تاريخ، فلسفو ۽ سياست

انڌا اونڌا ويڄ

ون يونٽ واري دور ۾ جڏهن جديد سنڌي ادب، اديبن ۽ شاعرن خاص ڪري شيخ اياز جي خلاف هڪ نهايت خطرناڪ ۽ گمراهه ڪن ميڊيا مهم شروع ڪئي وئي ته رسول بخش پليجي جديد ادب جي بچاءَ ۾ روزانه ”خادم وطن“ ۾ انهن جا جواب ڏنا، جيڪي بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ڇپيا. هن ڪتاب جي سنڌي تنقيدي ادب ۾ وڏي اهميت آهي.
ان بابت محترم شمشير الحيدري ٻڌايو ته شيخ اياز خلاف سخت لکيو پئي ويو ۽ خاص ڪري جماعت اسلامي پاران هن خلاف فتوائون صادر ٿي رهيون هيون۔ مان رسول بخش پليجي جي خدمت ۾ حاضر ٿيم۔ چانهه پيارڻ کانپوء چيائين ڪم ٻڌاء، مون عرض ڪيومانس ته شيخ اياز خلاف وڏي واويلا پئي هلي ڪجهه ڪر۔ چيائين ڇا ڪيان۔ مون عرض ڪيومانس ته ڪجهه لک۔ هن هڪ ڪالم لکيو ۽ چيائين هي وٺ۔ مون کيس عرض ڪيو ته هڪ ڪالم سان ڇا ٿيندو ۽ پوء مان اتي رهي پيس ۽ پوء ڪالمن جو سلسلو شروع ٿيو ۽ هڪ مهيني ۾ ڪتاب ڇپجي ويو، جيڪو سڀني جي سوالن ۽ فتوائن جو جواب آهي۔
Title Cover of book انڌا اونڌا ويڄ

(6)

ڪنز، قدوري، قافيا، جي پڙهي پروڙين سڀ،
ته ڪر منڊي ماڪوڙي کوهه ۾، پيئي ڪڇي اُڀ!

(قاضي قادن)

ننڍي هوندي ٻُڌندا هئاسون ته ڌرتيءَ کي هڪڙو ڍڳو سڱن تي جهليو بيٺو آهي. جڏهن هڪڙو سڱ ٿڪجيس ٿو، تڏهن ڌرتيءَ کي اُڇل ڏئي، ٻئي سڱ تي کڻندو آهي. هي زلزلا ۽ ٻوڏون، جي اچن ٿيون، سي ڍڳي جي انهيءَ ڪنڌ اُڇل جي ڪري. اها ڳالهه ماڻهو مڃين يا نه، پر ڌرتيءَ تي اهڙا ماڻهو هر وقت هر دؤر ۾ موجود آهن، جي سمجهن ٿا ته جنهن ڍڳي جا سڱ دنيا کي کنيو بيٺا آهن، سي اسين آهيون. اهي چوندا آهن ته جي اسين نه هجون ته دنيا ٻئي ڏينهن تباهه ٿي وڃي. هنن پنهنجن اونڌن اُبتن خيالن، وهمن، وسوسن، خوش فهمين ۽ تعصبن جا بُت ٺاهي، انهن سان وڏا شاهي مندر سينگاري ڇڏيا آهن، ۽ سڄي عمر انهن بُتن جي پوڄا ڪندا رهن ٿا. بلڪل سچيءَ دل سان سمجهن ٿا ته جيڪو به ماڻهو سندن انهن خيالي مندرن ۾ سيس نٿو نوائي ۽ ٻل نٿو چاڙهي، سو گمراهه آهي، ڪافر آهي، سوريءَ تي چاڙهڻ جي لائق آهي. هنن پنهنجن انهن وهمن ۽ وسوسن کي ترتيب ڏئي، وڏا دفتر ڀري ڇڏيا آهن. جيڪو به سندن انهيءَ واهيات ۽ گمراهه ڪندڙ واٽ تان ٿورو ٿڙي ٿو، تنهن تي اهي دفتر کڻي چڙهيو وڃن ته “هي ڏس، لکيو ڪين پيو آهي ته فقط اسان واري واٽ صحيح آهي!” هنن جي خيال ۾ جيڪي هن کان اڳ هو ۽ هينئر آهي، سو پاڪ آهي، مقدس آهي ۽ هٿ لائڻ کان پري آهي. ان ۾ تِر جيتري به ڦيرپار نه ڪريو، نه ته قيامت اچي ويندي. بس اڄ کان پوءِ ڪابه نئين ڳالهه نه ڪريو. جيڪي به ٿيڻو هو، سو ٿي ويو. هاڻي جيڪي آهي، تنهن ۾ ڦيرو اچڻو ڪونهي.
