن جي ابتدا انهن ٻنهي ڪئي هئي.
پر مارڪس پاڻ ڏکين حالتن ۾ گذارڻ باوجود وائٽلنگ کان تعلق ختم ڪرڻ کان پوءِ به کيس مالي مدد ڏيندو رهيو. ان سلسلي ۾ هيس لکيو ته ”توکان اها ئي اميد هئي ته وائٽلنگ سان تنهنجي دشمني/عداوت ايڏي نه وڌي جو تون هن لاءِ پنهنجي ٿيلهي جو منهن بند ڪري ڇڏِين جيستائين ان ۾ ٿورو ڪجھ به بچيل هجي.“
هڪ ڀيري مارڪس کي هيءُ پُور پيو ته سندس فطري حواس کيس ڌوڪو ڏنو ۽ ميخائيل باڪونين لاءِ هُن جيڪا بي اعتمادي محسوس ڪئي هئي ان جي توثيق باڪونين جي انقلابي سرگرميءَ کان نه ٿي. مارڪس بنا دير انهن غير دوستاڻن قدمن تي ڏک جو اظهار ڪيو جيڪي هن باڪونين خلاف تنهن وقت کنيا هئا جڏهن هو ”نوئيي رائنيشي زاءِ تونگ“ جو ايڊيٽر هو. هن باڪونين سان ٺاهه ڪيو ۽ ”سندس حمايت ڪئي.“
ان ڳالهه کي ڪيئي سال لنگھي ويا ۽ وري انٽرنيشنل ۾ باڪونين جي نفاق واري مؤقف اهو ثابت ڪيو ته مارڪس جي فطري حواس کيس گھڻو ڌوڪو نه ڏنو هو.
مارڪس هڪ ڀيري لکيو ته ”مان ٿورن ئي ماڻهن سان دوستي رکندو آهيان پر ان دوستيءَ جو قدر ڪندو آهيان “ ۽ سچ پچ به سندس ٿورا ئي حقيقي ۽ سچا دوست هئا، پر اهي ڪيڏا نه بلور وانگر شفاف ماڻهو هئا ۽ پرولتاريه جي مقصد سان ڪيڏا نه وفادار! ولهلم وولف، جوزف ويئڊيميئر، ولهلم ليبڪنيخت ۽ گيورگ ويئرٿ...
مارڪس ايڏي شدت سان نفرت ان ڪري ئي ڪري سگھي پيو جو محبت ۽ دوستيءَ جا ايڏا گهرا جذبا رکڻ لائق هو. ٻن ماڻهن سندس زندگيءَ ۾ غير معمولي ڪردار نڀايو: جيني جي محبت ۽ اينجلس جي دوستي، مارڪس لاءِ قسمت جا سڀ کان وڻندڙ تحفا هئا.
جيني فقط سندس زال نه هئي پر سندس سڀ کان ويجھي دوست ۽ صلاحڪار ۽ سندس لکڻين جي پهرِين نقاد به هئي. مارڪس (پنهنجي دوست هائني وانگر) سندس لطيف شَي جو، سندس نفيس جمالياتي ذوق جو، سندس علم جو ڏاڍو قدر ڪندو هو جيڪو ڪجھ دائرن ۾ خود مارڪس جي علم کان گھٽ نه هو. هُو جيني جي ادبي لياقت جو مداح هو ۽ خط لکڻ جي فن ۾ ته کيس حقيقي باڪمال سمجھندو هو.
مارڪس ڏاڍو ٺاهوڪو ادبي انداز (طرز) رکندڙ هو جيڪو ولهلم ليبڪنيخت جي لفظن ۾، ”تاسيتس جي سخت ڪاوڙ ڀرِي چيڙاڪي، جووينال جي قاتل ٽوڪَ ۽ ڊانٽي جي مقدس غضب“ جو امتزاج هو. بهرحال هُو ان فن ۾ به جيني جي مدد سان پاڻ کي ڪامل بڻائيندو رهيو.
مارڪس نالي جينيءَ جو هڪ ڏاڍو دلچسپ خط، جيڪو هن جُون 1844ع ۾ لکيو هو، هٿيڪو رهجي ويو آهي، جنهن ۾ هوءَ مارڪس جي طرز جي تنقيد ڪري ٿي ۽ کيس صلاح ڏئي ٿي، ”تمام گھڻي ڪاوڙ ۽ چيڙاڪيءَ سان نه لکو. توکي خبر آهي ته تنهنجن ٻين مضمونن جو اثر ڪيڏو گھڻو ٿيو آهي. ڪاروباري ۽ لطيف انداز ۾ لک، پر مزاحيه ۽ سولي انداز ۾. مهرباني ڪري، منهنجا پيارا، ڪاڳر تي قلم کي روانيءَ سان هلڻ ڏيو پوءِ ڀلي ته اهو ڪڏهن ڪڏهن ٿـڏو کائي ڪِري پوي، ۽ ان سان گڏ جملو به. تنهنجا خيال پوءِ به رهجي وڃن ٿا. اهي پراڻي گارڊ جي گولا هلائيندڙن وانگر سڌا ئي بيٺا هوندا آهن، ايڏي عزت واري طريقي سان، محڪم ۽ جرئت سان، ۽ اهي پراڻي گارڊ وانگر چئي سگھن ٿا، ’مري وڃون ٿا پر هٿيار نه ٿا اُڇليون‘، ته ڇا ٿيو جيڪڏهن وردي ڪڏهن ڪڏهن ڍري هجي، چست نه هجي؟ فرانسي سپاهين ۾ جيڪا شَي سڀ کان سٺي هوندي آهي اها آهي سندن آزاداڻو ۽ پُرسُڪون رُوپ. جڏهن تون اسان جي سيٽيل پروشيائين بابت سوچيندو آهين ته ڇا توکي ڏڪڻي ناهي وٺندي؟ ــــــ ان ڪري، ڪَهين کي ڪجھ ڍَرو ڪر ۽ گلوبند ۽ ٽوپلو لاهه ـــــــ اسم حال کي پنهنجي راهه وٺڻ ڏي ۽ لفظ جيئن پنهنجو پاڻ ايندا وڃن تيئن ئي اهي لکندو وڃ. ويڙهه لاءِ فوج کي ايڏي سخت تنظيم سان مارچ (پنڌ) ناهي ڪرڻي هوندي، ۽ تنهنجون فوجون ته ميدان کٽي رهيون آهن نه؟ دعا آهي ته جنرل کي ڪاميابي ملي....“
جيڪي ماڻهو کين چڱيءَ طرح ڄاڻيندا هئا، انهن سڀني جو چوڻ آهي ته مارڪس ۽ جيني ڏاڍا خوش ۽ کِل مُک زال مڙس هئا. ڪهڙيون به تڪليفون ۽ آزمائشون سندن محبت کي ڪمزور يا ڏکارو ڪري نه سگھيون. ان جي ابتڙ ايئن لڳندو هو ته بدقسمتي سندن جذبي کي اڃا وڌيڪ پختو بڻائي ڇڏي ٿي. پَڪيءَ ڄمار ۾ به مارڪس پنهنجيءَ زال لاءِ اهڙي ئي، ”اورلاندو فيوريوسو“ جهڙي نفيس ۽ پرجوش محبت محسوس ڪندو هو جيئن شاگرديءَ وارن سالن ۾.
1865ع ۾ هن جيني کي هڪ جذبن ڀريو خط لکيو، جيڪا ڪجھ ڏينهن لاءِ جرمنيءَ ويل هئي ۽ تنهن وقت 42 سالن جي هئي ۽ هڪ وڏي ڪٽنب جي ماءُ. اهو خط پنهنجي احساس جي نزاڪت ۽ توانائيءَ جي اعتبار کان قدر لائق انساني دستاويز آهي. اهو مارڪس جي شخصيت ۽ سندس جوان محبت جو، جيڪا عمر سان گڏ پوڙهِي نه ٿي هئي، ايڏو مخصوص مثال آهي جو ان جو ڊگھو ٽُڪرو ڏيڻ اجايو نه ٿيندو.
