”ناڻي“ جو فلسفو
- ولاديمير لينن•
”’ناڻي‘ جو فلسفو“ ٿي سگھي ٿو ته گھڻن ئي ماڻهن کي ڪجھ اچرج جوڳن لفظن جو ميڙ لڳي. اسان ڄاڻون ٿا ته ”ناڻو“ بورجوا سماج جي معاشي ناتن جو تجزيو آهي. ڪجھ مغربي مارڪسي ماهر ان ڳالهه جو انڪار ڪن ٿا ته ”ناڻي“ ۾ ڪو فلسفو آهي ۽ اهو ته مارڪس فلسفِي به هو. سندن خيالن ۾ فلسفي ته اهڙو ماڻهو هوندو آهي جيڪو خاص فلسفياڻا ڪتاب لکندو آهي جن ۾ پاڻ پنهنجو خيالن جو نظام پيش ڪندو آهي.
مارڪس اهڙا ڪتاب ناهن لکيا. ڪٿي به هن ڪو فلسفياڻو ”نظريو“ ناهي پيش ڪيو، پوءِ به سڀني دَورن جو عظيم ترين فلسفِي آهي. مارڪس جي فلسفي، جدلياتي ۽ تاريخي ماديت کي سندس سڀني لکڻين ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ان سوال جو جواب ته ان کان واقف ٿيڻ لاءِ مارڪس جو ڪهڙو ڪتاب پڙهڻ گھرجي، لازمي طور جواب هيءُ هوندو ته سندس حياتيءَ جي حاصلات ڀري لکڻي ”ناڻو“ پڙهجي.
اهو ئي جواب لينن گذريل (ارڙهين) صديءَ جي آخر ۾ روسي لبرل سماجي ڪارڪن ۽ عمرانياتدان ن. ميخائيلوفسڪِي کي ڏنو هو، جنهن مارڪسزم خلاف پنهنجي هڪ مناظري واري مضمون ۾ اهو خُطباڻو سوال پڇيو هو ته: ”پنهنجي ڪهڙي ڪتاب ۾ مارڪس پنهنجو تاريخ جو مادي تصور پيش ڪيو هو؟“ ۽ پوءِ پاڻ ئي هن دريافت ڪندڙ غرور منجھان جواب به ڏنو ته مارڪس جي اهڙي ڪا لکڻي ناهي ۽ سڄي مارڪسي ادب ۾ اهڙي ڪائي تصنيف ناهي.
لينن حق تي اعتراض ڪيو ته ”مارڪس پنهنجي ڪهڙي تصنيف ۾ پنهنجو تاريخ جو مادي تصور ناهي ڏنو؟“ ۽ هن ڏيکاريو ته بورجوا مفڪرن کي مارڪس ۾ سماجي ارتقا جو ڪوئي فلسفياڻو نظريو ان ڪري نه ٿو ڏيکارجي جو مارڪس سموري اڳوڻي عمرانيات (Sociology) يعني سماج بابت سڀني تعليمن ۽ نظرين کان بنيادي طور ٻِي شَي جي تخليق ڪئي آهي.
ان دَور جي بورجوا دانشوراڻن ٽولن ۾ معزز ۽احترام لائق عمرانياتدان اهو ماڻهو هوندو هو جيڪو اهڙن ”گنڀير معاملن“ تي بحث ڪري، جھڙوڪ عام طور سماج ڇاهي، ان جا مقصد ۽ ان جو جوهر ڪهڙو آهي، ”انساني فطرت“ سان هڪجھڙائي رکندڙ سماج کي ڪيئن هجڻ گھرجي. اهي عمرانياتـدان، ان حقيقت تي مخلصاڻي بيزاريءَ جو اظهار ڪري ته موجود نظام عادت خلاف آهي ۽ ”انساني فطرت“ ۽ انصاف جي اصولن سان مطابقت نه ٿو رکي، تقريباً انقلابيءَ جهڙا به لڳي سگھن پيا ۽ روشن خيال ماڻهن جي نظر ۾ کين اخلاقي وقار به حاصل ٿي سگھي پيو.
مارڪس کان اڳ وارا عمرانياتدان سماجي عملن ۾ وڌيڪ اونهائيءَ تائين لهي نه سگھندا هئا ۽ انهن کي وقتي واقعن جي روشنيءَ ۾ ڏسندا هئا. اهي هيءُ سمجھندا هئا ته سماجي دنيا بادشاهن ۽ شهنشاهن جي فيصلن سان سلهاڙيل هوندي آهي، ته واقعن جي روش جو دارومدار سندن ئي مرضيءَ تي ۽ انهن مفڪرن جي خيالن تي هوندو هو جيڪي عام راءِ تي اثرانداز ٿيندا هئا. ان خيال جي انداز مطابق تاريخ اهڙن واقعن، عملن ۽ حقيقتن جو هڪ ڍير لڳي ٿي جنهن جو دارومدار مضبوط شخصيتن جي جذبن جي جدوجهد تي هوندو آهي، هڪ اهڙو ڍير جنهن ۾ ضروري ۽ غير ضروري مظهرن جي وچ ۾، گھٽ اهم ۽ وڌيڪ اهم جي وچ ۾ فرق نه ٿو ڪري سگھجي، جنهن ۾ ماڻهوءَ کي نه ته ڪو قانون ڏيکاربو آهي، نه سماجي ارتقا پٺيان ڪم ڪندڙ مڪينـزم (سرشتي) کي سمجھي سگھجي ٿو، نه اهو ته ڪيئن ان تي اثر انداز ٿي سگھجي ٿو.
اهو سڀ ڪجھ عمرانيات ۾ داخليت پرستي، عينيت پرستي (خيال پرستي) هو. فطرت بابت خيالن ۾ عينيت پرستيءَ جي جڏهن کان يوناني فلسفي ۾ شروعات ٿي هئي، تڏهن کان ان جا سخت مخالف يعني ماديت پسند موجود هئا پر سماج بابت خيالن ۾ مارڪس جي دَور تائين عينيت پرستيءَ جو دَور حاوي رهيو.
مارڪس سڀ کان پهرين سماج جي ارتقا تي ماديت جي خيال کي لاڳو ڪيو، ۽ اهو، لينن جي لفظن ۾، پاڻ ڏاهپ جو ڪارنامو هو.
