ٻاراڻو ادب

پوپٽ رنگ رنگيلا

ھن ڪتاب ۾ شامل هر نظم ۾ هڪڙو خوبصورت پيغام سمايل آهي. هن ڪتاب ۾ تمام سڀاويڪ انداز ۾ ٻارن کي علم پرائڻ، وڏن جي عزت ۽ ننڍن سان پيار ڪرڻ، ساهوارن تي ڪھل ۽ قياس ڪرڻ جھڙا اخلاقي نُڪتا سيکاريا ۽ سمجهايا ويا آهن.  هنن نظمن / گيتن ذريعي ٻارڙن کي وندر ۽ تفريح سان گڏوگڏ معلومات جا موتي ۽ ڪارائتا نڪتا سمجهايا ويا آهن.  اميد آهي تہ هي ڪتاب ٻارن جي لاءِ دلچسپيءَ ۽ وندرَ سان گڏ سندن ذهني تربيت ۾ پڻ ضرور ڀاڱي ڀائيوار ٿيندو.

Title Cover of book پوپٽ رنگ رنگيلا

مھاڳ

ٻارڙن تان ٻلھار ٿيندڙ شاعر، محمد صديق مسافر قنبراڻي، ٽنڊي باگي ڄائو هو، جنھن جي منھنجي ڏاڏا سائين قليچ بيگ سان ڏاڍي ڪا قربت هئي، جنھن سبب پوءِ پاڻ مٿن هڪڙو ڪتاب بہ لکيو هئائون: ”قُربِ قليچ“، اجهو وري ٻاراڻن گيت جي هِن ڪتاب جو قنبراڻي مصنف، نالي ’وفا‘ مولا بخش وري، ڀينڊي شريف ڄائو آهي ۽ ان قنبراڻي قلمڪار کي وري قليچ صاحب جي هِن پوٽي، يعني ناچيز نصير سان بيحد ئي اُنسيت آهي. يعني مرزائن سان قنبراڻين جي قربت جو جيڪو سلسلو هلندڙ هو، اُهو ماضي تا حال اڄ بہ مسلسل ۽ جاري و ساري آهي. اصل ۾ ڏٺو وڃي تہ هي جيڪو قنبراڻي قبيلو آهي، انھن منجهان اسان جي شھيد هوش محمد وٽ تہ، ”جنگي حڪمت عملي“ ۽ سنڌ جي دفاع لاءِ هٿ ۾ تلوار ۽ چپن تي ”مرسون مرسون، سنڌ نہ ڏيسون“ جو نعرو هو، پر کائنس پوءِ جيڪي ٻيا ”قنبراڻي“ ظاهر ٿيا، جيئن مثال طور سائين محمد صديق مسافر، سائين ولي محمد طاهرزادو، شاعر نظير ٽکڙائي يا هاڻي هي پيارو ’وفا‘ مولا بخش...وغيرہ انھن قنبراڻي قلمڪارن وري ادب جي ميدان ۾ اهڙا کڻي ڪنؤتل ڪُڏايا آهن، جو ڇا چئجي؟ مٿان عجب اتفاق تہ انھن قنبراڻي ليکڪن منجهان...ٻن قلمڪارن ”بابا سائين محمد صديق مسافر“ ۽ اسان جي هن ”وفا مولا بخش“ وري، ٻارڙن جي شاعريءَ لاءِ جھڙوڪر پنھنجي قلم کي وقف ئي ڪري ڇڏيو آهي. اَڇا! قنبراڻي قلمڪارن ۽ ٻارن بابت اِنھن ليکڪن جي لکڻين بابت ڪجهہ لکڻ کان پھرين ڪھڙو حرج آهي، جيڪڏهن هن ناچيز وٽان اهو بہ آگاھہ ٿيندا هلو تہ خدا جي پياري نبيءَ جي فرزند ارجمند ننڍڙي حضرت ابراهيم جي والدہ ماجدہ بيبي ماريہ قِبطيہ جو تعلق بہ، ان ئي حبشي قبيلي سان هو، ۽ جتان جا پوءِ آفريڪي حبشي سنڌ وطن ۾ اچي پاڻ کي پوءِ قنبراڻي سڏرائڻ لڳا هئا. پر هي هتي آءٌ ’وفا‘ مولا بخش جي ”رنگ رنگيلن پوپٽن“ تي لکڻ جي بدران الائجي تہ ڪيڏانھن نڪري پيو وڃان. سو موٽي هاڻي ’وفا‘ مولا بخش جي هن مسودي تي ٿو اچان. اڙي واھہ ... سبحان ﷲ.. اجهو ’وفا‘ مولا بخش جِي لکيل هيءَ پھرين ئي سِٽَ ڇا تہ املھہ آهي.
اُڀُ آسمان جوڙيو، تو ئي تہ آ خدايا!
سارو جھان جوڙيو، تو ئي تہ آ خدايا!

