تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڏاهپ جو جنم

سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي پاران روشن خيال تعليمي ڪتابي سلسلي جو 14 نمبر ڪتاب ”ڏاهپ جو جنم“ پيش آهي. هي اهم ڪتاب ڪارل مارڪس جي شخصيت ۽ عالمي نقطي نظر جي اوسر بابت آهي. ڪتاب جو ليکڪ گينرخ وولڪوف آهي جڏهن ته سنڌي ترجمو ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ۽ رياضت ٻرڙي پاران ڪيو ويو آهي.
Title Cover of book ڏاهپ جو جنم

هڪ ڌنڌي جي ڳولا

- توهان جي خوشيءَ جو تصور؟
- جدوجهد.
ڪارل مارڪس جي ”اعتراف“ مان چونڊ.
بهار جو هڪ روشن ڏينهن هو جڏهن سخت جسم ۽ ڪارن وارن وارو هڪ ماڻهو مُک تي مهڪندڙ مُرڪ ۽ ٻانهن ۾ ويڙهيل سيڙهيل هڪ نئون ڄاول ٻار کنيو ٽرائر جي برگوماسٽر جي آفيس ڏانهن تيز تيز ٻرانگھون ڀريندو پئي ويو. ڪجھ منٽن کان پوءِ هن کي هڪ عهديدار آڏو پيش ڪيو ويو جنهن ان موقعي لاءِ مناسب ۽ عام طور ڪيا ويندڙ سوال پڇيا ۽ پنهنجي معمولي، مَس وهائيندڙ کنڀ واري قلم سان لکيو:
”سن 1818ع ۾ مئي مهيني جي ستين تاريخ تي شام جو چئين وڳي منهنجي سامهون، مان جيڪو ٽرائر جي برگوماسٽر جي آفيس ۾ ڄم، شاديءَ ۽ فوتيءَ جو رجسٽرار آهيان، هر هائنرخ مارڪس حاضر ٿيو، ٽرائر جو رهاڪو، عمر 37 سال، ڌنڌي جي لحاظ کان ٻِي اپيل جي عدالت عاليه ۾ بئرسٽر، جنهن مون کي هڪ نَـر ٻار ڏيکاريو ۽ بيان ڏنو ته ذڪر هيٺ ٻار ٽرائر ۾، مئي مهيني جي پنجين تاريخ تي ٻِي وڳي صبح جو هر هائنرخ مارڪس، ڌنڌو بئرسٽر، رهاڪو ٽرائر ۽ هن جي زال هينريئٽٖي پريسبورڪ جي گھر پيدا ٿيو، ۽ اهو ته هيءُ پنهنجي ٻار جو نالو ڪارل رکڻ گھرن ٿا.“
عهديدار پنهنجي صحيح ڪئي ۽ ڄم جي سَند پيءُ کي ڏني. هن کي ڪهڙي خبر ته هيءَ هڪ تاريخي سند آهي ۽ دنيا ۾ هڪ اهڙي انسان جي اچڻ جي تصديق ٿي ڪري جيڪو جوان ٿيڻ وقت پنهنجي اباڻي ملڪ مان جلاوطن ڪيو ويندو ۽ سڀني ماڻهن کان وڌيڪ هن کي مشهوري عنايت ڪندو. ۽ ظاهر آهي ته ٻهڪندڙُ پيءُ کي به اهڙو شڪ ئي نه هو. هن سان رستي ۾ جن ماڻهن جي ملاقات ٿي انهن سان دعا سلام ڪندو پنهنجي ڪٽنب ۾، بريوڪنگاسي ۾ موجود ننڍڙي ٻه ماڙ گھر، نمبر 664، ۾ موٽي آيو.
ان شهر ۾ هائنرخ مارڪس پنهنجي سٺي تعليم، سلڇڻائپ، نيڪيءَ ۽ ڏکئي وقت ۾ ڪنهن به بي ڏوهي ماڻهوءَ جي مدد ڪرڻ لاءِ، پنهنجي وس آهر قانوني مهارت سان مدد ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار هجڻ جي ڪري ڄاتل سڃاتل ۽ مانائتو هو.
هو ربين (يهودي مذهبي عالمن) جي گھراڻي جو ٻار هو، پر پاڻ هن يهودي مذهب ڇڏي لُوٿر جي عيسائيت قبول ڪئي هئي.
پر مارڪس جي ڪٽنب ۾ رڳو عيسائي وَليُن جي پوڄا نه ٿيندي هئي پر انهن جي به ايتري پوڄا نه ٿيندي هئي جيتري والٽيئر، شيلر، راسين، روسو، ليسنگ، اسپائينوزا ۽ ڪانٽ جي ٿيندي هئي. هائنرخ مارڪس يورپي تهذيب جي مالا مال ورثي کي پاڻ ۾ جذب ڪري ڇڏيو ۽ ان کي هن پنهنجي لاڏلي پٽ مارڪس جي حوالي ڪيو. انهيءَ جي ڪري انهن ڪيترين ئي لياقتن/قابليتن کي جيڪي ميرنگ جي چوڻ موجب ”فنن جي ديويُن هن جي پينگھي ۾ رکي ڇڏيون هيون“ ننڍپڻ ۾ ئي ترقي ڪرڻ جو سڀ سانباهو ٿي مليو.
