ٻاراڻو ادب

پوپٽ رنگ رنگيلا

ھن ڪتاب ۾ شامل هر نظم ۾ هڪڙو خوبصورت پيغام سمايل آهي. هن ڪتاب ۾ تمام سڀاويڪ انداز ۾ ٻارن کي علم پرائڻ، وڏن جي عزت ۽ ننڍن سان پيار ڪرڻ، ساهوارن تي ڪھل ۽ قياس ڪرڻ جھڙا اخلاقي نُڪتا سيکاريا ۽ سمجهايا ويا آهن.  هنن نظمن / گيتن ذريعي ٻارڙن کي وندر ۽ تفريح سان گڏوگڏ معلومات جا موتي ۽ ڪارائتا نڪتا سمجهايا ويا آهن.  اميد آهي تہ هي ڪتاب ٻارن جي لاءِ دلچسپيءَ ۽ وندرَ سان گڏ سندن ذهني تربيت ۾ پڻ ضرور ڀاڱي ڀائيوار ٿيندو.

Title Cover of book پوپٽ رنگ رنگيلا

پيٽوُ

ڏينھن ۾ ڏھہ ڏھہ مانيون کائي،
ٽَڪو بہ هڪڙو ڪينَ ڪمائي-
هي تہ صفا ڪو پيٽوُ آهي!

ڪالھہ بہ هُن کي مار مِلي آ،
سنگت ساري خوب کِلي آ،
اڄ پڻ ويٺو گنج ڪُٽائي-
هي تہ صفا ڪو پيٽوُ آهي!

جتي بہ سَڻڀو مال ڏسي ٿو،
گهڙي نہ هڪ پوءِ گهر ٽِڪي ٿو،
کاڌي ڪارڻ خلق کِلائي-
هي تہ صفا ڪو پيٽو آهي!

ڪم تہ هِن کان ڪين پُڄي ٿو،
محنت کان ڀي پري ڀڄي ٿو،
اوڌر تي پيو ڪم ٽپائي-
هي تہ صفا ڪو پيٽوُ آهي!

حلوو هِن کي جام وڻي ٿو،
چھري مان ڀي گرھہ کڻي ٿو،
جو آيو سو ڪين موٽائي-
هي تہ صفا ڪو پيٽوُ آهي!

ڪم کان آ لاچار سدائين،
چوي ٿو: ”مان بيمار“ سدائين،
گهر وارن کي پيو ستائي-
هي تہ صفا ڪو پيٽوُ آهي!

ٻارو! سُست نہ هرگز ٿيئجي،
همت ۽ جرئت سان جيئجي،
ڇڏيو ’وفا‘ آ سچ سُڻائي-
هي تہ صفا ڪو پيٽوُ آهي!