(1)
تو جا ڀانئي اڇ، تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا.
(لطيف)
ڪجهه ڏينهن کان سنڌ ۾ پاڻ هرتڙن نقادن جي هڪڙي ٽوليءَ موسمي مڇرن وانگر اوچتو وٺي منهن ڪڍيو آهي، جي پاڻ کان وڏيون قلمي بڻڇيون کڻي، ملڪ ۾ ڪاهي پيا آهن، ۽ هنبوڇيون هڻندا، رنڀون ڪندا، ٽاڏون ڏيندا، جيڪو ٿو سامهون اچين، تنهن کي سٽيندا، ڪُٽيندا، ڏاڙهيندا وڃن. وڏا پهتل، وڏا ادبي اولياءَ، ڪانيءَ ڪرامت جا ڌڻي، ٿيءَ ٿينديءَ جي خبر، اکيون ڄڻ ته ٽانڊا، منهن تي مصنوعي جلال، “اسلام! اسلام!” “مذهب! مذهب!” “اخلاق! اخلاق!” جا نعرا، “بچايو! بچايو!”، “جهليو! پڪڙيو!” جا واڪا، ايڏو ته ڌمچر مچايو اٿن، جو ماڻهن جا ساهه سُڪي ويا آهن. ڪير آهي، جو هنن خدائي فوجدارن، مذهبي ٺيڪيدارن، ليسن بردار اديبن، اُپٽ مار عالمن، ڪڪڙ ڪاٺ ۾ وجهندڙ تيس مارن جي سامهون ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي سگهي! چوطرف “الامان” ۽ “نفسي! نفسي!” جي پڪار آهي. هر ڪو پيو ڪنبي ته ڪڏهن ٿي اها ڄٽ پوليس مون تي اچي ڪڙڪي. خدا جي پناهه! هڪ هٿ ۾ ٺونٺ جيڏا ادبي پروانا ۽ راهداريون، ٻئي ۾ جهالت ۽ تنگ نظريءَ جا شاهي ڏنڊا، شيطان جي آنڊي جيڏن لقبن جون گردن ٽوڙ ڀريون مٿن تي، تعصب ۽ حسد جون ڇُريون بغلن ۾، سڙيل ڳريل پاروٿن ۽ زهريلن خيالن جا ڳوٿرا پُٺن تي، مڪر ۽ ريا جا وڏا ڊگها جاما لوڏيندا، خدا جي خلق ۾ ڪاهي پيا آهن. ڪو شاعريءَ جو بابو آدم ۽ فردوسي، ڪاليداس ۽ شيڪسپيئر جي استادن جو استاد بڻيو بيٺو آهي، ته ڪنهن کي ڏسو ته ڪاليج جي ليڪچراريءَ مان هڪدم اُٿندي وڃي افلاطون ۽ سُقراط سان ڪلهي گس ڪئي اٿس، ته ڪو وري رات وچ ۾ گمنام شاعرڙي مان ڦِري نقاد آخر زمان بڻجي ويو آهي. هيءَ مخلوق اوچتو ڪٿان پيدا ٿي آهي؟ ڇو پيدا ٿي آهي؟ سندن شان نزول ڪهڙو آهي؟ سندن انهيءَ هاءِ گهوڙا، جنون ۽ واويلا ۽ وٺ وٺان جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟
سرزمين سنڌ تهذيب ۽ تمدن، علم ۽ فن جو قديم ترين مرڪز آهي. هن کاڻ هزارين اهڙا بي بها لعل ۽ گوهر پيدا ڪيا آهن، جي تاريخ جي پيشانيءَ تي جاوداني آب ۽ تاب سان چمڪندا رهندا. دودي ۽ درياهه خان جهڙا دلاور ۽ سرفروش محب وطن، علي شير “قانع” جهڙا مورخ ۽ دانشور، ابوالفضل ۽ فيضي جهڙا يگانا ۽ بي مثال عالم، دانا ۽ مدبر، شاهه عنايت ۽ شاهه بلاول جهڙا دلير ۽ بيباڪ حق پرست ۽ حق گو، لطيف ۽ سچل جهڙا لازوال شيرين ڪلام شاعر هن خاڪ جا ئي ڪرشما هئا. هر دؤر ۽ هر زماني ۾ هيءَ سرزمين پنهنجو بي بها انساني فصل اُپائيندي رهي آهي. سندس واديون ۽ جبل هميشه مٺڙن ۽ رسيلن نغمن، عظيم ۽ اعليٰ ڪارنامن جي پڙاڏن سان گونجندا رهيا آهن.
