تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڏاهپ جو جنم

سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي پاران روشن خيال تعليمي ڪتابي سلسلي جو 14 نمبر ڪتاب ”ڏاهپ جو جنم“ پيش آهي. هي اهم ڪتاب ڪارل مارڪس جي شخصيت ۽ عالمي نقطي نظر جي اوسر بابت آهي. ڪتاب جو ليکڪ گينرخ وولڪوف آهي جڏهن ته سنڌي ترجمو ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ۽ رياضت ٻرڙي پاران ڪيو ويو آهي.
Title Cover of book ڏاهپ جو جنم

ڪميونزم: مڪمل انسان دوستيءَ جي حيثيت ۾

جهنم جي در جيان سائنس جي در تي به هي مطالبو ڪرڻ گھرجي ته: ”هتي آ روح لاءِ لازم ته بي هراس رهي، هتي آ خوف لاءِ لازم ڪائي صلاح نه ڏي.“
- ڪارل مارڪس
1840ع کان پوءِ واري ڏهاڪي ۾، پيرس يورپ جو سياسي ۽ تهذيبي مرڪز هو. هتي پولينڊ، اٽلي، روس ۽ جرمنيءَ جا انقلابي ۽ سياسي جلاوطن گڏ ٿي ويا هئا. جرمنيءَ جي ابتڙ هتي هر شَي انقلاب جي مخبري ڪندي هئي ــــــــ ويجھي ماضيءَ جي عظيم واقعن جي به ۽ نين سماجي ويڙهين جي توقع جي به.
انهن ڏينهن جي پيرس بابت نوجوان اينجلس لکيو ته: ”رڳو فرانس ۾ پيرس جهڙو هڪ شهر آهي، جنهن ۾ يورپي تهذيب جا بهترين گل ٽڙندا آهن، جتي يورپي تاريخ سمورا تنتي ناتا ايڪو ٺاهيندا آهن ۽ جتان مقرر وٿيءَ کان پوءَ بجليءَ جا جهٽڪا لڳندا آهن جيڪي سڄيءَ دنيا کي ڌوڏي سگھن ٿا. هي اهڙو شهر آهي جنهن جي آباديءَ رضا خوشيءَ جي جذبي سان تاريخي وکن جي جذبي جو اهڙو ميلاپ ٺاهي ورتو آهي جهڙو ٻئي ڪنهن عوام نه ڪيو آهي، جنهن جي آبادي ڄاڻي ٿي ته اٿينس جي سڀ کان وڌيڪ سلڇڻي ايپيقيورسي جيان ڪيئن جيئجي ۽ انتهائي بيباڪ اسپارٽا واري جيان ڪيئن ساهه گهوريو وڃي...“•
بورجوا نظام خلاف، جيڪو آزاديءَ، برابريءَ، ڀائپيءَ جي وڏن آدرشن جي جڳهه ڏوڪڙ ريڙهڻ لاءِ رکي ڇڏي ٿو، شايد ٻئي ڪنهن هنڌ ايتري بي اطميناني نه محسوس ڪئي ويندي هئي جيتري پيرس ۾.
اهو ڪو اتفاقي امرُ نه هو ته سماجي فڪر هتي نظرياتي لحاظ کان ان سماج جي دُور انديشي ڪرڻ گھري پيو جيڪو سرمائيداريءَ جي جاءِ وٺڻ لاءِ اچڻو هو. سينٽ سائمن ۽ فوريئر ۽ انهن جي يوٽوپيائن کان پوءِ ڪابٖي، ديزامي، بلانڪي، پروڌان، ليرو آئٖي جن کي ترقي پسند دانشورن ۾ ۽ مزدورن جي گروهن ۽ يونينن ۾ وڏي مقبوليت هئي. فرانس جو پرولتاريه اهڙي طاقتور سماجي قوت جي حيثيت جو روپ وٺي چڪو هو جيڪو بورجوازي سان ٽڪر هڻي سگھي.
پيرس مان تاريخي اوسر جلوث جون اهي باکون ڦٽي رهيون هيون جيڪي جرمنيءَ جي باک ڦٽيءَ کان گھڻو وڌيڪ ويڪريون ۽ گھڻيون دور رس هيون. ان ڪري اها قدرتي ڳالهه آهي ته مارڪس پيرس ۾ جيڪڏهن ايئن چئي سگھجي ته، مارڪسي ٿي پيو ۽ هتي ئي سائنسي ڪميونـزم جا فيصلو ڪندڙ خيالن جي کوجنا ٿي ۽ انهن جي جوڙجڪ ۽ ترتيب ٿي.
هڪ انقلابي نظريي جي تخليق ڪرڻ، هت سچو جنگي نعرو کوجڻ لاءِ ضروري هو ته ماضيءَ جي طبقاتي جدوجهدن جي تجربي کي عام ڪجي. مارڪس انهيءَ تجربي جو اڀياس ڪرائيز ناخ (جرمني) ۾ ئي شروع ڪيو هو، پر فرانس ۾ اهو ڪم پورو ڪرڻ لاءِ کيس گهڻو سٺو ماحول مليو. هن بورجوا تاريخدانن تئيري، مينئٖي، گيزو، تيئر وغيره جي لکڻين جو اڀياس ڪيو، جن، جيئن پوءِ مارڪس مڃيو، هم عصر دَور واري سماج ۾ طبقن ۽ طبقاتي جهدوجهد جي کوج ڪئي. هن مونتيسڪيو، مئڪاويلي ۽ روسو جي سماجي نظرين جو به اڀياس ڪيو.
جيڪڏهن سموري تاريخ طبقي جي جدوجهد جي تاريخ آهي ته هيٺ ڏنل سوالَ منطقي طرح پيدا ٿين ٿا: هم عصر دور جي حالتن ۾ ڪهڙو طبقو انقلابي جوهر رکندڙ آهي؟ مستقبل ڪهڙي طبقي جو آهي؟ اهو مستقبل ڪهڙو قسم جو هوندو؟
مارڪس فرانسي يوٽوپيائي سوشلزم ۽ ڪميونـزم جو وري تنقيدي اڀياس ڪرڻ شروع ڪيو، جن جي ابتدا سنئون سڌو فرانسي ماديت پسنديءَ کان ٿي هئي. سينٽ سائمن ۽ فوريئر بورجوا سماج تي بنيادي تنقيد اڳ ئي ڪري چڪا هئا، ته اهو انسان دوستيءَ جي بنيادي اصولن مطابق ناهي، انهن به پرولتاريه ڏانهن ڌيان ڏنو هو، پر انهن ان کي هڪ محڪوم ۽ مظلوم ۽ مصيبتن ۾ ڦاٿل اميريءَ جي حيثيت سان ڏٺو هو جيڪا اقتدار ۽ اختيار جي اربابن پاران رڳو رحم ۽ خيرات جي حقدار هئي.
جيئن هيگل وٽ سڄي دنيا مطلق روح جو اظهار هئي، اهڙيءَ طرح يوٽوپيائين لاءِ سوشلزم انساني رشتن جي مطلق سچائيءَ جو اظهار هو. جيئن هيگل وٽ سندس غلط شروعات جو نُڪتو هن جي هڪ اصول پَرستاڻي نظام جي تخليق جو سبب ٿيو جنهن ۾ مطلق روح پنهنجو پاڻ کي ماڻي ٿو، اهڙيءَ طرح يوٽوپيائين وٽ، انهن جي وڏي ۾ وڏن مفڪرن (خاص طرح فوريئر) وٽ به، سڄو معاملو بس ايترو رهجي ويو ته سماج جي اوسر لاءِ آدرش وارين اسڪيمن جي اڏاوت ڪئي وڃي جنهن کي بس حاصل ڪرڻ جي گھرجي آهي ته جيئن سمورا تضاد حل ٿي پوَن.
هيگل کان اڳتي وڌڻ ۽ سماجي يوٽوپيا کان اڳتي وڌڻ ڪنهن به طرح ٻه پور وِڇوٽ فرض نه هئا. اهو هڪ ئي فرض هو، جنهن جو حل ان ڳالهه ۾ لڪل هو ته انساني سماج جي اوسر جي سڀ کان وڌيڪ اهم جزي جي ڳولا ڪئي وڃي.
”ٺهيل گھڙيل رٿائون“، ”ڪٽر اصول پرست تجريدون“ جن مطابق حقيقت کي پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪرڻو پوندو هو، مارڪس لاءِ نه ڪڏهن هيگل جي تعليمن ۾ ڪا ڪشش رکنديون هيون ۽ نه سماجي يوٽوپيائين ۾. انساني فڪر جي انهن ٻن عظيم ڪارنامن مان ڪو هڪ به دنيا کي بدلائڻ جو هٿيار ٿيڻ لاءِ موزون نه هو، پر ٻنهي نظرين ۾ انهن منجھ ئي خود انهن جي نفي به شامل هئي. هيگل جي معاملي ۾ اها نفي هئي جدلياتي فڪرِي شاهراهه، سماجي يوٽوپيائن جي معاملي ۾ اها نفي هئي بورجوا جائدادي ناتن جي تنقيد اهڙن ناتن جي حيثيت ۾، جيڪي انسان کي معذور ڪري ڇڏن ٿا ۽ ان جي جوهر سان هڪڪرائي نه ٿا رکن.