”منهنجي محبوبه،
”مان توکي وري لکي رهيو آهيان، ان ڪري جو مان اڪيلو آهيان ۽ ان ڪري جو مون کي سدائين خيالن ئي خيالن ۾ تو سان ڳالهيون ڪرڻ سان ڏاڍي بيزاري ٿيندي آهي، جڏهن ته تون ان بابت نه ڪجھ ڄاڻين، نه ٻُڌِين، نه مون کي جواب ڏئي سگھين.... تون مجسم منهنجين اکين اڳيان آهين، مان تو سان عمدگيءَ سان ورتاءُ ڪيان ٿو، توکي مٿي کان پيرن تائين چمان ٿو، تنهنجي اڳيان گوڏن ڀر جُهڪي پوان ٿو ۽ آهه ڀريان ٿو، ’مئڊم، مان اوهان سان پيار ڪيان ٿو‘ ۽ مان سچ پچ به تو سان پيار ڪيان ٿو ان کان گھڻو وڌيڪ جيترو مور آف وينس ڪڏهن به ڪيو هوندو. ڪُوڙي ۽ سَڙيل دنيا سڀني ڪردارن جو ڪُوڙو ۽ مٿاڇرو تصور ڪندي آهي. مون کي بدنام ۽ منهنجي گلا ڪندڙ دشمنن مان ڪڏهن ڪنهن مون تي اهو الزام مڙهيو آهي ته مان ٻئي درجي واري ٿيٽر ۾ پهرئين عاشق جو ڪردار ادا ڪرڻ لائق آهيان؟ تڏهن به اهو سچ آهي. جيڪڏهن انهن بدمعاشن ۾ خوش مزاجي هجي ها ته اهي هڪ طرف ’پيداوار ۽ مٽا سٽا جي ناتن‘ جي تصوير چِٽن ها ۽ ٻئي پاسي مون کي تنهنجن پيرن ۾ ويٺل ڏيکارن ها ۽ ان هيٺان لکن ها ــــــ هِن تصوير کي ڏسو ۽ ٻيءَ تصوير کي ڏسو. پر اهي ته عقل کان وانجھيل بدمعاش آهن ۽ بيوقوف ئي رهندا جيستائين دنيا رهندِي.
”.... تون مون کان ٿورو به پري ٿِئين ته به مان هڪدم سمجھي وٺندو آهيان ته وقت منهنجيءَ محبت کي انهيءَ ريت وڌايو آهي جيئن سج ۽ مِينهُن ٻُوٽي کي وڌائيندا آهن. جيئن ئي تون مون کان پري ٿيندي آهين تيئن ئي تنهنجي لاءِ منهنجي محبت پنهنجي اصل روپ ۾، هڪ ديوَ وانگر منهنجي سامهون ايندي آهي جنهن ۾ منهنجي روح جي سڄي توانائي ۽ منهنجيءَ دل جو سڄو ڪردار مرڪوز آهي. مان ٻيهر پاڻ کي انسان سمجهندو آهيان ان ڪري جو مون کي هڪ عظيم جذبي جو عظيم احساس ٿيندو آهي، ۽ ڇڪتاڻ جيڪا مطالعو ۽ جديد تعليم اسان ۾ پيدا ڪندي آهي، ۽ شڪُ جنهن سان گڏ اسان لازمي طور مڙني داخلي ۽ معروضي تاثرن جي تنقيد ڪندا آهيون، اسان کي ننڍو ۽ هِيڻو ۽ روئڻ پِٽڻ وارو ۽ متزلزل بڻائڻ لاءِ گھڙيا ويا آهن، پر محبت، فيوئر باخ جي ’انسان‘ سان نه، موليشوٽ جي ’حالت بدلجڻ‘ سان نه، پرولتاريه سان نه، پر محبوبه سان، تو سان محبت انسان کي ٻيهر انسان بڻائي ڇڏي ٿي.
”منهنجي محبوبه، تون کلندينءَ ۽ پڇندينءَ ته مان اوچتو تقرير ڪرڻ ڇو شروع ٿي ويس؟ پر جيڪڏهن مان تنهنجي نازڪ ۽ صاف دل کي پنهنجيءَ دل سان ملائي سگھان ها ته مان چُپ رهان ها ۽ هڪ لفظ به نه چوان ها. جيئن ته مان توکي چمي به نه ٿو سگھان ان ڪري ضروري آهي ته پنهنجيءَ زبان سان چُمان ۽ لفظَ لکان. سچ ته اهو آهي ته مان شاعري به ڪري سگھان ٿو....
”ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته دنيا ۾ گھڻيون ئي عورتون آهن ۽ انهن مان ڪجھ خوبصورت به آهن، پر مون کي ٻيو اهڙو مُکڙو ڪٿي ٿو ملي سگھي جنهن جو هڪ هڪ نقش ۽ جنهن جي هر هڪ ريکا منهنجي زندگيءَ جي عظيم ترين ۽ سڀني کان وڌيڪ وڻندڙ يادن کي جاڳائي سگھي؟ تنهنجي پياري مُک ۾ مان پنهنجي اٿاهه ڏک، پنهنجو ناقابل تلافي نقصان• پڙهي سگھان ٿو ۽ جڏهن مان تنهنجي منهن کي چمان ٿو ته ڏک کي پري ڪري ڇڏيان ٿو. ’سندس ٻانهنِ ۾ دفن ٿِي، سندس چمين مان نئين حياتي ماڻي‘ ــــــــ يعني تنهنجين ٻانهنِ ۾ ۽ تنهنجين چُمين سان. مون کي برهمڻ ۽ فيثاغورث ۽ آواگون بابت سندن تعليمون توڙي عيسائيت ۽ نئين حياتيءَ بابت ان جي تعليمون نه گھرجن.“
جيني گھريلو ڳڻتين جي بارَ باوجود مارڪس جي سائنسي ۽ سياسي ڪم ۾ سندس اڻ ٿَڪ ۽ ڪڏهن ساٿ نه ڇڏيندڙ مددگار هئي. سالن تائين هوءَ سندس اهڙي سيڪريٽري رهي جنهن کان سواءِ ڪم ئي نه پئي هلِي سگھيو. هوءَ مارڪس جي لکڻين جي ٻي ڪاپي لکندي هئي ۽ پارٽيءَ جي ڪمن سان سندس ’پيغام پهچائيندڙ‘ جو ڪم به ڪندي هئي. هوءَ مزور طبقي جي بين الاقوامي تحريڪ جي گھڻين ئي شخصيتن سان لک پڙهه ڪندي هئي ۽ ان تحريڪ سان لاڳاپيل هر شَي ۾ ڏاڍي دلچسپي وٺندي هئي. هوءَ ڏاڍي فخر منجهان پاڻ کي پارٽي ڪارڪن سمجھندي هئي. لاسال جي نالي هڪ خط ۾ هن لکيو، جيڪو مزاح کان خالي ناهي:
”تڪڙ ۾ لکيل هن مختصر تحرير لاءِ معافي گھران ٿي. منهنجي مٿي ۾ ايڏو ڪجھ آهي ۽ هٿن ۾ ايڏو ڪجھ آهي ۽ اڄ مون کي شهر به وڃڻو آهي جنهن ۾ منهنجا پيرَ به ٻه ٽي ڪلاڪ رڌل رهندا.
