تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڏاهپ جو جنم

سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي پاران روشن خيال تعليمي ڪتابي سلسلي جو 14 نمبر ڪتاب ”ڏاهپ جو جنم“ پيش آهي. هي اهم ڪتاب ڪارل مارڪس جي شخصيت ۽ عالمي نقطي نظر جي اوسر بابت آهي. ڪتاب جو ليکڪ گينرخ وولڪوف آهي جڏهن ته سنڌي ترجمو ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ۽ رياضت ٻرڙي پاران ڪيو ويو آهي.
Title Cover of book ڏاهپ جو جنم

”حقيقت تي بنا رک رکاءُ تنقيد“

”ماڻهن کي سيکارڻ گهرجي ته اهي پاڻ کان ڊڄن ته جيئن کين حوصلو ملي.“
- ڪارل مارڪس
فلسفي جي ڊاڪٽر جِي ڊگري وٺڻ کان پوءِ، جنهن جو هن کي گهڻن ڏينهن کان انتظار هو، مارڪس 1841ع جي بهار ۾ پنهنجي اباڻي شهر ٽرائر ۽ اتان بون ويو، جتي برونوبائر کيس کوڙ ڏينهنِ کان دعوت ڏئي رهيو هو.
ٽرائر ۾ مارڪس جو پنهنجن مائٽن ۽ ماءُ سان تعلق ٽُـٽي پيو جيڪا پنهنجي پٽ کي هٿ-ڦاڙ ۽ نڪمو سمجهندي هئي ۽ کيس پيءُ جي ورثي مان حصو ڏيڻ کان نهڪر ڪري ڇڏي هئائين. مارڪس جي ماءُ ۽ ويسٽ فالين گهراڻي جي وچ ۾ به اڻبڻت پيدا ٿي پئي هئي. جيني کي ان جو ڏاڍو ڏک ٿيو. مارڪس کي اهو ٻڌي ڏاڍو رنج ٿيو ته هو پنهنجي مقدر کي جيني سان ڳنڍي نه ٿو سگهي ان ڪري جو هن وٽ گهراڻي جي ڪفالت ڪرڻ جا وسيلا نه آهن.
ان جذباتي ڊرامي باوجود، جيڪو مارڪس جي شاديءَ تائين جاري رهيو، هُو طاقت، توانائيءَ ۽ جوش سان ڀريل هو. هو ان خواهش کان بيتاب هو ته پنهنجي لياقت ۽ علم لاءِ هڪ موزون مصرف ڳولي لهي ۽ هن سياسي زندگيءَ ۾ هڪ سرگرم حصو ادا ڪرڻ گهريو پئي.
مارڪس 23-هن سالن جو هو ۽ فلسفي جي ڊاڪٽر جي باعزت ڊگري ظاهري طرح ان هشاش بشاش نوجان جي ”عزتـداري“ ۾ ڪو به واڌارو نه پئي ڪري سگهي جيڪو ڪا نه ڪا مذاق ڪرڻ ۽ قسمت جي لاٿ چاڙهه تي کِلڻ لاءِ هر وقت تيار هوندو هو.
اڳ جيان مارڪس هاڻي به بنا ڪنهن ڳڻتيءَ ۾ ڦاٿل سنگتين جو روح روان ۽ هڪ اهڙي ماڻهوءَ جيان هو جنهن آڏو ڪو به ماڻهو پنهنجيءَ دل جو بار هلڪو ڪري سگهيو پئي ۽ دل کولي کلي سگهيو پئي. ها پر اهو خطرو به هوندو هو ته هن تي اهڙي مٺي ٽوڪ جي ”بي رحم ڇڻڪار“ بي ٿي وڃي جيڪا هميشہ خوش طبع يا تڪليف ڏيندڙ نه هوندي هئي. اخلاقي طرح ڪِري پوڻ، ٻَڌو ٻانهو ٿي حڪم مڃڻ ۽ روئڻ پِٽڻ جي ٿورڙي اظهار تي به مارڪس جو مزاح بي مروت ۽ بي رحم ٿي ويندو هو. ۽ ان معاملي ۾ ”بهترين دوست“ جو لقب به ڪنهن ڪم جو نه رهندو هو.
مارڪس آزاديءَ سان سرگرمي ڪري سگهڻ جون ڪيتريون ئي رٿائون رٿيون. 1841ع جي بهار ۾ برونو بائر سان ملي هن هڪ ريڊيڪل رسالو ڪڍڻ جو ارادو ڪيو، جنهن جونالو هو ”آرخيو ڊيز اٺائيسمس“ (”دهريت جو خزانو“). لبرل بورجوازي جي هڪ اڳواڻ آرنلڊ روگي، جيڪو ان وقت کاٻيءَ ڌر جو رسالو ”ڊوئچي ياربيوخير“ شايع ڪندو هو، ان سلسلي ۾ سيپٽمبر 1841ع ۾ لکيو: ”مان اڄ ڪلهه ڏاڍي ڏکيائي ۾ آهيان ڇو ته بائر ۽ ڪارل مارڪس ۽ ڪرستيانسن ۽ فيوئرباخ مونتاناردازم جو اعلان ڪرڻ وارا آهن يا ڪري چڪا آهن ۽ هنن دهريت ۽ روح جي فنا جو جهندو اوچو جهليو آهي. خدا، مذهب ۽ دائمي حياتيءَ کي معزول ڪيو ويندو ۽ عوام جي خدا هجڻ جو اعلان ڪيو ويندو. دهريت جوهڪ رسالو شايع ٿيڻو آهي ۽ هڪ جهيڙو اٿي پوندو، جڏهن پوليس ان کي بند ڪرڻ پهچندي پر ظاهر آهي ته ڪو فرق نه پوندو.“
پر اها رٿابندي پوري ٿي نه سگهي. بون ۾ پروفيسري ملڻ جي اميد جيڪا مارڪس کي هئي، اها به ختم ٿي وئي، ان ڪري جو رجعت پرست تنقيد جي دٻاءَ هيٺ برونو بائر کي سندس استادي جي عهدي تائن لاٿو ويو ۽ اها ڳالهه صفا صاف ٿي پئي ته مارڪس لاءِ اتي ڪا به جاءِ هٿ ڪرڻ جي اميد اڃا به گهٽجي وئي آهي.
ايئن ٿو لڳي ته انهن سڀني ڳالهين سبب مارڪس غير ضروري پريشان نه ٿيو. استاد جي سنجيده زندگي هن لاءِ ڪشش رکندڙ نه هئي. مارڪس کي لڊويگ فيوئرباخ جي مثال مان به ڪو وڌيڪ حوصلو نه مليو جيڪو پنهنجي زال سان گڏ ڳوٺ جي هڪ ڪنڊ وسائي ويٺو هو ۽ جنهن پنهنجو پاڻ کي باقي دنيا سان ناتا ٽوڙي، بروڪ برگ حويليءَ جي ٿلهين ڀتين ۾ بند ڪري ڇڏيو هو، ته جيئن هو سُڪون سان قدرت تي غور ڪري سگهي ۽ خوش ڪندڙ فلسفه طرازي ۾ مشغول ٿي سگهي. جيتوڻيڪ مارڪس جلد ئي ڪجهه ڏينهن لاءِ فيوئرباخ جِي ”انساني علم تي ٻڌل“ ماديت پسنديءَ جو جوشيلو حامي ٿي پيو.
مارڪس کي اهڙي سرگرميءَ جي تمنا هئي جيڪا عمل ۾ فلسفي ۽ حقيقت جي ايڪي کي وڌائي. نظري اڀياسن ۽ ”خود زندگيءَ سان وابستگيءَ“ جي ان ميلاپ جي ڪاوش ”جي عڪاسي سندس جمنازيم واري مضمون ۾ به ملي ٿي جيڪو هڪ ڌنڌي جي چونڊ بابت آهي ۽ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم جي سالن ۾ اها اڃا به وڌيڪ مضبوط ٿي هئي.
ان کي مارڪس جي سياسي روين ۽ ان وڌندڙ ۽ وڌيڪ گهري ٿيندڙ يقين کان مدد ملي ته هاڻوڪي سماجي حقيقت غير معقول ۽ ڪِريل آهي ۽ انقلابي تبديلي لازمي آهي.