رڳو قانوني نه، پر معاشي نُڪتي نظر کان به انهن ناتن جي نوعيت کي واضح ڪرڻ لاءِ مارڪس بورجوا سياسي معاشيات جو اونهو اڀياس ڪيو. هُن آدم سمٿ، ريڪارڊو، ميڪ ڪولوخ، جيمس اسٽوارٽ ِمل، زان باتيست سئي، اسڪاربيڪ، ديستيوت دي تراسي ۽ بوآگلبير جي لکتن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي. سياسي معاشيات جو اڀياس ڪندي لڳي ٿو ته مارڪس کي نوجوان اينجلس جي هڪ مضمون مان وڌيڪ تحرڪ مليو جيڪو ”ڊوئچ فرانـزيسيشي ياربيوخير“ ۾ ڇپيو هو ۽ جنهن جو عنوان هو ”سياسي معاشيات جي تنقيد جو خاڪو“. مارڪس ان مضمون جو ذڪر ڪندي ان کي ڏاڍي قدر لائق سڏيو.
پيرس ۾ مارڪس سياسي مخالف ڌڙي جي وڏن ماڻهن سان، انقلابي جهموريت پسندن ۽ شوشلسٽن ــــــــ لوئي بلان، پيئر ليرو، هائنز هائني، پروڌان ۽ باڪونين ــــــــ سان ذاتي طرح سڃاڻپ ڪرڻ جو وجھ هٿ ڪيو.
ٺيڪ پنهنجي سَڌ مطابق، ته نظرياتي تنقيد کي طبقن جي حقيقي جدوجهد سان ملايو وڃي، مارڪس جرمن هٿ جي هنرمندن ۽ فرانسي مزورن جي انقلابي حلقن سان لاڳاپا قائم ڪيا. پوليس رپورٽن ۾ لکيو ويو ته مارڪس وينسينيس ڳـڙهي ڀرسان پيرس پيرمن جي هڪ دروازي تي انقلابي مزورن جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو.
انقلابي مزور مارڪس جا ڏاڍا عاشق هئا. اهي مارڪس ۾ اهڙي حقيقي سياسي مجاهد جي عزم ۽ مضبوطيءَ کي محسوس ڪندا هئا جنهن کي ڄاڻ هجي ته ڪهڙي شَي لاءِ وڙهڻو آهي ۽ ڪيئن وڙهڻ گھرجي. جرمن مزورن جي سياسي سوسائٽيءَ جي هڪ اڳواڻ هرمن ايوربڪ لکيو ته ”بيشڪ مارڪس ايڏو اهم ڏاهو آهي جيترو جِي.اِي. ليسنگ هو. هُو غير معمولي ڏاهپ، فولادي ڪردار ۽ پرسڪون ذهانت رکي ٿو ۽ وسيع ڄاڻ جو مالڪ آهي. ڪارل مارڪس پاڻ کي معاشي، سياسي، قانوني ۽ سماجي سوالن جي اڀياس لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي.
مزورن جي حياتيءَ مان هيئن سِڌي ڄاڻ ماڻي مارڪس جي دل ۾ انقلابي مزورن جي اخلاقي توانائي، علم حاصل ڪرڻ جي اڻٿڪ ڪاوش ۽ انساني وقار جو قدر ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو. لڊويگ فيوئرباخ ڏانهن لکيل هڪ خط، تاريخ 11 آگسٽ 1844ع ۾ هو لکي ٿو ته ان خالص تازگيءَ کي، شرافت کي سجمهڻ لاءِ جيڪا انهن ٿَڪل ماندن ماڻهن مان ڦُٽندي رهي ٿي، توهان کي فرانسي مزورن جي بس رڳو هڪ جلسي ۾ شريڪ ٿيڻ جي ضرورت آهي. انگريز پرولتاريه به پُختين وِکن سان اڳتي وڌي رهي آهي، پر منجھس فرانسي مزور جي تهذيبي پَس منظر جي کوٽ آهي. مون کي سوئٽزرلينڊ، لنڊن ۽ پيرس ۾ رهندڙ جرمن هنرمندن جي نظرياتي خوبين تي زور ڏيڻ کي نه وسارڻ گهرجي، البت جرمن هنرمند اڃا تائين گھڻي گھڻي حد تائين هنرمند ئي آهي.
”پر هر صورت ۾ اسان جي مذهب سماج جي انهن ’بربرن‘ ۾ ئي تاريخ انسانذات جي نجات جو عملي عنصر ڪري رهي آهي.“
يوٽوپيائن جي ابتـڙ مارڪس پرولتاريه کي جذباتي گھڻائيءَ جو موضوع نه، پر اهڙي سگھ سمجهي ٿو جيڪا انقلابي وکن کڻڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
پرولتاريه (پورهيت) نظريي ۽ عمل جي وچ ۾، فلسفي ۽ دنيا جي وچ واري ڳنڍيندڙ ڪڙي آهي. مارڪس ان کوجَ جي جوڙجڪ پنهنجي مضمون ”هيگل جي فلسفياڻي قانون جي تنقيد ۾ واڌارو“ ۾ ڪئي. ان مضمون کي مواد ۽ هيئت ٻنهي لحاظ کان سائنسي صحافت جو شاهڪار چئي سگهي ٿو. اهو مضمون ۽ فڪري لحاظ کان ان جي ويجهو لاڳاپيل مضمون ”يهودي سوال بابت“ 1844ع جي شروع ۾ ”ڊوئچ فرانزيسيشي ياربيوخير“ ۾ ڇپيو.
مارڪس انهن مضمون ۾ لکيو ته صحيح معنائن ۾ انساني آزادي ”هر قسم جي غلاميءَ کي“ ٽوڙڻ کان سواءِ ناممڪن آهي ۽ پورهيت ئي اهو طبقو آهي جيڪو سڀ کان وڌيڪ محروم ۽ محڪوم ۽ مظلوم حالت ۾ آهي. پورهيتَ سماج جي سڀني دائرن کي آزاد ڪرائڻ کان سواءِ پاڻ کي نجات نه ٿا ڏياري سگهن.
”ان نجات جو دماغ فلسفو آهي ۽ ان جي دل پورهيت (پرولتاريه) آهي.“
انهن مضمونن ۾ مارڪس هڪ اهم وک وڌائي ٿو ـــــــ هو هڪ سچو جنگي نعرو به ڳولي وٺي ٿو ۽ اها ”مادي قوت“ به، جيڪا ان کي حقيقت جو روپ ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، انسانذات جي انسان دوستي وارن آدرشن کي ماڻڻ جي صلاحيت رکي ٿي. لينن مارڪس جي ان وک کي خيالي پرستيءَ کان ماديت پسنديءَ ڏانهن ۽ انقلابي جمهوريت کان ڪميونزم ڏانهن مارڪس جو قطعي عبور چيو آهي.
26 سالن جي ڄمار ۾ مارڪس دنيا بابت هڪ نئين نظر جي چوٽين تي پهچي ويو هو. اهو بي مثال نظرياتي فڪر کان پوءِ ئي ممڪن ٿيو هو. فلسفي ۽ سماجي فڪر جي دائري ۾ يورپي تهذيب جي پوري ملڪيت کي انهن پنهنجو پاڻ ۾ سامايو ۽ ان جي تنقيدي نئين سر جوڙجڪ ڪئي هئي. ميليٽس جي فيلس کان وٺي فيوئرباخ ۽ موزيس هيس تائين، مارڪس ڪنهن به فلسفيءَ کي نه ڇڏيو، پوءِ اهو ڪيترو به ننڍو ڇو نه هجي. هن هيروڊوٽس ۽ پلوٽارڪ کان وٺي گيزو ۽ تيئر تائين سڀني بنيادي تاريخي لکتن جو اڀياس ڪيو. هن افلاطون کان وٺي ليرو ۽ وائٽلنگ تائين سماجي يوٽوپيائن کي پڙهيو. هن آدم سمٿ کان وٺي فريڊرڪ اينجلس تائين سياسي معاشيات جون اهم ترين لکتون پڙهيون، ۽ پوءِ هن فني تهذيب جي گوناگون دولتن کي پنهنجو ڪيو ـــــــ لوڪريشيئس ڪارس جي نظمن کان وٺي هائزخ هائني جي شاعريءَ تائين، ايسڪيلس جي المين کان وٺي شيڪسپيئر جي ڊرامن تائين، افلاطون جي مڪالمن کان بالزاڪ جي نثر تائين، پر اها ڄاڻ پنهنجيءَ جاءِ تي خود دنيا بابت هڪ نئين نظر جي جوڙجڪ ۽ ترتيب لاءِ اڻپوري لڳي ٿي. هر زماني ۾ هن جا پنهنجا ڪرسي نشين استاد ٿي گذريا آهن جيڪي آسمان هيٺ هر شَي بابت ڄاڻ سان ٽمٽار هوندا هئا پر پاڻ پنهنجو هڪ اڪيلو خيال به پيش ڪرڻ جي صلاحيت نه رکندا هئا. مارڪس نه رڳو هي ته انساني ڏاهپ جي عظيم ڪارنامن تي عبور حاصل ڪيو پر انهن کي تخيلقي فڪر جو پُرزو ۽ شاهراهه به بڻايو سچائيءَ کان ڊني بنا، جنهن لاءِ هو اڻٿڪ جتن ڪندڙ هو.