۽ اڙي بابا... سچ پڇو، تہ ٻارڙن لاءِ ’وفا‘ جي لکيل انھن سٽن کي ڍار سان ۽ سُر ۾ پڙهندي پڙهندي مون کي اهڙو ئي لطف پئي آيو، جھڙو ننڍپڻ ۾ قليچ صاحب جي حمد: ”الاهي ڪرم ڪر اسان تي قراري“ يا بيوس سائين جي مناجات : ”جوڙيا سائين سڀ جنسار“ کي پڙهندي محسوس ٿيو هو. ۽ ان کان سواءِ جيتري قدر ان حمد ۾ معلومات جي ڳالھہ آهي... تہ ٻارن کي نيري آڪاس جا هڪ ئي هنڌ جھڙوڪر ٻہ نالا بہ معلوم ٿي ٿا وڃن. يعني هڪڙو تہ ”اُڀ“ ۽ ٻيو نالو ”آسمان.“ ۽ ان کان پوءِ مولا بخش هي جيڪا ”اونداهيءَ ۾ نُورَ جھڙي“ روشن سِٽَ لکي آهي تہ اُن منجهان وري ٻار جي تصور ۾ يڪدم ئي، اها ڳالھہ چِٽي ٿي بيھي ٿي تہ. هن ڪائنات جو خلقڻھار... خود بہ سراپا روشني ئي روشني آهي، پر انھيءَ حمد جو حاصل شعر تہ اڃا ئي ٻيو آهي ۽ اهو ڪائنات ۾ انسان جي هستيءَ بابت آهي ۽ مولا بخش ان بابت اسان کي هن ريت آگاھہ ڪيو آهي تہ:
احسان تنھنجو آهي جِن و مَلڪ کان اعليٰ،
ماڻھو ’مھان‘ جوڙيو، تو ئي تہ آ خدايا.

هاڻي اها ڳالھہ تہ ظاهر آهي تہ مسلمان هئڻ ڪري اسان جو ايمان آهي تہ اسان جو نبي پاڪ صہ :سمورن نبين جو سردار آهي. ’وفا‘... نھايت ئي اختصار سان ٻارن کي هي ڏس ڪيئن نہ جهٽ ۾ ڏئي ۽ سمجهائي ويو آهي تہ:
مِڙن کان مٿانھان، مديني جا سائين!
اسان تي عنايت ڪرين تون سدائين.

... ۽ هاڻي هتي آءٌ ٻارن جي لاءِ لکجندڙ يا ڪئي ويندڙ شاعريءَ جي هڪ اهم ڳُڻ تي روشني وجهڻ ٿو چاهيان ۽ ٻڌائڻ ٿو چاهيان... تہ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکجندڙ ٻاراڻن ٻولن جا جيڪي جيڪي بہ مثالي ۽ روان دوان رِدم يا ترنم آهن، اُهي آهن. ”واھہ ڙي تارا گول تارا“، ”مٺڙا گهوڙا اوري آءُ“، ”آءُ تہ لاٽونئڙو ڦيرايون“، ”جو ٿو ٿڌڙا مينھن وسائي“، ”ننڍڙا مٺڙا سھڻا ٻار“ ۽ آءٌ ڀانئيان تہ اهڙن سُرن ۽ ردمن تي آڌارڪ، جوڙيل گيتَ نظم، ٻار جڏهن جهومي جهومي پڙهندا آهن تہ انھن کي اهڙو ئي لطف ايندو آهي، جھڙو لُطف، هنن کي چَٽڻين، ڇولن، کنڊ ڀڳڙن ۽ پشم گولن وغيرہ کائڻ دوران ايندو هوندو. اجهو اهڙن اڳوڻن ٻاراڻن ٻولن کي تصور ۾ آڻي، هاڻي وفا جا هي گيت ۽ نظم جو پڙهڻ ويٺس تہ ڀاسيم، ’وفا‘ مولابخش جي ’تخيُل‘، ۽ سڀاءَ ۾ بہ اهڙي ئي سرلتا سمايل آهي، يعني قدرتي رواني، سَھج، سَڀاءُ ردم ۽ نھايت ئي ٿورڙن لفظن ۾ گهڻو ڪجهہ چئي ڏيکارڻ جي صلاحيت. مثال طور: وفا هنن سٽن ۾ ڏسو ساڻيھہ سنڌ بابت نھايت اختصار سان ڪيڏو نہ گهڻو ڪجهہ چئي ويو آهي:
ڀيڄ ڀٽائي، سچل سائين،
جيئي منھنجي سنڌ سدائين.