عام طور اهو خيال ڪيو ويندو آهي ته مارڪس پنهنجن يونيورسٽيءَ وارن سالن ۾ سياست کان ڌار هو ۽ هن پاڻ کي ”نج“ نظريي ۾ غرق ڪري ڇڏيو هو ۽ اهو ته يونيورسٽيءَ مان تعليم پرائي واندو ٿيڻ کان پوءِ هو اوچتو اهم سياسي سوالن ڏانهن لڙي پيو. صاف ظاهر آهي ته ايئن نه هو. اسان ڏٺو آهي ته هن 1837ع کان پوءِ وارا نظم بدتهذيب دنيا کان سندس فيصلو ڪيل ناتا ٽوڙڻ جي عڪاسي ڪن ٿا. وري ان زماني ۾ هو غير معمولي ڌيان سان ايڊورڊ گانس جي ليڪچرن ۾ شريڪ ٿيندو هو جيڪو کلي عام سينٽ سائمن جي خيالن جي پرچار ڪندو هو ۽ پورهيي جي نجات جو مطالبو ڪندو هو. مارڪس جلد ئي گانس سان ميل ملاقات پيدا ڪري ورتي. 1837ع ۾ مارڪس اڊولف روٽن برگ جو ذڪر به پنهنجي ويجهي دوست جي حيثيت سان ڪيو آهي جنهن کي هڪ ڀيري ”نوجوانن جي ڪارپوريشن“ جو ميمبر هئڻ ناتي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ ”بدنيت مضمونن“ جو ليکڪ هئڻ ڪري پوليس کيس نظر ۾ رکندي هئي.
برونو بائر سان مارڪس جو ويجهو لاڳاپو به ان حقيقت جو نتيجو هو ته بائر هڪ ”عمل جو فلسفو“ ترتيب ڏيڻ ۾ رُڌل هو جيڪو تاريخ جي روَش تي اثرانداز ٿي سگهي. بائر ۽ فيوئرباخ مذهب تي جيڪا تنقيد ڪري رهيا هئا ان کي به مارڪس انهن ڏينهن ۾ سياسي تنقيد جي اڪيلي ممڪن صورت سمجهندو هو.
اڃا به وڌيڪ اهو ته بائر جيتري نظري تنقيد تي مطمئن ٿي ويندو هو، مارڪس کي پنهنجي شاگرديءَ جي آخري سالن ۾ به اها اڻپوري لڳندي هئي. شايد انهيءَ اختلاف راءِ وسيلي مارڪس جي نالي بائر جي خط مورخه 31 مارچ 1841ع ۾ ان دلچسپ لکڻيءَ جي وضاحت ٿئي ٿي! ”تنهنجو پنهنجو پاڻ کي هڪ عملي زندگيءَ جي لاءِ وقف ڪري ڇڏڻ پاڳل پڻو ٿيندو. هينئر نظريو ئي سڀ کان توانو عمل آهي ۽ اسين اها اڳ ڪٿي نه ٿا ڪري سگهون ته ڪهڙي وسيع مفهوم ۾ اهو عملي ٿي ويندو“.
ان دوران جرمنيءَ ۾ تاريخي واقعا اهڙيءَ طرح ترقي ڪري رهيا هئا جو نظريي ۽زندگي، ٻنهي ۾ ئي سياسي مسئلا سڀ کان وڌيڪ نمايان ٿيندا پئي ويا.
1840ع جي گرمين ۾ پروشيا جي تخت تي هڪ نئون بادشاهه، فريڊرخ ولهلم چوٿون تخت تي ويٺو جنهن کان هر ماڻهوءَ لبرل سڌارن ۽ هڪ آئين جي توقع ڪري رهيو هو. هو عمدن لفظن ۽ نمايان عادتن جو عاشق هو ۽ هن آزاديءَ جي کوکلين اميدن جي همت افزائي ڪئي. پر حقيقت ۾ نئين بادشاهه ”رجعت پرست رومانويت“ جي پاليسيءَ تي عمل ڪيو ۽ پاڻ بادشاهت ۽ عيسائي ڪليسا جي اقتدار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ جنبي ويو.
مارڪس، جيئن پوءِ هن پاڻ لکيو، نئين بادشاهه جي ”قدر ۽ قيمت ۽ هن جي ڪردار“ کي هڪدم سمجهي ورتو: ”بدتهذيبن جي هن بادشاهه“ پنهنجي تاج پوشيءَ جي موقعي تي ”اعلان ڪيو ته هن جي دل ۽ هن جي ذهن جي فطرت مستقبل جو بنيادي قانون هوندو.“ هن پروشيا جو ذڪر دلِي خوشيءَ سان پنهنجي ”دنيا“ جي حيثيت ۾ ۽ جرمن ماڻهن جو ذڪر اهڙن ٻارن جيان ڪيو جيڪي اڃا ساماڻا ناهن ۽ جن کي موچڙي ۽ مانيءَ جي مدد سان تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي.
موچڙو سڀ کان اڳ همت وارن نوجوان هيگلين لاءِ مخصوص ڪيو ويو جيڪي مذهب خلاف جدوجهد ڪرڻ جي همت ڪندا هئا. ممتاز نوجوان هيگلين کي يونيورسٽيءَ مان ڪڍيو ويو. هيگليت جي نظري ترديد مهيا ڪرڻ لاءِ پوڙهي، لڳ ڀڳ عقل وڃايل خيال پرست فلسفي شيلنگ کي برلن اچڻ جي دعوت ڏني وئي.
خوش فهميون جيتري تيزيءَ سان پيدا ٿيون هيون ايتري ئي تيزيءَ سان گم ٿي ويون. نوجوان هيگلي اڃا تائين ته پروشيائي رياست جي مخالفت ضابطي ۽ نرميءَ سان ڪري رهيا هئا پر جڏهن کين حڪومت جي کاٻي ڌر ڏانهن لڙڻ جي ڪا به اميد نه رهي تڏهن پاڻ ئي تيزيءَ سان کاٻيءَ ڌر ڏانهن وڃڻ لڳا.
ملڪ ۾ لبرل جمهوري تحريڪ وڌيڪ مضبوط ٿي وئي ۽ عوام جي سياسي سمجهه سجاڳ ٿيڻ شروع ٿي. جرمنيءَ ۾ جيئن جيئن صنعت جي اوسر ٿي ۽ قومي بورجوازي وڌيڪ مضبوط ٿي تيئن تيئن بادشاهت جون قبائلي، جاگيردارڻيون تمنائون ڏينهون ڏينهن فرسوده ٿينديون ويون.
انهن ڏينهن ۾ مارڪس سرگرميءَ جي هڪ اهڙي قسم لاءِ تياري ڪري رهيو هيو جيڪا هن لاءِ صفا نئين هئي. 1841ع جي آخر ۾ هن لکيو ته ”هڪ صفا ڌار نموني جي سياسي ۽ فلسفياڻن مشغولن هاڻي مون کي“ يوناني فلسفي جي اڀياس جي ميدان ۾ پنهنجن اڳواڻن منصوبن جي تڪميل بابت ”سوچڻ جو به موقعو نه ٿا ڏيڻ.“
اهي مشغلا ڪهڙا هئا؟ سڀ کان اڳ هي، ته مارڪس مذهب سان حساب ڪتاب برابر ڪرڻ لاءِ بيتاب هو ۽ عيسائي فن تي پنهنجو مقالو لکي رهيو هو. پر هن جو سياسي تمنائون گهڻو وڌيڪ قطعي طرح هڪ لکڻيءَ ۾ ظاهر ٿيون جيڪا رياست جي هيگلي تصور تي تنقيد متعلق هئي، جنهن کي مارڪس انهن ڏينهن ۾ لکڻ شروع ڪيو هو.
هيگل جو ۽ اهڙيءَ طرح نوجوان هيگلن جو آدرش هو، هڪ آئيني بادشاهي، پر مارڪس ان ”ٻِٽي پيداوار“ خلاف جهنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو جيڪا هن جي لفظن ۾ ”شروع کان پڄاڻيءَ تائين پنهنجي ترديد ڪري ٿي ۽ پاڻ کي پوُرو ڪري ڇڏي ٿي“.