۽ اهم ترين شَي هيءَ ته مارڪس شعوري طرح پهريائين جرمنيءَ ۾ محڪوم ۽ مظلوم هاريءَ جو مؤقف اختيار ڪيو ۽ پوءِ پورهيت جو، جيڪي هر دَور جي انقلابي طبقن مان سڀ کان وڌيڪ انقلابي ۽ سڀ کان وڌيڪ اثرائتو طبقو آهي.
سائنسي سوشلزم (يا سائنسي ڪميونـزم جيڪو ساڳي شَي آهي) رڳو انسانذات جي روحاني ڪارنامن کي عام ڪرڻ ۽ عملي تفسير جي ئي حيثيت ۾ نه، پر (آخري ڇنڊڇاڻ ۾ اهو عنصر فيصلو ڪندڙ ثابت ٿيو) خود بورجوا سماج جي ڪجهه معاشي ۽ سماجي ۽ سياسي لاڙن جي اظهار جي حيثيت سان به وجود پذير ٿيو.
اينجلس انهيءَ حقيقت کي ذهن ۾ رکندي لکيو هو ته ”هر نئين نظريي وانگر جديد سوشلزم کي به پنهنجي ابتدا سڀ کان اڳ ان دانشوراڻي مصالحي سان ڪرڻي پئي هئي جيڪو ان کان اڳ حاصل ڪيو ويو هو. جڏهن ته ان جون اُونهيون پاڙون مادي حقيقتن ۾ پيٺل هيون.“
انقلابي پورهيت تحريڪ جي پڪي پوئواري ڏانهن مارڪس جو عبور بورجوا جمهوريت پسندن کان ۽ سڀ کان اڳ آرنلڊ روگي کان لڳ لاڳاپا ختم ڪرڻ جو سبب ٿيو.
پنهنجي سڄي سگھاري ريڊڪل ازم باوجود روگي رڳو هڪ بدتهذيب هو جنهن کي آزاديءَ جو خواب لهڻ ۾ ته ڪو تڪلف ڪونه هو، پر ان جي قيمت پنهنجي کيسي مان ڀرڻ لاءِ تيار نه هو. روگي کي اها اميد هئي ته هو ”ڊوئچ فرانـزيسيشي ياربيوخير“ جي وڪري مان چڱي خاشي آمدني هٿ ڪري سگهندو ۽ جڏهن اهي اميدون ڀور ڀور ٿي ويون ته هو اداسيءَ جو شڪار ٿي پيو، ٺيڪ ڪنهن دڪاندار وانگر شڪِي ٿي پيو ۽ مارڪس جي هر اشاعتي پيش قدميءَ کي پنهنجي گودڙِي کسڻ جو ڪوشش سمجهڻ لڳو.
ان سان گڏ ئي روگي ”پيسن جي معاملي ۾ مارڪس جي شاهاڻي بي نيازيءَ“ (ميرنگ) کان فائدو وٺڻ ۾ ڪو به دل من نه هنيو ۽ مارڪس جي انتهائي غريبيءَ باوجود، جنهن جي آڪهه وڌي رهي هئي (سندس ڌي جيني مئي 1844ع ۾ پيدا ٿي هئي) هو ڏاڍي پَڪائيءَ سان مارڪس جي پگهار ”ڊوئچ فرانـزيسيشي ياربيوخير“ جي شمارن جي صورت ۾ ادا ڪندو هو.
پر خاص ڳالهه اها هئي ته مارڪس جي ڪميونزم کان روگي ۾ بدتهذيب واري وايون بتال ڪندڙ دهشت پيدا ٿي پئي هئي.
”ياربيوخير“ جي ادارتي فرض کان آزاد ٿي، مارڪس اڃا به وڌيڪ جوش سان پنهنجي پڙهائيءَ کي جنبي ويو. ايئن لڳندو هو ڄڻڪ ڪا خاص شي هٿ چڙهي وئي اٿس ــــــ نئين عالمي نُڪتي نظر جي بنيادن جي جوڙجڪ ۽ ترتيب ڪئي وئي هئي، پر مارڪس لاءِ اها رڳو ابتدا هئي. هو انسانذات جي سڄي ماضيءَ، حال ۽ مستقبل جي نئين سر تفسير ڪرڻ لاءِ هڪ نئين نڪتي نظر جي ڳولا ڪري رهيو هو. هو ڏاڍو گهڻو اڀياس ڪندو هو ۽ سندس دماغ ۾ هڪ کان پوءِ ٻي رٿا اچي رهي هئي. شروع ۾ هن هيگل جي قانوني فلسفي بابت پنهنجي اڻپوري مسودي کي ٻيهر کڻڻ ۽ هاڻي ان فلسفي جو تفسير ڪميونسٽ نڪتي نظر سان ڪرڻ گهرِي پئي، پر هو فرانسي انقلاب جي تاريخ ۾ صفا پيهِي ويو ۽ ڪنوينشن جي هڪ تاريخ لکڻ گهريائين پئي. وري هن يوٽوپيائي سوشلسٽن ۽ سياسي معاشياتدانن جي تنقيد ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏنو.
سندس دماغ ان تيزيءَ سان ڪم ڪري رهيو هو جو جيڪو ڪجهه هو لکي چڪو هو، ان کان سندس دماغ هڪدم اڳتي وڌي ويندو هو. جيڪو ڪجهه ڪري چڪو هوندو هو ان تي هو ڪڏهن به قناعت نه ڪندو هو. جيترو وڌيڪ هن پڙهيو پئي اوترو ئي ان شي جو سمنڊ کيس بي ڪنار لڳندو هو جن (ڪنارن) جي کيس ڄاڻ نه هئي. جيترا گهڻا سوال هُو پنهنجي لاءِ حل ڪندو هو ايترا ئي نوان مسئلا هن آڏو پيدا ٿي پوندا هئا.
مسودا اڻپورا رهجي ويندا هئا. سندس فڪر اڃا به اڳتي وڌي ويندو هو ۽ نون خيالن کي جنم ڏيڻ لڳندو هو. پنهنجي تنقيد جو ڀوت مارڪس کي موڪل نه ڏيندو هو ته ڪا شي ان وقف تائين عام منظر تي اچي جيستائين هن سوال جو ان جي باريڪين سميت چڱيءَ طرح اڀياس نه ڪيو هجي.
مارڪس جي اڀياس جي انهن دورن بابت آرنلڊ روگي لکيو هو ته ”هو ڏاڍو گهڻو پڙهي رهيو آهي، هو غير معمولي شدت سان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اهڙي تنقيدي لياقت رکي ٿو جو ڪڏهن ڪڏهن ڄاڻي ٻجهي تباهڪن جدليات ٿي پوي ٿي، پر هو ڪا به شي پوري نه ٿو ڪري. هو هر هر پلئه ڇڏائي اڳتي نڪري وڃي ٿو ۽ وري ڪتابن جي هڪ اڻکٽ سمنڊ ۾ ٻڏي وڃي ٿو.“
غير معمولي طرح شديد سائنسي تحقيقي ۽ جيڪو ڪجهه ماڻيو ويو آهي ان کان لاڳيتي بي اطمينانيءَ سميت مارڪس بددل ٿي پوندو هو، پر ان سلسي ۾ هُو ڪجهه ڪري نه سگهندو هو. ان جو اڪيلو حل اهو هو ته هُو اڃا به تيزيءَ سان ڪم ڪري، ڪيترين ئي راتيون ننڊ ڪئي بنا گذاري ڇڏي. روگي لکيو ته ”مارڪس، جيڪڏهن اهو ممڪن آهي ته، اڃا به وڌيڪ چيڙاڪ ۽ ڪاوڙيل ٿي پيو آهي، خاص طور ان وقت جڏهن هو ايترو ڪم ڪري ٿو جو بيمار ٿي پوي ٿو ۽ ٽي ٽي بلڪ چار چار راتيون ننڊ ئي نه ٿو ڪري.“
ان سموري اڀياس جو اهم ترين نتيجو اها اڻپوري وڏي لکت هئي جيڪا هاڻي ”1844ع جو معاشي ۽ فلسفياڻو مسودو“ جي نالي سان مشهور آهي.
ان لکت ۾ ”تخليق جي سُور“ جا اهڃاڻ اڄ به ملن ٿا جن ۾ مارڪسزم جو جنم ٿيو هو ۽ جن کي خاص طرح هيگل ۽ فيوئرباخ کان اڌارن ورتل اصطلاحن ۾ ڏسي سگهجي ٿو، پر ڪجهه پراڻن تصورن جي گٺل پيٺل خول مان سماج جي هڪ بنيادي طرح نئين نظر جون، دنيا جي هڪ اهڙي تفسير بابت رويي جون مکڙون نڪري اچن ٿيون، جهڙيون دنيا اڳ نه ڏٺيون هيون.