”جيئن اوهان ڏسي رهيا آهيو مان هاڻ به حرڪت ڪندڙ پارٽيءَ سان، اڳتي وڌندڙ، مسافتون طَي ڪندڙ پارٽيءَ سان تعلق رکان ٿي ۽ سڀني شين هوندي به هڪ سٺي پارٽي ڪارڪن ۽ هر ڪم ڪندڙ آهيان، جيڪو وڻيوَ چئي وٺو.“
مارڪس ۽ جيني، زال مڙس جي گھر ۾، انتهائي خاڪساريءَ واري نموني جي زندگيءَ باوجود سياسي جلاوطنن کي سدائين پناهه، مدد ۽ آرام ملندو هو. ولهلم ليبڪنيخت پوءِ لکيو هو ته ”مسز مارڪس شايد پاڻ مارڪس کان به وڌيڪ سختيءَ سان اسان تي (جرمنيءَ مان جلاوطن ڪيل نوجوانن تي. - مصنف) غالب رهندي هئي. منجھس هڪ فخر، پاڻ پنهنجي وقار جو احساس هو... منهنجي لاءِ اها ڪڏهن ايفي گينيا هوندي هئي جيڪا وحشين کي رام ڪندي ۽ سمجھائيندي هئي، ۽ ڪڏهن ليونورا هوندي هئي جيڪا اندروني جدوجهد ۽ شَڪن سان ڀريل انسان کي سُڪون ڏيندي هئي. مون لاءِ هوءَ ماءُ، دوست، رازدار ۽ صلاحڪار هئي. مون لاءِ هوءَ مثالي عورت هئي ۽ هاڻي به آهي. مان وري چوان ٿو ته مان لنڊن ۾ اخلاقي ۽ جسماني طور برباد نه ٿيس، ته اهو خاص طور هن جي ڪري ئي نه ٿيس.“
جيني جي غيرمعمولي حسن، مانَ شانَ ۽ خوش طبعيءَ سان مارڪس جا سڀ مهمانَ، دوست ۽ واقف خوش ٿيندا هئا. هائني، هيرويگ ۽ فرائليگراٿ سندس ڏاڍي واکاڻ ڪندا هئا. سنجيده سياستدان به جڏهن جينيءَ بابت ڳالهائيندا هئا ته شاعر بڻجي پوندا هئا. فريڊرخ ليسنر، جيڪو درزي هو ۽ پهرين انٽرنيشنل جي منتظمن مان هو، جيني بابت لکيو ته ”مارڪس جو گھر هر اعتبار لائق ساٿيءَ لاءِ کليل هو. گھڻن ئي ٻين ماڻهن وانگر مون به مارڪس جي خاندان ۾ جيڪي وڻندڙ پَل گذاريا آهن اهي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگھان. مسز مارڪس جو تاثر خاص طرح روشن آهي. هوءَ قداور، ڏاڍي خوبصورت ۽ ممتاز عورت هئي، پوءِ به ايڏي نيڪ طبيعت، پياري، خوش مزاج، ۽ گھمنڊ کان ايڏي پاڪ جو سندس موجودگيءَ ۾ ماڻهو ايڏي ئي پنهنجائپ ۽ سُڪون محسوس ڪندو جيترو پنهنجيءَ ماءُ يا ڀيڻ جي هوندي.... مزور طبقي جي تحريڪ لاءِ منجھس ڏاڍو جوش هو ۽ بورجوازيءَ خلاف جدوجهد ۾ ڪاميابيءَ سان، توڙي اها ڪيڏي به ننڍڙي ڇو نه هجي، کيس تمام گھڻو اطمينان ۽ خوشي ملندي هئي.“
۽ ظاهر آهي ته ٻين کان گھڻو وڌيڪ جيني هر ان شَي کان متاثر ٿيندي هئي جنهن جو واسطو سندس مڙس سان هجي. جڏهن رجعت پرست جرمن پريس ۾ 1848ع جي انقلابين خلاف هڪ مهم شروع ٿي ۽ مارڪس تي تهمتن جا زهريلا تير وسايا ويا ته جيني ايڏي پريشان ٿِي، جو بيمار ٿي پئي. ”ناڻي“ جي پهرين جلد جي ڇپائيءَ کان پوءِ جيني کي ڏاڍي پريشاني هئي ته جرمنيءَ ۾ ان عهد آفرين لکڻيءَ کي صفا نظرانداز ڪيو ويو هو. کيس ان حقيقت جو ڏاڍو ڏک هو ته مارڪس جي ڏاهپ جو حقِي اعتراف ناهي ڪيو ويو ۽ پنهنجي موت کان ٻه سال اڳ جڏهن هن ڏٺو ته انگريزيءَ جي هڪ رسالي ۾ مارڪس جو مختصر ذڪر ڪيو ڪيو آهي ته هوءَ ٻارن وانگر خوش ٿي. مارڪس ان ڳالهه جو ذڪر پنهنجيءَ زال جي وفات کان پوءِ اينجلس نالي لکيل هڪ خط ۾ ڪيو آهي.
جڏهن 1881ع جي آخر ۾ جيني جي وفات ٿي، ته اينجلس هڪ ڳالهه چئي جنهن تي گھڻن ئي ماڻهن کي ڏاڍي حيرت لڳي: ”مورُ به مري ويو.“ اهي ڄاڻن پيا ته هِي ٻئي هڪ ٻئي کان سواءِ سچ پچ به جيئرا رهي نه ٿا سگھن ۽ هاڻي مارڪس به گھڻن ڏينهن جو مهمان ناهي، ۽ سندس اها ڳالهه صحيح هئي.
انسانذات وٽ محبت جا گھڻائي شاعراڻه قصا، ڪهاڻيون ۽ داستان آهن، ۽ مارڪس ۽ جيني جي محبت جي ڪهاڻي بهترين ڪهاڻين مان هڪ آهي.
مارڪس محبت وانگر دوستيءَ ۾ به ايڏو ئي سگھارا ۽ پائدار جذبا رکندڙ هو جيڪي عمر وڌڻ سان پوڙها ناهن ٿيندا. مارڪس ۽ اينجلس پنهنجون سڀ آزمائشون ۽ مصيبتون ڪَٺي سَٺيون، شايد ئي ڪڏهن ٻئي گھڻن ڏينهنِ لاءِ ڌار ٿيا ۽ پنهنجي گڏيل مقصد لاءِ هنن گڏجي ڪم ڪيو.
ٿي سگھي ٿو ته ظاهري طور مارڪس جي زندگي روشن رنگن ۽ غير معمولي واقعن سان ڀريل نه لڳي، پر اها انقلابيءَ جي سياسي سرگرم ڪارڪن، صحافي ۽ سائنسدان جي زبردست روحاني جوش ۽ جذبي سان ڀريل آهي. ان ۾ اٻرندڙ جذبن، جدوجهد ۽ همت جي، سچائيءَ ۽ پرولتاري (پورهيت) جدوجهد جي مقصد جِي نِج خدمت جي گھڻائي آهي.
سندس زندگي يورپ جي مزورن جي طبقاتي شعور جي جوڙجڪ جو مڪمل تاريخي دَور آهي.
هو ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پهرين ننڍڙي سيل ”ڪميونسٽ لِيگ“ جو اڳواڻ ۽ اينجلس سان گڏ ”ڪميونسٽ پارٽيءَ جو مينيفيسٽو“ جو ليکڪ هو جيڪو سماج جي نئين سِر تنظيم لاءِ جدوجهد جو هڪ وجداڻو ۽ واضح پروگرام آهي. ”نوئيي رانيشي زاءِ تونگ“ ۾ سندس صحافياڻه مضمون 1848ع جي انقلاب جي مورچن تي بهادر مجاهد هئا. ۽ 1864ع جي سرءُ کان مارڪس پاڻ کي پهرين انٽرنيشنل جي معاملن لاءِ مڪمل طرح وقف ڪرڻ لاءِ پنهنجا سائنسي اڀياس ڇڏي ڏنا. هُو ان تنظيم جي دل هو. مختلف ملڪن جي مزور طبقي جي تحريڪ کي متحد ڪري، غيرپرولتاري اڳ-مارڪسي سوشلزم جي مختلف شڪلين (مازيني، پروڌان، باڪونين، برطانيا جي لبرل ٽريڊ يونين پرستي، جرمنيءَ ۾ ساڄي ڌر ڏانهن لاسالي جھڪاءُ وغيره) کي گڏيل سرگرميءَ جي راهه تي لڳائڻ جي ڪوشش ڪري ۽ انهن سڀني فِرقن ۽ مڪتبن جي نظرين خلاف مارڪس مختلف ملڪن ۾ مزور طبقي جي پرولتاري جدوجهد جو گڏيل طريقيڪار ٺاهيو. جوان جوش سان هن پيرس ڪميونۡ وارن جي انقلابي ويڙهيُن کي ڏٺو ۽ ڪميونۡ جي سرگرميءَ جو تجزيو ڪيو.
اهي سڀ شيون پاڻ مارڪس بابت ان بورجوا هٿ ٺوڪيءَ کي رد ڪن ٿيون ته هُو ڪو دنيا جَهانَ کان ڪَٽيل تنهائي پسند سائنسدان هو. سائنسي عالمي نُڪتي نظر جي وضاحت ڪرڻ جھڙي عظيم مقصد لاءِ پنهنجيءَ زندگيءَ جو وڏو حصو وقف ڪرڻ کان پوءِ مارڪس سنئون سڌو سياسي ۽ تنظيمي ڪم لاءِ وقت کي ڪڏهن به پيارو نه ڪيو.
جڏهن مارڪس جي هڪ دوست لڊويگ ڪوگيلمان کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو سياسي پروپيگنڊه کان پاسو ڪري ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو ته ”ناڻي“ جي ٽئين جلد جي ڪم ۾ جنبي وڃي، ڇو ته اهو انقلاب جي مقصد لاءِ وڌيڪ اهم آهي، ته مارڪس ڪاوڙجي پيو ۽ هن ڪوگيلمان سان تعلق ختم ڪري ڇڏيو.
سياست ۾ سندس زندگيءَ کي سائنس ۾ سندس زندگيءَ کان الڳ ڪري نه ٿو سگھجي. سرگرميءَ جو هڪ گھيرو ٻئي کي کاڌ مهيا ڪندو هو ۽ ان کي تيز ڪندو هو، ۽ ٻنهي ۾ هن مطلب ۽ ذريعن جي پاڪيزيءَ لاءِ هڪجيتري بيرحميءَ سان جدوجهد ڪئي ۽ ان جي سڀني انڪارن کي شرم جوڳو سمجھيو.