ننڍڙي مارڪس لاءِ اها خوش قسمتي هئي جو هن جو ڪٽنب پريوي ڪائونسلر بيرن لڊويگ فان ويسٽ فالين جي ڪٽنب سان دوستاڻه لاڳاپا رکندو هو. ويسٽ فالين ڪٽنب جا ٽي ماڻهو سندس زندگيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ وارا هئا: سڀ کان پهرين ته ڪٽنب جو وڏو جيڪو مارڪس لاءِ پيءُ جي حيثيت جھڙو ٿي پيو، ٻيو ان جو سڀني کان ننڍو پٽ ايڊگر جيڪو ڪارل مارڪس جي ننڍپڻ جي راندين ۽ جمنازيم جي دلچسپين جو سٺو ساٿي هو (هو 1840ع کان پوءِ واري ڏهاڪي ۾ ڪجھ وقت ڪميونسٽ ليگ جي گھڻو ويجھو رهيو) ۽ وري ايڊگر جي ڀيڻ جيني، جيڪا اڳتي هلي مارڪس جي زال ٿِي ۽ سڄي زندگي هن جي وفادار ساٿياڻي ٿي رهي.•
لڊويگ فان ويسٽ فالين ڏاڍي رنگا رنگ شخصيت وارو ماڻهو هو. هُو اسڪاٽ لئنڊ ۽ جرمنيءَ جي هڪ اعلى ڪٽنب جو وارث، پنهنجي زماني جي انتهائي تعليم ورتل ماڻهن مان هو ۽ شاعريءَ جو ڏاڍو شيدائي هو. ڪارل جي پيءُ کيس والٽيئر ۽ راسين کان واقف ڪيو ۽ لڊويگ فان ويسٽ فالين وري هن کي (۽ ان سان گڏ ايڊگر ۽ جيني کي) هومر ۽ شيڪسپيئر ٻڌائيندو هو جيڪي هن کي زباني ياد هئا. پوڙهي ويسٽ فالين ئي مارڪس ۾ شاعريءَ جي ذوق جي تربيت ڪئي ۽ هن جي جمالياتي لاڙي کي نکاريو. سڀ کان پهرين هن جي واتان ئي ڪارل مارڪس سينٽ سائمن جو نالو ٻڌو. شايد ويسٽ فالين ئي پهريون ماڻهو هو جنهن مارڪس جي ذهن جو سماجي موضوعن ڏانهن ڌيان ڇڪايو ۽ چالُو نظام جي باري ۾ هڪ تنقيدي رويو پيدا ڪيو. اها ڪا اتفاقي ڳالهه نه هئي ته مارڪس علم جي ميدان ۾ پنهنجي پهرين ڪارنامي يعني ڊاڪٽريٽ لاءِ پنهنجي مقالي کي هن جي نالي هنن لفظن سان منسوب ڪيو: ”پنهنجي پياري پيءُ جھڙي دوست جي نالي“. انتساب ۾ هن ويسٽ فالين کي هڪ اهڙو ماڻهو سڏيو جيڪو ”زماني جي هر اڳتي وڌيل وِک جي آجيان جوش ۽ سچائيءَ جي تيک سان ڪندو آهي“، جيڪي ”پوئتي گِهِليندڙ ڀوتن جي اونداهن پاڇولن کان ڊڄي ڪڏهن به پوئتي نه موٽيا.“ ان ۾ڪو شڪ ناهي ته ”پراڻي ويسٽ فالين گھر“ ۾ نوجوان مارڪس کي ايڏي سٺي روحاني غذا ملي جيڏي کيس پنهنجي ڪٽنب ۾ يا جمنازيم ۾ ملي هئي.
جمنازيم پاڻ ته مارڪس کي روحاني ارتقا طور گھڻو ڪجھ نه ڏئي سگھيو. ان زماني جي جمنازيم جو تعليمي سرشتو رٽڻ ۽ ياد ڪرڻ جي ”اوائلي روايتن“ موجب هلايو ويندو هو. استاد پنهنجن شاگردن ۾ سڀ کان وڌيڪ ان صلاحيت جو قدر ڪندا هئا ته ٺهيل گھڙيل علم کي اهي زباني ياد ڪري وٺن ۽ صفا صحيح طرح اُتارن پوءِ اُهي فقهي متا هجن يا تاريخي واقعا يا حسابن جا اصول. هنن وٽ بهترين شاگرد اهو هو جيڪو بنا هَٽڪ جي اهو سڀ ڪجھ ٻڌائي جيڪو هن پڙهيو هجي ۽ ”مقدس فرمان“ جي اڻ تبديل ٿيندڙ سچائين کي سٺن اکرن ۾ لکي. راءِ جي آزادي، خيال ظاهر ڪرڻ جي همت ڀري اڏام، مسئلن کي حل ڪرڻ بابت ڪو طبعزاد رويو ـــــــ انهن سڀني کي خوبيءَ کان وڌيڪ خامي ڄاتو ويندو هو.