اهي لفظ مارچ 1842ع جي شروع ۾ لکيا ويا هئا ۽ ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا ته مارڪس بنيادي سياسي تبديليءَ جي خواهش رکندڙ هو. هن وٽ حل اهو نه هو ته هاڻوڪي بادشاهي نظام کي ڪجهه لبرل بڻايو وڃي پر اهو هو ته ان کي ختم ڪيو وڃي. مارڪس مدبرن بابت ڌڪار منجھان لکي ٿو ۽ کين ”ضرورت کان وڌيڪ يقين رکندڙ ڇودا“، ”دينوي بُت“ چوي ٿو جن جي حڪومت جي پاليسي عوام کي جانورن جي سطع تائين پست ڪري ڇڏڻ“ جي اصول تي ٻڌل آهي.
مارڪس پروشيائي بادشاهيءَ خلاف پنهنجي پهرين کلي ويڙهه پريس جي آزاديءَ بابت مضمونن ۾ بحث هيٺ آڻڻ جو فيصلو ڪيو (”پروشيائي سينسرشپ جي جديد ترين هدايتن تي تبصرو“ ۽ ”پريس جي آزاديءَ تي بحثَ“). مارڪس ان سوال ڏانهن ان ڪري ڌيان ڏنو جو پريس جي آزادي عام طرح سياسي آزاديءَ جو هڪ اهڃاڻ هوندي آهي ۽ پريس جي آزاديءَ جي کوٽ ”ٻين سڀني آزادين کي خيالي بڻائي ڇڏيندي آهي“.
1841ع جي پوياڙيءَ ۾ سينسرشپ بابت هڪ نئين هدايت جاري ڪئي وئي هئي. ان دستاويز ۾ بادشاهه جي پاليسين جي سموري ڏيکاءَ واري لبرل مڪاري مجسم ٿي وئي هئي جنهن جي دعوى ته ترقي پسند هئڻ جي هئي پر جيڪي حقيقت ۾ رجعت پرست هيون.
اهڙي وقت، جڏهن ان هدايت جي پڌري ٿيڻ جي ڪري بورجوا لبرل ڌڙي ۾ اهم خوشي ملهائي پئي وئي، مارڪس ان جي عمدن لفظن جو نقاب پٽي لاٿو ۽ ”الاهي اقتدار“ جيڪي آزاديون عطا ڪيون هيون ان جي رحم لائق مفلسيءَ کي بي رحميءَ سان اگهاڙو ڪيو.
مارڪس بورجوا حقيقت تي تنقيد جي اصولن جي جوڙجڪ هيٺين طريقي موجب ڪئي: ”مان ذڪر ڪري رهيو آهيان انهن سڀني شين جي بنا رک رکاءَ تنقيد جو جيڪي موجود آهن، بنا رک رکاءُ انهن معنائن ۾ به ته هيءَ تنقيد انهن نتيجن کان ڊنل نه هئي جنهن تي اها پهچي ۽ انهن معنائن ۾ به ته اقتدار جي واڳ ڌڻين سان ٽڪرائجڻ کان به ايتري قدر ئي بي خوف هجي.“•
مارڪس جا هي لفظ رڳو سياسي ئي نه، پر اخلاقي اعتبار کان به سندس ڪردار کي ظاهر ڪن ٿا. ان جي ڪري ئي اسين انهن معيارن جي باري ۾ هڪ تاثر قائم ڪري سگهون ٿا جيڪو نوجوان مارڪس تحقياتي ڪم تي، علمي مطالعي تي لاڳو ڪندو هو.
مارڪس سچائيءَ جي پيڙهائتي ۽ پڪي انڪشاف لاءِ شين جي منطق جي همت ڀري ۽ اڏول ڳولا لاءِ، ”خيال جي ان عام آزادي پسنديءَ لاءِ رڌل هو جنهن تي هر شَي جو ردعمل پوئين ذڪر ڪيل جي بنيادي فطرت مطابق هوندو آهي.“ سچائيءَ جي ڳولائو جو ڌيان ڪن ٻاهرين مصلحتن جي ڪري ٻئي پاسي ٿِي نه وڃڻ گهرجي. ”ڇا سچائيءَ جي ڳولائو جو اهو پهريون فرض نه آهي، ته هو کاٻي ساڄي ڏٺي بنا پنهنجو نصب العين سنئون سڌو سچائيءَ کي مقرر ڪري؟ جيڪڏهن مان معاملي جي جوهر کي مقرر ڪيل شڪل ۾ بيان ڪرڻ نه ڀلجڻ تي مجبور آهيان ته ڇا مان ان جوهر کي ڀلجي نه ويندس؟“
سائنسي تحقيق ۾ اهم شَي رڳو نتيجو ئي نه، پر ان تائين وٺي ويندڙ رستو به هوندو آهي ۽ هتي عالم جي اندروني ذهني لاڙي جو ڌيان رکيو ويو آهي: جيڪو انجام ناجائز ذريعن جو گهرجائو هجي اهو جائز انجام ناهي. سائنس ۾ ڀاڙيائپ ۽ بي دلي سائنس سان غداري آهي.
پريس جي آزاديءَ بابت ڪيل بحثن متعلق هڪ مضمون ۾ مارڪس ان خيال جو ورجاءُ اڃا به وڌيڪ قطعي شڪل ۾ ڪري ٿو.
عام طرح تصنيف جيان علم به ڪو ”ڌنڌو“ ناهي. ان کي ڌنڌي جي سطح تائين ڪڏهن به نه ڪرڻ گهرجي. ”اديب کي ظاهر آهي ڪمائڻ گهرجي ته جيئن هو زنده رهي سگهي ۽ لکي سگهي، پر هن کي ڪڏهن به ان لاءِ جيئرو نه رهڻ گهرجي ته جيئن هو ڪمائي سگهي. جڏهن بيرانزٖي هي ڳائي ٿو ته:
مان ته جيئرو آهيان گيت ڳائڻ لاءِ،
۽ جيڪڏهن توهان ڪڍي ڇڏيو،
ته مان ڳائيندس جيئڻ لاءِ.
ته ان ڌمڪيءَ ۾ هي ٽوڪ ڀريو اعتراف شامل آهي ته جڏهن شاعر لاءِ شاعري وسيلو بڻجي پوندي آهي تڏهن هو پنهنجي اصل دائري کي ڇڏي ڏيندو آهي.
اديب پنهنجي ڪم کي وسيلو ڪڏهن به نه ٿو سمجهي. هو پنهنجي جاءِ تي پاڻ انجام هوندو آهي. اهو پاڻَ پنهنجي لاءِ ۽ ٻين لاءِ ايترو ننڍڙو وسيلو هوندو آهي جو ڪڏهن ضرورت پوي ته هو ان جي وجود تي پنهنجي وجود کي قربان ڪري ڇڏيندو آهي.“
انهن لفظن ۾ مارڪس پاڻ پنهنجو تخليقي عقيدو بيان ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي سڄي حياتيءَ وسيلي هن ان عمر جي توثيق ڪري ڇڏي ته هن ”جيئري رهڻ لاءِ گيت ڪڏهن به نه لکيا“ پر سائنسي سچائيءَ جي ڳولا ۾ پنهنجي نجي زندگي قربان ڪري ڇڏي.
مارڪس نئين بادشاهه جي هدايتن جي ڏيکاءَ واري آزادي پسنديءَ جي ٽوڪ مذاق ڪرڻ تي بس نه ڪئي آهي، هن ان نظام جي سماجي جوهر کي بي نقاب ڪيو جيڪو ”هڪ خاص ذهنيت خلاف“ قانونن کي جاري رکندو آهي. هو اهو ڏيکاري ٿو ته هي قانون هڪ عوام دشمن حڪمرانيءَ ۾ ئي، رڳو هڪ اهڙي سماج ۾ ”جنهن ۾ هڪ رڪن پاڻ کي رياستي عقل ۽ رياستي اخلاق جو اڪيلو، بنا ٻئي جي شريڪيءَ جي مالڪ سمجهندو آهي، هڪ اهڙي حڪومت ۾“ ممڪن آهي ”جيڪو اصولي طور پاڻ کي عوام جي مقابلي ۾ رکندو آهي....“
رڳو ”هڪ سياسي جٿي جو برو ضمير“ انتقام جا قانون، ”هڪ خاص ذهنيت“ جي خلاف قانون ايجاد ڪندو آهي. ”هڪ خاص اصول خلاف قانونن جو بنياد هڪ بي اصول ذهنيت تي، رياست جي غير اخلاقي، مادي تصور تي هوندو آهي.“
مارڪس ان انقلابي خيال تائين پهچي ٿو ته اهو ”جـٿو“ عوام دشمن قانون جاري ڪري پاڻ کي قانون کان ٻاهر رکندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح هن جا ڪم جن جو مقصد رياست کي وڌيڪ مضبوط ٺاهڻ هوندو آهي، اصل ۾ هڪ رياست دشمن نوعيت جا هوندا آهن.