اٽڪل 400 ورهيه ٿيا ته اٽليءَ جي هڪڙي شهر ۾ هڪڙو نوجوان رهندو هو. هن کي نين نين شين جي کوجنا جو ڏاڍو شوق هوندو هو. هن هڪڙو اوزار ٺاهيو، جنهن سان هو پري پري ڏسي سگهندو هو. هو رات جو اهو اوزار اکين تي رکي، چنڊ ۽ تارن کي جاچيندو هو ، ۽ انهن بابت عجيب ۽ نيون ڳالهيون سوچيندو هو. ڏينهن جو جڏهن سندس ٽهيءَ جا نوجوان ڌنڌا ڌاڙيون ڪري گذر سفر ڪندا هئا، کيل تماشا ڏسندا هئا ۽ عشق ۽ محبتون ڪندا هئا، تڏهن هيءُ زمين تي ڪاٺيون کوڙي، انهن جا پاڇا ويهي ماپيندو هو. پوءِ پنن تي عجيب آڏيون اُبتيون شڪليون ڪڍندو هو ۽ پينسل وات ۾ وجهي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪنهن سوچ ۾ گم ٿي ويندو هو. ماڻهو هن جي حالت ڏسي، عجب ۽ افسوس ڪندا هئا. هڪ ڏينهن هن وٺي خوشيءَ جي رڙ ڪئي. ماڻهو ڇرڪي ويا ۽ پڇيائونس ته ڇا ٿيو؟ چيائين ته “مون حساب ڪري ڏٺو آهي ته هيءَ ڌرتي گول آهي، چؤڪنڊي ناهي!” ماڻهن چيو ته اسان سمجهيو ته تو ڪو خزانو ڳولي لڌو آهي! آخر ڳالهه وڃي پادرين جي ڪنن پئي، تن کيس گهرايو.
“اسان ٻُڌو آهي ته تون مذهب کان ڦري ويو آهين ۽ چوين ٿو ڌرتي گول آهي؟”
هن چيو ته، “مون برابر حساب لڳائي ڏٺو آهي ته ڌرتي گول آهي.” چيائونس، “ڪل ته ڪانه ٿڙي اٿئي؟” ڌرتي گول هجي ها ته پاڪ انجيل ۾ ڪونه لکيو پيو هجي ها! ڏيکار ڪٿي لکيل آهي ته ڌرتي گول آهي؟” هن چيو ته انجيل ۾ برابر لکيل ڪونهي، باقي مون سڄي زندگي خاطريءَ جهڙي جاچ ڪئي آهي، تجربا ڪيا اٿم ۽ بلڪل ٺيڪ ٺيڪ حساب لڳايو اٿم ته ڌرتي گول آهي.” چيائونس ته “توکي ڪير ٿو پڇي؟ ڀلا ٻُڌاءِ ته تون سچو يا خدا جو ڪلام، انجيل سچو؟” هن چيو ته “انجيل سچو، پر ڌرتي گول آهي!” بس، پوءِ ته هڪ زبردست مذهبي عدالت قائم ٿي وئي، جنهن ۾ وڏا وڏا مقدس پيشوا، فقه جا صاحب، علم جا بحر، الاهي اسرارن جا يگانا ڄاڻو ۽ دانائيءَ جا اٿاهه سمنڊ اچي گڏ ٿيا. هو پاڻ سان ديني ۽ دنيائي علمن جي ڪتابن جا اُٺ ڀرائي کڻي آيا. هنن نيڪ انسانن ڏينهن جا ڏينهن ۽ راتين جون راتيون انهن ڪتابن جو اکر اکر ڪري جاچي ڏٺو، پر ڪنهن به پاڪ ڪتاب ۾ لکيل ڪونه هو ته ڌرتي گول آهي. هنن پنهنجا مقدس ڪنڌ لوڏيا، معاملو صاف هو، ڌرتي هرگز گول نٿي ٿي سگهي. ڪتابن ۾ اهڙي ڳالهه ئي ڪانهي! هن نوجوان زبردست ڪفر جو ڪم ڪيو آهي! پوءِ کيس حڪم مليو ته، “هي ڪپڙا لاهي، ڳوڻ جا ڪپڙا پاءِ! پير ۽ مٿو اُگهاڙو ڪري 3 مهينا عبادتخاني ۾ پنهنجي گناهه لاءِ پڇتاءِ ۽ توبهه زاري ڪر، ۽ چوندو رهه ته ڌرتي گول ناهي، مون ڪفر بڪيو آهي، پوءِ تنهنجو ڏوهه معاف ڪرائڻ لاءِ مفتي اعظم کي عرض ڪيو ويندو!” هن بيواهه شخص ڳوڻ جا ڪپڙا پاتا ۽ وڏيءَ درگاهه جي دروازي تي ڪِري، چوندو رهيو ته “توبهه ٿو ڪريان، پاڪ انجيل سچو، آءٌ ڪوڙو، ڌرتي گول ڪانهي.” آخر 3 مهينا پورا ٿيا، هو واپس موٽيو. پڇيائونس ته “ڪيئن هاڻ ٺيڪ ٿيو آهين؟ وري متان اهڙو ڪم ڪرين!” تڏهن ڀُڻ ڀُڻ ڪري چيائين ته “مون توبهه ڪئي، آءٌ ڪوڙو ۽ انجيل سچو... پر ڀانيان ٿو ته ڌرتي پڪ گول آهي!” آخر هن چرياڻ مان جند ڇُٽڻ جو ٻيو ڪو رستو نه ڏسي، مقدس پادرين فتويٰ ڏني ته هن کي جيئري باهه ۾ ساڙيو وڃي. هن کي پوءِ جيئري باهه جي آڙاهه ۾ اُڇليو ويو، ۽ هو ان ۾ سڙي شهيد ٿي ويو. ان ماڻهوءَ جو نالو گئارنڊونو برونو هو، جنهن کي دنيا اڄ انسانذات جو عظيم محسن ڪري ليکي ٿي. اڄ اسڪول جي شاگردن کي به خبر آهي ته ڌرتي گول آهي، سڄيءَ دنيا جو ڪاروبار انهيءَ ڄاڻ تي هلي ٿو. اڄ برونو جا ڳولي ڪڍيل اُصول سائنس لاءِ قانون جي حيثيت رکن ٿا، پر ان وقت ڪتابن ۾ جو لکيل ڪونه هو، سو ڀلا ان زماني جا ماڻهو ڪيئن مڃين ته ائين ڪو ٿي سگهي ٿو!
جنهن سال برونو اٽليءَ ۾ ڄائو هو، انهيءَ ساڳئي سال انگلينڊ جي هڪڙي ننڍڙي واپاريءَ کي هڪ پٽ ڄائو هو. هن ٻه-چار درجا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيا، پر پوءِ کري پيو. پاڻ کان گهڻو وڏيءَ هڪڙيءَ عورت کي کڻي زال ڪيائين. ڪم ڪار کان جواب، سڄو ڏينهن پيو رُلندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڇا ڪندو هو، جو تر جي زميندارن جي ٻيلن ۾ بنا موڪل وڃي شڪار ڪندو هو. هڪڙي ڀيري پڪڙجي پيو. ٻڌي ٿاڻي تي وٺي آيس، پر پڻس هو ڳوٺ جي ڪائونسل جو ميمبر، تنهن ميڙ منٿ ڪري پٽ کي ڇڏايو. پوءِ گهر وڃي پچائي مار ڪڍيائينس. هوڏانهن جوڻس به اچي ڪوڪر ڪري کنيس ته “مئا، بي ڪما! ڪو ڌنڌو ڌاڙي ته نٿو ڪرين، پر اٽلو وڃيو هچائون ڪرين!” تنهن تي مڙس رُسي، وڃي لنڊن کان نڪتو. اتي نوڪريءَ لاءِ گهڻا ئي مٿا ڏنائين پر ڀلا پڙهيل هو پورو سارو، سو ڪٿان ٿي نوڪري مليس. آخر رلي رلي ٿڪو، سو وڃي هڪڙي ناٽڪ ڪمپنيءَ ۾ ڀرتي ٿيو. شڪل جو هو پورو سارو، سو مڙئي انڌا منڊا پارٽ پيو ڪندو هو.