جمنازيم جو تعليمي نظام شخصيت کي اوتري ترقي نه ڏيندو هو جيترو ان کي چيڀاٽيندو هو. اُهو نه رڳو اِهو ته سائنس سان ڪنهن به قسم جي لڳاءَ جي سکيا نه ڪري سگھندو هو، پر بيزار ڪندڙ ڪُل اصولن جي مجموعي جي حيثيت سان ان مان بيزاري پيدا ڪندو هو. جيڪو ڪجھ پڙهايو ويندو هو ان جي بحث جوڳي نه هجڻ، قطعي ۽ مطلق نوعيت شاگردن جي ذهن کي خراب ڪندي هئي، سُستيءَ ڀري ۽ ڳيجھو سوچ جي انداز کي، ٻين جي خيالن کي ورجائڻ جي ۽ جيڪا ”قبولي لائق“ هجي، ان آڏو سيس جھڪائڻ جي عادت کي ترقي ڏيندي هئي. اهڙيءَ طرح اسڪول شاگردن جي نظر ۾ سائنس جي مانَ کي گھٽائيندو هو، ان ڪري جو اهو سوچ جي حاڪماڻي انداز کي، فتوى جي صورت ۾ سوچڻ کي پاليندو هو. سچائيءَ سان وفاداري بدران اهو گٺل پيٺل سچائين جي اٽل هجڻ تي يقين پيدا ڪندو هو. آزاديءَ سان حَل ڳولڻ ۾ تجسس سان ”سوچ جي رياضت“ بدران، اهو بي مقصد زباني ياد ڪرائڻ جي اذيت ڏيندو هو.
ٽرائر جو جمنازيم، جنهن ۾ مارڪس تعليم حاصل ڪئي، بهترين جمنازيمن ۾ ڳڻيو ويندو هو، ان ڪري جو اتي ڪجھ گھٽ وڌ روشن خياليءَ جو جذبو غالب هو. مارڪس جي جمنازيم جي استادن ۾ اهڙا ماڻهو شامل هئا جيڪي پنهنجي پنهنجي علمي شعبي ۾ چڱا ڄاتل سڃاتل هئا. مثال طور يوهن هيوگو ويٽن باخ (هيڊ ماستر) جيڪو فرانسي روشن خيالي جي پوئواري ڪندڙن ۾ شامل هو ۽ ٽرائر جو مؤرخ هو، جنهن کي ان ڳالهه تي فخر هو ته هُو گوئٽي کان ذاتي طور واقف هو. هُو پنهنجن شاگردن ۾ انسان جي ترقيءَ ۽ سڌاري تي هڪ مقدس يقين پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهندو هو. رياضيءَ ۽ فزڪس جي استاد يوهن اشٽائيننگر تي پوليس نظر رکندي هئي.
پر ظاهر آهي ته اهي استاد تدريس جي ڪردار، مقصدن ۽ طريقن ۾ ڪا به قدر لائق تبديلي ڪري نه سگھيا. پروشيائي حڪومت ان مقصد کي يقيني بڻائڻ لاءِ ته استادن ۽ شاگردن جي سوچ جو انداز ٺيڪ رهي، انهن تي تکي نظر رکندي هئي. ان مقصد لاءِ هنن ويٽس لوئرس نالي هڪ ماڻهوءَ کي اسڪول جو مددگار ڊائريڪٽر مقرر ڪري ڇڏيو جيڪو پنهنجن رجعت پرست خيالن جي ڪري مشهور هو. ٽرائر جمنازيم کان گُهر ڪئي ويندي هئي ته اهو رياست لاءِ پڙهيل ڪَڙهيل بدتهذيب پيدا ڪري، جيڪي بادشاهه ۽ ملڪ لاءِ بند جو ڪم ڏين، ۽ اهو ئي فرض جمنازيم پورو ڪندو هو.
مارڪس جي ڪلاس ۾، جنهن وقت هن جمنازيم جي تعليم ختم ڪئي، 32 شاگرد هئا، جن مان گھڻا اسڪول جي عمر کان گھڻو مٿي يعني 19 کان 27 ورهيه ڄمار جا هئا. اهي وڏي عمر وارا شاگرد سست هئا ۽ عام طور هر درجي ۾ هڪ سال وڌيڪ ترسيا هئا. جيڪي شاگرد آخري درجي تائين لڙڪيل رهيا هئا، انهن مان 13 ڄڻا اسڪول ختم ڪرڻ جو آخري امتحان پاس ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا.
مارڪس جا هم ڪلاسي گھڻي ڀاڱي پيٽي بورجوا، هاري گھراڻن جا هئا ۽ مذهبي تقدس جو انڌو جادو انهن تي پوريءَ طرح ڇانيل هو. انهن جي سڀ کان اعلى آرزو اها هئي ته کين پادريءَ جو عهدو ملي پوي. آخري امتحان جي مضمونن مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته ڪلاس جي 25 ڪيٿولڪن مان اڌ کان وڌيڪ شاگرد پاڻ کي فقهه جي لاءِ وقف ڪري ڇڏڻ جا شوقين هئا.
انهن جون آسون پوريون ٿيون. ٽرائر جمنازيم مان جيترا ماڻهو 1835ع ۾ تعليم پِرائي واندا ٿيا، انهن مان پروشيا کي 13 ڪيٿولڪ پادري، 7 بيرسٽر ۽ اعلى سرڪاري عهديدار ۽ 2 ڊاڪٽر مليا. ڀلا ڪنهن کي اهو خيال اچي پئي سگھيو ته تعليم پرائي واندي ٿيندڙ انهيءَ ڪلاس مان دنيا کي ڪارل مارڪس به ملندو.
سندس استادن وٽ ته اهو خيال ڪڏهن به نه پئي ٿي سگھيو، ان ڪري جو ڪارل مارڪس ڪنهن به طرح هڪ ذهين شاگرد تصور ڪري نه پيو سگھجي. سڀني مضمونن ۾ هن جون مارڪون وچٿريون هيون ۽ سڀني کان گھٽ مارڪون هن جي استادن تاريخي جدليات جي آئينده خالق کي تاريخ جي امتحان ۾ ڏنيون هيون.
ان ۾ اچرج جھڙي ڪا به ڳالهه نه آهي. استادن مارڪس کي جن معيارن تي پرکيو هو، اهي مارڪس لاءِ موزون نه هئا. استاد هن جي خيالن جي نواڻ کان ڊڄندا هئا. هن پاران مسئلن جي پاڙ تائين پهچڻ، هر مضمون متعلق گھڻي کان گھڻي سمجھ حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجن خيالن جي خيالي پڻي نه، پر کُليل اظهار واري روش تي، استادن کي اعتراض هوندو هو. اهي ان کي ”نادر اظهار جِي مبالغي وارو ضد“، ”غير ضروري گھڻائي“ ۽ ”لفاظي“ سمجھندا هئا ۽ اهي سندس پڙهڻ ۾ نه ايندڙ لکڻيءَ تي ته خاص طور چِـڙي پوندا هئا. لاطيني ٻوليءَ جي استاد شڪايت ڪئي ته ”ڪهڙا نه مَکا ماڪوڙا ٺاهيا اٿائين“ ۽ ٻيا استاد ساڻس متفق ٿيا.
اسڪول جي بينچ تان مارڪس انهن ”نوجوانن جي استادن“ جي نمائشي علميت جي لاءِ جيڪا بيزاري کڻي اٿيو، اها منجھس ڊگھي عرصي تائين برقرار رهي. هن 1862ع ۾ اينجلس ڏانهن هڪ خط ۾ انهن مان هڪ ڪتاب-پرست جو نقشو چِٽيو آهي. ظاهري طرح اهو استاد هڪ عزت وارو ماڻهو آهي، پنهنجي علم تي پڏندڙ آهي، پر ياد ڪرڻ ۽ زباني ياد ڪرائڻ کان اڳتي ڪڏهن به نه نڪري سگھندو آهي. هن جو علم بس ايتري تي ٻڌل آهي ته ٺهيل گھڙيل جواب ڳولي لهي. هو سڄي رياضياتي ادب کان واقف آهي، پر رياضي نه ٿو سمجھي. جيڪڏهن اهو ڪتاب-پرست ايماندار هجي ها ته پنهنجن شاگردن لاءِ فائديمند هجي ها. ڪاش هو ڪُوڙي هيراڦيريءَ جو سهارو نه وٺي ها ۽ انهن کي صاف صاف چئي ڇڏي ها ته هتي هڪ تضاد آهي، ڪجھ ماڻهو هِي پيا چون ۽ ڪجھ هُو پيا چون، ان مسئلي تي منهنجي ڪا به ذاتي راءِ نه آهي، ڏسو، شايد توهين پاڻ ئي ان جي تهه تائين پهچي سگھو! ”ان رويي جي ڪري هڪ طرف ته شاگردن کي ڪجھ مصالحو ملي پوندو ۽ ٻئي طرف کين پاڻ پنهنجي لاءِ محنت ڪرڻ جي همت افزائي ٿيندي.“ پر مارڪس هڪدم ئي اهو ٻڌائي ٿو ته هو هڪ اهڙو مطالبو پيو ڪري جيڪو ڪتاب-پرست جي فطرت جي ئي خلاف آهي.