هتي پهريون ڀيرو سماج جي ڇنڊڇاڻ بابت معاشي، فلسفياڻن ۽ سماجي-سياسي روين کي وڏي پيماني تي تحليل ڪيو ويو آهي. هتي انسان کي سمموري جاچ جي وچ تي رکيو ويو آهي ۽ هو قدرت ۽ سماج ٻنهي سان پنهنجي ناتي جي پوري پيچيدگيءَ سميت ظاهر ٿئي ٿو. هتي ليکڪ خاص ۽ ڪشادي انسان دوستيءَ جي نڪتي نظر کان بورجوا سماج ۾ زندگيءَ جي غيرانساني حالتن جو هڪ چٽو خاڪو پيش ڪري ٿو. هتي سياسي مجاهد جي ڪاوڙ ۽ جوش عظيم مفڪر جي ڇنڊڇاڻ ڀري پختگيءَ سان ڳنڍيل آهي.
هتي ٺوس حقيقت بابت حقيقي رويي جي سماجي اوسر جي پرانهن افقن جي هڪ منظر سان ميلاپ آهي. اها لکت اهڙا انتهائي گهرا مسئلا پيش ڪري ٿي جن جي اهميت صدين تائين برقرار رهندي.
اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڪلهه سڀني ملڪن جا فلسفي، معاشياتـدان ۽ سماجي ماهر ”1844ع جي معاشي ۽ فلسفياڻي مسودي“ ۾ برابر دلچسپي وٺي رهيا آهن.
”مسودي“ ۾ خيالن جي اهڙي دولت آهي جو کي انتهائي مفصل توضيح يا انتهائي معروضي تفسير ۾ به پيش نه ٿو ڪري سگهجي. ماڻهن کي اهو تفسير پاڻ پڙهڻ گهرجي (۽ ڪيترائي ڀيرا!) جيئن هو نظرياتي فڪر جي ان همت، وسعت ۽ فني سونهن جو مزو وٺي سگهي جيڪو هڪ طرفن خيالن جي حدبندين کي ٽوڙي ذرا ذرا ڪري ڇڏي ٿو، اصول پرستاڻين اسڪيمن جي سوڙهه کي ختم ڪري ڇڏي ٿو، جيڪو رڳو قدرت جو ئي تفسير نه، پر سماجي اوسر جي عينيت پرستاڻين ٻيڙين کي به ٽوڙي ڇڏي ٿو.
ان لکت ۾ مارڪس هڪ اهڙي نظر سان ابتدا ڪري ٿو جنهن تائين هو پهچي چڪو آهي يعني اهو ته انسانذات جي سڄي تاريخ جي وضاحت مادي ناتن ۾ ڳولڻ گهرجي. ان جي جوڙجڪ هن پاڻ هيئن ڪئي آهي: ”.... سڄي انقلابي تحريڪ کي لازمي طرح پنهنجو تجرباتي ۽ نظرياتي بنياد به نجي ملڪيت ۾ ڳولڻ گهرجي ــــــــ وڌيڪ صحيح هي آهي ته معاشيات ۾“.
انسان جي پيداواري زندگي، ان جو پورهيو ـــــــ اهو آهي سماجي ترقيءَ جو اصل سرچشمو. انسان جو پورهيو مختلف سماجي حالتن ۾ مختلف صورتون وٺي ٿو ۽ آخر ۾، ”سڀ ملائي آباديءَ جا رڳو ٻه ٽي طبقا رهجي وڃن ٿا ــــــــ مزدور طبقو ۽ سرمائيدارن جو طبقو.“
فيوئرباخ جي تجريدي انسان جي جاءِ تي مارڪس مزدور کي رکي ٿو. فيوئرباخ واري هڪ ماڻهوءَ سان ٻئي جي ناتي جي جاءِ مارڪس مزدور ۽ سرمائيدار جي ناتن کي، زنده پورهيي ۽ جمع ڪيل (ميڙيل) پورهيي (سرمائي) جي ناتن کي رکي ٿو.
هڪ اهڙي دنيا ۾ جتي هر شَي خريد ڪئي ۽ وِڪي ويندي آهي، جتي پيسي جي طاقت مٿاهين ۽ مطلق آهي، اتي پاڻ مزدور به هڪ واپار جي جنس آهي. هو نه سرمائي جو مالڪ آهي، نه ڍل جو. مالڪ آهي هو رڳو پورهيي جي صلاحيت جو ۽ پورهيو ئي سماج جي سموري دولت پيدا ڪري ٿو.
بورجوا سماج جي اهائي اها اصل حقيقت آهي، جنهن کي مارڪس پنهنجي ڇنڊڇاڻ جو ٽَڪُ بڻائي ٿو.
مزدور مادي دولت پيدا ڪري ٿو، پر اها سندس نه هوندي آهي، ۽ ان کان به وڌيڪ اهو، ته اها دولت نه رڳو مزدور کان اوپري هوندي آهي پر هڪ اهڙي اوپري قوت جي حيثيت ۾ جيڪا مزدور تي حڪمراني ڪندي آهي، سرمائي جي حيثيت ۾ اها سندس مخالف به هوندي آهي. مارڪس ان حقيقت کي پورهيي جي اوپرائپ چوي ٿو.
مزدور جيترو گهڻو پورهيو ڪري ٿو، ايتري ئي سندس پيدا ڪيل دولت جي دنيا وڏي ٿي وڃي ٿي پر ان سان گڏ ئي مزدور تي دولت جي حڪمراني به وڌندي رهندي آهي. سرمائيدار وڌيڪ طاقتور ٿي ويندو آهي، مزدور وڌيڪ مفلس، ايستائين جو حقن کان به وڌيڪ محروم ٿي ويندو آهي.
مزدور پورهيي جي ان شَي جو غلام ٿي ويندو آهي جنهن کي هن پاڻ پيدا ڪيو آهي. هن جو ميڙيل پورهيو، جيڪو سرمائي، مالي دولت جي صورت ۾ ڏيکاربو آهي، مزدور کي اجوري تي رکندو آهي، ان کي روزي ڏيندو آهي، ان جي زنده پورهيي ۽ هن جي زندگيءَ ئي کي استعمال ۾ آڻيندو آهي.
مزدور جو پورهيو شاندار شيون پيدا ڪندو آهي، پر اهو مزدور جي مفلسي به پيدا ڪندو آهي. اهو محل ٺاهيندو آهي، پر مزدور جون جُهڳيون جهوپڙيون به. اهو سونهن جي تخليق ڪندو آهي، پر خود مزدور کي ڪوجهو بڻائي ڇڏيندو آهي. اهو جسماني پورهيي جي جاءِ مشين کي ڏيندو آهي، رڳو ان لاءِ ته خود مزدورن کي مشيني طرح ڪم ڪندڙ مشين بڻائي ڇڏي. مزدور جيترو وڌيڪ پيچيده ڪم ڪري ٿو اوترو ئي سندس ذهني تباهي وڌيڪ ٿئي ٿي.
ان ابتي دنيا جي ڇنڊڇاڻ، جتي شيون پنهنجي خالق تي حڪمراني ڪن ٿيون، جتي ماڻهن جي وچ ۾ ناتا شين جي وچ ۾ ناتن جي شڪل ۾ ظاهر ٿين ٿا، اڳتي هلي مارڪس تفصيل سان ”ناڻي“ ۽ ان جي تياري جي لکتن ۾ ڪئي آهي. ”1844ع جا معاشي ۽ فلسفياڻه مسودا“ ۾ جنهن تمثيل جو ڄَم ٿيو هو، اها انهن ۾ اڃا وڌيڪ چٽي ۽ ڀوائتي ٿي پوي ٿي.
پر اچو ته اسين اڃا ”مسودي“ کي ئي ڏسون ۽ مارڪس جي دليلن ڏانهن ڌيان ڏيون. مزدورن کان انهن جي پورهيي جي اوپرائپ معاملي جو رڳو هڪ پاسو آهي. ٻيو ايترو ئي اهم پاسو هي آهي ته مزدور جي فعاليت جو زندهه عمل ئي هڪ اوپرو بڻايل نوعيت وارو هوندو آهي. اها ان جي انساني جوهر جي پاڻان ڌاريائپ هوندي آهي.
ان جو مطلب ڇا هوندو آهي؟ ان جو مطلب اهو هوندو آهي ته مزدور پنهنجي آزاداڻي مرضيءَ سان پورهيو نه ٿو ڪري ۽ ان جي فعاليت خودفعاليتي نه هوندي آهي، پر جبري ۽ لازمي پورهيو هوندي آهي، جنهن جي عمل ۾ مزدور پنهنجو نه، پر پنهنجي مالڪ جو هوندو آهي.
ان زبردستيءَ واري پورهيي ۾ مزدور پنهنجي جسماني ۽ ذهني توانائيءَ کي آزاداڻي ترقي نه ٿو ڏي پر پاڻ کي ٿَڪائي ٿو، پنهنجي جسم کي ماري ٿو ۽ پنهنجي ذهن کي تباهه ڪري ٿو. شين جي منطق مطابق ته هن کي پورهيي ۾ هڪ خالص اضافي گهرج جي تسلي ڪرڻ گهرجي، پر هن لاءِ پورهيو سڀ کان ابتدائي گهرجن جي تسليءَ جو ذريعو ٿي پوندو آهي.
پورهيي جو ڌاريو ڪيل ڪردار سڀ کان وڌيڪ چٽيءَ طرح ان حقيقت ۾ نظر اچي ٿو، ته ماڻهو ان کي هڪ لعنت سمجهن ٿا، ان کي بُڇان سان نڀائن ٿا ۽ ان کان ايئن ڀڄن ٿا جيئن طاعون (پليگ) کان.