انا ڀرين مقصدن کي لڪائڻ لاءِ انقلابي نعرن جي تقريري استعمال کي مارڪس پرولتاريه جي مقصد خلاف سڀ کان خراب ڏوهه سمجھندو هو. هُو اهڙن ڊاڙيل سياسي سازشين جي ڪُوڙي چمڪ کان نفرت ڪندو هو جيڪي پنهنجي لياقت جي کوٽ ۽ ڪميڻائپ کي هلڪن ۽ گهِرن انقلابي جملن جي اوٽ ۾ لڪائڻ چاهيندا هئا. انهن سڀني شين پٺيان مارڪس گندِي، مڪاريءَ واري بدتهذيبيءَ کي ضرور سڃاڻي وٺندو هو.
هُو نه ته اجاين فُـقرن کي معاف ڪندو هو، نه ئي ڪُوڙي ڏيکاءَ کي. مارڪس ۽ اينجلس جرمن سوشل ڊيموڪريٽن جي اڳواڻ فرڊينانڊ لاسال ۽ سستي شهرت لاءِ انهن جي مسلسل ڪوشش تي، سندن تڪبر ڀري گھمنڊ تي، سندن ڏاهپ ۽ اُتم نسل جي اداڪاري جهڙي انداز تي بيرحميءَ سان ٺٺول ڪئي جيڪو حد کان وڌيڪ ڇڇورائپ ۽ جذباتيت، پئسي جي پوڄا وري ذهنيت ۽ بهادريءَ وارن طور طريقن جو مرڪب هو. ان ”مارڪوئيس آف پوزا“ کي هن جيڏن لقبن سان نوازيو آهي تن جي ڪا انتها ناهي.
مارڪس جو اهو ئي رويو فرانسي پيٽي بورجوا سياستدان ۽ مؤرخ لوئي بلان بابت به هو.
”.... اسان ٻنهي مان ڪو به مقبوليت جي رتيءَ جيتري به ڳڻتي ناهي ڪندو. مثال طور ان جو هڪ ثبوت هي آهي ته ڪنهن به شخصيت پرستيءَ کان بيزاريءَ سبب، مون مختلف ملڪن کان ايندڙ واکاڻين ۽ شاباسن جي انهن اظهارن کي، جن جِي انٽرنيشنل جي ڏينهنِ ۾ ججهائي هئي، مشهوريءَ جي دنيا تائين پهچڻ جي ڪڏهن به اجازت نه ڏني ۽ سواءِ ڪڏهن ڪڏهن واري ادب جي مون انهن جو ڪو جواب نه ڏنو. جڏهن اينجلس ۽ مان خفيه ڪميونسٽ تنظيم (ڪميونسٽ لِيگ. -ايڊيٽر) ۾ شامل ٿياسين ته اسان اهو شرط رکيو ته قاعدن ۽ ضابطن مان هر ان شَي کي ڪڍيو وڃي جيڪا اقتدار تي وهمي يقين جي همت وڌائيندي هجي.“
اوهان ڪنهن شخص بابت نه رڳو هن جي پسند پر ناپسند سبب به، هن جي همدردين ئي نه، پر بيزارين سبب به ٻڌائي سگھو ٿا. اوهان مون کي ٻڌايو ته اوهان جا دشمن ڪير آهن، ته مان اوهان کي ٻڌائيندس ته اوهان ڪير آهيو.
هڪڙي پيٽي بورجوا ڊيموڪريٽ ڪارل شورز 1848ع ۾ ڪولون ۾ مارڪس کي جمهوري انجمنن جي ڪانگريس ۾ تقرير ڪندي ٻڌو هو ۽ سڄي حياتي کيس اهو سخت ٽوڪ ڀريو لهجو ياد رهيو جنهن سان مارڪس لفظ ”بيورگر“ (بورجوا، بدتهذيب) جو اُچار ڪندو هو.
پنهنجن مضمونن، پمفليٽن، ڪتابن ۽ خطن ۾ مارڪس بدتهذيبن جي هڪ سڄي ٽولي کي انهيءَ ريت نوازيو آهي جنهن جا اهي مستحق هئا. کيس ان ڳالهه جي ڳڻتي نه هوندي هئي ته سندس مخالف ان لائق آهي به يا نه، جو سندس تنقيد ڪجي. اڪثر گمنام ماڻهو مارڪس جي اٿاهه حاضر جوابيءَ جو موضوع بڻجي ويا. ليسنگ بابت هائني جيڪا ڳالهه چئي هئي، اها مارڪس تي ٺهڪندڙ هئي: ”پنهنجن مخالفن کي قتل ڪري هن ان ريت کين دائمي حياتي ڏئي ڇڏي.“ ايئن چوڻ گھرجي ته پنهنجي حاضر جواب چِٿر سان، پنهنجي شاندار مزاح سان هن ننڍڙن اديبن مٿان هڪ غلاف چاڙهي ڇڏيو ۽ هاڻ اهي مارڪس جي لکڻين ۾ ان طرح محفوظ آهن جيئن ڪوهيڙي ۾ جيت محفوظ ٿي پوندا آهن.
مارڪس جي سڄي زندگي بدتهذيبن (نپولن ٽِئين کان وٺي اخباري رپورٽرن تائين) تهمتن، ظلم ۽ ڏاڍ ۽ ڪوڙ ذريعي ۽ ان مان به ڪم نه ٿئي ته سندس لکڻين کي صفا نظرانداز ڪري، کانئس بدلو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پوءِ به، سڀني ڏکين آزمائشن باوجود مارڪس فخر منجھان چئي سگھي پيو ته هُو ڪنهن به معاملي ۾ ڪنهن بدتهذيب کان نه ڊنو، ڪڏهن ”بدتهذيب جي هيٺان“ نه رهيو ۽ سدائين ساڻس وڙهڻ لاءِ تيار رهيو. هن هڪ خط ۾ لکيو ته ”ها، سڀني شين هوندي به، بدتهذيب اسان تي حملا ڪري رهيا آهن سدائين اسان لاءِ بهتر اصول هوندو بدتهذيب جي هيٺان ٿيڻ جي ڀيٽ ۾.“
سياست ۾ بدتهذيب ۽ سائنس ۾ بدتهذيب، ٻنهي جي سلسلي ۾ مارڪس هڪجيترو بيرحم رهيو.
سائنس ۾ بدتهذيبي بنيادي طور تي فڪر (سوچ) جي بزدليءَ ۽ ڪِريل پڻي جي حيثيت سان ظاهر ٿيندي آهي جيڪا مشاهدي ۾ ايندڙ حقيقتن منجهان اڻٽر نتيجا اخذ ڪرڻ کان ڊڄندي آهي، بنا ڪنهن تڪلُف جي، سائنس کان ٻاهرين سڀني مصلحتن جي پرواهه ڪرڻ بنا شين جي سچي منطق موجب اڳتي وڌڻ کان ڊڄندي آهي.
سائنس جي بدتهذيب کي سچائيءَ جي ڳولا جي نه، پر سچائيءَ کي لڪائڻ ۽ ان کي نه مڃڻ جي ڳڻتي هوندي آهي. پنهنجين غير ايمانداريءَ وارين عذرخواهين سان اهو حڪمران طبقن جي حيثيت کي پُختي کان پُختو بڻائڻ جي ڪاوش ڪندو آهي ۽ ان ذريعي پاڻ پنهنجي حيثيت کي به. اهو سچائيءَ کي ڪُوڙ وارين سچ پچ ڳالهين جِي لسي گپ چِڪ ۾ دفنائي ڇڏيندو آهي، کيس بظاهر سائنسي ڪپڙن ۾ مضبوطيءَ سان ويڙهي ڇڏيندو آهي.