مارڪس جذبن، خيالن ۽ مفادن جي ٽڪراءَ کي سبب نه، پر انساني شعور کان آزاد ڪجھ وڌيڪ گَھِرن سببن جو نتيجو سمجھيو. ڪنهن انسان جو ڪو به خيال يا نيت بذات خود ان جي سماجي وجود کان، سماج ۾ ان جي حيثيت سان مقرر ٿيندي آهي. خيالَ تڏهن ئي سماج جي ارتقا تي اثر انداز ٿي سگھن ٿا جڏهن اهي پختين سماجي ضرورتن کي پورو ڪن، جڏهن اهي سماج جي اڪثريت جي مفادن جو، سڀ کان وڌ ته مادي مفادن جو اظهار ڪن، جيڪڏهن اهي عوام الناس کي فتح ڪري وٺن.
مثال طور ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ فرانسي بادشاهت ڇو ختم ٿي وئي؟ ظاهر آهي ان ڪري نه ته لوئِي شاتـز ڏَهين هيءَ يا هوءَ سياسي غلطي ڪئي هئي (جيتوڻيڪ اها به اهميت رکي ٿي) پر ان ڪري جو مطلق اقتدار ۽ جاگيرداراڻا سماجي ناتا ملڪ جي واپار ۽ صنعت جي ارتقا ۾ رنڊڪ وجھي رهيا هئا ۽ سرمائيداري ۽ بورجوائي جي اڀرندڙ طبقي جي اوسر ۾ رنڊڪ بڻجي ويا هئا جيڪو تنهن وقت معاشي اقتدار ته رکندڙ هو، پر سياسي اقتدار کان وانجھيل هو.
سماجي ناتا انساني شعور کان آزاد رهندي ترقي ڪندا آهن ۽ آخري تجزيي ۾ اهي ئي رائج نظرياتي، سياسي ۽ قانوني نظام جو تعين ڪندا آهن. عام طور خيالن جي ڍنگَ جو دارومدار سماجي-معاشي عملن جي ڍنگ تي هوندو آهي، نه ڪي ان جي ابتڙ. ان جو مطلب اهو هوندو آهي ته سماجي ناتا پاڻ ئي مادِي هوندا آهن، معروضي هوندا آهن! اِهو آهي اُهو نتيجو، جنهن تائين مارڪس کان اڳ وارا مفڪر نه پهچي سگھيا هئا.
پر سماجي لاڳاپا انتهائي گھڻ رُخا هوندا آهن. انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ اهم اهي هوندا آهن جيڪي پيداواري عمل ۾ پيدا ٿيندا آهن يعني پيداواري ناتا. اهي پاڻ کي ڪهڙيءَ طرح پڌرو ڪندا آهن؟ اهي سڀ کان وڌيڪ پيداوار ڪندڙ ۽ پيداواري ذريعن جي مالڪ جا يعني غلام ۽ آقا جا، هاري غلام ۽ جاگيردار جا، مزدور ۽ سرمائيدار جا ناتا هوندا آهن.
انهن ڦرلٽ ڪندڙ ناتن جي ٽنهي روپن جي وچ ۾ جيڪو بنيادي فرق آهي، اهو سولائيءَ سان ڏسي سگھجي ٿو. ان ڪري اسان انهن سان هڪجھڙائي رکندڙ ٽن سماجي-معاشي جوڙجڪن سان نبري رهيا آهيون جن ۾ قدرتي طور تي پيداواري قوتن جي واڌ ويجھ جي نتيجي ۾ هڪ مان ترقي ڪري ٻِي ٺهندي آهي.
مارڪس سماج جي اوسر کي هڪڙي قدرتي تاريخي عمل جي حيثيت سان ڏٺو جيڪو اهڙن قانونن جي تابع هوندو آهي جيڪي انساني شعور کان آزاد پر پوريءَ طرح سمجھ جوڳا هوندا آهن.
انهن سڀني خيالن جو اظهار مارڪسزم جي بانين 1840ع کان پوءِ واري ۽ 1850ع کان پوءِ وارن ڏهاڪن ۾ ڪري ڇڏيو هو، پر لينن جي لفظن ۾، ”ناڻي“ جي تخليق کان اڳ اهو صرف هڪ مفروضو هو جيتوڻيڪ ان لاءِ سائنسي اساس موجود هو. ”ناڻي“ جي پڌري ٿيڻ کان پوءِ تاريخ جو مادي تصور ڪو مفروضو نه رهيو پر سائنسي طور ثابت ڪيل دليل رکندڙ دعوى بڻجي ويو ۽ عمرانيات سائنس جي هڪ شاخ بڻجي وئي.
تاريخي ماديت جي جوڙجڪ ۽ قائم ٿيڻ ۾ ”ناڻي“ ڇو ايڏو اهم ڪردار ادا ڪيو؟ ان ڪري جو مارڪس پاڻ کي انهن قياسي عام بحثن تائين محدود نه رکيو ته سماج ڪيئن منظم آهي، پر هن سرمائيداري جي جوڙجڪ جو مثال استعمال ڪري سماج جي ڪم ڪرڻ جي طريقي جو ۽ ارتقا جي مڪينزم جو تفصيلي اڀياس ڪيو. ان ڪري پڙهندڙ ان سڄي جوڙجڪ کي هڪ جاندار جسماني نظام جي حيثيت سان، ان جي پيداواري قوتن ۽ پيداواري ناتن جي ور وڪڙ جدليات سميت، بورجوازي ۽ پرولتاريه جي طبقن جي عداوت سميت ۽ انهن سياسي، قانوني ۽ نظرياتي ادارن سميت ڏسي سگھي ٿو جيڪي مزور جو استحصال ڪرڻ لاءِ ڪارخانيدار جي حق جي حفاظت ڪندا آهن.
