هي ڪتاب
هن ڪتاب جي ليکڪ ڪوشش ڪئي آهي ته پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ نوجوان مارڪس جي جستجوءَ، خيالن ۽ جذبن جي جَهانَ ۾، ان تخليقي تجربيگاهه ۾ وٺي هلي، جتي هن جي ڀڙڪندڙ خيالن روپ ورتو هو، ته جيئن پڙهندڙ جي همت افزائي ٿئي ۽ اهو پاڻ کي ان جَهان ۾ پوريءَ طرح محوِ (گم) ڪري ڇڏي، ان لاءِ جو اسان کي ڪا به شَي ايڏو توانو نه ٿي ڪري جيترو ڪنهن ڏاهي سان روحاني ميلاپ، پوءِ اهو ڇو نه ڪنهن سهاري وسيلي ئي هجي، جيترو سندس جستجوءَ جي دڳ تي وِک ۾ وِک وجھي هلڻ.
اها ڳالهه سڀ ڄاڻن ٿا ته مارڪسزم ڪو ڪٽر اصول ڪونهي، پر هڪُ عمل جو طريقو آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته مارڪسزم جو اڀياس ان جي اوسر ۾، چرپر ۾، عمل ۾ ڪرڻ گھرجي، نه ڪنهن اهڙي ”ٺهيل ٺوڪيل“ سچائين جي هڪ مجموعي جي حيثيت ۾، جنهن کي رڳو رَٽي ڇڏڻ ۽ طوطي جيان ورجائي ڇڏڻ جي گھرج هجي.
اسان مارڪسزم جي روح تائين ڪيئن پهچون ۽ سمجھون ته ان دنيا کي سمجھڻ ۾ اسان جي ڪهڙي سهڪار ڪئي ۽ ڪهڙي شَي آهي جيڪا ان کي اڳيَن (پهريَن) فلسفياڻن ۽ سماجي ۽ معاشي نظرين کان مٿاهون ڪري ٿي؟ ايئن ڪرڻ لاءِ اسان کي پاڻ خيالن ۾ ان دڳ تي وک وک ۾ ڏئي هلڻو پوندو جيڪو مارڪسزم جي بانين طَي ڪيو هو. ايئن ڪرڻ لاءِ اهو ڏاڍو اڻٽر آهي ته اسان پاڻ تخليقي فڪر جي انهن رياضتن کي ”ورجايون“ ۽ انهن کي محسوس ڪيون جيڪي نئين عالمي نُڪتي نظر جو ڪارڻ ٿيون هيون، ۽ سڀ کان وڌيڪ هيءَ ته اسان ماڻهوءَ جي تهذيب جي ان ميراث تي عبور حاصل ڪيون ۽ ان جي نئين سر اڏاوت ڪريون جنهن مارڪسزم لاءِ ماخذ جو ڪم ڏنو هو. ايئن ڪرڻ لاءِ اسان کي نظريي ۽ عمل ۾ مارڪسزم کي لاڳو ڪرڻ جي لياقت حاصل ڪرڻي پوندي.
ظاهر آهي ته اهو سڀ ڪجهه ڏاڍو ڏکيو آهي ۽ سگھ، جتن ۽ وقت جي گھڻي واهپي جو گھرجائو آهي، پر ”سائنس جو دڳ شاهي جلوس جو رستو نه آهي ۽ ان جي چلڪندڙ چوٽين تائين پهچڻ جو ڪو به امڪان رڳو انهن جي لاءِ آهي جيڪي ان جي اُڀَن پيچرن جي ٿڪائيندڙ چاڙهيءَ کان نه ٿا ڊڄن.“ (مارڪس)
سولِــڙا رستا عام طور مارڪسزم کي حد کان وڌيڪ سادو ۽ عام ڪري ڇڏڻ طرف وٺي وڃن ٿا. اهي هڪ طرف ته ڪٽر اصول پرست پيدا ڪن ٿا ۽ ٻئي طرف ”خوش فهمين جو ازالو“ ڪري ڇڏن ٿا. اها ئي ڳالهه لينن جي ذهن ۾ هئي جڏهن هن نوجوان ڪميونسٽ لِيگ جي ٽِين ڪانگريس ۾ پنهنجي مشهور تقرير ۾ درسي ڪتابن ۽ عام فهم ڪتابڙن جي ٺَهيل گَهڙيل نتيجن ۽ نعرن جي مدد سان مارڪسزم (ڪميونزم) جي ”حد کان وڌيڪ سادي گھڙيل“ اڀياس کان خبردار ڪيو هو.