شعر ۽ سخن جون مٺيون زندگي بخشيندڙ نهرون ته هتي ڪڏهن به خشڪ نه ٿيون آهن. قاضي قاضن، شاهه ڪريم، لطيف، سچل، بيدل، سامي، سانگي، روحل، دلپت، مسافر، گل، قليچ، مخلص، بلبل، بيوس، حافظ شاهه حيات- هزارين خوشنما بلبلن جا مٺڙا، رسيلا نغما، قسمين قسمين دلنواز لاتيون. هر ڪنهن جي پنهنجي طرز، پنهنجي رس ۽ پنهنجي سر. ڪو پنهنجي دؤر ۽ زماني جو محبوب، ته ڪو ازلي ۽ ابدي ڏات جو ڌڻي، جنهن جا آلاپ سالن ۽ صدين جون حدون اورانگهي امر ۽ لافاني بڻجي ويا.
تهذيب ۽ تمدن جا وهڪرا هميشه پيا هڪٻئي سان ملن. سنڌي تهذيب ۽ تمدن به ڪيترن چشمن جو پاڻي پيتو آهي. سندس شعر ۽ سخن به هندي، فارسي ۽ ٻين ٻولين جي گنج مان حصو ورتو آهي، پر ان سدائين پنهنجي هڪ خاص لئي ۽ نرالو مزاج قائم رکيو آهي. سنڌي شاعريءَ ڪنهن به دؤر ۾ عربي، فارسي يا هنديءَ جي ٻانهپ قبول نه ڪئي آهي. جن ڏينهن ۾ فارسي سنڌ ۾ راڄ ڌڃاڻي ۽ سنڌ جي درٻار جي پٽ راڻي ٿي ويٺي هئي، تڏهن به سنڌي شاعري، پنهنجو ڳاٽ اوچو رکيو، ۽ پنهنجيءَ راهه تي اڏول مزاجيءَ سان رمندي رهي.
جيڪڏهن ڪنهن سنڌيءَ، فارسيءَ جي آب تاب تي هرکجي، پنهنجي فارسي دانيءَ جي رعب ويهارڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، ته ماڻهن کانئس نفرت ٿي ڪئي.
جي فارسي سکيو، گولو توءِ غلام،
جو ٻڌو ٻن ڳالهين سو ڪيئن چائي ڄام،
اُڃيو ته آب گهُري، بکيو تان طعام،
اي عامن سندو عام، خاصن منجهان نه ٿيو.
(لطيف)
پر اڄ کان هڪ نسل اڳي ڌاري، سنڌ ۾ هڪ عجيب مرض منهن ڪڍيو. انگريزن جي ڦوٽ ۽ تفرقي واري پاليسيءَ سبب، سنڌ ۾ هندوءَ ۽ مسلمان جي وچ ۾ وڌندڙ دشمني ادبي ميدان ۾ ڪاهي پئي. هندو اچي سنڌي ٻوليءَ کي شڌ بنائي، تلڪ لڳائي، ڌوتي ٻَڌائڻ جي پويان پيو، ته مسلمان چوي آءٌ کيس ان کان اڳ ۾ چوغو پهرائي، ايراني ۽ عرب بڻائي وٺان. اچي جو چٽاڀيٽي لڳي، سو سنڌ جي “پر” ڦري “ليڪن” ۽ “پرنتو”، “پاڻي” ڦري “جل” ۽ “آب”، سنگتي هڪ طرف “متر” ٿي پيا، ته ٻئي پاسي “احباب”! سنڌ جي مٺڙي پياري ۽ سهڻي ٻوليءَ کي هنن ظالمن انڌي تعصب وچان اهڙو ته بگاڙي خراب ڪري ڇڏيو، جو سڃاڻڻ کان پري ٿي وئي. ان دؤر جون سنڌي لکيتون پڙهي، ماڻهوءَ کي خبر نٿي پوي ته لکندڙ سنڌيءَ ۾ لکيو آهي يا هنديءَ ۾ يا عربيءَ ۾. جملن ۾ فقط “آهي” ۽ “ناهي” جهڙا سنڌي اکر ٽنبيا ٿي ويا- ٻيو ٿيو ڀلو!