مارڪس اڻٽر منطق سان ثابت ڪيو ته جهڙيءَ ريت جاگيرداريءَ لازمي طور تي سرمائيداريءَ لاءِ جاءِ خالي ڪئي، تهڙيءَ ريت سرمائيداري به ارتقا جي معروضي قانونن سبب پاڻ پنهنجي تباهيءَ جي، هڪَ بنا طبقي سماج ڏانهن وڌي رهي آهي. ”سرمائي جي حاڪميت پيداواري نموني لاءِ هڪ زنجير بڻجي پوندي آهي جيڪا ان سان گڏ ئي ۽ ان جي تحت وجود ۾ آئي ۽ وڌي ويجھي. پيداواري ذريعن جي مرڪز بندِي ۽ محنت جي سماج بندي آخرڪار هڪ اهڙي نُڪتي تي پهچنديون آهن جتي اهي پنهنجيءَ سرمائيداراڻي ڇُلڪي کان ڌار ٿي پونديون آهن. اهو ڇلڪو ڦاٽي پوندو آهي. سرمائيداراڻي نجي ملڪيت جو پڇاڙڪو وقت اچي رسندو آهي. بي جائداد بڻائيندڙ بي جائداد ٿي پوندا آهن.“•
مارڪس قائل ڪندڙ طور ثابت ڪري ٿو ته ڪميونسٽ سماج يوٽوپيائي خواب ڏسندڙن جو آدرش ناهي پر معاشي حياتيءَ جي پوري رَوش جو رخ ئي انهيءَ ڏانهن آهي. خود سرمايو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي، سڀني پيداواري قوتن جي اوسر کي بنا روڪ ٽوڪ جي تيز رفتار بڻائي هڪ نئين سماج لاءِ، هڪ نئين سماجي-معاشي جوڙجڪ لاءِ مادي شرط پهريائين تيار ڪري وٺندو آهي. پرولتاريه کي وڏن ڪارخانن ۾ متحد ڪري ۽ آباديءَ جي وڏي اڪثريت کي اجوري تي رکيل استحصال جو شڪار مزور بڻائي سرمايو هڪ اهڙي انقلابي قوت تيار ڪري رهيو آهي جيڪا پراڻي سماج جي زنجيرن کي ٽوڙي ڇڏڻ ۽ ان جِي نئين سِر تنظيم شروع ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
ڪميونزم هڪ اهڙو سماج آهي جتي پاڻ مزدور سڄِي مادِي ۽ روحاني دولت جا مالڪ آهن، جتي انسان صفا مٿاهون قدر ۽ مقصد ٿي پوندو آهي ۽ هُو سماجي پيداوار جو صرف ذريعو ئي ناهي رهندو، جتي هر ڪنهن جو آزاداڻِي سڀ رُخِي اوسر جو هڪ شرط هوندو آهي. مارڪس ان سماج جو جيڪو خاڪو پيش ڪيو تنهن ۾ يوٽوپيائيت جو شڪ ئي نه هو، ۽ مستقبل جي ڪنهن ”روشن دَور“ جي من پسند، دل نواز تصويرون پيش ڪرڻ جي ٿوري به ڪوشش نه ڪئي. منطقي تجزيي جي سگھ سان هُو انهن رجحانن ۽ قانونن جو انڪشاف ڪري ٿو جيڪي ڪميونزم کي تاريخي طور اڻٽر بڻائن ٿا ۽ نئين سماج تائين ويندڙ حقيقي راهه ڏيکارن ٿا ــــــــ پرولتاريه انقلاب ۽ مزور طبقي جي ڊڪٽيٽرشپ منجھان گذرِي. ايئن سرمائيداراڻي پيداوار جي ڏکئي نظر ايندڙ معاشي تجزيي جي عمل ۾ مارڪس تاريخ جو مادي تصور پيش ڪري ٿو. ساڳيءَ ريت ”ناڻو“ جدلياتي ماديتي فڪر جو به حامل آهي جيڪو مارڪسي فلسفي جو مغز آهي.
جدلياتي ماديتي فڪر کي خاص اصطلاحن ۾ ناهي ٻڌايو ويو، ان کي عمل ۾، سرمائيداراڻي سماج جِي معيشت جي تجزيي تي ان جو عملي اطلاق ڪري پيش ڪيو ويو آهي. ”ناڻي“ جو تجزيو ڪندي اسان ڏسون ٿا ته مارڪس ان فڪر کي ڪيئن ڪتب آندو، ڪيئن ان جو اطلاق ڪيو. ان ڪري ”ناڻي“ جا پڙهندڙ اهو به سکي وٺن ٿا ته سماج جي اڀياس ۾ جدلياتي ماديتي فڪر جو اطلاق ڪيئن ڪري سگھجي ٿو ۽ ڪرڻ گھرجي، ڪيئن تصورِي فڪر جي ان سگھاري هٿيار جي استعمال ۾ مهارت ماڻي سگھجي ٿي.
سمجھ جي جدلياتي فڪر کي مارڪس کان گھڻو گھڻو اڳ ڪيئي فلسفين نکاريو سنواريو هو. خود ان اصطلاح ”جدليات“ (Dialectics) جو جنم آڳاٽي يونان ۾ ٿيو هو ۽ ان جي معنى هئي ڪنهن جَھڳڙي يا گفتگوءَ کي وڌائڻ جو فن، گفتگو ڪندڙ کي اهڙي حالت تائين پهچائڻ جو ڪم، جتان اهو نڪري نه سگھي، کانئس نيٺ ڪا اهڙي ڳالهه چوِرائڻ جيڪا ان دعوى جي بنهه ابتڙ هجي جيڪا هن شروعات ۾ ڪئي هجي. وقت سان گڏ ان اصطلاح ”جدليات“ جي معنى ڪجھ مختلف ٿي وئي. ان جي معنى ٿيڻ لڳي فطرت، سماج ۽ سوچ جي سچن عملن جي رواني ۽ متضاد نوعيت، ۽ ضدن جي اتحاد ۽ ٽڪراءَ ذريعي سادي کان ڳتيل ڏانهن اوسر. مُهڙيان يوناني فلسفي هراقليطس، اناڪسا غورث، پرمينيدس، زينو، ڊمقراطيس، سقراط ۽ افلاطون ماهر جدلياتـدان هئا. اهي ئي ماڻهو هئا جن جدليات کي سوچڻ جو، چؤگرد موجود دنيا جي سمجھ جي شعوري طور تي اطلاق ڪيل فڪر ٺاهي. سندس تيز فهم فلسفياڻن خيالن جي اهميت ۾ ۽ انهن جي وقتائتو هجڻ ۾ اڄ به ڪا کوٽ ناهي آئي. قديم يوناني فلسفي ڪائنات جي هڪ پوري تصوير پيش ڪن ٿا. اهي اهم ترين ۽ آفاقي سببي ناتن کي حسي طور تي سمجھي وٺن ٿا. اهي تفصيل جي دنيا ۾ وڌيڪ گهِرائيءَ تائين نه ٿا وڃن ـــــــــ ۽ انهيءَ ۾ ئي آڳاٽي يوناني فلسفي جي خرابي لڪل آهي، جنهنڪري ان کي پوءِ ٻين خيالن آڏو هارائڻو پيو. پر، جيئن اينجلس اصرار ڪيو آهي ته، انهيءَ ۾ ڪجھ انهن محدود تصورن تي ان جي فوقيت به لڪل آهي جن تي فطرتي سائنس پوريءَ طرح اڄ تائين ڪنٽرول حاصل ڪري ناهي سگھي. يوناني فلسفو اسان کي ڪُل تصورن ۽ گروهن جو هڪ سڌريل، جدلياتي طور تي نرم نظام ڏنو آهي جيڪو اڄ به دنيا جي وضاحت ۽ تفسير لاءِ ڪاميابيءَ سان استعمال ڪري سگھجي ٿو. ان جي نمائندن گھڻن ئي سگھارن ۽ سمجُھو مفروضن جي جوڙجڪ ڪئي جن کي پوءِ سائنسي طور تي تجربن ذريعي ثابت ڪيو ويو. عظيم ۽ جديد فزڪس ڄاڻن مان هڪَ، ماڪس بورن صحيح چيو آهي ته ”فزڪس جيڪو ڪجھ سوچي رهي آهي ان مان گھڻي ڪجھ جي دور انديشي فلسفو ڪري چڪو هو.“
اينجلس قديم يونانِي سان گڏوگڏ مارڪس کان اڳ واري جدليات جي هڪڙي ٻيءَ صورت ڏانهن به اشارو ڪيو جيڪا فطرتي سائنس لاءِ ڪارائتي هئي ــــــــ ڪلاسيڪي جرمن فلسفي جِي جدليات، جيڪا هيگل جي فلسفي ۾ پنهنجي عروج تي رَسِي.