۽ ائين ئي موسيقيت سان معمور وفا جون هي ڪي ٻيون سٽون بہ... واھہ واه... سبحان ﷲ!
پڙهڻ لکڻ ٿو چاهيان آئون،
آتو علم لئہ آهيان آئون،
علم ادب جي واٽ وٺاءِ،
مالڪ! منھنجو علم وڌاءِ.

۽ ڪيڏا نہ چُست ۽ ڦٻِي بيٺل قافيا آهن، اِنھيءَ مٿئين نظم جا، ۽ سچ پڇو تہ هي نظم مون بہ بلڪل ائين ئي ڍار ۽ جِهيل سان پڙهيو آهي، جيئن ڪوئي اسڪولي ٻار اُن کي هاڻي ان شاء ﷲ پڙهندو.
۽ هاڻي هتي... وفا جو هي ٻيو نظم ”سنڌي ٽوپيءَ وارا ٻالڪ“ ڏسو، ۽ اهو نظم جنھن وقت مون پڙهيو پئي تہ اهو مون کي ائين ئي وڻندڙ لڳو، جيترو ننڍپڻ ۾”هل تہ ڀنڀوري ڀُڻون بازار“ يا ”اچو تہ ننڍڙي ريل هلايون“نظم پڙهي مزو آيو هو ۽ ڇا تہ رواني آهي، وفا جي انھيءَ نظم ۾:
پيارا پيارا پيارا ٻالڪ،
سنڌي ٽوپي وارا ٻالڪ.

اجهو وفا جي نظم ”موٽرڪار“ بابت ڪجهہ پڙهڻ کان پھرين هاڻي مون وٽان آگاھہ ٿيو تہ ... ”هي جڏهن اسين ننڍڙا پتڪڙا هوندا هئاسين، تڏهن ڪلاس روم ۾ اڇا ڪارا دوست هڪ ٻئي جي رنگ روپ تي هيئن پيا جملا هڻندا هئاسين: ’اڇڙو، ڪڪڙ جو ٻچڙو.‘- ’ڪارو الھہ جو پيارو‘ ۽ مون کي ياد آهي تہ جيئن تہ سائين محمد صديق مسافر بہ رنگ جو ”پڪو“ هو ۽ هن بہ پنھنجن ٻاراڻن نظمن ۾ ڪاري رنگ جو تذڪرو ڪيو آهي، سو ان پَـــرِ کي پاريندي، اسان جي هن ”وفا قنبراڻيءَ“ بہ ڪاري رنگ جي ذڪر ۽ واکاڻ کان مُنھن ناهي موڙيو. ڏسو ڪيڏي نہ حُب ۽ سِڪ منجهان ٻارن کي ٻڌائي پيو تہ:
گاڏي رنگ جي ڪاري آهي.
دل کي ڏاڍي پياري آهي.
ڦيرا پائي ڏسان هر وار،
آندي بابي موٽر ڪار.

ائين ٻالڪن جي هن شاعر ”وفا“ کي ٻلي بہ وري ان ئي رنگ جي پسند آهي. جِي ها! ڪاري رنگ جي:
آئي آئي ڪاري ٻلڙي،
ڪاري ڪاري پياري ٻلڙي.

نظم: ”ننڍڙا ٻار“ ۾ وفا جون هي سِٽون بہ ٻارن ۾ پڪ سان تہ وڏو اتساھہ ڀرينديون:
توکي دل سان پڙهڻو آهي،
بھتر ماڻھو ٿيڻو آهي.
تنھن لئہ ڪوشش ڪر تون يار،
جلدي ٿي اسڪول تيار.

هاڻي وفا جا ٻيا دلچسپ نظم ”ڪِڪڙو“، ”ٽيليفون“ ”هاري“ ۽ ”ڪبوتر“... تہ بس ان نظم ”ڪبوتر“ ۾ تہ هُو ڄڻ... ٿورن لفظن ۾ ٻارن کي گهڻو ئي پيو ٻڌائي تہ:
آھہ ڪبوتر امن علامت،
شال رهي هيءَ سنڌ سلامت!

وري پکين ۾ هي سائي مرچ ۽ ڪَڙي ڪَريلي ۽ زيتون کي دلچسپي سان ٽُڪڻ جو شوق رکندڙ پکي: ”طوطو“ ۽ اڙي بابا! اِهو پکي تہ رڳو ٻارن کي ئي ڇا؟ گهرَ جي پوڙهين پڪيُن کي بہ ڪيڏو نہ پيو وڻندو آهي، ۽ سڄو ڏينھن هن جي آڏو پٽي ويٺيون پڙهنديون آهن تہ: مِٺُو پُٽ ٻول.... مِٺُو ٻول- پٽ ٻول!! گويا اهو مِٺو گهر ۾ ڄڻ سندن وندر جو وڏو وسيلو بہ بڻيل هوندو آهي. اسان جي ”وفا“ ان پکيءَ کي هي ڏسو ڪيڏي نہ محبت سان واکاڻيو آهي:
ساون کنڀن وارو طوطو،
روپن رنگن وارو طوطو.