بدتهذيبُ سائنس کي پنهنجن ذاتي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ، جن جو سائنس سان ڪو به واسطو ناهي هوندو، اوزار بڻائڻ گُهرندو آهي. اهو ان کي ”ڪِريل مقصدن“ لاءِ استعمال ڪندو آهي، ”پر جڏهن ڪو ماڻهو سائنس کي هڪ اهڙي نُڪتي نظر موجب گَھڙڻ چاهيندو آهي جيڪو خود سائنس سان نه (توڙي اها ڪيڏي به غلط ڇو نه هجي) پر ٻاهران، اوپرن، خارجي مفادن سان گھربل هوندو آهي ته مان ان کي ڪِريل (پست) چوندو آهيان.“
مارڪس اهي لفظ، جيڪي چهبڪ وانگر، يا مُنهن تي ٿـڦ وانگر سخت آهن، مالٿوس، روشر ۽ باستيا جهڙن سائنس جي ڪُوڙن ۽ خوشامدين بابت چيا آهن. مارڪس پادري مالٿوس لاءِ تمام گھڻي نفرت محسوس ڪري ٿو ان ڪري جو ”اهو بدبخت“ حاصل ٿيل سائنسي مقدمن مان (جن کي هو هميشه ئي چوري ڪندو آهي) فقط اهڙا ئي نتيجا ڪڍندو آهي جيڪي حڪمران طبقن لاءِ ”قبولڻ“ جوڳا هجن. هُو انهن طبقن جون ”اکيون ڏسندي“ سائنسي نتيجا گھڙي وٺندو آهي پر ان جا نتيجا، ”جيستائين انهن جو واسطو محڪوم طبقن سان هوندو آهي، بيرحم هوندا آهن.“ هتي ”هُو صرف بيرحم هوندو ئي ناهي پر بيرحمي ظاهر ڪندو آهي، ان ۾ هُو ڪلبيت واري خوشي ماڻيندو آهي...“
سائنس جي ميدان ۾ ٻين جي محنت تي گذارو ڪندڙ ماڻهوءَ وانگر عمل ڪندي اهڙو ”سائنسدان“ عام طرح چوريءَ جو سهارو وٺندو آهي، پر ان ۾ به هو پنهنجي اصليت تي قائم رهندو آهي. ”ڪنهن خيال جو مؤجد انتهائي ديانتداريءَ سان ان ۾ مبالغو ڪري سگھي ٿو، پر جڏهن چور ان ۾ مبالغو ڪندو آهي ته هُو اهڙي مبالغي کي سدائين ’هڪ ڪاروبار‘ بڻائي ڇڏيندو آهي.“
سوچ جي سائنسي بدشڪليءَ جي ان غضبناڪ مذمت ۾ مارڪس نه رڳو پنهنجين بيزارين جو، پر پنهنجين همدردين جو به، سچي سائنسدان بابت سچائيءَ جي بي لوث خدمت بابت پنهنجن خيالن جو انڪشاف ڪري ٿو.
پاڻ مارڪس کي حقيقت ۾ تجسس رکندڙ سائنسي سوچ جو وجود چئي سگھجي ٿو. سندس لاءِ تخليقي سوچ ئي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي خوشي هئي. جڏهن ڪا شَي سائنسي ڪم کان سندس ڌيان ڇڏائيندي هئي ته مارڪس کي ڏاڍو ڏک ٿيندو هو. سندس بيماريءَ جا ٿڪائيندڙ دَورا به ان درد جي ڀيٽ ۾ ڪجھ به نه هوندا هئا جيڪي هُو انهن دَورن سبب پاڻ تي لاڳو ٿيندڙ بي عمليءَ سان محسوس ڪندو هو. مارڪس جي سائنسي ذميداريءَ جو احساس نه صرف اهو ته اعتراض لائق نه هو پر جيئن اينجلس سمجھندو هو، حد کان وڌيڪ هو. جيتوڻيڪ اينجلس صحت جي پابندي تمام گھڻي ڪندو هو پر هُو به مارڪس جي صحت جي پابنديءَ تي ڪاوڙبو هو جيڪو ڪاڳر تي هڪ جملو به تنهن وقت تائين نه لکندو هو جيستائين ڏهن مختلف طريقن سان ان کي صحيح ثابت نه ڪري وٺي.
مارڪس ۾ عظيم مفڪر ۽ عظيم نقاد گڏ هئا پر سندس تنقيد جو رُخ، جوانيءَ ۾ به ۽ پڪيءَ ڄمار ۾ به ـــــــ سڀ کان پهرين پاڻ ڏانهن هوندو هو. مارڪس اعتراف ڪيو آهي ته ”منهنجي هڪڙي هيءَ به خاصيت آهي ته جيڪا شَي مان لکڻ پوري ڪري چڪو هجان، اها چئن هفتن کان پوءِ ڏسان ۽ اطمينان لائق نه سمجان، ته اها وري نئين سر لکان.“
”ناڻي“ جي تياريءَ جي سلسلي ۾ ”مسوده“ اهو ثابت ڪن ٿا ته پهـريـن جـلـد جـي (۽ رهـيـل جـلـدن جـي به) خـاص خيالن کي مارڪس 58-1857ع ۾ ئي کوجي ۽ مرتب ڪري ورتو هو، پر ان جلد کي ڇپائيندڙن وٽ موڪلڻ کان اڳ ڏهن سالن جي سخت محنت ٿِي.
ان وقت (1867ع) تائين رهيل جلد، ”تاريخي باب“ يعني ”اضافِي قدر جي نظريي“ سميت ان حد تائين ترقي ڪري چُڪا هئا جو مارڪس کي پاڻ به اها اميد هئي ته هُو سموري ڪم کي وڌ ۾ وڌ هڪ سال ۾ پورو ڪري وٺندو، پر هُو انهن کي پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ پورو ڪري نه سگھيو (”ناڻي“ جي ٻئي ۽ ٽئين جلد کي پريس لاءِ تيار ڪرڻ جو ڪم اينجلس کي پورو ڪرڻو پيو). معلوم اهو ٿيو ته هڪ باب لاءِ روسي مواد جو مطالعو ڪرڻ ضروري آهي، ان ڪري مارڪس روسي ٻولي سکڻ شروع ڪئي.
مارڪس ڪنهن به سوال تي راءِ ڏيڻ ۾ پاڻ کي تنهن وقت تائين حق تي نه سمجھندو هو جيستائين هن سموري لاڳاپيل ادب جو اڀياس نه ڪري ورتو هجي، ڀلي ته ليکڪ جي ”حيثيت“ ڪجھ به هجي. ”ناڻي“ ۾ هن واقعي ”تاريخ جو فيصلو لکيو آهي“ ۽ هر هڪ معاشياتدان کي، ڀلي ته ان جي دَين ڪيتري ٿوري ڇو نه هجي، سندس حق موجب انعام ڏنو آهي.
”ناڻو“ بي مثال لکڻي آهي، ٻيو ڪجھ نه، ته مواد جي دائري جي اعتبار کان عظيم رُتبي واري آهي، ڇو ته ان ۾ معاشي (۽ رڳو معاشي ئي نه) سوچ جي سڄي تاريخ ۽ ان جي سڀني روپن ۽ علامتن جي حاصلات موجود آهي. ان ۾ مارڪس جي سڄي حياتيءَ جي روحاني اوسر جي ـــــــ ماضيءَ جي سموري تهذيبي ورثي جي حاصلات موجود آهي. اها لکڻي ان ڪري به بي مثال آهي جو ان ۾ سرمائيداريءَ جي پيداواري طريقي جي لازمي زوال ڏانهن ان جي وڌڻ جي منطق جو انڪشاف پهريون ڀيرو ڪيو ويو آهي.
”ناڻو“ رڳو معاشي لکڻي ناهي. ان ۾ مجموعي حيثيت سان بورجوا سماج جي حياتيءَ جي سڀني ناتن ۽ رُخن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. پنهنجي آزاديءَ لاءِ مزدور طبقي جي سياسي جدوجهد ۽ عالمي ڪميونسٽ تحريڪ جي حڪمت عملي ۽ طريقيڪار لاءِ اها لکڻِي هڪ سائنسي بنياد ڏئي ٿي. ان ڪري پاڻ مارڪس جي لفظن ۾ اها بورجوازي تي هنيو ويندڙ ”سڀ کان ڀوائتو ميزائيل“ آهي. اها اپيل جي حق کان سواءِ ”موت جي سزا“ آهي جيڪا بورجوازيءَ کي ٻڌائي وئي آهي.
”ناڻو“ هڪ ادبي ۽ اسلوب رکندڙ شاهڪار به آهي. اهو پڙهڻ سان ماڻهوءَ کي گهِري جمالياتي خوشي ملي ٿي. اهو هڪڙو ”فنِي ڪُل“ آهي، ۽ اها ڳالهه صرف ترتيب ۽ وضاحت جي سخت منطق ۽ توازن ئي جي سلسلي ۾ سچ ناهي، پر اها لفظي معنائن ۾ به سچ آهي، ان ڪري جو هتي مارڪس پاڻ کي تحرير جو استاد ثابت ڪري ٿو.