هيگل ڪُلي تصورن جو هڪڙو طبعزاد نظام قائم ڪيو جنهن ۾ هڪڙي مان ترقي ڪري ٻيو ٺهندو آهي، جيڪي هڪ ٻئي سان ٽڪراءَ ۾ ايندا آهن ۽، سندس موجب، ان اوسر ۽ جدوجهد ۾ فطرت، سماج ۽ سوچ جي سڀني مظهرن کي جنم ڏيندا آهن. اهي ڄڻ حقيقت کي مٿي ڀر بيهاريندا آهن ۽ سمجھندا آهن ته خيالَ، تصورَ ۽ منطقي حدون دنيا جي عڪاسي نه، پر ان جي تخليق ڪنديون آهن. نتيجو اهو هوندو آهي ته هيگل پنهنجي فلسفي کي تخليق جو تقريباً معراج سمجھندو هو ان ڪري جو اهو آخري، مطلق سچائيءَ کي ماڻي وٺندو آهي.
تڏهن به پنهنجي عينيت پرستيءَ ۽ محدوديت باوجود هيگلي فلسفو دنيا جي تفسير ۾ تمام وڏي اڳڀرائي هو.
هيگل جي تمام وڏي خوبي هيءَ آهي ته هن فلسفي ۾، فن ۽ فطرتي سائنس ۾، انساني روح جي مڙني ڪارنامن جو خلاصو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. هن پوري قدرتي، تاريخي ۽ روحاني دنيا کي مسلسل تبديليءَ، نئين سِر جوڙجڪ ۽ اوسر جي روپ ۾ پيش ڪيو. قدرت، سماج ۽ سوچ ۾ هڪجھڙا ئي جدلياتي اصول موجود هوندا آهن. انساني سوچ جي تاريخ ۾ ڪڏهن (به) اهڙو شاندار ۽ جامع نظام تخليق نه ڪيو ويو هو.
پر سادي کان ڳتيل، جز کان ڪُل تائين اهي سڀئي شيون موجود آهن، انهن جي اوسر جي هَلت ۽ مڪينـزم جو انڪشاف ڪرڻ هيگل جو سڀ کان وڏو ڪارنامو هو جنهن کي هن تجريدي کان ٺوس ڏانهن اُوچو ٿيڻ جو فڪر ڪوٺيو ۽ جيڪو سندس جدليات جي سڀني رُخن، قانونن ۽ عنصرن جو حامل هو. تجريدي کان ٺوس ڏانهن اُوچو ٿيڻ واري هيگلي فڪر جي مدد سان شَي نئين سر پيدا ٿيندي هئي، نه رڳو گڏيل عمل ڪندي پر تاريخي اعتبار کان وڌندي، اُسرندي ۽ ترقي ڪندي به. هيگل وٽ هڪڙي مان ٻين حدن جو ”نـج“ نتيجو ڄڻ عالمي تاريخ جي اوسر سان حيرت انگيز طور پُور وڇوٽ هلي ٿو ۽ جيتوڻيڪ حقيقي امرن جي حالت تصوفياڻي طور تي اونڌي ٿي پوندي آهي جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته هيگل وٽ ڪُل سوچيندڙن جي تخليق حقيقي تاريخ جي تخليق آهي، پوءِ به ان سوچ جي انداز ۾ ئي تاريخ جو مادي تصور، سماجي عملن ۽ مظهرن جي اڀياس بابت ۽ انهن جي تصوري نمونن بابت سائنسي رويو پهريون شرط هو.
ان مان ڪهڙو نتيجو نڪتو؟ ظاهر ۾ ايئن ٿو لڳي ته رڳو اهو ڪرڻ جي گھرج آهي ته ماڻهو ان فڪر ۾ مهارت ماڻي وٺي ۽ ان سان پاڻ کي هٿياربند ڪري وٺي ۽ بس هڪ سگھارو سمجھ وارو اوزار ملي پوندو جيڪو ماڻهوءَ کي سائنس جي سڀني قطعي گهيرن ۾ سندس تمام ڳتيل تصوري سوالن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. ڏيندو نه؟
پر گھڻي عجيب ڳالهه هيءَ به آهي ته هيگلي فلسفي جو عظيم ترين ڪارنامو ــــــ جدليات ـــــــ خود فلسفِيءَ جي زندگيءَ ۾ به ۽ سندس فوتيءَ جي گھڻن ئي ڏينهنِ تائين بيڪار رهيو، ڪنهن به نموني جي اطلاق کان سواءِ. ڪنهن به هيگلي جدلياتي فڪر جو اطلاق ڪرڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي. ان تي تنقيد نه ڪئي وئي، بس وساريو ويو. هيگلي ”ڊائيي ڊوڪ“ (تسلسل ـــــــ اهو نالو ٽوڪ منجھان اينجلس جرمن يونيورسٽين ۾ هيگلي مڪتب جي سرڪاري نمائندن کي ڏنو هو) سڪندر اعظم جي جانشينن وانگر پاڻ ۾ ئي وڙهندا رهيا ۽ سندن سمجھ ۾ ئي نه آيو ته ان عظيم الشان ورثي جو ڇا ڪن، جيڪو کين مليو آهي.