اهو چوڻ ڏکيو آهي ته مارڪس جا جمنازيم وارا استاد ان تصوير سان ڪيتريءَ حد تائين ملندڙ جُلندڙ هئا. ممڪن آهي ته ذاتي سطح تي اهي ڪتاب-پرست نه رهيا هجن. پر هي معاملو ڪنهن ماڻهوءَ جي انفرادي نفسي بناوت جو نه، پر نظام جو هو جيڪو اڻٽر نموني ڪتاب-پرستيءَ کي ۽ جمنازيم جي تدريس جي ساهه وٺندڙ بي ڪيفيءَ کي جنم ڏئي ٿو.
ڪارل مارڪس جي روحاني دنيا جي اڏاوت، جمنازيم جي تعليمي نظام جي ڪري نه آهي، پر تنهن هوندي به ــــــ آزاداڻي ۽ ڏاڍي تيز دانشوراڻي ڪم ۾، سنگتين جي هڪ ننڍيرڙي حلقي جي صحبت ۾، جن کي سٺي شاعري ۽ سٺي مذاق پسند ايندي هئي، ويسٽ فالين ڪٽنب جي ۽ ظاهر آهي ته پنهنجي پيءُ جي صحبت ۾ ٿي.
ٽرائر ۾ ٻِي اپيل وارِي عدالت عاليه جي صدر بيرسٽر هائنرخ مارڪس جي عهدي جي تقاضا هئي ته پاڻ سياسي نوعيت جي مقدمن ۾ به حصو وٺي. پاڻ سياسي ناانصافيءَ جي ڀيانڪ حقيقتن کان چڱيءَ طرح واقف هو ۽ ايئن ٿو ڄاڻجي ته پنهنجي پٽ سان ان جي باري ۾ ڳالهيون ڪندو هو.
اهي حقيقتون ڪهڙيون هيون، ان جو اندازو مارڪس جي هڪ مضمون مان ٿئي ٿو، جيڪو هن 1843ع ۾ ”رائنيشي زائتونگ“ ۾ لکيو هو. ان مضمون ۾، جنهن جو نالو هو ”موزيل جي نامه نگار جو جواز“، هن اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ته موزيل جي علائقي جي آبادي پنهنجي راءِ جو اظهار صاف صاف ۽ اعلانيه ڪري نه ٿي سگھي، ڪجھ انهن مقدمن جو به ذڪر ڪيو آهي جيڪي 1830ع کان پوءِ واري ڏهاڪي يعني هن جي نوجوانيءَ جي سالن ۾ ٿيا هئا.
”هڪ شهريءَ، جيڪو پنهنجي نيڪ طبيعت جي ڪري خاص طور پسند ڪيو ويندو هو، هڪ ضلعي جي صدر جي نوڪرياڻيءَ سان، جنهن ان کان اڳ واري شام جو مسرت ڀري صحبت ۾ بادشاهه جي سالگرهه جو جشن ملهائڻ لاءِ بوتل سان شغل فرمايو هو، مذاق ۾ چيو ته ’تنهنجو مالڪ رات ڪجھ گڙٻڙائجي ويو هو‘. ان ڳالهه جي ڪري کيس کُلي عام ٽرائر جي پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پر جيئن توقع ڪري سگھجي پئي، ان کي ڇڏيو ويو.“
ممڪن آهي ته هي عدالتي مقدمو مارڪس جي ذهن ۾ تازو رهجي ويو هجي، ان ڪري جو ان ۾ بيرسٽر جي حيثيت سان هن جي بابا به حصو ورتو هو جنهن جي ”ناقابلِ اعتراض ديانتداري“ ۽ ”قانوني لياقت“ ماخوذ ماڻهوءَ کي آزاد ڪرائڻ ۾ مدد ڏني.
جڏهن ٽرائر جي انتظامي ضلعي جي ڪجھ هارين صوبائي اسيمبليءَ ۾ پنهنجي نمائندي وسيلي ڪرائون پرنس ڏانهن هڪ درخواست موڪلڻ جو فيصلو ڪيو، ته ان اسيمبليءَ جي ميمبر خلاف هڪدم ڪاروائي شروع ڪئي وئي. ”ڪيترائي سال اڳ رياستي جائداد جي نظم ۽ نسق (انتظام) جي اصول جي پروفيسر هرڪائوفم نٖي“ رائن جي هڪ اخبار ۾ ”موزيل ۾ انگور پيدا ڪندڙن جي خراب حالت جي باري ۾، هڪ مضمون شايع ڪيو هو.... جنهن کي حڪومت جي حڪم سان غيرقانوني سڏيو ويو.“•
ان حقيقت وسيلي ان سياسي فضا جي تصوير آڏو اچي ٿي جيڪا نوجوان مارڪس جي چوڌاري موجود هئي.