مارڪس پنهنجن خيالن جي وضاحت جِي ادبي هيئت کي ڏاڍي اهميت ڏيندو هو. هُو انهن عالمن تي ٽوڪ ڪندو هو جيڪي اڻڀِي، خشڪ، باضابطا ٻوليءَ کي عالم جي انداز جي لازمي صفت سمجھندا هئا. والٽيئر وانگر هُو به چوندو هو ته تحرير جون سڀئي صنفون سٺيون آهن سواءِ اڻڀيءَ جي.
”ناڻي“ جي ٻئي جرمن ڇاپي جي پيش لفظ ۾ مارڪس پنهنجي ادبي اسلوب بابت ان زماني جي اخبارن ۽ رسالن جا رايا اتاريا آهن. انگريزي اخبارون ۽ رسالا سندس خيالن کان اعلانيه دشمنيءَ جو اظهار ڪندا هئا، پر انهن به لکيو ته ”موضوع کي پيش ڪرڻ جي انداز خشڪ ترين معاشي سوالن کي هڪ خاص سونهن وارو بڻائي ڇڏيو آهي“. ”سينٽ پيٽرس برگ جرنل“ لکيو ته مارڪس جو ”موضوع کي پيش ڪرڻ جو انداز.... پنهنجي وضاحت.... ۽ غير معمولي بهادريءَ سبب.... ممتاز آهي“ ۽ ان لحاظ کان سندس تصنيف ”ڪنهن ريت به“ جرمن عالمن جي تصنيفن سان ”هڪجھڙائي واري ناهي، جيڪي پنهنجا ڪتاب ايڏي خشڪ ۽ مبهم ٻوليءَ ۾ لکندا آهن جو ان سان عام فاني انسانن جا مٿا ڦاٽي پوندا آهن.“
پر مارڪس ”ناڻي“ ۾ جنهن طرح منجهيل موضوع سان بحث ڪري رهيو هو ان کي به جيڪڏهن اهي رِيس لائق وضاحت ۽ صفائيءَ سان پيش ڪري سگھن پيا، جيڪڏهن اهي قدر، جنس کي پوڄا جو ڪارڻ بڻائڻ ۽ سرمائيداراڻي بچت جي عام قانون جي ڇنڊڇاڻ ۾ ٽوڪ ۽ ڀوڳ جو ذائقو ملائي سگھن پيا ته سندن مناظري جهڙين ۽ صحافياڻين تصنيفن ۾ سندن ادبي لياقت اکيون ۾ ڪيڏي چُهِنجيون ڪري ڇڏيندڙ تابندگيءَ سان نمايان ٿي هوندي!
مارڪس پُختن، سگھارن ۽ معنى ڀرين جملن جي بندش ڪرڻ جي فن ۾ ڪامل مهارت حاصل ڪئي هئي. ذُو معنى لفظ لکڻ ۾ کيس مزو ايندو هو. موت جي بستري تي به هن پنهنجيءَ هڪ ڌيءَ کي خط ۾ لکيو ته هُو ذو معنى لفظ لکڻ کان سواءِ ساڻس ڪا ڳالهه ئي نه ٿو ڪري سگھي.
تحرير جي ميدان ۾ مارڪس جا استاد هئا ليسنگ، گوئٽي، شيڪسپيئر، ڊانٽي، سيروانتيز ۽ هائني. هُو انهن کي وري وري پڙهندو هو، پر هُو رڳو فرمانبردار شاگرد نه هو. ڪجھ لحاظن کان هُو پنهنجن استادن کان به اڳتي وڌي ويو.
مارڪس ڪنهن به عظيم اديب کان بهتر ڄاڻي پيو ته ڇا ڪجي جو ”حواس.... نظرئيدان.... ٿي پون“، ڪنهن ادبي تمثيل (تشبيهه) کي گھري سوچ وارو ڪيئن بڻائجي. سڀ کان وڌيڪ ته هُو پاڻ جملي جي جوڙجڪ ۾ جدليات جي ڇڪتاڻ جو انڪشاف ڪري سگھي پيو. هُو ان ريت جائزو نه وٺندو هو ته ”هڪ پاسي“ ۽ ”ٻئي پاسي“ ۽ پوءِ ”حاصل مطلب ته.“ هڪڙي ئي جملي ۾، هڪ ئي تمثيل ۾ هُو ٻنهي رُخن جو ”ٽڪراءُ“ به ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ انهن جي حاصلات به. هُو خبر ۽ ابتدا کي وڏي بهادريءَ سان ضدن جي حيثيت ۾ ملائي ٿو، انهن کي هڪ ٻئي سان ٽڪراءُ ٿيڻ تي ۽ هڪدم پوءِ پنهنجو ضد بڻجڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ٿو.
تصورن جي ان جدلياتي قلابازيءَ ۾، انهن جي هيٺ مٿي ٿيڻ ۾ مارڪس جي اسلوب جي لاجواب ڪشش ۽ نواڻ آهي.
”مذهب محڪوم ۽ مظلوم انسان جي آهه، هڪ سنگدل دنيا جي دل آهي ڄڻ ته اها بي روح حالتن جو روح آهي.“
”.... تنقيد عقل جو وجدان ناهي، وجدان جو عقل آهي. اها زخم ڏيندڙ اوزار نه، پر هٿيار آهي.“
”اهي انهن جي (خيالن جي) پوڄا جو فِرقو ته ٺاهي وٺندا آهن پر ان کي ترقي ناهن ڏيندا.“
”جنهن مقصد لاءِ ناجائز ذريعا گھربل هجن اهو جائز مقصد ناهي.“
”موچي ياڪوب بيمٖي هڪ عظيم فلسفي هو. ڪيترائي مشهور فلسفي رڳو عظيم موچي آهن.“
”بيرحمي انهن قانونن جي امتيازي خاصيت هوندي آهي جن کي بزدلي مروج ڪندي آهي، ان ڪري جو بزدلي صرف بيرحم ئي بڻجي سگھارِي ٿي سگھي ٿي.“
انهن ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي جملن کي لکڻ ۾ محسوس ٿئي ٿو ته مارڪس جي هٿ جي رهنمائي خود سماجي مظهرن جي عروج ۽ زوال ۾، سندن ارتقا ۽ نفيءَ ۾ انهن جي جوهر ئي ڪئي آهي، معلوم ٿئي ٿو ته زندگيءَ جي جدليات کي تصورن جي جدليات ۾ سڀ کان ڪامل ۽ واضح اظهار ملي ويو.
هتي هر هڪ جملو سوچ جي هڪ تيزيءَ سان کُلندڙ ڪمانيءَ وانگر آهي. هر جملو ايڏو معنى ڀريو آهي، تمثيل ۽ خيال جي ٽڪراءَ ۾ پيدا ٿيندڙ ايڏي ”نپوڙيل“ مواد وارو آهي، جو ان ۾ محڪم قول جي جھنڪار پيدا ٿي پوي ٿي. مارڪس جي اهڙن محڪم قولن جو سڄو ڪتاب مرتب ڪري سگھجي ٿو.
انهن قسمن جي محڪم قولن واري وضاحت، گهرائي ۽ ٽوڪ سان گڏ، جيڪا اڪثر ڪَڙي ٽوڪ تائين وڃي پهچي ٿي، مارڪس انساني ڪردارن بابت به ٻڌائي ٿو. سندس، ٿورڙن ئي عڪسن سان هڪ گهرو نفسياتي ۽ سماجي روپ ٺاهڻ جي صلاحيت ڪيترن ئي اعلى درجي وارن پيشيوَر اديبن لاءِ حسرت جوڳي ٿِي سگھي ٿي.
ڏک جي ڳالهه آهي ته مارڪس جي ادبي اسلوبي مهارت جو اڀياس اڃا تائين ڏاڍو گھٽ ڪيو ويو آهي. ان جو جائزو وٺڻ سان ان جي جوهر کي وڌيڪ چِٽو ڪرڻ ۾، انسانذات جي هڪ ڏاهي جي تخليقي ليباريٽريءَ ۾ پهچ ماڻڻ ۾ مدد ملندي.
مارڪس موضوع جي نفس جي وڌ ۾ وڌ ڀرپوريت ۽ وضاحت جي اڻ اعتراض لائق هيئت حاصل ڪرڻ لاءِ ”ناڻي“ تي گھڻن ئي ڏينهنِ تائين ۽ ڏاڍي احتياط سان ڪم ڪيو، تڏهن به هُو پنهنجيءَ تخليق مان پوريءَ طرح مطمئن نه هو. ”ناڻي“ جو پهريون جلد ڇپجڻ کان پوءِ به هُو ان ۾ ترميمون ڪندو رهيو. هُو ان جي انهن خامين کي ڏسي سگھي پيو جيڪي انتهائي ماهر ۽ لائق پڙهندڙن جي نظر کان به گُسي وينديون هيون. شڪ ۽ بي اطمينانيءَ جو ”ديو“ سندس آخري ڏينهنِ تائين سندس پٺيان هلندو رهيو ۽ ٻئي مڪمل ٿيل جلد کي ڇپڻ ۽ ٽئين ۽ چوٿين جلدن جو ڪم نبيرڻ ۾ روڪ ڪندو رهيو.