ايئن ڇو هو؟ سبب، معلوم ٿئي ٿو ته خود فڪر جي ڪامل نه هجڻ ۾ لڪل هو. جنهن شڪل ۾ ان کي مستقبل جي حوالي ڪيو ويو هو ان شڪل ۾ اهو عمل لائق نه هو. ان جي واڌ ويجھ مابعد الطبعياتي تجريدن جي مصنوعي ۽ غير حقيقي ماحول ۾ ڪئي وئي هئي ۽ اهو رڳو عينيت پرست فلسفياڻي نظام جي ضرورتن لاءِ موزون هو جيڪو پاڻ پنهنجي اوسر مڪمل ڪري چڪو هو.
هڪ ڀيري جڏهن هيگل پنهنجي فلسفي ۾ دنيا کي مُنڍيءَ تي بيهاري ڇڏيو ته اها ان نازڪ مؤقف ۾ رڳو بيهي ئي سگھي پئي، اڳتي وڌي نه پئي سگِھي. جدلياتي فڪر اهڙي ڪمزور بنياد تي ترقي ڪري نه پيو سگھي.
مطلق عينيت پرستيءَ جو هيگلي نظام پيش ڪري فلسفي ۾ اهو سڀ ڪجھ ماڻي چڪو جيڪو ماڻڻو هو. جن شين جي سمجھ ماڻڻ جي اهو لائق هو تن جي سمجھ پهريان ئي ماڻي چڪو هو. جيڪو ڪجھ کيس چوڻو هو اهو سڀ ڪجھ پهريائين ئي چئي چڪو هو. مطلق سچائي حاصل ڪئي وئي هئي.
ڌرتي سج چوڌاري ڦرڻ بند ڪري سگھي پئي، تارا چمڪڻ ڇڏي سگھن پيا، انسانذات جنگين ۽ انقلابن، جذبن ۽ مفادن کي ڇڏي بهادر جرمن سوچ جي نمايان ڪارنامي جي دائمي مداح بڻجي حيران بڻجي بيهي سگھي پئي، پر ڪنهن ٻئي پاسي وڃڻ جو امڪان نه هو، کوجنا ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪجھ نه هو. هيگلي فلسفو فطرت، سماج ۽ سوچ جي سڄي تاريخي چرپر جو معراج ۽ نتيجو هو.
جدلياتي فڪر جو اطلاق علم جي ٻين شعبن تي ڪرڻ جو سوال ڪٽر هيگلين کي برائي لڳندو هو.
اهو رڳو عينيت پرستاڻي کَل کي لاهي ڦٽو ڪرڻ جو سوال نه هو. عينيت پرستيءَ جي سيني ۾ جيڪا جدليات وڌي ويجھي رهي هئي ان لاءِ عينيت پرستي خارجي شَي نه هئي. اُن جدليات تي پنهنجي قابيلي مهر هڻي ڇڏي هئي ۽ جدليات سدائين ان جي مرضن ۽ ان جِي ڪمزورين ۾ ڦاٿل رهي.
جيئن اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي، هيگلي فلسفي جي مطلق ۽ قطعي سچائيءَ جو دعويدار هجڻ ڪري جدليات جي بڇڙي ترديد ٿي وئي. ان جا حق فقط سوچ جي ميدان تائين محدود رهجي ويا. قدرت ۽ سماج جي سلسلي ۾ وڌ ۾ وڌ جدليات جي هڪ شَڪ کي جاري رکيو ويو، تقريباً انهيءَ حد تائين جيستائين اها اُن وقت جي ڌار ڌار فطرتي سائنسن جي ڪارنامن ۾ ظاهر ٿيندي هئي.
ان جو پنهنجو منطق هو. جيڪڏهن مادو صرف سمجھ جو اوپرو وجود آهي (اڻويهين صديءَ جي شروعات ۾ مادي جي سمجھ جدليات جي حد تائين نه پهتي هئي) ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته مادو بنيادي طور ترقي ڪيل جدليات کان اوپرو آهي ۽ اتي جدليات کي ڳولڻ اجايو آهي. ان ڪري وڌيڪ تصوري ڳولا جي راهه عملي طور بند هئي ۽ سوچ پنهنجين ڪاميابين تي مطمئن ٿِي، ڳڻتين کان آجي ٿِي وئي. هيگل جي فلسفياڻي نظام جي حدن کان اڳتي جدليات کي ڪجھ ڪرڻ لاءِ هو ئي نه، اها مڙني صلاحيتن کان محروم ٿي چڪي هئي.
”خالص سوچ“ جي گھيري ۾ به هيگل جي عينيت پرستيءَ سندس جدلياتي فڪر کي متاثر ڪيو. ان جي حدن جون تارازيون اڪثر ڪري پنهنجيءَ مرضيءَ واريون هيون جيڪي سچي منطق ۽ ڪُلي تصورن جي مواد سان هڪجھڙائي نه رکنديون هيون. هڪ مقرر اسڪيم خاطر هڪ دَور کان ٻئي تائين بيڪار عبورن جِي ۽ ان سان گڏ اجائي لفاظيءَ ۽ ڇڪتاڻ جي ججهائي هئي جنهن منجهان ملائيت ۽ تصوف جي بوءِ ايندي هئي. هيگل کي به، ميفسٽوفليز جي ساڙيلي قول مطابق اداڪاريءَ ۾ ڪو عيب نه هو:
سمـجھ کـي جـڏهـن به ڪــٿـي ٿـورڙي هــارَ ٿِـي
ان جو نائب بڻجي ڪوئي لفظ اتي اچي پهتو.
پر ان هوندي به جيڪڏهن هيگل نـج سوچ جي شعبي ۾ عظيم ڪارناما ڪيا ۽ سڄي اڳوڻي منطق ۽ مابعدالطبعيات کي تقريباً راند ئي راند ۾ ختم ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن هن، ڀلِي ته عينيت پرستاڻي شڪل ۾ ئي، عالمي تاريخ جي اوسر ۽ اندروني تعلق جو انڪشاف ڪيو ۽ علم جي جنهن شعبي کي به هن ڇُهيو ان ۾ هڪ مڪمل يادگار دَور ڇڏيو، ته ان جو مطلب اهو هجڻ گھرجي ته سندس جدلياتي فڪر ۾ وڏا وڏا امڪان لڪل آهن جن کي ان وقت تائين عمل هيٺ نه آندو ويو هو.
ان جو مطلب اهو هجڻ گھرجي ته ان لاءِ هڪ اهڙو ماڻهو گھربل هو جيڪو جدليات جِي تلوار کي نظام جي مياڻ مان ڪڍي، ان جي عينيت پرستيءَ جِي ڪَٽُ کي لاهي ۽ ان کي وري اهڙيءَ ريت ٺاهي جو اها نه رڳو اهو ته تصورن جي اڻ ڏٺل پاڇن ۾ گهرِي وڃي پر مادي حقيقت جي انتهائي ڳتيل سماجي ۽ فطرتي عملن جي پروڙ لاءِ هڪ هٿيار بڻجي پوي. اهڙو ماڻهو ڪارل مارڪس هو.