پورهيي جي عمل ۾ ـــــــ جيڪو سڀ کان وڌيڪ انساني گهرج آهي ـــــــ مزدور پاڻ کي انسان نه ٿو محسوس ڪري. هتي هو رڳو هڪ لاچار ڪيل جانور جيان، هڪ جاندار مشين وانگر ڪم ڪري ٿو. ان جي ابتڙ، پورهيي کان ٻاهر، پنهنجي ابتدائي، بنيادي طرح حيواني منصبي ڪم نڀائڻ ۾، کائڻ، پيئڻ، جنسي ڪم، سمهڻ وغيره ۾ مزدور پاڻ کي آزاديءَ سان عمل ڪندڙ انسان جي حيثيت ۾ محسوس ڪري ٿو. ”جيڪو حيواني آهي اهو انساني ٿي پوي ٿو ۽ جيڪو انساني آهي اهو حيواني ٿي پوي ٿو.“
ايئن مزدور جي پاڻان ڌاريائپ پورهيي جي عمل ۾ ظاهر ٿئي ٿي، ۽ ان جو سنئون سڌو نتيجو هوندو آهي ماڻهوءَ کان ماڻهوءَ جي ڌاريائپ، مزدور ۽ سرمائيدار جون مخالف حيثيتون.
مارڪس ڌاريائپ ۽ پورهيي جي پاڻان ڌاريائپ جي مسئلي کي جيئن نڀايو آهي ان کي عام طرح منفي ئي پاسي کان معاشي حقيقت جي تباهه ڪُن تنقيد جي حيثيت سان سمجهايو ويندو آهي، پوءِ به هن تنقيد ۾ جيڪو ڪجهه موجود آهي ان جي مارڪس جي جائزي پٺيان مثبت اصولن کي، ان جي اندازي کي ته انساني پروهيي ۽ انساني ناتن جو ڇا ٿيڻ گهرجي يعني ڪميونسٽ سماج بابت ان خيال کي به سمجهي سگهجي ٿو.
مارڪس کي پڪ آهي ته پورهيي کي انساني فرد جي پاڻان ڌاريائپ نه، پر خود توثيقي هئڻ گهرجي. ان کي روزيءَ جو ذريعو نه، پر زندگيءَ جو جوهر هئڻ گهرجي، اهڙو عمل جنهن ۾ ماڻهو پنهنجين صلاحيتن کي پوريءَ طرح ۽ سٺيءَ طرح نکاري سنواري ٿو. پورهيي جي ترغيب ٻاهرين لاچاريءَ کي نه، پر تخليق جي هڪ گهري اندروني خواهش کي هئڻ گهرجي.
”ايڪونوميشي اسٽوڊين (ايڪسزرپٽٖي)“ ۾، جيڪو ”1844ع جي معاشي ۽ فلسفياڻن مسودن“ جي گهڻو ويجهو آهي، مارڪس اوپري بڻايل انسان جي هن دنيا کي انسان جي حقيقي سماجي جوهر جو، ان جي ”سچي انسانذات واري زندگيءَ“ جو هڪ رَدِي خاڪو ٻڌائي ٿو.
”ايڪسزرپٽي“ مان هيٺيون ٽُڪرو ٻڌائي ٿو ته نوجوان مارڪس ان حقيقي حياتيءَ جي تصويرڪشي هڪ اهڙيءَ دنيا ۾ جيڪا گهڻي ”انساني طريقي سان“ منظم هجي، يعني ڪميونسٽ سماج ۾ ڪهڙي قسم جي آهي.
”سمجهو ته اسان انسان جي حيثيت سان پيداوار ڪئي، اسان مان هر هڪ پاڻ پنهنجي ۽ ٻئي جي ٻٽِي نئين سر توثيق ڪري ڇڏي. ان صورت ۾ مون (1) ....... فعاليت دوران انفرادي حياتيءَ جي ظاهر ٿيڻ ۽ ان شَي جي تصور ۾ انفـرادي خـوشـيءَ جـو مـزو مـاڻيـو هـجـي هـا...... (2) منهنجيءَ پيداوار مان توهان جي لطف اندوزي يا توهان پاران ان کي استعمال ڪرڻ ۾ مون کي ان احساس جي سنئين سڌي به لطف اندوزي ملي هجي ها ته مون پنهنجي ڪم ۾....... هڪ اهڙي شَي تخليق ڪئي آهي جيڪا ٻئي ماڻهوءَ جي گهرج سان هڪڪرائي رکي ٿي. (3) مان توهان جي ۽ انسانذات جي وچ ۾ پنهنجو پاڻ کي ٽياڪڙ محسوس ڪيان ها ۽ اهو ته توهان مون کي پاڻ پنهنجي هستي جي هڪ توسيع جي حيثيت سان ۽ خود توهان جي هڪ ضروري حصي جي حيثيت سان ڄاتو ۽ محسوس ڪيو..... (4) مون کي معلوم هجي ها ته زندگيءَ جي پنهنجي انفرادي نمود ۾ مون زندگيءَ جي توهان جي نمود جي سنئين سڌي تخليق ڪئي ۽ ان ڪري، مون پنهنجي انفرادي فعاليت ۾ پنهنجي صحيح هستيءَ جِي، پنهنجي انساني پنهنجي سماجي جوهر جِي سنئين سڌي توثيق ڪئي ۽ حاصلات ڪئي.
”منهنجو ڪم جيئن ته زندگيءَ جي آزاداڻي واڌ ويجھ هوندو ان ڪري زندگيءَ جي لطف اندوزي هوندو. نجي ملڪيت جي موجودگيءَ ۾ اهو زندگيءَ جي ڌاريائپ هوندو آهي ان ڪري جو آءٌ جيئرو رهڻ لاءِ، گذر جو وسيلو ماڻڻ لاءِ ڪم ڪيان ٿو. منهنجو ڪم زندگي نه آهي.“
بورجوا سياسي معاشيات رڳو مادي قدرن جي دنيا کي دولت سمجهندي آهي. ان ڪري مزدور دولت ۾ واڌارو ڪرڻ جو هڪ ذريعو آهي. اها مزدور کي پنهنجين گهرجن کي دٻائڻ جي، ۽ بچت ڪرڻ ۽ پيسا ۽ شيون گڏ ڪرڻ لاءِ زندگيءَ جي خوشيءَ کي تياڳي ڇڏڻ جي تلقين ڪري ٿي.
جيترو گهٽ توهين کائيندؤ پيئندؤ، جيترا گهٽ ڪتاب خريد ڪندؤ، جيترو گهٽ ٿيٽر، بال ۽ ڪيفي ۾ ويندؤ، جيترو گهٽ توهان سوچيندؤ، محبت ڪندؤ، فڪر ڪندؤ، ڳائيندؤ، تلواربازيءَ جي مشق ڪندؤ، وغيره وغيره، اوترو ئي وڌيڪ توهان بچائيندؤ، اوترو ئي وڌيڪ توهان جو خزانو هوندو، توهان جو سرمايو ٿي پوي ٿو توهان جون ماڻيل شيون.
ان نڪتي نظر موجب بنا پئسي، بنا مشين وارو ماڻهو ڪجهه به نه آهي. مشين ۽ پئسي سان ان کي سماج ۾ وزن ۽ اهميت ملي ٿي، اهي ان کي پاڻ پنهنجين نظرن ۾ اهم بڻائي ڇڏن ٿا.
هر اها شَي جيڪا توهان پاڻ ڪري نه ٿا سگهو ۽ ان کي توهان جو پئسو توهان لاءِ ڪري ڇڏي ٿو. پئسو کائي سگهي ٿو، پي سگهي ٿو، بال ۽ ٿيٽر وڃي سگهي ٿو، سفر ڪري سگهي ٿو، فن پارا، علم، تاريخي عجوبا، سياسي طاقت ماڻي سگهي ٿو.
پنهنجي ”1844ع جي معاشي ۽ فلسفياڻي مسودي“ ۾ مارڪس ٽمون آف اٿينس جي خود ڪلامي (پاڻ سان گفتگو) نقل ڪري ٿو، جنهن ۾ شيڪسپيئر ”پِيلي شيطان“ جي مطلق قدرت جي ڳالهه ڪري ٿو:
هي پِيلو غلام
مذهب کي ڳنڍي ٺاهيندو،
وري ان کي ٽوڙي ورهائيندو
۽ لعنتين کي نعمت ڏيندو
ڪوڙهه جِي اهو پوڄا ڪرائيندو ۽ چورن کي
قانون ٺاهيندڙن جي تخت تي ويهاريندو
۽ انهن کي لقب ۽ عزت ڏئي
سڀ کان تعظيم ڪرائيندو....
مارڪس جي خيال ۾ شيڪسپيئر ”پئسي جي حقيقِي فطرت کي ڏاڍي عمدگيءَ سان ظاهر ڪري ٿو، خاص طرح پئسي جي ٻن گڻن تي زور ڏئي:
”هيءَ ڏسڻ ۾ ايندڙ الاهيت آهي ــــــ سڀني انساني ۽ قدرتي گڻن کي انهن جي ابتـڙن ۾ نئين سر جوڙجڪ ڪري ڇڏڻ، شين کي آفاقي طرح گڏڻ سڏڻ ۽ مسخ ڪري ڇڏڻ.