خير اِها واکاڻ تہ ٿي پنھنجي جاءِ تي... جو ان نظم ۾، اهم ڳالھہ تہ اڃا ئي ٻي آهي ۽ اها هيءَ معلومات... تہ ”طوطو پکي“ جنھن هنڌ تي رهڻ لاءِ جاءِ جوڙيندو آهي، اُن جو نالو ئي نرالو آهي... ڪھڙو؟ ۽ اِهو وفا جي طوطي صاحب جي نظم ۾ هي اجهو پاڻ پڙهو:
پورَ ۾ ٺاهي آکيرو،
ڪڏهن ڪين رکي ميرو.

يعني، هتي پتو پيو تہ ”طوطِي صاحبہ“. ڪنھن وڻ جي ٽاريءَ تي ڪکن وارو ڪو آکيرو نہ .... پر انب يا اهڙي ڪنھن ٻئي پراڻي وڻ جي ٿُڙَ ۾ جيڪو ”پورُ“ يا ان ۾ اندر جيڪو ننڍڙو خال هوندو آهي. ان ۾ هُوءَ رهڻ ۽ آنا لاهڻ... وڌيڪ پسند ڪندي آهي. ائين وفا جو نظم ”داڳ ڀت“ بہ ... سچ پڇو تہ ”داڳ ڀت“ وانگر ئي ذائقيدار آهي ۽ بلڪل ڪنھن نئين موضوع تي لکيل محسوس ٿيو اٿم. ۽ ڀانئيان ٿو تہ اهڙي موضوع تي لکيل اهڙو ڪوئي ٻال- گيت مون اڳي شايد ئي ڪڏهن ڪٿي پڙهيو هوندو. اجهو ان نظم جون هي سِٽون بہ ڇا تہ مزيدار آهن:
پنھنجو يارو ڀاڳ ڀلو آ،
امڙ داڳي ڀت رڌو آ،
ڀت ۾ کيرُ ملائينداسين،
گڏجي سڀ پوءِ کائينداسين.

۽ ”وفا“ پنھنجي نظم ”سنڌ ميوزيم“ ۾، مستقبل جي ٻار کي هي جيڪو نئون اطلاع ڏنو آهي، اهو بہ بابا... وڏي ئي جس جوڳو آهي:
ظفر ڪاظميءَ جو آ جوڙيل،
جهنڊو ثقافت جو ڄڻ کوڙيل،

۽ هاڻي... هن ”مھاڳ“ جي آخري ڳالھہ، تہ دنيا اندر نياڻين کي تعليم ڏيارڻ جو شعور جيتوڻيڪ تہ ٽين دنيا (ٿرڊ ورلڊ) جي ملڪن ۽ شھرن ۾ تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، پر ”سوات“ ۾ ملالا يوسف زئي واري ڏکوئيندڙ سانحي کان پوءِ، پوئتي پيل علائقن ۾... هاڻي تہ جام اهڙا خدشا پيدا ٿي چڪا آهن تہ روايتي سماج ۾ رهندڙ مردَ...پنھنجي نياڻين کي تعليم يافتہ ڪرڻ جي ڏِسَ ۾ اڃا بہ پُراڻن خيالن وارا آهن، سو اهڙن والدين کي ڪنھن باشعور ڀاءُ جي پاران مائٽن کي ڏنل ”وفا“ جو هي سنيھو بہ... ڪيڏو نہ وقتائتو پيو معلوم ٿئي:
امان! ڀيڻ کي پڻ اجازت ڏيو
پڙهڻ ٿي هوءَ چاهي رڪاوٽ نہ ٿيو.

۽ پيارا پڙهندڙؤ! هنن پيارن پيارن ۽ وڻندڙ نظمن جو نوجوان شاعر... يعني ’وفا‘ مولا بخش... مون کي فخر آهي تہ... منھنجي ذاتي دوستن منجهان آهي ۽ گڏوگڏ ڏاڍو سنجيدي سڀاءَ وارو ۽ بيحد پختو شاعر پڻ! ۽ اِن حيثيت سان پاڻ جيڪي جيڪي بہ رسيلا سُريلا روان دوان، نصيحت ڀريا، مزيدار مزيدار ۽ جهٽ ۾ نازڪ ۽ معصوم چپڙن تي چڙهي ايندڙ، هن جيڪي جيڪي بہ گيت لِکيا ۽ نظم سِرجيا آهن، انھن تي کيس جَسُ ڏيندي آخر ۾ هتي صرف آءٌ هي ئي ٿو چوڻ چاهيانس:
دادُ اسان کان- وٺندو رھہ ادا،
ھہڙا گيتَ- لکندو رھہ وفا!


نصير مرزا
حيدرآباد
2012. 10. 17