ٽرائر ۾ 1830ع کان پوءِ واري ڏهاڪي ۾ دانشورن جي حلقي ۾ پروشيائي حڪومت جي لبرل مخالفت شروع ٿي، جنهن جو هڪ سرگرم شريڪ ڪارل مارڪس جو پيءُ به هو. 1834ع جي شروع ۾ لبرلن جا جلسا ۽ مظاهرا ٿيا جن ۾ ”مارسيليز“ ڳايو ويو ۽ اهڙيون تقريرون ٿيون جن ۾ پوليس جا تيز ڪَن فرانسي انقلاب جو پڙاڏو ٻڌي سگھيا پئي. هائنرخ مارڪس به ”باغياڻا گيت“ ڳايا ۽ تقريرون ڪيون جيڪي حقيقت ۾ وچٿري قسم جون هيون. پر اهي شيون سندس خلاف قانوني ڪاروائي شروع ڪرڻ لاءِ کوڙ هيون.
مارڪس کي پنهنج پيءُ سان ڏاڍو پيار هو. هن جون پيار ڀريون يادون پٽ سان ڪَٺي هن جي جوانيءَ دوران به رهيون. ڪارل مارڪس پنهنجي پيءُ جي تصوير هميشه پاڻ وٽ رکندو هو ۽ اها ساڻس مرڻ مهل به گڏ هئي. پر پنهنجي سموري مذهبي ۽ سياسي روشن خياليءَ باوجود هائنرخ مارڪس هڪ پروشيائي وطن دوست ۽ متقي عيسائي هو. هو شيلر جو مداح هو ۽ پاڻ به شيلر جي هڪ ڪردار، نيڪ ۽ جذباتي مور جيان هو جنهن جي سڄي خوشي پنهنجي ڪٽنب ۽ ٻارن جي خوشحاليءَ ۾ لڪل آهي. هن پنهنجي لاڏلي پٽ جي روشن لياقت کي ننڍڙي ڄمار ۾ ئي پرکي ورتو هو، پر کيس اها اميد هئي ته ڪارل هن جي رندن تي هلندو ۽ پنهنجي لاءِ هڪ بنا شان شوڪت وارو، پر ”شريف“ ڌنڌو پسند ڪندو، جيڪو کيس ان لائق بڻائيندو جو هو عزتدار شهرين ۾ ”شانَ لائق جاءِ“ حاصل ڪري وٺي ۽ هڪ مثالي گھراڻي جو سرواڻ ٿئي.
ان متوقع امڪان بابت نوجوان مارڪس پنهنجي پيءُ کان گھٽ پرجوش هو. پنهنجي جمنازيم وارن سالن ۾ ئي هو بدتهذيبي واري زندگيءَ جي مسرت ڀري آدرش کان ــــــ ان جي ذهانت سان نفيس ٺاهيل روپ ۾ به ــــــ شديد نفرت محسوس ڪرڻ لڳو هو.
اسان کي ان جي پهرين تصديق مارڪس جي جمنازيم کان تعليمي پڄاڻي ٿيڻ واري مضمون ۾ ملي ٿي جيڪو ان وقت لکيو ويو هو، جڏهن پاڻ سترهن سالن جو هو. ان مضمون جو عنوان هو ”ڌنڌي جي چونڊ بابت هڪ نوجوان جا خيال“.
اها ڳالهه دلچسپ آهي ته پنهنجن هم ڪلاسين جي ابتڙ مارڪس ان مضمون کي ”مان ڇا ٿيڻ گھران ٿو“ جي نج ذاتي موضوع تي بحث ڪرڻ جو موقعو نه سمجھيو، پر هن ڌنڌي جي چونڊ متعلق معروضي ۽ داخلي حالتن ۽ ڌنڌي سان ذاتي لياقت جي مطابقت تي وسيع تر سماجي بحث جو موقعو سمجھيو. هتي نوجوان مارڪس جي ذهن ۾ اهي خيال، ميرنگ جي چواڻي، ”گرمين جي وِڄ جيان ڪڙڪي رهيا هئا“ جنهن کي هن جواني ۾ پهچي پوريءَ طرح ۽ وضاحت سان نکاريو سنواريو.