اڃا سوڌو مارڪس رياست تي تقيند هڪ تجريدي فلسفياڻي مؤقف موجب ڪري رهيو آهي. هن ان جي طبقاتي تاريخي جوهر کي سمجهڻ ويجهو پهچڻ شروع ئي ڪيو آهي. ان سمجهه ڏانهن رڳو هڪ قدم آهي سندس رياست جي معروضي نوعيت تي ڌيان ڏيڻ، جنهن جو هڪ شخصيت تي دارومدار نه هجي.
رياست جي عهديدارن جي ڪيل ڪمن جو اصل سبب، جيئن مارڪس ڏيکاري ٿو، ڪنهن شخص جي پنهنجي خاصيتن ۾، هن جي ذهنيت ۾ لڪل نه هوندو آهي. اهو ته ”ابتي دنيا“ جو هڪ اظهار هوندو آهي.
جيڪڏهن ڪا حڪومت عوام دشمن آهي ته پوءِ ان جا سمورا ڪم، ”سٺا“ ڪم به، پنهنجو ضد بڻجي پوندا آهن. ”قانون“ جي توثيق ڪرڻ جي ڪوشش ۾ اها غيرقانونيت تي لهي اچڻ، قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ تي مجبور هوندي آهي. اها پنهنجي مرضيءَ کي قانون جو درجو ڏيئي ڇڏيندي آهي. پريس کي تنقيد ڪرڻ جي آزاديءَ کان محروم ڪري هوءَ تنقيد جو فرض حڪومتي عهديدارن کي ڏئي ڇڏيندي آهي.
”ماڻهن“ جي بچاءَ ڪرڻ ۾ اها ماڻهن کي حقير بڻائي ڇڏيندي آهي، کين خود پنهنجي راءِ رکڻ جي حق کان به محروم ڪري ڇڏيندي آهي. قومي احساس کي وڌائڻ جي ڪوشش ۾ ان قسم جي حڪومت پنهنجو پاڻ ”اهڙي خيال تي بيهجي ويندي آهي جيڪو قوم کي ذليل ڪندو آهي.“
حڪومت جي هدايت ”عهديدارن جي اميريءَ تي لامحدود ڀروسو“ رکڻ جي تقاضا ڪندي آهي ۽ ”غير عهديدارن جي اميريءَ تي لامحدود بي اعتباريءَ کي مُهڙيون نُڪتو بڻائيندي آهي.“
پروشيائي عهديدار ”متولي“ (رکوالي ڪندڙ) جي ڪردار ۾ قدم کڻندو آهي، هن کي ”ذهن کي قابو ڪرڻ“ جو ڪم سونپيو ويو آهي ۽ ان ڳالهه ۾ ذرو به شڪ پيدا نه ٿو ٿئي ته اهو هر قسم جي سائنسي سنَـدُن جا فيصلا ڏيڻ لاءِ سائنسي سَند به رکي ٿو يا نه.
مارڪس ان آفيسرشاهي اصول جي اندرين ٽوڪ کي بي نقاب ڪري ٿو. ذهين ماڻهن بابت لياقت سان راءِ قائم ڪرڻ لاءِ عهديدار کي سڀني حلقن ۾ انهن کان برتر هئڻ گهرجي. شايد پروشيا ۾ ”آفاقي ڏاهن جو هڪ وڏو ميڙ“ واقعي رهي ٿو ”جنهن جي ڄاڻ رڳو حڪومت کي آهي“. پر جيڪڏهن ايئن آهي ته اهي ”سڀ ڄاڻ رکندڙ دماغ“ اديبن ۽ سائنسدانن جي هيثيت ۾ آڏو ڇو نه ٿا اچن؟ اهي عهديدار، جيڪي ڳڻپ جي حساب سان اڻڳڻ ۽ پنهنجي سائنسي علم ۽ عقل جي لحاظ کان زبردست آهن، سماجي تخت تي ڇو نه ٿا چڙهي اچن ۽ بدبخت اديبن کي پنهنجي وزن سان دٻائي ڇو نه ٿا ڇڏن؟
اڃا وري انهن اعلى عهديدارن جي عالي دماغي ڪيتري زبردست هئڻ گهرجي جيڪي خيال جي ميدان ۾ عام امن برقرار رکندڙن جي چونڊ ڪندا آهن ۽ انهن تي پاڻ نظر رکندا آهن! ”ان ذهانت جي آفيسرشاهي ۽ اسين جيترو مٿي ٿا وڃون اوترو ئي وڌيڪ ذڪر لائق دماغن سان اسان جو واسطو پوي ٿو.“
اصل ۾ هڪ آفيسرشاهاڻي پوليس رياست ۾ سڄي سينسرشپ جي مٿان هڪ مٿاهين سينسرشپ هوندي آهي ۽ هر عهديدار جي مرضي هلائڻ تي سندس مٿين عهديدار جي مرضيءَ جي حدبندي هوندي آهي. پر اهو اڻٽر آهي ته ان قسم جي بندوبست ۾ ”پوءِ کڻي ٽئين مرحلي تي يا نوانويهين ڏاڪي تي غيرقانونيت شروع ٿي وڃي.“ آفيسرشاهاڻي رياست ان ڏاڪي کي ايترو اوچو رکندي آهي جو ان تائين نظر ئي نه پهچندي آهي.
اها ڇنڊڇاڻ مارڪس کي ان قدرتي نتيجي تائين پهچائي ٿي ته ”سينسرشپ جو ريڊيڪل علاج اهو ٿيندو ته ان کي ختم ڪيو وڃي ڇو ته اهو ادارو پاڻ ئي ردي آهي....“
مارڪس هتي بورجوا رياست جي سڄي ”آفيسرشاهاڻي“ مشين کي تباهه ڪرڻ جي ضرورت جي تبليغ نه ٿو ڪري، پر ان جي گهڻو ويجهو پهچي ٿو.
مارڪس پنهنجي پڪيءَ عمر ۾ به سينسرشپ جي هدايت متعلق مضمون کي چڱو اهم سمجهندو هو جيئن هن حقيقت وسيلي ڏسي سگهجي ٿو ته ان کي پاڻ پنهنجين لکڻين جي ان مجموعي جو پهريون مضمون ڪري رکيائين جيڪو 1851ع ۾ شايع ٿيو (حڪومت جي دٻاءَ ڪري، پهرين عام ڇاپي کان پوءِ اهو ڇاپو بند ڪيو ويو).
ان مضمون ۾ ڌماڪو پيدا ڪندڙ اهڙي قوت هئي جو ظاهر آهي ته جرمنيءَ ۾ ان جي ڇپجڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿي ٿيو. جيئن مارڪس اڳڪٿي ڪئي هئي سينسرشپ بنا ڪنهن دير جي ان مضمون کي بندش پيل سڏي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته مضمون ۾ ان کي جيئن بيان ڪيو ويو آهي اهو بلڪل صحيح آهي. اهو مضمون پهريون ڀيرو 1843ع ۾ سئٽـزرلئنڊ ۾ شايع ٿيو.
بهرحال 1842ع جي بهار ۾ مارڪس ”رائنيشي زاءِ تونگ“ ۾ پريس جي آزاديءَ تي رائن جي صوبائي اسيمبليءَ ۾ ٿيندڙ بحثن تي اهو مضمون شايع ڪيو، جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. ان مضمون ۾ هن ان موضوع کي هڪ ٻِي ڪُنڊ کان ڏٺو.