اها وبا شاعريءَ ۾ ته خاص ڪري گهر ڪري وئي. شاعرن جا ٻه ٽولا پيدا ٿي ويا، جن سنڌي شاعريءَ تي هندي، فارسي ۽ عربيءَ سان آپريشن ڪرڻ شروع ڪيو- هندن به خوب جوهر ڏيکاريا ته مسلمانن به. تان جو سنڌي شاعري موڪلائي وئي. باقي وڃي هندي ۽ فارسي بچيون. مسلمان شاعرن ته خاص ڪمال ڪري ڏيکاريو. شاهه لطيف وارن ٿرن برن، ڏوٿين، جهانگين، پنوهارن، اوٺين، ڏٿ ڏؤنرن جي ملڪ ۾ هڪدم “لاله”، “نرگس”، “سنبل”، “گلفام” بڻجي ويون. سندن چيلهيون غائب ٿي ويون. سندن قد سرو جيڏا ٿي ويا. سندن اکين مان نماڻائي، قرب ۽ محبت نڪري وئي: ڪٽاريون هٿن ۾، عاشقن جي ڇانگ پويان، قيامت جي چال هلنديون، سڀني کي آسرا ڏينديون، تڙپائينديون، “صحن چمن” ۾ سير ڪنديون نظر اچڻ لڳيون. عاشقن جي صورت به بدلجي وئي. قميصن ۽ پهراڻن بدران هنن شاعرن کڻي ايراني چوغا پهراين. هاڻي هرڪو “آتش سوزان”، “جگر برين”، شعله تپان” کڻيو، “دامن کي تار تار ڪرڻ” يا “اختر شامري” ڪرڻ کي لڳي ويو! هر ڪو ڏسو ته “نيم بسمل”، “دم بلب”، “دم واپسين” تي. “نزع جي عالم” ۾، يعني سدائين سڪرات ۾. جي اتان چڙهيا ته “ڪوءِ بتان” ۾ ٺوڪرون پيا کائيندا يا “وحشت صحرا” سان دل پيا وندرائيندا. هر ڪنهن جي پويان “روح سياه رقيبن” جو ٽولو. ماڻهو ڀائيندو ته سنڌي ڇوڪريون آزاد ڇڙواڳ پيون عاشق نهارينديون وتن. رڳو ايتري ڀُل ڪن ٿيون، جو هنن سچن عاشقن بدران وڃيو سندن رقيبن سان عشق پچائين. سنڌ جي مظلوم، ڪوٽن ۾ قيد، رسمن ۽ ريتن ۾ جڪڙيل عورت سان هن کان وڌيڪ چٿر ٻي ڪهڙي ٿيندي؟
پر هتي ته سوال هو “شاعري” جي وزن، بحر ۽ قافيي جو! سو، هنن شاعرن ان ۾ گهٽتائي ڪانه ڪئي، باقي حقيقت سان سندن ڪهڙو واسطو؟
اهي “اصلي تي وڊا” شاعر جڏهن سنڌي سخن جي سلطنت تي جلوه افروز ٿيا، تڏهن سندن بخت ۽ اقبال جو ڏؤنڪو چوطرف وڄي ويو. ماڻهو فردوسي، شاهه لطيف، حافظ، سعدي، خسرو، غالب ۽ مير جو نالو ڀُلجي ويا ۽ سندن شاعريءَ کي ٻاراڻي کيچل سمجهڻ لڳا. “سنڌي شاعري” کي معراج تي پهچائڻ لاءِ، “سنڌيءَ” جو اکر هٽائي فقط “نج ۽ خالص” شاعريءَ کي رائج ڪيو ويو، جيڪا هڪ اهڙي پاڪ آسماني ٻوليءَ ۾ چيل هوندي هئي، جا پوتر شاسترن وانگر فقط ڪي وڏا جغادري ادبي برهمڻ ۽ مهاراج ئي سمجهي سگهندا هئا. “ڪي رند پروڙين راز” وارو مثال اکين اڳيان هو. هن درٻار طرفان ايڏي ته شاهانه فياضيءَ سان خدمتون، لقب ۽ ادبي جاگيرون ورهائيون ويون، جو هنن هر “شاعر” جي دروازي تي نوبت وڄڻ لڳي. هر ڪو جهنڊي ۽ خلعتون جو ڌڻي! ڪو “استاد الشعرا” ته ڪو “تاج الشعراءَ” ته ڪو “ملڪ الشعراءَ”. هنن “شاعرن” سنڌي شاعريءَ جي جيڪا ٻيڙي ٻوڙي ۽ مٽي پليد ڪئي، تنهن جا اثر چوطرف ڦهلجي ويا. سمورو نسل جو نسل بگڙي ويو- ڳالهائڻ، لکڻ، ٻولي سڀ جو ٻيڙو غرق. سنڌيءَ جا موتين جهڙا آبدار لفظ ۽ صدين جي محنت سان سينگاريل سمورا جملا، فقرا، چوڻيون، پهاڪا ۽ محاورا هنن “شاعرن” جي اُٿاريل ڌوڙ جي طوفان هيٺ دٻجي ويا.
اڇو پاڻي لڙ ٿيو، ڪالوريو ڪنگن،
ايندا لڄ مرن، تنهن سر مٿي هنجڙا.
(لطيف)