مارڪس لکيو آهي ته ”اسين هميشه اهو ڌنڌو حاصل نه ٿا ڪري سگھون جنهن جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي مناسب سمجھندا آهيون. سماج ۾ اسان جا لاڳاپا ان کان اڳ ئي قائم ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن جڏهن اسين انهن کي مقرر ڪرڻ لاءِ وقف ۾ هوندا آهيون.“
هن جا هم ڪلاسي ته ڏاڍي ٺٺ ٺانگر سان هڪ واپاريءَ جي ڌنڌي تي فوجي پيشي جي برتري يا فقيهه ۽ پادريءَ جي عهدي ڪري ملندڙ برڪتن تي بحث ڪري رهيا هئا، پر ڪارل مارڪس ڌنڌن جي ڪُوڙي چَمڪ دمڪ جي باري ۾ جيڪا گھمنڊ کي وڌاءُ ڏيندي آهي ۽ هوَس جي ديوَ ڏانهن لاڙو رکندي آهي ۽ انهن ”خوش فهمين“ جي باري ۾ لکيو، جيڪي تخيل ۾ هڪ آئنده ڌنڌي کي سينگاريندي آهي. هن جي راءِ ۾ پنهنجين صلاحيتن جي باري ۾ خود فريبين جو اهو ئي سبب آهي ”جيڪو اهڙو عيب آهي جو خود اسان کان بدلو وٺي ٿو ۽ ان کان وڌيڪ ڊيڄاريندڙ نوڪدار شيون هڻي ٿو جيتريون ٻاهرين دنيا جي اعتراضن ڪري لڳن ها،“ هڪ اهڙو عيب جيڪو خود پاڻ لاءِ حقارت پيدا ڪري ٿو، جيڪو ماڻهوءَ کي اندر ئي اندر کائيندو رهندو آهي، ماڻهوءَ جي دل مان زندگي بخشيندڙ خون چوسي وٺندو آهي ۽ ان ۾ انسانن کان بيزاريءَ ۽ بي دليءَ جو زهر ملائي ڇڏيندو آهي.
ڪنهن به ڌنڌي جي چونڊ ڪرڻ ۾، جيڪڏهن ان چونڊ جو بنياد گندن خيالن تي هجي ته ”خود فريبيءَ“ ۾ ڦاسي وڃڻ سولو آهي. جيڪو نوجوان ان وقت تائين ڪو به محڪم اصول، مضبوط، غير متزلزل پذير يقين نه رکندو هجي، ان جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ڌنڌا اهي آهن ”جيڪي زندگيءَ سان ايترو ڳنڍيل نه هوندا آهن جيترو انهن جو واسطو تجريدي سچائين سان هوندو آهي.“
اهي دلچسپ اعلان ان دَور ۾ مارڪس جي روحاني دنيا تي روشني وجھن ٿا. شايد اها ان ڳالهه جي شاهدي آهي ته هو پڙهيايو ويندڙ علمن کان غيرمطمعن هو ۽ ”تجريدي سچائين“ کي .خود زندگيءَ سان وابستگي“ سان ملائڻ جي خواهش هن ۾ وڌندي پئي وئي.
مارڪس ذاتي خوشحاليءَ جي بدتهذيبيءَ واري آدرش کي هيٺ بيان ڪيل طريقي سان چئلينج ڪري ٿو: ”جيڪڏهن هو (ڪو به ماڻهو) رڳو پنهنجي لاءِ ڪم ڪري ٿو، ته شايد هو مشهور عالم، ڏاڍو وڏو داناءُ حڪيم، هڪ عمدو شاعر ٿي وڃي، پر هو ڪامل، صحيح معنائن ۾ هڪ عظيم انسان نه ٿو ٿي سگھي.“
ها، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته انسان جو پنهنجو پاڻ کي ڪامل بنائڻ هڪ مقصد آهي، جنهن جي سلسلي ۾ هر ڌنڌو هڪ وسيلو هوندو آهي. پر انسان پاڻ پنهنجو ڪمال حاصل ڪري سگھي ٿو، ”پنهنجي ساٿي انسان جي ڪمال جي لاءِ، ان جي ڀلي جي لاءِ ڪم ڪرڻ وسيلي“. انسانـذات جي ڀلائي (۽ انهيءَ ڪري خود اسان جو ڪمال به) اهو ”خاص رهنما“ آهي جنهن کي ڪنهن ڌنڌي جي چونڊ ۾ اسان کي هدايت ڪرڻ گھرجي.
پنهنجن خيالن جي پٺڀرائيءَ ۾ مارڪس انهن عظيم انسانن جي تاريخي مثالن جو حوالو ڏي ٿو جن گڏيل ڀلائيءَ جي لاءِ ڪم ڪري خود پنهنجو پاڻ کي پاڪيزه تر ڪري ڇڏيو آهي. ”تجربو ان ماڻهوءَ جو سڀ کان وڌيڪ خوش هجڻ جو اعلان ڪري ٿو جنهن ماڻهن جي سڀ کان وڏي ڳڻپ کي خوش ڪيو هجي.“
پنهنجي آزاداڻي رستي جي ابتدا ۾ ئي مارڪس ان مقالي جي جوڙجڪ ڪري وٺي ٿو جنهن کي هن جي سڄي زندگيءَ جو اصول ٿيڻو هو: ”انسانذات جي لاءِ ڪم.“ هو اعتراف ڪري ٿو ته ان راهه ۾ گلاب نه، پر ڪنڊا وڇايل آهن، پر انهن جي ڪري کيس ڪا به پريشاني ناهي. هو پنهنجي چونڊ جي ”وڏي ذميواريءَ“ جو سڄو بار محسوس ڪري ٿو.