اينجلس، جنهن پاڻ به هيگليت کان مارڪسزم تائين جو سفر ڪيو هو، اهو چوڻ ۾ حق تي هو ته ”مارڪس اڪيلو ماڻهو هو ۽ آهي جيڪو هيگلي منطق مان اها ڳرُ ڪڍڻ جو ڪم ڪري سگھي پيو جيڪا ان کيتر ۾ هيگل جي اصل کوجنائن تي مشتمل آهي، ۽ جدلياتي فڪر کي، ان جي عينيت پرستاڻي هوا کان صاف ڪري ان سادي روپ ۾ ان جي نئين سر جوڙجڪ ڪري سگھي پيو جنهن ۾ اهو سوچ جي ارتقا جي اڪيلي سچي شڪل بڻجي پوي ٿو. ان فڪر کي مرتب ڪرڻ کي، جيڪا مارڪس جي سياسي معاشيات جي تنقيد جو بنياد آهي، اسان پاڻ بنيادي ماديت پسند نُڪتي نظر کان ڪنهن طرح به گھٽ اهم نتيجو نه ٿا سمجھون.“
ٺوس سائنسي تحقيقن ۾ جدلياتي فڪر جو اطلاق ڪرڻ جي ڪهڙي معنى آهي؟ ٺهيل ٺڪيل مقرر جدلياتي هيئتون کڻڻ ۽ ڌار ڌار سائنسن جي تجرباتي مواد کي ان ۾ رکڻ؟ هيگل وٽ تجريدي کان ٺوس ڏانهن اُوچو ٿيڻ جون جيتريون به ڳنڍيون ۽ تبديليون آهن انهن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ پوءِ بلڪل ان موجب فزڪس، ڪيمسٽري، بائلاجي، عمرانيات ۽ سياسي معاشيات جي مصالحي جي وضاحت ڪرڻ؟ هيگل جي ڪتاب ”فلسفياڻن علمن جي انسائيڪلوپيڊيا“ جا اصطلاح، گروهه ۽ ڪُلي تصورن تي عبور حاصل ڪرڻ ۽ مطالعي هيٺ حقيقت جي مظهرن ۽ قانونن کان اها ئي ڳالهه چورائڻ جي ڪوشش ڪرڻ؟ جدليات جي قانونن ۽ خاصيتن جو علم حاصل ڪرڻ ۽ فطرتي سائنسن جي گھيري ۾ ان جا وڌ ۾ وڌ نوان مثال ۽ تصديقون ڳولڻ؟
ڇا اهو ئي ان سادڙي يقين جو سرچشمو ناهي جيڪو اڄ تائين برقرار آهي ته سائنسدانن کي رڳو جدليات سان لاڳاپيل رسالن جو اڀياس ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن سان کين سائنس جي قطعي گھيرن ۾ شاندار کوجنائون ڪرڻ جو وجدان حاصل ٿي ويندو؟
مارڪس معاشي تحقيق ۾ جدلياتي شاهراهه کي استعمال ڪرڻ جي مسئلي بابت بنهه ٻيو رويو اختيار ڪيو. هُن حقيقت مٿان جدلياتي هيئتون مَڙهڻ کان انڪار ڪيو. هُن حقيقت کي، هيگل وانگر، ٺهيل ٺڪيل جدلياتي اسڪيمن ۾ فِٽ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي پر پاڻ معاشي عملن جو غير جانبداراڻو اڀياس انهن جي هئڻ ۽ اوسر ۾، انهن جي لاڙن ۾ ڪيو ۽ تضادن جي ارتقا ذريعي ۽ سندن پنهنجي ضد ڏانهن عبور ذريعي معاشي جسماني نظام جي درجيوار ترقيءَ جي اندروني منطق جو يعني اڀياس جي واقعي موضوع جِي جدليات جو انڪشاف ڪيو. ان ڪري مارڪس چيو ته سندس فڪر هيگلي فڪر جو مڪمل ضد آهي.
جيئن مارڪس چيو آهي، سندس مقصد هو سرمائيداراڻي سماج جي درجيوار ترقيءَ جي معاشي قانون کي کوجڻ. پر ”ناڻي“ ۾ ڪهڙي قطعي سماج جي تصوير ٺاهي وئي آهي؟ اهو جرمني ناهي، فرانس ناهي ۽ ايستائين جو انگلئنڊ به ناهي، جيتوڻيڪ مارڪس انگلئنڊ جو حوالو گھڻي ۾ گھڻو ڏي ٿو. اها سرمائيداري ڄڻ ته پنهنجي نـج روپ ۾ آهي. اهو سرمائيداراڻي معيشت جو تصوري نمونو آهي جيڪو ڪنهن مئل ۽ اڻ بدلجندڙ شَي وانگر ظاهر ناهي ٿيندو پر هڪ اهڙي ”جسماني نظام جي حيثيت سان، جيڪو بدلجڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ مسلسل بدلجي رهيو آهي.“
ان جسماني نظام جي نمائندگي ڪُلي تصورن ۾ ڪيئن ڪري سگھجي ٿي؟ ان غير معمولي پيچيدگيءَ ۽ گھڻ رُخائيءَ جو اظهار خيال ۾ ڪيئن ڪري سگھجي ٿو؟ رُخن جي اندروني علت يعني ڍانچي کي صرف پنهنجو منصبي ڪم ڪرڻ جي عمل ۾ ئي نه، پر ان جي تاريخي ارتقا ۾ به ڪيئن سمجھي سگھجي ٿو؟ جيڪا سرمائيداري ناتن جي سطح معلوم ٿئي ٿي ۽ جنهن کي هر ماڻهو ڏسي سگھي ٿو ۽ جيڪا شَي انهن جي ڳجھي جوهر جو جوڙجڪ ڪري ٿي، انهن ۾ تعلق ڪيئن قائم ڪجي؟ سرمائيداراڻي معيشت جي سڄي انوکي تعمير جي عڪاسي گروهن جي نظام ۾ ڪيئن ڪري سگھجي ٿي؟
مارڪس ان بي مثال مشڪل ڪم کي تجريدي کان ٺوس ڏانهن اُوچو ٿيڻ واري جدلياتي ماديتي فڪر جي مدد سان حل ڪيو، جيڪو جيتوڻيڪ هيگل جي فڪر کان سڌيءَ ريت وجود ۾ آيو هو پوءِ به ان کان ايڏو مختلف آهي جيڏو، مثال طور، انسان ۾ پنهنجي عروجي نُڪتي تي رَسندڙ جاندار صورتن جي ڪامليت جو قدرتي تاريخي عمل مختلف آهي هڪ قاروري (پيشاب ڀريل شيشي) ۾ تِـڇ انسان جي تصوفياڻي، ڪيميائي تخليق کان، جيڪا گوئٽي جي ”فائوسٽ“ ۾ ٻڌائي وئي آهي.