پاڻ مارڪس ”هر ان شَي تي نئين سر ويچار ڪيو، ان تي تنقيد ڪئي ۽ مزور طبقي جي تحريڪ ۾ پرکيو جيڪا ماڻهوءَ جي ذهن تخليق ڪئي هئي ۽ ان مان اهي نتيجا ڳولي ڪڍيا جيڪي بورجوازِي (Bourgeoisie، وچولو طبقو، امير کان گھٽ ۽ غريب کان مٿي) حدبندين ۾ ڦاٿل يا بورجوازِي ساڙَن سان ڀريل ماڻهو ڪڍي نه سگھيا هئا.“
اسان جيڪڏهن ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته مارڪس ڪهڙيءَ واٽ وسيلي مارڪسزم تائين پهتو هو ۽ ماڻهوءَ جي ڏاهپ جو هڪ عظيم ڪارنامو ڪيئن ممڪن ٿيو هو، جيڪڏهن اسين ان ڳالهه کي ڄاڻڻ گُهرون ٿا، ته جيئن مارڪسزم کي ان جي سرجڻ جي عمل ۾، ان جي جوڙجڪ واري عمل ۾ سمجھون ته قدرتي طرح اسين مارڪس جي پهرين لکڻين طرف، هن جي زندگيءَ ۽ سرگرميءَ جي پهرين دَور ڏانهن سڀ کان اڳ ڌيان ڏيون ٿا.
اهو مارڪس ئي ڇو هو جنهن فلسفي ۾ هڪ اهڙو انقلاب آندو جنهن جي نتيجي ۾ انسانـذات کي نئين دِيد ملي وئي ۽ جنهن آڏو نيون باکون ڦٽي پيون؟ ايئن ڪرڻ لاءِ ڪهڙن شخصي، انساني گُڻن جي ضرورت هئي؟ ڳالهه پڌري پَٽ آهي ته اهي سوالَ انهن ماڻهن لاءِ ضمني کان وڌيڪ اهميت رکن ٿا جيڪي مارڪس جي فلسفي ۽ سندس زندگيءَ جي پيروي ڪرڻ گھرن ٿا.
اهو سچ آهي ته ماڻهو اهو ئي هوندو آهي جيڪو هو ڪندو آهي ۽ اها ڳالهه مارڪس بابت ته اڃا به وڌيڪ سچ آهي، ان ڪري جو هُو ذڪر لائق ذهني هڪَڪَرائيءَ جو مالڪ ۽ بامقصد ماڻهو هو.
جيئن جيئن مارڪس جي انقلابي فلسفي روپ ڌاريو ۽ نکريو تيئن تيئن مارڪس جي شخصيت جي اڏاوت ٿي. سندس لکڻين جي ڇنڊڇاڻ ئي هن جي روحاني تجربيگاهه جي گهراين جِي، هڪ عالم، انقلابيءَ ۽ شهريءَ جي حيثيت سان هن جي اخلاقي ڪردار کي نروار ڪرڻ جي ڪُنجي آهي. ان ڪري نظر هيٺ ڪتاب ۾ مارڪس جي شخصيت جي اوسر ۽ مارڪسزم جي اوسر کي هڪ اڪيلي عمل جي حيثيت ۾ ڏٺو ويو آهي.
هن ڪتاب جي ڌيان جو مرڪز سائنسي ڪميونزم جي بانيءَ جي حياتيءَ جو هڪ ننڍڙو مُدو، 1835ع کان 1844ع تائين وارو دَور آهي يعني جمنازيم مان تعليم وٺي واندو ٿيڻ کان پوءِ کان وٺي پهريُن لکڻين تائين وارو اهو مُدو، جنهن ۾ ماديت ۽ سائنسي ڪميونزم تائين عبور هڪ حقيقت بڻجي وڃي ٿو.
ماڻهوءَ جي حياتيءَ ۾ 10 سال ٿي سگھي ٿو ته ايڏا اهم نه سمجھيا وڃن، تڏهن به ان مُدي ۾ هڪ ننڍي بورجوا گھراڻي جي فرد ۽ جمنازيم جي اڳوڻي شاگرد روحاني اوسر جون اُوچايون اُڪريون ۽ پنهنجي دَور ۽ ان دَور جي ماڻهن (هم عصرن) کان گھڻو اڳتي نڪري ويو.
