ٻاراڻو ادب

پوپٽ رنگ رنگيلا

ھن ڪتاب ۾ شامل هر نظم ۾ هڪڙو خوبصورت پيغام سمايل آهي. هن ڪتاب ۾ تمام سڀاويڪ انداز ۾ ٻارن کي علم پرائڻ، وڏن جي عزت ۽ ننڍن سان پيار ڪرڻ، ساهوارن تي ڪھل ۽ قياس ڪرڻ جھڙا اخلاقي نُڪتا سيکاريا ۽ سمجهايا ويا آهن.  هنن نظمن / گيتن ذريعي ٻارڙن کي وندر ۽ تفريح سان گڏوگڏ معلومات جا موتي ۽ ڪارائتا نڪتا سمجهايا ويا آهن.  اميد آهي تہ هي ڪتاب ٻارن جي لاءِ دلچسپيءَ ۽ وندرَ سان گڏ سندن ذهني تربيت ۾ پڻ ضرور ڀاڱي ڀائيوار ٿيندو.

Title Cover of book پوپٽ رنگ رنگيلا

پنھنجي پاران

ڪنھن بہ ٻوليءَ جي ادب ۾ ٻاراڻو ادب پيڙھہ جي پٿر واري حيثيت رکي ٿو. ٻاراڻي ادب جا پڙهندڙ ٻار ئي اڳتي هلي تخليقي ۽ معياري ادب جا وڏا نالا بڻجندا آهن. ٻاراڻو ادب ٻارڙن جي ذهني وندر ۽ اوسر جو هڪ اهم ذريعو آهي. ترقي يافتہ ملڪن ۾ ٻارن جي عمر ۽ ذهني سطح کي سامھون رکي درجابنديءَ واري اصول تحت ٻارڙن لاءِ ادب تخليق ڪيو ويندو آهي، جنھن ۾ تفريح سان گڏوگڏ معلوماتي مواد پڻ مھيا ڪيو ويندو آهي تہ جيئن ٻار دلچسپيءَ سان بنيادي تعليم جي سکيا وارو مرحلو مڪمل ڪري سگهن ۽ ان مقصد جي حاصلات لاءِ انھن ملڪن جا وڏا وڏا ليکڪ، وقت ڪڍي ٻارڙن لاءِ ادب تخليق ڪندا آهن ۽ پنھنجي ان ڪم تي فخر محسوس ڪندا آهن، پر هتي اسان وٽ صورتحال بنھہ مختلف آهي، هڪ طرف اسان جا وڏا ليکڪ نہ رڳو ٻارڙن لاءِ ادب تخليق ڪرڻ کان لنوائن ٿا، پر ان کي غير اهم سمجهي نظرانداز پڻ ڪندا رهيا آهن. سواءِ ڪجهہ ليکڪن جي، جن ٻارڙن لاءِ ٿورو گهڻو لکيو بہ آهي تہ اهو درسي ڪتابن جي ضرورتن تحت ئي لکيو آهي. تنھنڪري سندن تحريرن جو تعداد ڪو گهڻو نہ آهي، ٻئي طرف سرڪاري سطح تي پڻ ٻاراڻي ادب جي ترقيءَ لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ نہ ورتا ويا آهن. جيتوڻيڪ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، سنڌي ادبي بورڊ ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ان سلسلي ۾ پنھنجي وسيلن آهر ڪم ڪيو آهي. پر سرڪاري سطح تي اڃا تائين ڪا مڪمل اهڙي اڪيڊمي جڙي نہ سگهي آهي، جيڪا خالص ٻارڙن جي ادب جي ترقيءَ لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهي، جنھن جي بنياد تي ڪا دعويٰ ڪري سگهجي سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارڙن جي ادب جو مستقبل هاڻي روشن آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارڙن لاءِ ادب جا تخليقيڪار گهڻو ڪري ٻار ئي رهيا آهن، جن نہ رڳو ٻارڙن لاءِ ادب تخليق ڪيو آهي، پر رسالن ۽ ڪتابي سلسلن جي اشاعت وارو اهم ڪم پڻ پنھنجي ڪمزور ڪلھن تي پئي کنيو آهي ۽ نتيجي ۾ انھن رسالن ۽ ڪتابي سلسلن مان ڪيترائي اهڙا نوجوان اڳتي نڪري آيا آهن، جيڪي اڄ سنڌي ادب جي آسمان جا روشن ستارا آهن، پر جيئن هُو وڏا ٿيا تہ افسوس جو انھن ٻارن لاءِ لکڻ ڇڏي ڏنو.