جيڪو سوال کانئس اڳ هيگل اڳيان هو، ان سان مارڪس به اٽڪيل هو ته سرمائيداراڻي معيشت جي نظام جِي پنهنجي تصوري عڪاسيءَ کي ڪٿان شروع ڪري؟ ۽ جواب تي گھڻي ڪجھ جو دارومدار هو، ان ڪري جو غلط ابتدائي مقدمو غلط نتيجن جو ڪارڻ بڻبو آهي، ڇو ته لُڏندڙ بنياد تي نظريي جي پُختي جڳهه نه ٿي ٺاهي سگھجي.
اها صفا قدرتي ڳالهه لڳي ٿي ته سياسي معاشيات کي ڪنهن حقيقي ۽ ٺوس شَي مثال طور آباديءَ، قوم، رياست کان شروع ڪجي. ارڙهين صديءَ جي معاشياتدانن اهو ئي ڪيو هو.
پر رياست هڪ ڳتيل ڪُلي تصور آهي. ان کي ان ڳالهه جي علم کان سواءِ نه ٿو سمجھي سگھجي ته رياستي مڪينزم ڪهڙين شين تي مشتمل هوندو آهي، ڪيئن ڪم ڪندو آهي، ڪهڙا سياسي ۽ معاشي جزا ان جي سرگرميءَ جو تعين ڪندا آهن.
جيڪڏهن رياست کان، آباديءَ کان شروع ڪجي ته اها ڪالهه جي تمام اڻ چٽي ۽ گاڏڙ ساڏڙ تصوير هوندي ۽ رڳو وڌيڪ مفصل وصفن ذريعي ئي ماڻهو انهن ڪُلي تصورن جي مختلف ڌار ڌار رُخن تائين پهچي سگھي ٿو. ان جو نتيجو اهو نڪرندو ته ماڻهوءَ کي پوئتي موٽي وري آباديءَ ڏانهن، رياست ڏانهن وڃڻو پوندو پر هن ڀيري هڪ گاڏڙ ساڏڙ تصوير جي حيثيت سان نه، پر اڻ ڳڻين وصفن ۽ ناتن جي رَچيل نتيجي جي حيثيت سان.
ان ڪري شروع ته ڪرڻ گھرجي هڪ ڌار، ابتدائي، تجريدي ڪُلي تصور کان، پر ڪهڙو؟ اهو ابتدائي جيو-گھرڙو، جيڻ (Gen) ڪٿي آهي جنهن مان سرمائيداراڻي پيداوار جو پورو مڪمل جسماني نظام قدرتي طور تي ترقي ڪري ٿو؟
مارڪس پنهنجو ڌيانُ واپاري جنس تي ڏئي ٿو. ”ناڻي“ جي پهرئين ٽُڪري جي لکت هيئن آهي: ”انهن سماجن جي دولت، جن ۾ سرمائيداراڻو پيداواري طريقو هلندڙ آهي، پاڻ کي ’واپاري جنسن جي زبردست جمع پونجيءَ‘ جي حيثيت سان پيش ڪري ٿي ۽ ان دولت جي ايڪائي هڪ اڪيلي واپاري جنس هوندي آهي. ان ڪري اسان جي تحقيق واپاري جنس جي تجزئي کان شروع ٿيڻ گھرجي.“
مارڪس ”ناڻي“ کي معيشت جي ابتدائي زندگيءَ کان شروع ڪري ٿو ــــــ واپاري جنس ۽ واپاري جنس جي ڏي وٺ سان، ۽ اها تخيل جو ڪو ڪرشمو ناهي، اها اهڙي شَي آهي جنهن جي سڃاڻپ حواسن سان ڪجي ٿي، هڪ مادي شَي آهي جنهن سان هر ماڻهوءَ جو ڏهاڙي تعلق رهي ٿو، جيڪا معيشت جي سڄي جسماني نظام ۾، ان جي سڀني جزن ۽ تفصيلن ۾ رچيل وسيل آهي، جيڪا ان جي تاريخي شروعاتي نُڪتي جي جوڙجڪ ڪري ٿي.
ان سان گڏ ئي واپاري جنس جي ڏي وٺ ”بورجوا (جنس جو واپار ڪندڙ) سماج جو سڀ کان سادو، انتهائي معمولي ۽ بنيادي ناتو آهي، اهڙو ناتو جنهن سان اربين ڀيرا واسطو پوندو آهي.“ اها هڪ تجريد آهي پر اهڙي تجريد جيڪا سرمائيداري جي مادي وجود مان ئي پيدا ٿي آهي، ان جي وجود ۾ اچڻ دوران به ۽ ان جي ترقي ڪيل روپ ۾ به. هيگل جي تجريدن جي ابتـڙ اها پاڻ سوچ جي سرگرميءَ جو نتيجو ناهي. اها مادي طور حاصل ٿيندي آهي، هڪ مادي طور موجود نظام جي هڪ رُخ جي حيثيت سان ۽ ان ڪري ان کي نظام جي تصوري نموني ۾ هڪ برابر جڳهه ملي سگھي ٿي ۽ هجڻ گھرجي.
واپاري جنس جي ڏي وٺ ڇاهي؟ ان جو بنياد ڇا تي آهي؟ واهپي (استعمال) ۽ ڏي وٺ جي قدر جي تضاد تي. مارڪس انهن ضدن کي ۽ تجريدِي ۽ ٺوس پورهيي جي نتيجو نڪتل تضادن کي جاچي ٿو ۽ قدر جي آفاقي صورت جي وڌيڪ ڳتيل ڪُلي تصور تي ۽ ان کان پوءِ مالي صورت تي پهچي ٿو. سندس خيال جي ارتقا مقرر قانونن موجب ناهي پر منطق مطابق، مطالعي هيٺ موضوع جِي جدليات مطابق هوندي آهي.