مون نوجوان مارڪس جي روحاني اوسر جي تفصيلي يا پوري تصوير پيش ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. هن ننڍڙي ڪتاب جي مقصد لاءِ انهن خاص خاص پاسن تي زور ڏيڻ ئي ڪافي آهي جن تي مارڪس جي شخصيت جي ۽ هن جي عالمي نُڪتي نظر جي اوسر ٿي. مقصد ايترو گھڻو اهو نه آهي ته مارڪس جي لکڻين جي مَتَن ۽ مواد جي تفسير ۽ تشريح ڪجي، جيترو هيءُ ته انهن ۾ پڙهندڙ کي دلچسپي پيدا ڪرائي وڃي ۽ سندس همت ٻَڌائي وڃي ته هُو پاڻ سوچي ۽ ڄاڻ پرائي.
نوجوان پڙهندڙ کي هن ڪتاب ۾ شايد اهڙا نالا، اصطلاح ۽ مسئلا نظر ايندا جن کان هُو اڻڄاڻ آهي ۽ شايد هر شَي ترت ئي سمجھ ۾ نه اچي. گھڻيون ئي ڳالهيون هن کي سوچڻ ۽ ويچار ڪرڻ تي مجبور ڪنديون ۽ ڪيترين ئي شين بابت سوال ۽ انهن جي وڌيڪ گهري اڀياس ڪرڻ جي سَڌ پيدا ٿيندي. اصل ماخذن جو، انهن ڪتابن جي حوالن جو، جيڪي سوچ لاءِ وڌيڪ کاڌو مهيا ڪري سگھن ٿا، مقصد هي آهي ته اهي انهن پَٽن (ميدانن) جِي پنهنجو پاڻ تحقيق لاءِ رهنما ٿين، جن سان هتي پيدا ٿيندڙ مسئلن جو واسطو آهي.
۽ جيڪڏهن هن ڪتاب جي اڀياس کان پوءِ پڙهندڙ مارڪس جي خيالن جي دنيا ۾ وڌيڪ اونهو وڃڻ گھري ٿو، جيڪڏهن مارڪس جي رَندن تي هلندي هُو به افلاطون ۽ ارسطو، ڪانٽ ۽ فيختٖي، هيگل ۽ فيوئر باخ جي فلسفي ڏانهن، سينٽ سائمن، فوريئٖي ۽ ريڪارڊو جي لکڻين ڏانهن، شيڪسپيئر ۽ بالزاڪ، گوئٽٖي ۽ هائنٖي جي تحريرن ڏانهن ڌيان ڏئي ٿو ته هُو ان ڳالهه کي سمجھڻ جي وڌيڪ ويجھو اچي رهيو هوندو ته مارڪسزم ڪيئن وجود ۾ آئي ۽ اها ڪهڙيءَ شَي تي ٻَڌل آهي.
اسان عظيم ادب جو به ذڪر ڇو ڪيو؟ حقيقت هيءَ آهي ته مارڪسزم جي اوسر ۾ رڳو فلسفياڻو ۽ سماجي ۽ معاشي ئي نه، پر فني جمالياتي مقدمن به هڪ اهم ونڊ ونڊيو آهي. نوجوان مارڪس جي لاءِ آزادي پسند فن جي دنيا سندس عقيدن جو پهريون اسڪول هو. فن ئي مارڪس کان حقيقت بابت هڪ تنقيدي رويو اختيار ڪرايو ۽ پنهنجو پاڻ تي پڏندڙ ۽ ڍاول بدتهذيبيءَ تي ملامت ڪرائي. مارڪس جي فني سمجھ جي اوسر هن جي سياسي سمجھ جي اوسر ۾ ملي جذب ٿي وئي. هن بدتهذيبيءَ تي جيڪا تنقيد ڪئي، اها ئي ان بدتهذيبيءَ کي جنم ڏيندڙ سماج جي بنياد جي تنقيد به بڻجي وئي. فن ۾ مارڪس جي جوشيلي دلچسپي، ڦوهه جوانيءَ ۾ ئي هن جي جمالياتي ذوق جي جوڙجڪ ۽ نثر ۽ نظم لکڻ وارا سندس پنهنجا تجربا ـــــــ انهن سڀني شين اڳتي هلي هن جي لکتن تي به ڏاڍو سٺو اثر وڌو، جن ۾ گھري سائنسي سوچ سان گڏ، وضاحت (تشريح، کولي بيان ڪرڻ) جي هڪ روشن فني هيئت جو ميلاپ آهي.