مارڪس جو نئون رويو ان حقيقت ۾ لڪل هو ته هن پريس جي آزاديءَ بابت اسيمبليءَ جي مختلف ميمبرن جي راين ۽ انهن جي اميراڻي ۽ طبقاتي حيثيت منجھ هڪ سنئين سڌي واسطي ڏانهن اشارو ڪيو. اهو هڪ اهم قدم هو. پريس جي آزاديءَ تي بحث هلندي ”اميراڻا“ مفاد ايترو ته اڻ ٺهندڙ نموني ٽڪرائبا آهن جو اها ڳالهه بلڪل چٽي ٿي پوندي آهي ته ”عام طرح“ آزادي ڪا شَي ناهي، هر اميرائپ پاڻ ”پنهنجي“ آزاديءَ جو بچاءُ ڪندي آهي.
مارڪس اهو ڏيکاري ٿو ته بورجوازي ۽ هاري طبقي جي اميرائپ به پريس جي آزاديءَ لاءِ پنهنجن مطالبن جو محدود هجڻ ثابت ڪري ڇڏيو آهي. پريس جي بورجوا آزادي ان وقت جنهن شڪل ۾ فرانس ۾ موجود هئي، ان کي به مارڪس چڱو نه سمجهندو هو. جيتوڻيڪ فرانسي پريس ”ڪنهن روحاني سينسرشپ جي تابع نه آهي... تڏهن به اها هڪ مادي سينسرشپ جي هيٺان آهي، وڏين رقمن جي ضمانت جي شڪل ۾“ ان کي ”وڏي پيماني جي واپاري نفعي خوريءَ جي دائري ۾ ڇڪي ورتو ويو آهي.“
هتي هڪ نئين خيال جو جنم صاف نظر اچي ٿو ۽ اهو هيءُ ته ”روحاني سينسرشپ“ ”مادي سينسرشپ“ جي، بورجوا سماج جي واپاري ۽ مالي ناتن جي حڪم هيٺ هوندي آهي. مارڪس جي پوءِ وارين سڀني لکڻين ۾ اسان کي ان خيال جي ارتقا نظر ايندي.
مارڪس جي پهرين عوامي لکڻي اهو ڏيکاري ٿي ته بورجوا آزاديون، جيڪي لبرل جرمن دانشورن جو آدرش هيون، انهن وٽ ڪنهن به طرح آدرش نه هيون. هن ابتدا کان ئي پنهنجي سرگرميءَ جي شروعات هڪ انقلابي جمهوريت پسند جي حيثيت سان ڪئي ۽ جرمن حقيقت جي تنقيد ان کان گهڻو وڌيڪ گهرائيءَ ۽ مضبوطيءَ سان ڪئي جيتري انتهائي ريڊيڪل بورجوا لبرلن جي وس ۾ هئي.
پريس جي آزاديءَ جي باري ۾ بحث متعلق پنهنجي مضمون کي مارڪس هيروڊوٽس جو هڪ اقتباس نقل ڪري ختم ڪري ٿو، جنهن جو مفهوم هي آهي ته هڪ ڀيرو آزاديءَ جو مزو چکڻ کان پوءِ ماڻهوءَ کي ان جي لاءِ ”رڳو نيزن سان نه پر ڪهاڙين سان به وڙهڻ گهرجي“.
”رائنيشي زاءِ تونگ“ ۾ مارڪس جي پهرين ئي مضمون ڇپجڻ سان مانڌاڻ مچي وئي. جن دوستن کي مارڪس کان سندس غيرمعمولي قابليت جي قطعي ثبوت جي اميد هئي اهي مطمئن ٿيا. آرنلڊ روگي لکيو ته پريس جي آزاديءَ جي باري ۽ ان جي بچاءَ ۾ ايتري ٺوس ۽ دليلن ڀري شَي اڳ ڪڏهن به نه لکي وئي.
رائنيشي زاءِ تونگ“ جي اداري ۾ مارڪس جو اثر اڳ به ڏاڍو گهڻو هو پر هاڻي ته ايترو وڌيڪ ٿي ويو جو هو عملي طرح ان جي اڳواڻن مان هڪ ٿي پيو ۽ ٿورن ئي ڏينهن کان پوءِ هو ان جو خصوصي ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو.
آڪٽوبر 1842ع ۾ ان اخبار رائن جي صوبائي اسيمبليءَ جي بحثن متعلق مضمونن جو هڪ نئون سلسلو ڇپيو، هن ڀيري ڪاٺ جي چوريءَ جي قانون تي.
اهي مضمون مارڪس جي ذهني اوسر واري حياتي ۾ خاص طور ڌيان لائق آهن. پهريون ڀيرو هو تجريد جي آسمانن تان لهي ”ٺوس زمين“ تي اچڻ لاءِ يعني اهڙين مادي دلچسپي ۾ مصروف ٿيڻ تي مجبور ٿيو جن جي گنجائش هيگل جي فلسفياڻي نظام ۾ نه رکي وئي هئي.
ان کان پوءِ مارڪس جي سوچ کي هڪ اهڙي رخ ۾ تحريڪ ملي جيڪا جلد ئي کيس سماج جي طبقاتي ۽ معاشي ڍانچي جي ڇنڊڇاڻ ڏانهن وٺي وئي. ڪاٺ جي چوريءَ جي باري ۾ بحث بابت مضمون کي پڙهندي اسين ”وڄ جي وراڪن“ جي تصور ڪري سگهون ٿا جيڪي نون خيالن جي ”نسرڻ“ جا نقيب (کاٽائُو) هوندا آهن.
جيڪا شَي معاشي زندگيءَ جو هڪ نجي ۽ غير اهم عنصر معلوم ٿيندي آهي يعني ڪاٺ جي چوري ۽ شڪار، اڃا به ٻيلن جي نگهباني جي قانونن جي ڀڃڪڙي، ان متعلق حالتن جو انهن جي اڀياس سان غريب عوام جي غريبيءَ جو ۽ انهن وٽ ڪن به حقن نه هئڻ جو انڪشاف چڱيءَ طرح ٿي ويو.
مارڪس ڏٺو ته وڏن زميندارن جي مفادن جي ڪري بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي ڪهڙي نه بي شرميءَ سان ڪئي پئي وڃي، ڪيئن ماڻهن کي ”ڪاٺ جي بُتن“ تي بنا ڪنهن جهل پل جي قربان ڪيو پيو وڃي رڳو ان شرط سان ته اهي بت نجي ملڪيت هجن.
هن وٽ اها ڳالهه صفا چِٽي ٿي وئي ته ”نجي ملڪيت“ انسان دشمن آهي، جو اها ماڻهوءَ جي دُشمن آهي ۽ ماڻهو خلاف هر ڏوهه کي جائز سمجهي ٿي، انسان کي جانورن جي سطح تائين هيٺ ڪيرائي ڇڏي ٿي.
۽ قدرت جي حيواني جُڳ ۾ ته ماکيءَ جون پورهيت مکيون وڏيري مکين کي ماري ڇڏن ٿيون پر انساني ”حيواني جڳ“ ۾ ان جي ابتڙ ”وڏيون مکيون پورهيت مکين کي ماري ڇڏن ٿيون ۽ اهو به پورهيو ڪرائي پوءِ“.
جائداد جي ناتن جي ناانصافيءَ تي ڏاڍو غضبناڪ ٿي مارڪس ”غريب، سياسي ۽ سماجي لحاظ کان بي جائداد گهڻائيءَ“ جي مفادن جو سخت بچاءُ ڪري ٿو.
هو ٻيلن جي انهن ”عملي“ مالڪن کي بي نقاب ڪري ٿو جيڪي سيکاريل ۽ شاگردن جهڙن فرمانبردار نوڪرن جي مدد سان هر بيهودي دعوى کي ”حق جو نج سون“ ٺاهي وٺندا آهن ۽ اسيمبلي، ٻيلن جي مالڪن جي تابعدار رهندي هر قسم جي بد ديانتي جي چالان جو سهارو وٺندي آهي ته جيئن پورهيت عوام جي حقن کي اڃا به گهٽ ڪري ڇڏي.