”ناڻي“ ۾ مارڪس جي فڪر کي ٻڌائيندي اينجلس لکي ٿو ته ”جيڪو ماڻهو حقيقت جو چٽو مثال ڏسڻ گھري ته جرمن جدلياتي فڪر پنهنجيءَ تشريح جي موجوده حالت ۾ پراڻو، ڳالهين جو ڳهير، مابعدالطبعياتي فڪر کان گھٽ ۾ گھٽ ايترو برتر آهي جيترو ريل گاڏي وچئين دَور جي اچ وڃ جي ذريعن کان، ته ان کي ايڊم سمٿ يا ڪنهن به ٻئي مشهور سرڪاري معاشياتدان جو مطالعو ڪرڻ ۽ ڏسڻ گھرجي ته ڏي وٺ جو قدر ۽ واهپي جو قدر انهن ماڻهن لاءِ ڪيڏو نه ڏکائيندڙ هو، انهن لاءِ ڪيڏو ڏکيو هو ته انهن ٻنهي کي مناسب طريقي سان ڌار رکن ۽ هر هڪ کي ان جي مخصوص قطعيت سان سمجھن، ۽ پوءِ ان ماڻهوءَ کي ان جي ڀيٽ ان واضح ۽ سادي وضاحت سان ڪرڻ گھرجي جيڪا مارڪس وٽ ملي ٿي.“
هڪڙي ڪُلي تصور کان ٻئي تائين، هڪ حد کان ٻيءَ تائين، سرمائيداراڻي اُپت جي ڍانچي سان بلڪل هڪجھڙائي رکندي مارڪس جي نظريي جي هم آهنگ عمارت بيٺي آهي. هتي پوءِ واري هر حد لازمي طور پاڻ کان پهريائين واري مان نتيجي طور نڪتل هوندي آهي، نئين مواد سان رچيل هوندي آهي ۽ مظهرن جي وڌندڙ وسيع گھيري تائين پهچ ڪندي آهي يعني ٺوس بڻجندي آهي. واپاري جنس جي ڏي وٺ ۾ جيڪو ابتدائي تضاد لڪل آهي ان جو تجزيو سرمائيداراڻي سماج جي ترقي ڪيل تضادن جو انڪشاف ان جي ٺوس علامتن ۾ ڪرڻ جو، ۽ ان جي نتيجي ۾، ان سماج جي اڻٽر نفيءَ بابت انقلابي نتيجي جو سبب بڻجندو آهي.
پرولتاريه کي بورجوازيءَ خلاف جدوجهد ۾ هڪڙو سگھارو تصوري هٿيار ملي پوندو آهي. سائنس تجريدي کان ٺوس ڏانهن اُوچو ٿيڻ جي جدلياتي ماديتي فڪر سان هٿياربند ٿي ويندي آهي.
جدلياتي فڪر کي اڃا تائين اهو ڏيکارڻو آهي ته اهو سائنسي سمجھ ۾ ڇا ٿو ڪري سگھي. فطرتي سائنسون گڏ ڪيل مصالحي کي عام ڪرڻ جِي، ان کي جدلياتي طور تي تيار ڪرڻ جِي، هڪ نئين تصوراتي ۽ فڪري مشينريءَ جي مدد سان مختلف رُخن تي سائنسن جي غير لاڳاپيل ڪارنامن کي سالم بڻائڻ جي اشد ضرورت محسوس ڪنديون آهن.
اتان فطرتي سائنس تصوري سوچ جي مٿاهَن گھيرن ۾ داخل ٿي ويندي آهي. لازمي طور سندس آڏو سڀني حاصل ٿيل نتيجن کي هڪ مقرر نظام اندر منظم ڪرڻ جو، هڪ اڪيلي نظريي جي ڍانچي اندر انهن جي وضاحت ڪرڻ جو فرض آهي. اهڙو فرض اسان فزڪس، بائلاجيءَ ۽ ماحوليات جي ايجنڊا ۾ ڏسي رهيا آهيون. ان کي حل ڪرڻ جو ڪو ٻيو طريقو ناهي سواءِ تجريدي کان ٺوس ڏانهن اُوچو ٿيڻ جي فڪر جي.
جدلياتي ماديتي فڪر محقق جي هٿ ۾ هڪ سگھارو هٿيار آهي. اهو ان کي هڪ صحيح اڳواڻ جي چونڊ ڪرڻ ۾، پنهنجو طرف جو احساس وڃائي نه ويهڻ ۾، ڀٽڪي ڪنهن اونداهي گِھٽيءَ ۾ نه پهچڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. اهو کيس مسئلي کي اهڙين جڳهن تي ڏسڻ ۾ مدد ڏيندو آهي جتي تجربو ۽ رياضياتي تجزيو اڃا تائين ان کي کوجي نه ٿا سگھن. پوءِ به اهو سڀ ڪجھ ان شرط جو پابند هوندو آهي ته محقق رڳو اهو ئي نه ته فلسفياڻا اصول ڄاڻيندو هجي پر هن ان فڪر تي مڪمل عبور حاصل ڪيو هجي.
مارڪسي-لينني فلسفي کان تقاضا ڪئي ويندي آهي ته اهو ان تخليقي، متجسس، غير رسم بند سوچ جي فڪرن جي وضاحت ڪري جيڪا عموميت جي مٿاهين سطحن تي عمل ۾ ايندي آهي. ان جو فرض آهي تصوري فڪر جي ڏاڪيوار ترقيءَ جي نون ذريعن، سوچ جي نين صورتن کي دريافت ڪرڻ جيڪي ڪائنات جي جوهري ۽ آفاقي ناتن جي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ گهِري سمجهه سان تعلق رکنديون هجن. ماديت پسند جدليات، پوري مارڪسزم وانگر، لينن جي لفظن ۾، ”ڪوئي ڪٽر اصول ناهي پر هڪ جاندار عمل جي رهنمائي آهي.“
***
ظاهر آهي ته ”ناڻي“ جي فلسفي بابت مٿي جيڪي ڪجھ ٻڌايو ويو آهي، اهو تمام مٿاڇرو خاڪو آهي. اهو پيش ڪرڻ ۾ منهنجو مقصد رڳو اهو ڏيکارڻ هو ته هتي ذهني سرگرميءَ جو هڪ ڏاڍو پرجوش ۽ دلچسپ ميدان موجود آهي. هتي اٿاهه گهِرايون آهن جن ۾ ٽُٻي هڻڻ اجايو نه ٿيندو. اسان انهن منجھ جيترو وڌيڪ گهرائيءَ تائين وينداسين، اهي روحاني طور تي اهو اسان کي ايڏو ئي وڌيڪ امير ڪنديون. هڪ لاطيني محاوري جو ذڪر اجايو نه ٿيندو، جيڪو پاڻ مارڪس به اڪثر ڪري استعمال ڪندو هو ”هتي واهِي آهي، هتان ٽپو ڏيو.“