”ناڻي“ جي سلسلي ۾ سندس ڪم هڪ حقيقي انساني ۽ سائنسي ڪارنامو هو، خاص طور تي جيڪڏهن انهن حالتن کي نظر ۾ رکجي جن ۾ هُن اهو ڪم ڪيو.
1848ع واري انقلاب کي چِٿيو وڃڻ کان پوءِ جڏهن هُو لڏي انگلئنڊ آيو ته مارڪس-ڪٽنب جي روزيءَ جو ڪو ذريعو نه هو. سندس غربت اهڙي هئي جو جڏهن 1852ع ۾ مارڪس جي ننڍڙي ڌيءَ جي وفات ٿي ته کيس دفنائڻ لاءِ به وٽس پورا پئسا نه هئا.
مارڪس مجبور ٿي پيو ته پنهنجي سائنسي ڪم کي هڪ پاسي ڪري ۽ پئسا ڪمائڻ لاءِ ڪا واٽ ڳولي. ڪيئي سال هن ساهي پٽڻ کان سواءِ آمريڪي اخبار ”نيويارڪ ڊيلي ٽربيون“ لاءِ (هفتي ۾ ٻه مضمون) لکڻ جي محنت ڪئي، پر اها ٿورڙي آمدني به باقاعدي نه هئي، ڇو ته ايڊيٽر سڀ مضمون نه ڇپيندو هو ۽ اڪثر ڪري بي شرميءَ سان اُجورو به گھٽائي ڇڏيندو هو، جيڪو هونءَ ئي گھڻو گھٽ هو. ان ڪري مارڪس جي اها شڪايت حق تي هئي ته اخباري ڪم مان کيس کائڻ لاءِ ان کان به گھٽ ملي ٿو جيترو ڪنهن اڻ تجربيڪار اجايون ڳالهيون لکندڙ کي ملي ٿو.
پنهنجو تحقيقي ڪم هُو رڳو ڪڏهن ڪڏهن ۽ اَويلي ئي ڪري سگھندو هو ۽ اهو خواب ڏسندو رهندو هو ته ڪڏهن ڪجھ مهينا مڪمل طور ان لاءِ سيڙائڻ خوشيءَ جو اهڙو معراج آهي جيڪو سندس پهچ کان پري آهي.
وقت گذرندو ويو، پر غربت مارڪس ۽ سندس ڪٽنب جي پُٺ نه ڇڏي. 1861ع ۾ مارڪس اخبار جي ڪم کان به محروم ٿي ويو جيڪو سندس آمدنيءَ جو خاص ذريعو هو. ڪڏهن ڪڏهن هُو ڪيئي هفتا گھران نه نڪرندو هو، ڇو ته سندس لَٽا گروي رکيل هوندا هئا. ”ناڻي“ لاءِ پنهنجي معاشي حساب ڪتاب کي هڪ پاسي ڪري، هُو قرضن جون اڻکُٽ لسٽون جوڙيندو هو ــــــ ماني پچائيندڙ کي ، گوشت واري کي، گھر جي مالڪ کي.... پهرين انٽرنيشنل جي ”ڀوائتي“ اڳواڻ کي پنهنجن قرضين کان اڪثر ڪري لِڪڻو پوندو هو جن کي هُو ڀُوت سمجهندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن صورتحال دل ٽوڙيندڙ لڳندي هئي، ۽ مارڪس به، جيڪو ڏاڍو روحاني ضبط ۽ انتهائي ناخوشگوار حالتن جو به مزاحيه رُخ ڏسڻ جي قدر لائق صلاحيت رکندڙ هو، جيڪو گھر ۾ ”خاموش رواقيءَ“ جو ڪردار نڀائيندو هو ”ته جيئن ٻئي پاسي جي“ (مطلب زال واري پاسي جي) ”جھڳڙن کي متوازن رکي“، پر هُو به ڪڏهن ڪڏهن ضبط ڪري نه سگھندو هو. سندس ڪُٽنب تي جيڪي مصيبتون آيون، غربت، زال جي بيماري، خود سندس خراب صحت، تن جو ذڪر ڪندي هن ڪڙاڻ سان چيو: ”ٿورن لفظن ۾ ته شيطان بي لغام ٿي ويو آهي. هيءُ هلڪي باهه تي ڀُڃڻ ـــــــ جنهن سان دل ۽ دماغ مجروح ٿي پون ٿا ۽ ان کان به وڌيڪ اهو ته مُلهائتو وقت وڃائجي ٿو.... ختم ٿيڻ گھرجي.“ پر ان جي ختم ٿيڻ جي ڪا صورت نظر نه ايندي هئي.
مارڪس ڏاڍو نرم مزاج ۽ محبتي پيءُ هو ۽ ان حقيقت تي هُو خاص طور بد دل ٿي پوندو هو ته غربت سندس ڌيئرن تي به اثر انداز ٿيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن وٽن اهڙا لٽا ڪپڙا نه هوندا هئا جو اهي اسڪول وڃي سگھن. 1862ع ۾ مارڪس اينجلس کي لکيو: ”منهنجي زال ڏهاڙي مون کي مون کي چوندي آهي ته هوءَ ۽ ٻار مري وڃن ها ته سٺو هو، ۽ مان واقعي ان ڳالهه تي کيس ڏوهي نه ٿو چئي سگھان، ان ڪري جو ان صورتحال ۾ جيڪي ذلتون، پريشانيون ۽ ڏکيائيون سَهڻيون پون ٿيون، اهي واقعي ٻڌائڻ جوڳيون ناهن.“
پر مارڪس جِي حياتيءَ جي لنڊن واري سڄي دَور جي ڏکويل تصوير پيش ڪرڻ غلط ٿيندو. مارڪس نه رڳو اهو ته حياتيءَ جي تڪليفن کي سَهڻ جي صلاحيت رکندڙ هو، پر ٿورڙو به موقعو ملڻ تي هُو ڀرپوريت سان خوشي ملهائڻ ۾ جُنبي ويندو هو. پنهنجي ڪٽنب ۽ دوستن جي ٽولي ۾ هو اهڙو ڏکارو، چيڙاڪ ۽ ناراض اصلي به نه هو، جيئن بورجوا پريس کيس اڪثر ڪري ٻڌائيندي آهي.
پنهنجيءَ پَڪيءَ ڄمار ۾ هُو جوانيءَ وانگر ئي سٺي ڀوڳ چرچي کي پسند ڪندو هو ۽ ان جو قدر ڪندو هو ۽ هن وٽ مزاح جسماني ۽ روحاني بيمارين جو بهترين علاج هو. جرمنيءَ جي هڪ سفر دوران لاسال سان ملڻ کان پوءِ مارڪس کيس هڪ خط لکيو: ”توکي خبر آهي ته پريشانين سان منهنجو مٿو ڀريو پيو آهي ۽ مون کي جيري جي تڪليف به آهي، پر خاص ڳالهه اها آهي ته اسان گڏجي ڏاڍو کلياسي. ڀولا نه ٿا کِلي سگھن، ان ڪري اسان ٻنهي پاڻ کي هر طرح سان ڪامل بيوقوف ثابت ڪيو.“
اينجلس جي نالي مارڪس جا انتهائي مايوس خطَ به ڪنهن نه ڪنهن مزاحيه تفصيل سان شروع ٿين ٿا. مارڪس ۽ اينجلس جي سڄي خطن واري لکپڙهه روشن مزاح سان ڀري پئي آهي جنهن ۾ ٻنهي پاسن کان جرڪندڙ ڦٽاڪن جي نمائش ڪئي وئي آهي. هڪ ڀيري مارڪس جي ڪردار جي ”غمگينيءَ“ بابت هڪ بدتهذيبيءَ واري ڳالهه جو جواب ڏيندي اينجلس ايڊورڊ برنـشـٽائن کي لکيو: ”جيڪڏهن انهن ڪورمغزين کي منهنجي ۽ مور جي خط ڪتابت پڙهڻ جو موقعو مليو هجي ها ته انهن جا هوش خطا ٿي وڃن ها. اسان جي بهادريءَ واري، ٽهڪن سان ڀريل نثر جي ڀيٽ ۾ هائني جي شاعري ٻارن جي راند آهي. مور ڪاوڙجي پوندو هو پر اداس ــــــــ ڪڏهن به نه! جڏهن مون پراڻين لکتن کي ٻيهر پڙهيو ته کلندي کلندي منهنجي پيٽ ۾ وَٽ پئجي ويا.“
جڏهن انقلابي واقعن جون، مزورن جي فتحن جون ۽ سرمائيداراڻي نظام جي بحرانن جون خبرون پهچنديون هيون، ته مارڪس-ڪٽنب ۾ خاص طور خوشيءَ جو ماحول هوندو هو. مثال طور جڏهن 1857ع جو آمريڪي بحران شروع ٿيو ته مارڪس خوشي ملهائي، توڙي جو اُن سندس آمدنيءَ جي اڪيلي ذريعي، اخبار لاءِ لکڻ کان لڳ ڀڳ محروم ڪري ڇڏيو. سندس ڪم ڪرڻ جي پراڻي صلاحيت موٽي آئي ۽ هُو نئين سر ٻيڻي سگھ سان ڪم ڪرڻ لڳو: ڏينهن جو پنهنجي روزي ڪمائڻ لاءِ ۽ رات جو پنهنجي سياسي معاشيات پوري ڪرڻ لاءِ.