اسيمبلي ڪِريل ڪاٺين کي گڏ ڪرڻ، ٻيلن جي قاعدن ۽ ضابطن تي دست درازي ڪرڻ ۽ ڪاٺ جي چوري ڪرڻ جي فرق کي ان وقت نظرانداز ڪري ڇڏي ٿي جڏهن ٻيلن جي قاعدن ۽ ضابطن تي دست درازي ڪرڻ وارن جي مفادن جو سوال هوندو آهي. پر جڏهن ٻيلن جي مالڪن جي مفادن جو سوال هوندو آهي ته اسيمبلي ان فرق کي تسليم ڪندي آهي.
نجي مفاد عملِي، خود فرض ۽ بزدليءَ وارو هوندو آهي. اهو بزدلي وارو هوندو آهي ان ڪري جو ان جو بنياد لاقانونيت تي ٻڌل هوندو آهي ۽ جيڪو ڪجهه وٽس آهي ان کي وڃائي ويهڻ جي ڀَوَ کان اهو ٿڙڪندو آهي. نجي مفاد قانون ساز جي رول ۾ عمل ڪندي رڳو بدڪارن جي ڀَوَ کان واقف هوندو آهي جن جي خلاف اهو قانون جاري ڪندو آهي. ”بزدلي جيڪي قانون ٺهرائيندي آهي تن جي امتيازي خصوصيت هوندي آهي بي رحمي، ان ڪري جو بزدلي رڳو بي رحم بڻجي پئي سگھاري ٿي سگهندي آهي.“
ٻيلن جي مالڪن اوزار جي حيثيت سان رائن جي صوبائي اسيمبليءَ جي افسوس جوڳي رول کي بي نقاب ڪندي مارڪس سماج ۾ رياست جي رول کي به مختلف نظرن سان ڏسڻ تي مجبور ٿيو. انسان جي قبائلي جوهر جي اظهار طور هيگل رياست کي جيئن عزت لائق بڻايو هو ان بابت مارڪس جي بچيل سچيل خوش فهمي به ختم ٿي وئي.
مارڪس چئي ڇڏيو ته ”خودغرضيءَ جي منطق کان وڌيڪ ڀوائتي ڪا به شَي ناهي“. اهو ئي منطق رياست جي اقتدار کي ٻيلن جي مالڪن جو هڪ نوڪر بڻائي ڇڏي ٿو. رياست جا سمورا عضوا ڪَنَ، اکيون، ٻانهون ۽ ڄنگهون بڻجي پون ٿا جن وسيلي ٻيلن جي مالڪ جو مفاد ٻڌندو آهي، ڏسندو آهي، اندازو ڪندو آهي، نگهباني ڪندو آهي، اڳتي وڌي پڪڙيندو آهي ۽ ڀڄي ويندو آهي.“
خودغرضيءَ جا ”باطل دليل“ اهڙا آهن جو اهي شَي ۾ هڪ ”ذڪر لائق خاصيت“ پيدا ڪري ڇڏيندا آهن. ٻيلن جي مالڪ جو جيڪو ڪاٺ چورايو ويندو آهي اهو ان کي هڪدم ئي رياست جو وجود بڻائي ڇڏيندو آهي اِن ڪري جو هو چور تي هڪ رياستي حق حاصل ڪري وٺندو آهي. اهڙيءَ طرح ٿيندو ايئن آهي جو ”ٻيلن جي مالڪ خود رياست کي هڙپ ڪرڻ لاءِ ڪاٺ جي چور جو استعمال ڪيو“. ڪاٺ جي هڪ ٽوٽي کي استعمال ۾ آڻڻ جي حق کان محروم ٿيڻ جي ڪري ٻيلن جو مالڪ هڪ ماڻهوءَ کي استعمال ۾ آڻڻ جو حق حاصل ڪري وٺندو آهي، جيئن شيڪسپيئر جي ڊرامي ۾ شائِيلاڪ کي هڪ پاؤنڊ انساني گوشت لاءِ هڪ ديگڙي ملي پوندي آهي.
جيئن اسين ڏسون پيا ته مارڪس دنيا جي مٿي ڀر بيهڻ جي خيال ڏانهن موٽي رهيو آهي. انهيءَ خيال کي پوءِ هو پورهيي جي اوپرائپ ۽ جنس جي واپار کي واجب الحترام ٺاهي ڇڏڻ وارن ٽولن جي صورت ۾ نکارڻ وارو هو. نوجوان مارڪس ڪاٺ جي چوريءَ بابت پنهنجي مضمون کي ان بيان تي ختم ڪري ٿو ته ڪاٺ ”رائن لئنڊ وارن جي احترام لائق شَي“ آهي. ”ناڻي“ ۾ هن ڏيکاريو ته واپاري جنس جو ”ڪاٺ جو دماغ“ سرمائيداراڻن ناتن جي سڄي دنيا تي حڪمراني ڪري ٿو.
مارڪس مڃيو ته ڪاٺ جي چوريءَ بابت سندس مضمون جي ڪري کيس ڪا خوشي حاصل نه ٿي ۽ هن اسيمبلي جي ميمبرن جي ٿڪائيندڙ ۽ ڪِريل بحث کي بيزاريءَ منجهان پڙهيو. ته به ان ڪم سندس دلچسپين کي هڪ نئين راهه سان لائي ڇڏيو. هن عوام جي حيثيت کي، جيڪي مفلسيءَ ماريا ۽ حقن کان وانجها هئا، آمهون سامهون ڏٺو جنهن بابت اخبار جي نمائندن لکيو هو. هن ”محتاجي جي بي رحماڻي آواز“ کي ڪتابن مان نه، ٽئين واسطي سان نه، پر خود موزيل جي هارين کان سنئون سڌو ٻڌو. ۽ هن اهو پنهنجو ”سياسي فرض“ سمجهيو ته اخبار جي صفحن تي ”ڏک جي عام سمجهه ۾ ايندڙ ٻوليءَ“ ۾ ڳالهائي، ”جنهن کي وطن جون زندگيءَ جون حالتون وسارڻ جو ڪو به موقعو نه ٿيون ڏين“ ۽ ”انتهائي زميداريءَ سان عوام جي آواز کي اهڙيءَ طرح پهچائن جيئن هن اهو ٻڌو هو“.
بورجوار مارڪس-شناس (جڪي مارڪسزم خلاف ڪو ٻيو ”دليل“ نه ڳولي سگهيا) مارڪس جي ”خشڪ عقليت پسنديءَ“ بابت، ان حقيقت جي باري ۾ وڏي شوق سان لکن ٿا ته مارڪس وٽ انهن ماڻهن جي راءِ موجب ماڻهو رڳو هڪ تجريدي تصور هو، هڪ قسم جو ”معاشي ماڻهو“ ۽ اهو عوام جي اصل مصيبتن کان ڏاڍو گهٽ متاثر ٿيندو هو.
ان قسم جون دعوائون اهي ئي ماڻهو ڪري سگهن ٿا جيڪي مارڪس بابت رڳو ٻُڌ سُڌ واري ڄاڻ رکن ٿا. مارڪس جو مضمون ”موزيل جي نمائندي جو جواز“ (1842ع جي پڄاڻي ڌاري) ”1844ع جون معاشي ۽ فلسفياڻيون لکتون“ يا ”ناڻي“ جو پهريون جلد ئي پڙهڻ سان، مظلوم ۽ مجبور ماڻهن جي بچاءَ ۾ هن جي ”عقل پسند دليلن“ جي قوت کي ئي نه، پر سندس پنهنجن جذبن جي شدت کي، ان ڏک ۽ ڪاوڙ کي محسوس ڪرڻ لاءِ کوڙ آهي جيڪو ماڻهوءَ کي ذليل ڪرڻ جي ۽ انساني حقن ۽ وقار جي خلاف ورزي ڪرڻ جي هر قطعي معاملي تي پيدا ٿيندو هو.
مارڪس نجي ملڪيت جي رشتن جي مشيني ڌڙڪي وسيلي، جيئن هن پاڻ لکيو آهي، ”انساني دل جو ڌڙڪو“ ٻُڌو. مارڪس جي لکڻين ۾ اسين ايتري ئي چٽي نموني سندس دل جو ڌڙڪو محسوس ڪريون ٿا جيڪو اک کان رت روئندو هو ۽ ڪاوڙ ۽ نفرت کان ڦٿڪي پوندو هو.
چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته جيڪڏهن مارڪس جي دماغ انساني تهذيب جي سڄي روحاني دولت کي ڪٺو ڪري ورتو هو ته هن جي دل انسانـذات جي سڀني مصيبتن تي رت روئندي هئي. هائنرخ مارڪس جا انديشا بي بنياد هئا. هن جي پُٽ جو دماغ ۽ دل هڪ ٻئي سان پوريءَ طرح هم آواز هو.
اهم ذڪر اجايو نه ٿيندو ته ”موزيل جي نمائندي جو جواز“ ۾ جتي مارڪس ”ڏک جي عام سمجهه ۾ ايندڙ ٻوليءَ ۾“ ڳالهه ڪري ٿو اتي هو شايد بيرسٽر جي حيثيت سان پنهنجي پيءَ جي ڪم ۽ انصاف جي بچاءَ وارين وِکن جو حوالو ڏئي رهيو آهي. جڏهن هو پنهنجي اباڻي ٽرائر ۾ عهديدارن جي آفيسراڻي من گهري ورتاءَ جا مثال نقل ڪري ٿو (انهن مثالن بابت وڌيڪ تفصيلَ ”هڪ ڌنڌي جي ڳولا“ واري باب ۾ ڏنل آهن).
مارڪسزم کي جيڪڏهن خود سندس ماخذ ۾ ئي خود زندگي جي توانائي بخشيندڙ ست مان غذا نه ملي هجي ها ته اهو ترقي ڪري دنيا جو هڪ سائنسي نظريو ڪڏهن به نه بڻجي سگهي ها. پر ”خود زندگيءَ“ جي حقيقتن جي سادي تجربي عموميت ڪافي نه هئي. مارڪس جي ڀاڳ ڀري خاصيت اها هئي ته هو نظري خيال جي مٿاهين اوچائين تان ”تجربي حقيقت تي روشني وجهڻ جي ۽ ان جي بلڪل ابتـڙ ٺوس حقيقت جي ٺوس ڇنڊڇاڻ کي عموميت جي اوچاين تائين پهچڻ جي، انهيءَ مطابق نظريي جي هڪ ڳولا جو بنياد بڻائڻ جي لياقت رکندو هو.
دنيا جي خراب تنظيم کان ۽ مختلف ماڻهن جي مصيبتن کان هن جيڪي تاثر ورتا، انهن وسيلي ئي سندس همت افزائي ٿي، ته هو ان خراب تنظيم جي وضاحت ڳولي لهي، ان جي تضادن جو انڪشاف ڪري، ”انهن خارجي رشتن جو اثر ڏسي جتي پهرين نظر ۾ رڳو ماڻهو عمل ڪندي ڏيکارجن ٿا.“
هڪ جمهوري پريس جي باري ۾، جيڪا ”عوام جي زندگيءَ جي حالتن“ متعلق اهڙو رويو اختيار ڪري جنهن جو ”بنياد عقل تي، پر.... اوتري قدر احساس تي به هجي“ ۽ جيڪا هاڻوڪن رشتن جو مشاهدو ڪرڻ ۾ ”تنقيد جي چالاڪ ٻوليءَ ۾ نه، پر خود حالتن جي جوشيلي ٻوليءَ ۾ ڳالهه ڪري“. مارڪس جا اهي لفظ خود مارڪس سان به لاڳو ٿين ٿا.
آفيسراڻي مرضيءَ ۽ بادشاهت جي ڏيکاءَ جي لبرل انداز خلاف مارڪس جي اخباري مضمونن کان پوءِ کيس خود شين جي متعلق ئي بادشاهن ۽ آفيسرشاهي جي سماجي مقام ۽ رول جي نظري وضاحت پيش ڪرڻ جي ترغيب ڏني. ان ڪري سندس همت افزائي ٿي ته هو هيگلي نظريي سان گڏ بادشاهن سان هيگل جي وفاداريءَ ۽ ان جي آئيني فرمانروائيءَ جي آدرش سان گڏ پنهنجو حساب ڪتاب نبيري.
”هيگل جي قانوني فلسفي جي تنقيد ۾ واڌارو“ جو ضخيم مسودو 1843ع جي گرمين ۾ پورو ٿيو، پر ان تي ڪم ڪرڻ مارڪس 1841ع جي پوئين اڌ ۾ ئي يعني يونيورسٽيءَ مان ڊگري وٺڻ کان پوءِ ئي شروع ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ ۾ اسان کي آئيني بادشاهن جي ”دوغلي پيداوار“ تي اها ئي تنقيد ملي ٿي جيڪا مارڪس مارچ 1842ع ۾ روگي ڏانهن لکي هئي. مارڪس ظاهري طرح ”رائنشي زاءِ تونگ“ ۾ مضمون لکڻ سان گڏوگڏ هيگل جي قانوني فلسفي متعلق پنهنجي مقالي تي به ڪم ڪندو رهيو هو.
ان مقالي ۾ جن خيالن ۽ فڪرن جو اظهار ڪيو ويو آهي، انهن مان ڪيترائي ان زماني جي سندس صحافياڻين لکڻين جي خيالن سان لڳ ڀڳ لفظ به لفظ هڪجهڙائي رکن ٿا.
اخبار جي صفحن تي مارڪس اقتدار تي ويٺل پروشيائي رياستي مشين جي قطعي ۽ ڌار ڌار پاسن کي تباهه ڪندڙ تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ هيگل جي قانوني فلسفي متعلق پنهنجي مسودي ۾ هن بادشاهي ۽ آفيسرشاهي واري رياست جي اصل اصول تي تنقيد ڪئي. هو پروشيائي فرمانروائي جي ڌار ڌار چنبن تي وار نه ٿو ڪري پر ان جي مرڪز تي، نجي ملڪيت جي اداري تي ڌڪ هڻي ٿو جنهن کي عهديدارن جي قبيلي جي حمايت ۽ تقدير حاصل آهي.
هيگل جي قانوني فلسفي بابت ان تصنيف کي پڙهڻ اُن پڙهندڙ لاءِ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي جيڪو هيگلي فلسفي جي ٻوليءَ جو ڄاڻُو نه هجي. پر ان ۾ انتهائي ڳوڙهن ۽ دلچسپ خيالن جو هڪ خزانو موجود آهي جنهن جي اهميت اڄ تائين برقرار آهي.
اچو، ته مارڪس جي تنقيد جي رڳو اهم نُڪتن تي غور ڪيون.
ان جي مرڪز ۾ بادشاهت ۽ بادشاهه تي تنقيد آهي. هيگل جو بادشاهه رياست جو وجود آهي. هيگل ان کي صحيح معنائن ۾ هڪ ”انساني خدا“ جي حيثيت ۾، رياست جي خيال جو سچو وجود بڻائي پيش ڪري ٿو جيڪو، هيگل جي چواڻي، ان ڪري وجود رکي ٿو جو رياست جي سڀني شهرين جي مفاد جي نمائندگي ڪري، ”عام مفاد“ کي حاصل ڪري.
هتي هيگل ڏاڍي خراب طريقي سان پاڻ پنهنجي رياست جي ترديد ڪري ڇڏي ٿو. جيڪڏهن هڪ ماڻهو سڄي رياست جو وجود ٿي پوي ٿو، ته ڇا ان جو هي مطلب نه ٿو ٿئي ته ٻيا سمورا شهري شخصي ذميداريءَ کان محروم ٿي وڃن ٿا؟ جڏهن اقتدار جي خود مختاري هڪ ماڻهوءَ ۾ مڙيل/مرڪوز ٿيل آهي ته ٻيا سمورا ماڻهو خودمختاري کان محروم آهن. جڏهن هڪ ماڻهوءَ کي ”انساني خدا“ جي درجي تائين بلند ڪيو وڃي ٿو، ته ان جو مطلب اهو هوندو آهي ته سڄو سماج هڪ غير انساني، انسان ٿيڻ کان اڳ جي حيواني حالت ۾ آهي، بلڪل ايئن جيئن مذهب ۾ خدا جي خودمختاري ماڻهوءَ کي ”خدا جو غلام“ بڻائي ڇڏيندي آهي.