”اها عام رنڊي آهي، ماڻهن ۽ قومن جي گڏيل هيروئن... پئسو انسانذات جي ڌاري بنايل صلاحيت آهي.“
شيڪسپيئر ۽ گوئٽي جي شاعريءَ جي وجدان ماڻيل انهن خيالن کي مارڪس اڳتي هلي ”سياسي معاشيات جي تنقيد ۾ واڌارو“ ۽ ”ناڻي“ ۾ نکاريو سنواريو.
هڪ اهڙي دنيا ۾ جنهن جي اندرين حصي کي ٻاهر ڪيو ويو هجي، ڌاريائپ جي دنيا ۾، جيئن نوجوان مارڪس ثابت ڪيو، حصول ئي زندگيءَ جو مقصد ٿي پوي ٿو ۽ صحيح معنائن ۾ انساني گهرجن جي اوسر بدران شين بابت هڪ افادي صارفاڻو رويو ظاهر ٿي پوي ٿو. شَي ماڻهوءَ جو ماپو ٿي پوي ٿي، جڏهن ته ٿيڻ ان جي ابتڙ گهرجي. انساني صلاحيت جي دولت جي جڳهه مادي دولت وٺي ٿي.
ڌاريائپ جي دنيا اهڙي ردِي، ابتدائي گهرجن جي دنيا آهي جيڪا دولتمند ٿيندڙن جي صورت اختيار ڪري وٺن ٿيون. ”نجي ملڪيت اسان کي ايترو ته چريو ۽ هڪ طرفو بڻائي ڇڏيو آهي. جو ڪا به شَي اسان جي تنهن وقت هوندي آهي جڏهن اها اسان وٽ هوندي آهي.... يا جڏهن اسان ان جا سنوان سڌا مالڪ هوندا آهيون، ان کي کائيندا، پيئندا، پائيندا، ان ۾ رهندا وغيره آهيون“. سڀني جسماني ۽ ذهني حواسن جي جڳهه تي ملڪيت جو احساس اچي وڃي ٿو.
نتيجو اهو هوندو آهي ته شيون ماڻهوءَ تي نه رڳو پورهيي جي عمل ۾ ڇانيل رهنديون آهن، پر گهر ۾ به. ماڻهو پنهنجين دلچسپين کي شين تي مرڪوز ڪري اها ڳالهه ڏسي ئي ڪو نه ٿو ته هو انهن جو چاڪر ٿيندو پيو وڃي، ته اهي نه رڳو هي ته سندس پورهيي جي ڪردار ۽ رفتار جو، پر سندس آرام جي ڪردار ۽ انداز جو ۽ ٻين ماڻهن سان سندس نجي ناتن جي ڪردار ۽ انداز جو به تعين ڪري رهيون آهن.
جيڪا دنيا انساني طريقي سان منظم ڪئي وڃي، ان ۾ ڌاريائپ کي ٽاري ڇڏڻ جو مطلب رڳو اهو نه هوندو ته ماڻهن سان ماڻهوءَ جي ناتن ۾ تبديلي اچي وڃي، پر ان جي زندگيءَ جي سڄي ڪيفيت (ماهيت) ۾ تبديلي اچي وڃي.
مارڪس لکي ٿو ته ”ماڻهوءَ کي سمجهو ته هو ماڻهو آهي ۽ دنيا سان سندس ناتو انساني آهي، تڏهن توهان پيار جي بدلي ۾ پيار ۽ ڀروسي جي بدلي ۾ ڀروسو ماڻي سگهو ٿا. جيڪڏهن توهان فن کان لطف اندوز ٿيڻ گهرو ٿا ته توهان کي فني لحاظ کان مهذب ماڻهو ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن توهان ٻين ماڻهن تي اثر وجهڻ گهرو ٿا ته توهان کي ٻين ماڻهن کي ترغيب ڏيندڙ ۽ همت وڌائيندڙ اثر وارو ماڻهو هئڻ گهرجي. ماڻهوءَ ۽ فطرت سان توهان جي هر ناتي کي توهان جي حقيقي انفرادي حياتيءَ جو هڪ مختصر اظهار هئڻ گهرجي جيڪو توهان جي حياتيءَ جي ماڳ سان هڪڪرائي رکندو هجي. جيڪڏهن توهان موٽ ۾ پيار پيدا ڪئي بنا، پيار ڪريو ٿا ـــــــ يعني جيڪڏهن پيار ڪرڻ جي حيثيت سان توهان جو پيار ڪرڻ موٽ ۾ پيار پيدا نه ٿو ڪري، جيڪڏهن هڪ پيار ڪندڙ ماڻهوءَ جي حيثيت سان توهان پنهنجي جاندار اظهار وسيلي پاڻ کي محبوب ماڻهو نه ٿا بڻائي سگهو، ته توهان جو پيار نِٻل آهي ـــــــ هڪ نڀاڳ آهي.“
مارڪس بورجوا سياسي معاشيات ۽ ان جي پاڻَ پُورن دولت جي قدر وارن اصولن کي ماڻهوءَ جي نفيءَ جي مضبوط تبليغ قرار ڏي ٿو.
ڪميونسٽ سماج ۾ شين جي دولت اها ٿي پوندي آهي جيڪا ان کي هئڻ گهرجي ـــــــ ماڻهوءَ جي حياتيءَ جو مقصد نه، پر ڀرپور ۽ سگهاري انساني سرگرميءَ لاءِ رڳو هڪ وسيلو. ”.... سياسي ۽ معاشي دولت ۽ غريبيءَ جي جاءِ تي هڪ سکيو ستابو ماڻهو ۽ ڌار ڌار قسم جي انساني ضرورت اچي وڃي ٿي.“
اڳتي هلي ”ناڻي“ ۾ ۽ ان جي تياريءَ لاءِ لکتن ۾ مارڪس هر هر ان خيال ڏانهن موٽي اچي ٿو. هو اعلان ڪري ٿو ته سڀ کان وڏي دولت، سماج جو سڀ کان وڏو سرمايو اهو نه آهي جيڪو ماڻهو پيدا ڪري ٿو، پر پاڻ ماڻهو، ”ماڻهن جي گهرجن، صلاحيتن، واهپي جي وسيلن، پيداوري قوتن وغيره جي آفاقيت“ آهي. ڪميونسٽ سماج ۾ ماڻهو سموري سماجي پيداوار جو مقصد هوندو آهي ۽ مادي قدر ان مقصد کي ماڻڻ لاءِ وسيلو، شرط، بنياد هوندو آهي.
ٽَڪَ (پاڻان ڌاريائپ) ۽ مقصد جو انڪشاف ڪري، مارڪس ان مقصد ڏانهن اڳتي وڌڻ جي راهه، ڌاريائپ کان مٿاهون ٿي وڃڻ جو رستو ٻڌائي ٿو. اهو سوال مختلف ملڪن جي سماجي ماهرن ۽ مارڪسزم جي عالمن جي وچ ۾ هاڻي به گهڻي تِکي بحث جو موضوع آهي.
مارڪس پوري چٽائيءَ سان ۽ بنا ڪنهن شڪ گمان جي، ان حقيقت کان شروع ڪري ٿو ته ڌاريائپ کي ختم ڪرڻ جو دارومدار سڀ کان اڳ نجي جائداد کي ختم ڪرڻ تي آهي. نجي جائداد ”ڌاري بڻايل پورهيي جي پيداوار، ان جو نتيجو ۽ گهربل تسلسل“ يعني معاشي ڌاريائپ هوندي آهي.
ڌاريائپ جي مختلف صورتن جي سڀئي هلڪا گهرا رنگ ۽ رُخ (سياسي، مذهبي، فلسفياڻه، اخلاقي وغيره) معاشي ڌاريائپ ۾ گڏ ٿي ويندا آهن. سڄي انساني محڪوميءَ کي مزدور جي محروميءَ ۾، پيداوار جي لاڳاپي سان ان جي محڪوميءَ ۾ ظاهر ٿيڻ جو وجهه ملي ويندو آهي. ”.... محڪوميءَ جا سمورا ناتا ان ناتي جون بدليل صورتون ۽ نتيجا آهن.“ هتي مارڪس سماج جي زندگيءَ ۾ پيداوري ناتن کي اڳواڻيءَ واري ڪردار واري خيال جي بنيادي طرح جوڙجڪ ڪري رهيو آهي.
هيگل وٽ سموري ڌاريائپ خيال جي ڌاريائپ ٿي پوندي هئي ۽ ان قسم جي ڌاريائپ کان مٿاهون ٿيڻ به فاعل جي ”شعور“ ۾ ممڪن آهي. پر جيئن ته هو دنيا سان پنهنجن ناتن جي خادماڻي نوعيت کي محسوس ڪري ٿو ان ڪري ان جي ڌاريائپ اڻلڀ نه ٿي ٿئي ۽ وڌي وڃي ٿي.