۽ جڏهن 1861ع ۾ وري هڪ نئون مالي بحران شروع ٿيو، ”ڪاش مان انهن بدبخت حالتن کان آزاد ٿي وڃان ها ۽ پنهنجي ڪٽنب کي تڪليف ڀري غربت کان آجو ڏسي سگھان ها، ته ڊسمبر واري مالي نظام جي ناڪاميءَ تي ڪيڏو نه خوش ٿيان ها، جنهن جي اڳ-ڪٿي مون ’ٽربيون‘ ۾ ايڏو اڳ ۽ ايڏا ڀيرا ڪئي هئي!“
ظاهر آهي ته پنهنجي اندروني علم ذريعي مارڪس پنهنجي ڪٽنب لاءِ سولائيءَ سان آرام ۽ سهنجائيءَ ڀري اها حياتي ڏئي سگھي پيو جيڪا بورجوازي جا عالم گذاريندا هئا، پر مارڪس سائنس کي پئسا ڪمائڻ جو ذريعو بڻائڻ کي سائنس جو انڪار سمجھندو هو. هُو اهڙن قدمن کڻڻ بدران موت کي ترجيح ڏي ها.
هن هڪ اهڙيءَ سرگرميءَ کي پنهنجي آمدنيءَ جو ذريعو بڻائڻ کي ترجيح ڏني جنهن جو سائنس سان واسطو نه هو، پر ان ريت به آمدني ٿيڻ جون سندس ڪوششون ناڪام ويون. جڏهن هن ريلوي جي هڪ آفيس ۾ نوڪريءَ لاءِ ڪوشش ڪئي ته کيس خراب اکرن لکڻ سبب رد ڪيو ويو.
پنهنجين سڀني آزمائشن ۽ مصيبتن باوجود مارڪس پنهنجي مقصد ڏانهن عزم سان وڌندو رهيو. ذڪر لائق ڳالهه اها ناهي ته ”ناڻي“ کي لکڻ ۾ ايڏا ڏينهن لڳا، پر هيءَ آهي ته اهڙين حالتن ۾ به اهو ڪتاب لکجي به سگھيو.
اڪثر ڪري چيو ويندو آهي ته ڏاهپ ته تحمل جو نانءُ آهي. مارڪس بابت اهو چوڻ ڪنجوسيءَ کان ڪم وٺڻ هوندو. مارڪس کي پنهنجا سائنسي مطالعا جاري رکڻ ۾ سالن تائين رُڪ جهڙو، تقريباً انسان کان مٿڀري قوت اراديءَ جو ثبوت ڏيڻو پيو، انتهائي حد تائين پاڻ تي جبر ڪرڻو پيو ۽ پنهنجيءَ صحت کي ايڏو خراب ڪرڻو پيو جو هر وقت هُو پاڻ کي موت ويجھو محسوس ڪندو هو.
پر ڪا به مصيبت ان ماڻهوءَ کي ٽوڙي نه سگھي.
فخر سان ڪنڌ کڻي هُو ان راهه تي وڌندو رهيو جنهن جي چونڊ هن نوجوانيءَ ۾ ڪئي هئي، هڪ پروميـٿيوس جو شهيدن وارو رستو، جيڪو انسانن تائين علم جي باهه پهچائڻ جو عزم ڪري چڪو هو، سخت سزا جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ. پروميٿيوس وانگر مارڪس ”زميني خدائن“ جي چاڪرن جي ڏنل سڀني سمجھوتن کي رد ڪري ڇڏيو.
مارڪس جرمن ڊيموڪريٽ سيگفريڊ ميئر جي نالي هڪ خط ۾ چٽِي شدت ۽ چٽائيءَ سان پاڻ ٻڌايو آهي ته کيس ”ناڻي“ جي پهرئين جلد لاءِ ڪهڙي قيمت ڏيڻي پئي. ميئر ڪڏهن ڪڏهن مارڪس کي دوستاڻه خط لکندو هو جن سان مارڪس کي ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي ۽ جيڪي سندس سڄي ”ڏکئي دَور“ ۾ حقيقي سڪون جو سبب هوندا هئا. مارڪس لکي ٿو ته سرڪاري دنيا سان تلخ جدوجهد ڪرڻ ۾ ان کي گھٽ اهميت ڏيڻ جي صلاحيت منجھس سڀني کان گھٽ آهي.
مارڪس لکي ٿو ته ”ته مون اوهان کي جواب ڇو نه لکيو؟ ان ڪري جو مان مسلسل ويچار ۾ هيس. ان ڪري جڏهن به مان ڪم ڪري سگھندو هيس ته مون کي هر هڪ پل پنهنجي ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻو پوندو هو، جنهن لاءِ مون پنهنجي صحت، خوشيءَ، ڪٽنب کي قربان ڪري ڇڏيو. مان سمجھان ٿو ته مون کي ان وضاحت ۾ ڪجھ واڌارو ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. مان مِڙئي سِڙئي مشهور ’عملي‘ ماڻهن ۽ انهن جي عقلمنديءَ تي کِلندو آهيان. جيڪڏهن ڪوئي ڏاند بڻجڻ جو فيصلو ڪري وٺي ته ظاهر آهي ته اهو انسانذات جي ڏک سُور کان بي پرواهه ٿي سگھي ٿو ۽ رڳو پنهنجيءَ کَل جي ڳڻتي ڪري سگھي ٿو. پر جيڪڏهن مان پنهنجي ڪتاب کي گھٽ ۾ گھٽ مسودي جي شڪل ۾ پورو ڪرڻ کان سواءِ گذاري وڃان ها ته سچ پچ پاڻ کي غير عملي سمجھان ها.“
اهو دل مان نڪتل اعتراف اسان کي ان تصنيف جي ياد ڏياري ٿو جنهن سان مارڪس پنهنجيءَ حياتيءَ جو سفر شروع ڪيو هو ـــــــ اسڪول مان پڙهي پڄائڻ کان پوءِ سندس مضمون، جيڪو هڪ ڌنڌي جي چونڊ بابت آهي، جيئن اسان کي ياد آهي، اتي ئي نوجوان مارڪس انسانذات لاءِ ڪم ڪرڻ جِي، عام ڀلي لاءِ پنهنجي ذاتي خوشحاليءَ کي قربان ڪري ڇڏڻ جِي خواهش بابت لکيو هو.
اهو نوجوان خيال فقط هڪ خوبصورت فقرو (جملو) نه هو. اهو مارڪس جي سڄي حياتي سندس لاءِ راهه جي مشعل رهيو. اهو سندس سڀني لکڻين جي موضوع جو نفس هو، ۽ ان اسڪولي مضمون جي 32 سالن کان پوءِ، جڏهن هُو ”ناڻو“ ڇپي رهيو هو ته هُو انهن لفظن کي فخر ۽ خوشيءَ سان ورجائي سگھي پيو جيڪي هن ڪيئي سال اڳ گلاب جھڙي ڳاڙهي نوجوانيءَ ۾ لکيا هئا:
”جيڪڏهن اسان حياتيءَ ۾ ان حيثيت جي چونڊ ڪئي آهي جنهن ۾ اسان انسانـذات جي لاءِ سڀ کان گھڻو ڪم ڪري سگھون ٿا ته پوءِ ڪو به بار اسان کي جھڪائي نه ٿو سگھي، ان ڪري جو اهي سڀني جي ڀلي لاءِ قربانيون هونديون.“