”بادشاهه جي خودمختاري يا عوام جي خود مختياري ـــــــ هي آهي سوال“.
هيگل جي تصور جي ڀونڊائپ پاڻ کي ان حقيقت ۾ ظاهر ڪري ٿي، ته هو خيال پرستيءَ وارن اصولن تي سختيءَ سان ڄمي رهڻ جي خواهش ۾ انتهائي پست ”ماديت پسنديءَ“ تائين پهچي وڃي ٿو.
بادشاهه رياست جي خيال (تصور) جو حصول پنهنجي ذات ۾ ڪري ٿو. پر هُو ئي ڇو ان خيال جو چونڊيل خوش نصيب آهي؟ وراثت جي بنياد تي، جسم جي بنياد تي. جنس جِي هر هر پيدائش جي سرگرمي جسم جِي سڀ کان سٺي ڪرت آهي. ”ان ڪري بادشاهه جو بلند ترين آئيني ڪم سندس جنسي سرگرمي آهي، ڇو ته ان وسيلي هو هڪ بادشاهه بڻائي ٿو ۽ پنهنجي جسم جو سلسلو جاري رکي ٿو. سندس پٽ جو جسم هن جي پنهنجي جسم جي وري پيداوار، هڪ شاهي جسم جي تحقيق آهي.“•
اهڙيءَ طرح پنهنجي بلند ترين منصبي ڪمن ۾ رياست هڪ ”حيوان جي حقيقت“ حاصل ڪري وٺندي آهي. ۽ ايئن هيگل قدرت جي لاءِ جنهن حقارت جو مظاهرو ڪيو هو، ان جو هوءَ بدلو وٺي ڇڏيندي آهي.
مخالف حڪمراني، جيئن مارڪس ڏيکاريو آهي، هڪ آفيسرشاهي ڏاڪيوار ترتيب تي قائم هوندي آهي. رياست جو سربراهه آفيسرشاهي جي اهرام جي رڳو چوٽي هوندو آهي. هيگل ان لقاءَ جي نوعيت جو انڪشاف نه ڪيو ۽ هو پنهنجن سياسي روين جي ڪري ايئن ڪري به نه پئي سگهيو. مارڪس ان ڪوتاهيءَ کي پورو ڪري ٿو ۽ آمراڻي رياست جي اونهن خانن ۾ لهي وڃي ٿو.
آفيسرشاهي رياستي شعور، رياستي مرضي، رياستي اقتدار هوندي آهي. ظاهري طرح اها ”عام مفاد“ جي نمائندي ۽ متوليءَ جي حيثيت ۾ عمل ڪندي آهي. جڏهن ته اهو عام هجڻ خيالي آهي جنهن جي آڙ ۾ هڪ مقرر رعايت مليل ٽولي جو مفاد، يا جيئن هيگل جي پيروي ڪندي مارڪس چوي ٿو، ”جماعتي روح“ لڪل هوندو آهي.
آفيسرَ رياست جا پادري، ان جا يسوعي، ان جا فقيهه هوندا آهن. انهن جي هر شَي ٻٽي معنى رکندڙ هوندي آهي: حقيقي ۽ ڳجھي جيڪا نامحرمن جي اکين کان لڪل هوندي آهي. ان ڪري ”آفيسرشاهيءَ جو عام روح آهي راز.“
ان معمي جي پابندي آفيسرشاهيءَ کي خارجي دنيا کان هڪ اڪيلائي پسند ۽ ”جماعتي روح“ ۾ يقيني بڻائي وئي آهي پر خود پنهنجي ماحول ۾ ان جي پابندي هن جي ڏاڪيوار تنظيم جي ڪري يقيني آهي. ”جماعتي“ راز جي ڀڃڪڙي، ”اعلان ڪيل سياسي روح“ آفيسرشاهيءَ کي غداري معلوم ٿيندي آهي. ”هن جي ڏاڪيوار ترتيب علم جي ڏاڪيوار ترتيب هوندي آهي.“ ننڍن تفصيلن جي سمجهه هيٺين سطحن کي سونپي ڇڏيندي آهي ۽ هيٺيون سطحون چوٽي کي عام جي سمجهه رکندڙ سڏينديون آهن ۽ ايئن سڀ رلي ملي ڌوڪو کاڌل هونديون آهن.“
پر آفيسرشاهيءَ جو ”علم“ سائنسي علم تي قائم نه هوندو آهي. آفيسرشاهي حقيقي سائنس کي ته کوکلو سمجهندي آهي. آفيسرشاهي جي ”علم“ جو بنياد اقتدار تي اعتماد، انڌي اطاعت ۽ پڪيءَ طرح ويٺل، رسمي قدمن، ٺهيل ٺڪيل اصولن، نظرين ۽ روايتن تي هوندو آهي.
”ان ڪري اقتدار سندس علم جو بنياد هوندو آهي ۽ اقتدار کي الاهي ٺاهي ڇڏڻ هن جي خيال جو انداز هوندو آهي.“
ايئن فرمانروائي واري رياست، مقرر آفيسراڻي قوتن جي هڪ نظام جي صورت ۾ موجود هوندي آهي جيڪا هڪ ٻئي سان تابعداري ۽ انڌي اطاعت وسيلي ڳنڍيل هوندي آهي.
رياست جي اها ڇنڊڇاڻ، جيڪا مارڪس ڪئي آهي، ماڻهوءَ کي اڻٽر نموني اهڙي نتيجي ڏانهن وٺي هلي ٿي ته ملڪ جي سياسي زندگيءَ کي ”انساني بڻائڻ لاءِ رڳو بادشاهه جو تختو اونڌو ڪري ڇڏڻ سڀ ڪجھ ناهي، ان جي لاءِ سڄي آفيسرشاهيءَ واري اهرام کي تباهه ڪرڻ ضروري آهي، جيڪو نجي ملڪيت، سماجي ۽ معاشي اڻبرابري جي اداري تي قائم آهي. اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته هن رياست تي جيڪا تنقيد ڪئي آهي اها رڳو بادشاهت جي فرمانروائي جو ئي نه، پر بورجوا جمهوريت جو به گهيرو ڪري ٿي.
مارڪس بورجوا پوليس رياست کي هڪ اهڙي شَي جيان بيان ڪري ٿو جيڪا عوام جي بنيادي سرگرميءَ جي مخالف آهي، جيڪا ”مدني سماج“ کان يڪسر بي تعلق آهي ۽ ان جي مٿان بيٺي آهي، جڏهن ته رياستي نظام جو ابتدائي اصول خود عوام کي، انسان کي هئڻ گهرجي.
انهيءَ زماني ۾ جڏهن مارڪس ”هيگل جي قانوني فلسفي جي تنقيد ۾ واڌارو“ لکي رهيو هو، هن آرنلڊ روگي جي نالي هڪ خط ۾ ”جمهوريت جي انساني دنيا ڏانهن عبور“ جو اعلان ڪيو. هو صاف ڏسي رهيو آهي ته ”صنعت ۽ واپار جو، ملڪيت ۽ عوام جي استحصال جو نظام“ سماج اندر هڪ گهري فِتق (هڪ بيماري) جو ڪارڻ ٿئي ٿو، جنهن کي ”پراڻو نظام ڀرڻ لائق نه هوندو آهي.“
مارڪس هاڻوڪي نظام جي ڪِچري کي ته ڏسي ورتو جنهن کي تباهه ڪرڻ جي ضرورت هئي ۽ ان جي لاءِ ”ابتدا ڪٿان کان ڪرڻي آهي“ جي سوال جو وجود نه ئي هو، پر اڃا سوڌو هو ان سوال جو صاف جواب نه ڏئي سگھيو هو ته ”وَڃڻو ڪٿي آهي؟“ نيم-جاگيرداري جرمنيءَ ۾ ان جو جواب ڳولي لهڻ ڏکيو هو.
هڪ سچي جنگي نعري لاءِ هن جي ڳولا انسانذات جي سڄي سماجي تاريخ جي سائنسي، ماديت پسنديءَ واري نظريي جي جوڙجڪ ۽ ترتيب وسيلي ئي سوڀارِي ٿي سگھي پئي.