ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ڊاڪٽر محبت علي ولد شوڪت علي ”شوق“ ٻرڙو 25 مارچ 1952ع تي قنبر شهر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم قنبر مان، انٽر سائنس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ ايم بِي بِي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري ۾ ڪئي، جنهن کان پوءِ هن ڪئپٽن ڊاڪٽر جي حيثيت سان ڪمپلسري ملٽري سروس ڪئي، پر پنهنجي آزاداڻي طبيعت سبب ڊاڪٽر محبتُ ڪئپٽن ڊاڪٽر جي عهدي تان مستعفي ٿي موٽي آيو، جنهن کان پوءِ ڪجهه وقت ڪراچيءَ ۾ پرائيويٽ نوڪري ڪئي، پر ستت ئي نوڪريءَ جي پابندين کان پاڻ کي آجو ڪري، 84-1983ع ڌاري اباڻي شهر قنبر هليو آيو، جتي هن جنرل ميڊيڪل ڊاڪٽر طور ”لطيف ڪلينڪ“ هلائي. شاهه لطيف سان کيس بيحد عقيدت هئي.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ايل ايم سي ۾ پڙهڻ دوران مختصر ڪهاڻيون، طنز مزاح جا ليک ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا، جيڪي ”شاگرد“ پبليڪيشن، ”انجيڪشن“ پبليڪيشن ۽ ايل ايم سي جي ”لياقت“ ۽ ٻين مخزنن ۾ ڇپيا. هُو ”سنڌي“ پبليڪيشن ڄامشوري (’سنڌي ڊائجسٽ‘) جِي اٺين ۽ نائين ڪڙيءَ جي مُرتبن ۾ شامل (اسسٽنٽ ايڊيٽر) ۽ ڇپرائيندڙ رهيو. 1977ع ۾ هُو ”سنڌي شاگرد پبليڪيشن“ جو ايڊيٽر ۽ ”انجيڪشن پبليڪيشن“ ڄامشوري جو ٻانهن ٻيلي ۽ ڪاتب رهيو، جن ۾ هن قلمي نالن سان ايڊيٽوريل ۽ مضمون لکيا. هُو ”رهبر ڊائجسٽ“ حيدرآباد سان سهڪار ڪندڙ رهيو.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي 76-1974ع دوران ”گلن جھڙا ٻارڙا سنگت قنبر“ جي سرپرستي ڪئي. هو هر هفتي ٻارڙا سنگت جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻَ ۽ ٻارن کي تربيت ڏيڻَ لاءِ ڊاڪٽر محبت ڄامشوري کان قنبر ايندو هو. سندس ان عمل سان قنبر ۾ ترقي پسنديءَ جي پهرئين سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي دَور جي شروعات ٿي. ان ئي تسلسل هيٺ 1977ع ۾ هُو سماجي ڀلائيءَ جي تنظيم ”قنبر ويلفيئر ايسوسيئيشن“ جو باني ميمبر به رهيو.
قنبر ۾ اچڻ کان پوءِ ڊاڪٽر محبت ”سٽيزن (ويلفيئر) ڪاميٽي قنبر“ جو باني ميمبر ۽ سيڪريٽري 94-1993ع دوران رهيو. هُو 1989ع ۾ ”موهن جو دڙو سائنس ڪلب قنبر“ کان 1997ع ۾ وفات تائين، ”کيرٿر سائنس اڪيڊمي قنبر“ سان لاڳاپيل ۽ ان جي فڪري اڳواڻي ڪندڙ رهيو، جنهن پاران هن ڪجھ ليڪچر بنيادي سائنسي موضوعن تي ڏنا ۽ ”اڪيڊمي“ پاران 1992ع ۾ ٽن مهينن تائين روزانو ”انگلش ٽيچنگ پروگرام“ ۾ رضاڪار ٽيوٽر رهيو. ان کان سواءِ اڪيڊميءَ جي سائنسي پبليڪيشن سلسليوار ”سائنسي سوچ“ جو فڪري اڳواڻ رهيو. ڊاڪٽر محبت 1994ع ۾ ”سنڌ فورم فار اِنٽيگريٽيڊ ڊولپمينٽ حيدرآباد“ سان لاڳاپيل رهيو ۽ ان فورم جي گڏجاڻين ۾ هن سرگرميءَ سان حصو ورتو. هُن ”هيومن رائيٽس ڪانفرنس“ لاڙڪاڻي ۾ خصوصي طور هڪ مضمون انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ ”انساني حق ـــــ هڪ مختصر تاريخي خاڪو“ پڙهيو.