ترڻ سکڻ لاءِ رڳو پنهنجي ترندو هجڻ جو تصور ڪافي ناهي، آزاد ٿيڻ لاءِ اهو ڪافي ناهي ته ماڻهو پاڻ کي آزاد سمجهي. ”نجي جائداد جي خيال کي ختم ڪرڻ لاءِ ته ڪميونزم جو خيال بلڪل ڪافي آهي، پر واقعي نجي جائداد کي ختم ڪرڻ واقعي ڪميونسٽ عمل گهربل هوندو آهي.“
مارڪس کي ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ”تاريخ پاڻ سان گڏ ڪميونسٽ عمل کڻي ايندي“ پر هو پاڻ کي انهن خوشفهمين سان تسڪين نه ٿو ڏي جيڪي يوٽوپيائن جي خاصيت هيون، ته نجي جائداد جو خاتمو ڏاڍي تيزيءَ سان ۽ بنا ڪنهن ڪَرب سان ٿي ويندو. سندس تاريخي سمجهه کيس بلڪل ٺيڪ نموني اهو ٻڌايو ته هي ”هڪ ڏاڍو ڏکيو ۽ ڊگهو عمل“ هوندو.
نجي جائداد اوچتو، جادوءَ جي ڏُنڊڪي گهمائڻ سان، وجود ۾ نه آئي هئي، اها صدين جي اوسر واري عمل مان لنگهي آهي ۽ ان مختلف صورتون ورتيون آهن. ان جي اوسر اڃا تائين ختم نه ٿي آهي. هاڻي ان صنعتي سرمائي جي صورت ورتي آهي ۽ ان صورت ۾ ان وقت تائين وڌندي ويجھندي رهندي جيستائين سماج جي سڀني مسامن تي حملو ڪري مٿن غالب نه ٿي اچي وڃي، جيستائين اها پنهنجي سڀ کان وڌيڪ آفاقي شڪل ۾ هڪ عالمگير تاريخي قوت نه ٿي بڻجي.
ان اُسريل صورت ۾ زندگيءَ سان ٽمٽار نجي جائداد پنهنجي موت کي، پنهنجي ابتڙ کي ـــــــ يعني صنعتي مزدورن جي ڌارئي ڪيل محڪوم پورهيي کي جنم ڏي ٿي.
ان گهڙيءَ اها پاڻ پنهنجي خاتمي ڏانهن وڌڻ لڳي ٿي، پر موت ڏانهن ان جو رستو اهو ئي رهي ٿو جيڪو اوج تائين جو هو يعني اها ڪميونزم جي جوڙجڪ جي مختلف صورتن ۽ ڏاڪن ۾ ظاهر ٿئي ٿي.
ڪميونزم، جيئن مارڪس بظاهر آمريڪا ۽ انگلينڊ ۾ غريبن جي ڪميونزم جي تخليق جي ابتدائي غلطين کي ذهن ۾ رکندي ڏيکاريو آهي، پهريائين ردي برابري واري ڪميونزم جيان ظاهر ٿئي ٿو. اهو ”ڪميونزم“ نجي جائداد جي وحشي فطرت خلاف وحشي وسيلن سان احتجاج ڪري ٿو. ان تي اڃا به نجي جائداد ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ اڻبرابريءَ جو ”جادو“ ايتري قدر ڇانيل هوندو آهي جو اهو هر ماڻهوءَ کي هڪ گڏيل سطح تي (عورتن جي گڏيل هئڻ جي سطح تائين) پهچائي ڇڏي ٿو. اهو هر ان شَي کي برباد ڪري ڇڏڻ لاءِ جتن ڪندڙ هوندو آهي جيڪا هڪ ماڻهوءَ کي ٻئي ماڻهوءَ کان مٿڀرو ڪري ٿي، جيڪا ان لائق نه هوندي آهي ته سڀ ان جا مالڪ ٿي سگهن.
ان ڪري ”ردي ۽ بيرڪن وارو ڪميونزم“ پاڻ کي ظلم کان، ماڻهن جي شخصيت کان اڪيلو ڪري وٺندو آهي. اهو مزور جي ڌاري ڪيل پورهيي کي ختم ڪرڻ نه ٿو گهري پر هر ماڻهوءَ کي مزور ڪرڻ گهري ٿو.
ان قسم جو ”ڪميونزم“ جيڪو هر دائري ۾ ماڻهوءَ جي شخصيت جي ”نفي“ ڪري ٿو، هڪ ئي وقت ”تهذيب ۽ تمدن جي سڄي دنيا“ جي به نفي ڪندو آهي. ان جو آدرش هوندو آهي مفلس ماڻهوءَ جي غير فطري سادگي، جنهن جون گهرجون ڏاڍيون گهٽ هونديون آهن. اهو آدرش ان ”سادگي“ جي تصديق ڪري ٿو جيڪو نه رڳو هي ته نجي جائداد کان اڳتي نه وڌي سگِهي، پر ان تائين به نه پهچي سگِهي.
ان قسم جي ”ڪميونزم“ ۾ سرمائي ۽ پورهيي جي مخالف فطرت ختم نه ٿي ٿئي، پر پورهيو (پنهنجي انتهائي ابتدائي صورت ۾) ان گروهه جي حيثيت سان ظاهر ٿئي ٿو جيڪو هر ماڻهوءَ جو مقرر آهي ۽ سرمايو ظاهر ٿيندو آهي آفاقي سرمائي، سڄي سماج جي طاقت جي حيثيت سان.
مارڪس ان ”ردِي ڪميونزم“ کي ”نجي جائداد جي شرم“ جو هڪ اظهار سڏيو. اهو ڏسڻ ڏکيو ناهي ته ان تنقيد جي نظرياتي ۽ عملي اهميت اڃا تائين قائم آهي، ته حد کان وڌيڪ انقلابي لفاظي ۽ انسانذات جي مسرت کان واقف ڪندڙ بيرڪن وارن طريقن جي عاشق عظيم ڪميونسٽ خيالن کي جيئن عمومي بڻائن ۽ بدنام ڪن ٿا، ان خلاف جدوجهد ۾ ان تنقيد کان مدد ملي ٿي.
ٻي صورت، جنهن جو مارڪس ذڪر ڪري ٿو، سڀ کان اڳ مستقبل بابت ڪجهه انهن خيالن کي ذهن ۾ رکندي جيڪي ان وقت جي يوٽوپيائي سوشلسٽن ۽ پيٽي بورجوا ڊيموڪريٽن جي خاصيت هئا، اهڙو ڪميونزم آهي جيڪو اڃا تائين پنهنجي سياسي فطرت کان محروم نه ٿيو آهي. اهو جمهوري به هوندو آهي ۽ حاڪماڻو به. اهو نجي ملڪيت جي قيد ۾ رهندو آهي ۽ ان جي جيوِڙن جو شڪار ٿيندو آهي.
آخر ۾، ٽين صورت لاءِ ضروري آهي ته ڌاريائپ جي سڀني شڪلين کي سچ پچ پري ڪرڻ جي حيثيت سان نجي ملڪيت کان ”مثبت“ طرح مٿڀرو ٿيڻ ـــــــ انساني تهذيب ۾ تمدن جي سموري دولت کي برقرار رکڻ ۽ ان کي ترقي ڏيڻ جي بنياد تي. اهو ڪميونزم پوري طرح اُسريل انسان دوستيءَ جي برابر هوندو آهي، اهو ”انسان ۽ فطرت جي وچ ۾ ۽ انسان ۽ انسان جي وچ ۾ ٽڪراءَ جو سچو فيصلو“ آهي.
تاريخ جي سڄي تحريڪ ان ڪيونـزم جي پيدائش جو واقعي عمل، ان جي تجرباتي وجود جي پيدائش جو عمل آهي. ان مسئلي جو حل ”ڪنهن ريت به رڳو ادراڪ جو مسئلو ناهي، پر زندگيءَ جو هڪ حقيقي مسئلو آهي، جنهن کي فلسفو ان ڪري حل نه ڪري سگهيو جو هن ان مسئلي جو تصور رڳو تصورِي مسئلي جي حيثيت سان ڪيو هو“.
هڪ سال پوءِ مارڪس ان خيال جي جوڙجڪ پنهنجي ان مشهور چوڻيءَ ۾ ڪرڻ وارو هو: ”فلسفين مختلف طريقن سان دنيا جي رڳو تفسير ڪئي آهي، پر ڳالهه ان کان بدلائڻ جي آهي“.
۽ پندرهن ويهه سال پوءِ هو پنهنجي معاشي لکتن ۾ ڏاڍي گهرائيءَ ۽ تفصيل سان انهن خيالن کي نکارڻ سنوارڻ وارو هو جيڪي هن ”1844ع جا معاشي ۽ فلسفياڻه مسودا“ ۾ پيش ڪيا هئا.
اهي پورهيي ۽ سرمائي جي مخالف نوعيت وارا خيال هئا، مزور هڪ واپاري جنس هجڻ، واپاري جنس کي عبادت لائق شي بڻائي ڇڏڻ، مزور کي هڪ ساهواري مشين ۽ وري هڪ مختلف جزن واري مشين جو هڪ پرزو بڻائي ڇڏڻ وارا خيال. اها جنس واپاري ناتن جي دنيا ۾ جتي ڪارخاني جو منتظم سرمائي جو وجود ۽ پورهيت جي پورهيي جي قوت جو وجود هوندو آهي، انساني شخصيت جي ڌاريائپ وارا خيال هئا.
”ڌاريائپ جي فلسفياڻن ڪُلي تصورن بدران مارڪس معاشيات جي بلڪل ٺيڪ ۽ بنا شڪ وارن گروهن جو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ استعمال ڪرڻ وارو هو، پر اهو وڏي حد تائين اصول جو نه، پر اصطلاح جو سوال آهي.