ننڍپڻ ۾ روز رات جو سمھڻ کان اڳ ماسيءَ کان جنن، ديون، پرين ۽ شھزادن جون آکاڻيون ٻڌڻ سبب ڪتابن پڙهڻ جو شوق اندر ۾ ڪرموڙڻ لڳندو هو ۽ ان شوق کي هٿي تڏهن ملي جڏهن 1993ع ۾ سنڌي ٻارڙا پبلڪيشنس جو سرواڻ سائين اسرار شام اسان جي ڳوٺ ڀينڊو شريف جي مڊل اسڪول ۾ ڊرائنگ جو استاد بڻجي آيو، جنھن نہ رڳو درسي ڪتابن پڙهڻ جو مون ۾ شوق پيدا ڪيو، پر گڏوگڏ ادبي ڪتابن پڙهڻ جي ترغيب پڻ ڏني. گل ڦل ۽ سنڌي ٻارڙا رسالا هر مھيني خريد ڪري اچي اسان کي پڙهائيندو هو. انھن رسالن جي مطالعي نہ رڳو وڌيڪ ڪتابن پڙهڻ لکڻ جو چاھہ پيدا ڪيو، پر ان جي نتيجي ۾ ڪچا ڦڪا شعر لکڻ شروع ڪيم، جيڪو سلسلو تا حال جاري آهي.
ٻار ڪائنات جي سونھن آهن ۽ سندن مرڪون ۽ معصوم شرارتون مايوس چھرن تي بہ مرڪون وکيري ڇڏينديون آهن. هن مجموعي ۾ شامل سمورا نظم/ گيت منھنجي ٻارڙن ۽ ٻارڙن جي ادب سان بيحد محبت جو نتيجو آهن. هي ڪتاب لکڻ وقت مون ڪوشش ڪري موضوع اهڙا کنيا آهن، جيڪي ٻارڙن جي روزمرہ واري زندگيءَ جي گهڻو ويجهو آهن. هنن نظمن / گيتن ذريعي مون ٻارڙن کي وندر ۽ تفريح سان گڏوگڏ معلومات جا موتي ۽ ڪارائتا نڪتا سمجهايا آهن. آءٌ پنھنجي ان ڪوشش ۾ ڪيترو ڪامياب ويو آهيان، اهو اوهان پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي، جيڪڏهن ڪو هڪ ٻار بہ هن ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ ڪو هڪ نظم/ گيت پسند ڪندو ۽ ان کي بر زبان جهونگاريندو تہ اها آءٌ پنھنجي وڏي ڪاميابي سمجهندس.
آءٌ ٿورائتو آهيان پنھنجي شاعر استاد سائين آسي زمينيءَ جو، جنھن وقت ڪڍي منھنجي شاعريءَ تي اصلاحي نظر وڌي. قرب سائين قلندر شاھہ لڪياريءَ جا، جنھن پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميمبر ۽ ماهر جي حيثيت ۾ هن ڪتاب جي اشاعت جي منظوري ڏني. مھربانيون سائين نصير مرزا ۽ ادل سومري صاحب جون، جن ڪتاب جو مھاڳ ۽ بيڪ ٽائيٽل لاءِ سٽون لکيون. هن ڪتاب جا اسڪيچ ادي رابيلا ابڙو ٺاهيا، جڏهن تہ ٽائيٽل ڪئليگرافي سائين هرجي لال ڪئي، انھن جا تمام گهڻا ٿورا. ٿورا اسد ڀُٽي جا، جنھن ڪتاب جو خوبصورت لي آئوٽ ڊزائين ڪيو. خاص مھربانيون سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فھميدہ حسين، سيڪريٽري سائين تاج جويو، ڊائريڪٽر پبليڪيشن سائين امين لغاري، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايڊمن ۽ اڳوڻي پبليڪيشن آفيسر خالد آزاد، پبليڪيشن آفيسر خان محمد جروار جون، جن ذاتي دلچسپي وٺي هن ڪتاب جي اشاعت کي ممڪن بڻايو.


’وفا‘ مولا بخش