پر چونڊ ٿي چڪي آهي. ”جيڪڏهن اسان زندگيءَ ۾ اهڙي حيثيت جي چونڊ ڪئي آهي جنهن ۾ اسين انسانـذات جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڪم ڪري سگھون ٿا، ته ڪو به بار اسان کي جھڪائي نه ٿو سگھي، ان ڪري جو ته سڀ جي فائدي لاءِ قربانيون هونديون.“ هتي به مارڪس وري بدتهذيبي واري زندگيءَ جي ”ڪِريل، محدود، خودغرضي واري خوشيءَ“ جي ڀيٽ هڪ اهڙي زندگيءَ سان ڪري ٿو جنهن جي خوشي ”ڪروڙن جي لاءِ هوندي.“
ظاهر آهي ته هي مضمون وري به وڏيءَ حد تائين هڪ اسڪولي شاگرد جو مضمون آهي. هتي اسان کي مارڪس جي اڳوڻي روحاني ارتقا، سڀ جو سڀ هڪ نچوڙ جي صورت ۾ ملي ٿي، ڪانٽ ۽ فرانسي روشن خيالي جي اثر کي محسوس ڪري سگھجي ٿو، ان وقت تائين ڪجھ جذباتي ۽ روحاني ڳالهيون به آهن ۽ اهي حوالا به ملن ٿا ته ”خدا هڪ عام مقصد“ ڏيندو آهي، ۽ ”خدا جي گُهر آهي“، پر ان سان گڏ ئي سڄي مسودي تي ان وقت به ليکڪ جي ڇاپ آهي. لکڻيءَ جي نموني ۽ مواد مان روح جي اها نِڪور قوت ۽ بامقصديت بَکي پئي جيڪا مارڪس جي ڪردار جي هڪ سٺي خصوصيت هئي.
هڪ نوجوان جي ان لکڻيءَ ۾ سڄي زندگيءَ جو پرگرام موجود آهي، جيتوڻيڪ ان جو اظهار عام صورت ۾ ڪيو ويو آهي. مارڪس پنهنجي دل جي ”ڪُنڊليءَ“ مطابق پاڻ پنهنجي قسمت جو حال ٻڌائي رهيو آهي.
ڪنهن ڌنڌي جي چونڊ بابت جمنازيم جي ان مضمون ۾ اڃا تائين ڪو به اهڙو اشارو نه ٿو ملي، ته مارڪس جون سياسي تمنائون جاڳي چڪيون آهن، پر ان مان هر ان شَي لاءِ نفرت ضرور ٿي ظاهر ٿئي جيڪا رجعت پرست آهي. جيئن اسان ڏٺو آهي اها نفرت هن رڳو ڪتابن مان نه، پر پنهنجي چوڌاري دنيا مان به حاصل ڪئي هئي.
مثال طور اسين اهو ڄاڻون ٿا ته 1833ع ۾ ئي ٽرائر جمنازيم ۾ بندش وڌل لکڻيون ۽ سياسي نظمَ مليا هئا ۽ هڪ شاگرد کي گرفتار به ڪيو ويو هو. ان ڪري شاگردن جي ذهن ۾ اُڻ تڻ پيدا ٿيڻ ۽ زندگيءَ بابت مارڪس جي رويي جو متاثر ٿيڻ لازمي هو. جڏهن مارڪس کي جمنازيم مان تعليم پرائي واندو ٿيڻ جي سَند ملي وئي ۽ هو بون يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پنهنجي اباڻي شهر کان روانو ٿيو، ته هن جمنازيم جي مددگار ڊائريڪٽر ويٽس لوئرس سان موڪلاڻيءَ جي ملاقات ڪرڻ کان ڄاڻي واڻي انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن جي ذمي جمنازيم جي شاگردن کي پوليس جي نگراني ۾ رکڻ جو خاص ڪم هو. ان سان ملڻ کان انڪار ڪري مارڪس ڪردار جي قوت جو مظاهرو ڪيو ۽ ٿي سگھي ٿو ته اهو پيءُ سان جھيڙي جو ڪارڻ به ٿيو هجي.
هائنرخ مارڪس پنهنجي پٽ جي نالي هڪ شروعاتي خط ۾ ئي هن کي ان قدم تي تنبيهه ڪري ٿو. ان خط مان اسان کي اها به خبر پوي ٿي ته ڪارل مارڪس سان گڏ جمنازيم جي هڪ ٻئي شاگرد هائنرخ ڪليمنس به لوئرس سان ملڻ کان نابري واري هئي. لوئرس ان ڳالهه جو ڏاڍو خراب اثر ورتو هو ۽ مارڪس جي پيءُ کي پنهنجي پٽ جي ”خطا“ لڪائڻ لاءِ هڪ ”نج نبار ڪُوڙ“ ڳالهائڻو ۽ اهو چوڻو پيو ته ”اسين آيا هئاسين پر توهين نه مليا.“
زندگيءَ ۽ تعليم سان مارڪس جو اصل جھيڙو بهرحال آئنده ٿيڻ وارو هو.