1976ع ۾، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي سياسي سرگرمين جي ابتدا ايل ايم سي ۾ ”سنڌي شاگرد تحريڪ“ (س ش ت) جو يونٽ کولڻ ۽ ان جو ميمبر ٿيڻ سان ٿي، جنهن جو هُو 1978ع تائين باني سيڪريٽري رهيو. اتي هُن سياسي تعليم جو ڪم سرگرميءَ سان ڪيو، جن ۾ خاص طور سماجي، سائنسي، علمي، جدلياتي ۽ فڪري موضوعن تي ڏنل سندس ليڪچر ڌيان لهڻن ٿا. 79-1978ع دوران ڊاڪٽر محبت سنڌي شاگرد تحريڪ، سنڌ جو پهريون ۽ چونڊيل مرڪزي صدر رهيو. ان عرصي ۾ هن پنهنجي علمي سياسي ڪم کي وڌيڪ پکيڙيو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ سوَن جي تعداد ۾ ليڪچر ڏنا، جن مان ڪيترائي ليڪچر ڪلاڪن جا ڪلاڪ هليا. اهو مارشل لا جو قهري دَور هو، جنهن ۾ سياسي سرگرمين تي وڏي سختي هئي ۽ لينن، مارڪس ۽ اينجلس جي ڪتابن تي وٺ پڪڙ هئي، جيڪي ڊاڪٽر محبت جي قنبر واري گهر توڙي ڄامشوري ۾ هاسٽل تي گهڻي تعداد ۾ موجود هئا. هيءُ دَور سندس لکڻ بدران مطالعي سميت عملي ڪم جو هو، جنهن ۾ مٿس سياسي ڪيسَ به داخل ڪيا ويا. ڄامشوري ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽر محبت عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ پوءِ ان جي ٺهيل ”مرڪزي تعليمي ڪاميٽيءَ“ جو بنيادي ميمبر به رهيو، جنهن ۾ هن 50 کان وڌيڪ موضوعن تي، 500 کان وڌيڪ ليڪچرَ سنڌ جي مختلف يونٽن ۾ ڏنا، جن تنظيم اندر سياسي سجاڳيءَ ۾ وڏو ڪم ڪيو.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي 1988ع ۾ سياسي-تنقيدي ادب جو شاندار ڪتاب ”...جيڪو سچ چوي“ قلمي نالي ’لطيف ۽ سڄڻ‘ سان لِکيو. ”...جيڪو سچ چوي“ جو آخري باب ”هٿ وڌايو ـــــ سنڌ بچايو“ نالي سان الڳ ڪتابي روپ ۾ 1988ع ۾ ڇپيو. ساڳئي عرصي ۾ هن جا ٻيا ڪيئي ننڍا وڏا ڪتاب ڇپيا.
1990ع کان ڊاڪٽر محبت سياسي صورتحال تي مضمونَ لکڻ ۽ ترجما ڪرڻ، مختلف علمي مقالا ۽ مضمونَ لکڻ ۽ ترجمو ڪرڻ، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا جوڙڻ، سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ سائنسي اصطلاح سازي ڪرڻ، سنڌي ٻوليءَ، ان جي لفظن ۽ گرامر تي تحقيق ڪرڻ، علمي ليڪچر ڏيڻ ۽ سماجي ۽ ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. سندس اهو ڪم تمام گھڻو، گھڻ طرفو ۽ ڳُوڙهو آهي. سياسي سرگرمين کان پوءِ ڊاڪٽر محبت جي اها هڪ اهم ۽ پائدار پيش رفت هئي، جنهن کيس سنڌ جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي دنيا ۾ هڪ نئون ۽ اهم تعارف ڏنو. هن تمام گھڻا اهم علمي ڪتاب ۽ مقالا ۽ مضمونَ ان دَور ۾ لکيا، جيڪي سندس وفات کان پوءِ هر سال سندس ورسيءَ جي موقعي تي ڇپجندا رهيا آهن.
سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ سان ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ويجھڙائي رهي. سنگت قنبر جي گڏجاڻين ۽ پروگرامن ۾ وقتاً فوقتاً شريڪ ٿيندو ۽ پنهنجون مفيد صلاحون ڏيندو رهيو. هو سنگت قنبر جو 1995ع ۾ ميمبر ٿيو.
هن عالم، اڻ مُلهه ۽ محبتي شخص ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي وفات دل جي دَوري سبب، 9 اپريل 1997ع تي، قنبر ۾ ٿي، جنهن ساڻس واسطيدار هر ماڻهوءَ کي بيحد ڏکوئي وڌو.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي وفات کان پوءِ سندس ويجھن دوستن ۽ شاگردن، سندس ياد ۾، ”کيرٿر سائنس اڪيڊمي قنبر“ جو نالو تبديل ڪري ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي“ رکيو، جنهن جي منشور ۾ هڪ نُڪتو ڊاڪٽر محبت جي ڪيل ڪمن کي وڌائڻ ۽ ويجھائڻ به شامل آهي. ”اڪيڊمي“ هر سال ڊاڪٽر محبت جي ورسي منعقد ٿي. اڪيڊميءَ پاران 2002ع کان وٺي، ورسيءَ جي موقعي تي، علمي، ادبي ۽ سماجي شعبن ۾ ڪم ڪندڙ نمايان شخصيتن کي ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ“ پڻ ڏنا وڃن ٿا.