”1844ع جا معاشي ۽ فلسفياڻه مسودا“ هڪ نئين عالمي نُڪتي نظر جو ڏاڍو عمدو خاڪو، هڪ پرورگرام جو خاڪو آهي جنهن جي وضاحت ۽ تشريح ڪارل مارڪس جي باقي زندگيءَ جو خاص مقصد ٿيڻ واري هئي.
ان لکت جو مقدر ڏاڍو غيرمعمولي هو. دنيا کي ان جي ڄاڻ ان جي تخليق کان لڳ ڀڳ 90 سال پوءِ ۽ ليکڪ جي وفات کان لڳ ڀڳ 50 سال پوءِ پئي.
پر ترت ئي اُها اهڙي ئي ڌيان جي حقدار ٿي پئي ڄڻڪ انهيءَ ئي وقت انتهائي وقتائتِي موضوع تي لکي وئي هجي. تڏهن کان ”مسودن“ بابت مختلف ملڪن ۾ کوڙ ڪتاب لکجي چڪا آهن، انهن بابت ادب جو انبار وڌندو پيو وڃي ۽ بحث ڏينهون ڏينهن تکا ٿيندا پيا وڃن. ايئن ٿو لڳي ڄڻ اسين جيترو ان لکت جي دَور کان پرتي ٿيندا پيا وڃون تيئن ئي اها وڌيڪ وقتائتي ٿيندي پئي وڃي.
ان ۾ جيڪي مسئلا پيش ڪيا ويا آهن اهي مارڪسزم بابت مختلف خيالن ـــــــ عمومي اصول پرست کان وٺي عامي ترميم پرست تائين ـــــــ جي وچ ۾ جهيڙي جو ميدان ٿِي پيا آهن.
۽ مزيدار شَي هيءَ آهي ته ٻنهي ”انتهائي سِرن“ جي وچ ۾ ڪجهه نه ڪجهه گڏيل هوندو آهي. ٻئي سِرا ٻن مارڪسين يعني نوجوان مارڪس ۽ پڪي سوچ واري مارڪس جي وچ ۾ فرق ڪن ٿا. بس اهي مختلف طريقن سان ايئن ڪن ٿا. پهريان ذڪر ڪيلَ نوجوان مارڪس کي ”سچو“ مارڪس سمجهن ٿا ۽ پوءِ ذڪر ڪيلَ ”پڪي سوچ واري“ مارڪس کي ”سچو“ سمجهن ٿا.
ٻئي رويا مارڪسزم جي هڪ چيٿاڙيل، ابتدائي تصور کي ظاهر ڪن ٿا. ان جي وضاحت ان حقيقت سان ٿئي ٿي ته ذهني بي عمليءَ سبب مارڪسزم کي اصول پرستاڻن معيارن سان ماپيو وڃي ٿو. پر ”مسودا“ ۽ ”ناڻو“ ٻن اصولن جي حيثيت سان، ٻن مڪمل فلسفي جي نظامن جي حيثيت سان ايئن هڪ ٻئي جي مخالفت نه ٿا ڪن ته پهرين جي مرڪز ۾ ”انسان دوستي“ آهي ۽ ٻئي جي مرڪز ۾ ”معاشيات پرستي“.
جيڪڏهن اهي هڪ ٻئي جي مخالفت ڪن ٿا ته رڳو پيڙهه ۽ چوٽيءَ جي حيثيت ۾. هڪ جي حيثيت اهڙي لکت واري آهي جنهن ۾ آفاقي طرح معروف لقائن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جو فڪر کوجيو ويو آهي ۽ ٻيءَ جي حيثيت اهڙي لکت واري آهي جنهن ۾ ان فڪر کي ڪم ۾ آندو ويو آهي. هڪ فلسفياڻي معاشي لکت آهي ۽ ٻِي معاشي فلسفياڻي لکت آهي.
مارڪسزم ڪو اصول ڪونهي پر هڪ فڪر آهي، جيئن ان جا باني اڪثر چوندا رهندا هئا. ان ڪري ان کي مختلف لکتن جي ”ٺهيل ٺڪيل“ اڏاوتن جو تفسير ڪري سمجهي نه ٿو سگهجي. مارڪسزم جي جيئري روح کي رڳو چرپر ۾، خيالن جي پيدائش ۾، فڪر جي لاڳيتي تڪميل ۾ سمجهي سگهجي ٿو.
اصول پرستيءَ واري تنگ نظريءَ کي ”ناڻي“ ۾ ڪا به ”انسان دوستي“ نظر نه ٿي اچي، ان ڪري جو اها مارڪس جي سڄي ورثي ۾ ان جي ان لکت جي جاءِ کي نه ٿي سمجهي، اها نه ٿي سمجهي ته ڪهڙن انساني آدرشن جي ڪري مارڪس ”معاشي ماڻهو“ جو اهڙو ڏکيو ڏيکارجندڙ اڀياس ڪيو هو. اها مارڪس جي انسان دوستيءَ کي نه ٿي ڏسي، ان ڪري جو اها فلسفو جهاڙائيندڙ شيخ چِليُن جي جذباتي خيرات پسنديءَ کي ”انسان دوستي“ سمجهڻ جي هيراڪ آهي.
ٻئي پاسي مارڪس جا نقاد، جيڪي ساڳي ئي قسم جي تنگ نظريءَ جو شڪار آهن، مارڪسزم جي اڏاوت لاءِ ”مسودن“ جي عظيم اهميت کي سمجهڻ جي صلاحيت نه ٿا رکن. اهي جڏهن ”ڌاريائپ“ ۽ ”انسان دوستيءَ“ بابت ٻڌن ٿا ته شَڪي انداز ۾ نَڪ گهنجائن ٿا، ته ڇا اهي ڪُلي تصور پوريءَ طرح مارڪسي آهن؟ اهي مارڪسزم جي ابتدائي اسڪيم بند تفسير جي هو چنبي ۾ مارڪس جي خيالن جي دولت کي ڦاسائي نه ٿا سگهن ۽ اهي بس ان ئي قسم جي تفسير کي سمجهڻ جي صلاحيت رکن ٿا، ۽ ان ڪري سندن من چاهي ٿو ته اهي ”خالص“ ۽ ”اڻخالص“ مارڪس، ”پڪي سوچ واري“ ۽ ”ڪَچي سوچ واري“ مارڪس جي وچ ۾ فرق ڪن.
مارڪس جي انسان دوستي ڪو عارضي تصوري جنون ڪو نه هئي، جيئن ان شَي جي ڄاڻي واڻي ۽ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ نظرئي ساز خيال ڪرڻ گهرن ٿا، جنهن کي مارڪس ”ردِي ڪميونـزم“ جو نالو ڏنو هو. انسان دوستي مارڪسزم سان ڪا ڳنڍيل شَي ناهي پر ان جي ٺيڪ دل، اهو اندروني سرچشمو آهي جيڪو ان کي توانائي ۽ زندگي عطا ڪري ٿو، جيڪو ان کي انسانذات جي خوشيءَ لاءِ وڙهندڙ ڪروڙن ماڻهن جو عالمي نُڪتي نظر بڻائي ٿو.
مارڪس جي انسان دوستي، جيئن اها ”مسودي“ ئي ۾ ظاهر ٿي پوي ٿي، ڪا ٻاراڻي فيوئرباخي معذرت، علم الانسان ناهي، جيڪا ٻن ماڻهن جي محبت ۽ فطرت سان انهن جي قربت کي الاهيت جي رتبي تي پهچائي ٿي. هيءَ هڪ تعليم آهي جيڪا ماڻهوءَ تي ڏاڍ ۽ ظلم جي سڀني صورتن سان نفرت ڏني آهي، اهڙي تعليم آهي جيڪا پنهنجي اندر نئين سر سماجي اڏاوت جي زبرست سگهه رکي ٿي.
”1844ع جا معاشي ۽ فلسفياڻه مسودا“ (۽ ڊوئچ فرانزيسيشي ياربيوخير“ ۾ واسطيدار مضمونَ) مارڪس جي روحاني اوسر ۾ هڪ انتهائي اهم وقت جي حيثيت رکن ٿا. ان کان اڳ واريون لکتون مارڪسزم تائين انهن جي راهه جي خصوصيت ڪن ٿيون ۽ ان کان پوءِ واريون لکتون مارڪسزم جي سڀني جزن ۾ ۽ سڀ کان اڳ سياسي معاشيات جي دائري ۾ مارڪسزم جي اوسر، قطعيت ۽ وضاحت ۽ تشريح جي خصوصيت ڪن ٿا.
1844ع واري سال کي سائنسي عالمي نُڪتي نظر جي جنم جو سال چئي سگهجي ٿو. پر اسين ان سال جي نشاندهي نه ٿا ڪري سگهون جنهن ۾ ان عالمي نُڪتي نظر جي جوڙجڪ تڪميل کي پهتي. جوڙجڪ ته مارڪس ۽اينجلس جي سڀني لکتن ۾ سندن موت تائين برابر هلندي رهي، اڄ به هلي رهي آهي ۽ تيستائين هلندِي رهندي جيستائين انساني سماج جو وجود آهي.