هيءُ اُهو زمانو هو، جڏهن دنيا تي هڪ نامور شاهي جوڙي جو سِڪو هلندو هو. مغرب ۾ هاڪاري راڻي ايلزبيٿ جو ڌاڪ هو ته مشرق ۾ اڪبر اعظم جو نالو روشن هو! اسپين ۾ مسلمانن جو ڪوس پئي ٿيو ۽ سنڌ ۾ مرزا باقي چرئي ڪلور پئي ڪيا. يورپ سڄو پوپ جي خرمستين سبب تفرقي ۾ هو. هيءُ انگلينڊ جي ڦوهه جوانيءَ جو دؤر هو. انگلينڊ سمنڊن جو والي هو. انگريز ملاح ڊريڪ سڄيءَ دنيا کي چوڌاري ڦري آيو هو. انگلينڊ ۾ علم ۽ هنر جا درياهه پئي وهيا. هيءُ ڳوٺاڻو ڇوڪرو، لنڊن جهڙي عظيم ترين شهر ۾ ويڳاڻو ٿيو پيو هلندو هو. ڪمائي هيس پوري ساري، سو ڪنهن سان ڪونه ملندو هو. آخر هڪ دفعي ڇا ڪيائين، جو لڪ ڇپ ۾ ويهي هڪڙي کيل جي آکاڻي لکيائين. جڏهن ناٽڪ جي آکاڻي سنگتين کي پڙهي ٻُڌايائين، تڏهن اهي اچي کِل ۾ ڇُٽا، چي “ميان، ڏيڏريءَ کي زڪام ٿيو آهي، اهي ڪم ڪن ته ڀلي لنڊن جا وڏا قابل اديب ۽ ڊراما نويس ڪن، تون اڍائي اکر مس پڙهيو آهين ۽ اڃا ڪالهه جهنگ مان رُلي رُلي شهر ۾ آيو آهين، سو ٿو اهڙا ڪم ڪري سگهين!” همراهه اچي ڦڪو ٿيو ۽ کڻي ماٺ ڪيائين، پر کانئس رهيو نه ٿيو، سو ٻيو به کيل لکيائين، ٽيون به لکيائين، پر ڪنهن پڇيس به ڪونه. آخر هڪڙو کيل ڇپايائين، ماڻهن پڙهي اُڇلي ڇڏيو. “ڀلا ائين به ڪو کيل لکبو آهي؟ نه ٻوليءَ ۾ چس، نه ڳالهه ۾ سواد!” پر هيءُ همراهه نه مڙيو. سڄا سارا 25 کيل لکيائين. مس مس وڃي ڪي اسٽيج تي پيش ٿيا. گهڻا فيل ٿيا، پر ڪي مڙيئي پسند پيا. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هن پنهنجي ناٽڪ ڪمپني کولي، جنهن ۾ ائڪٽنگ به پيو ڪندو هو ته ناٽڪ به لکندو هو. آخر 52 ورهين جي عمر ۾ مري ويو. مرڻ کان اڳ البت هڪڙو ٻنيءَ ٽڪرو ورتو هئائين، ٻيو ٿيو ڀلو. اڪثر ماڻهو سندس ناٽڪن کي بيڪار ۽ واهيات سمجهندا هئا ۽ چوندا هئا ته “جهڙو پاڻ جهنگ جو ڄٽ هو، تهڙا ڄٽاڻا ناٽڪ لکيا اٿس، سندس ناٽڪن جو ڪوبه چٽو مقصد ڪونه آهي، سڀ ڳالهيون گڏ وچڙ ٿيون پيون آهن، پڇاڙيءَ تائين پتو نٿي پيو ته مطلب ڪهڙو اٿس، وغيره وغيره.” ڪن چيو ته فلاڻي ناٽڪ جي ڪاپي ڪئي اٿس، ادبي چور آهي. مطلب ته ڪنهن ڪم جو ڪونهي. ڀلا، ٻيلن جو چور، ٻهراڙيءَ جو ڄٽ، لنڊن جي اعليٰ اديبن ۽ زبردست ڊراما نويسن جي اڳيان ڇا بيهي سگهندو؟
انهيءَ ڳالهه کي گهڻو وقت ٿي ويو. زمانو بدلجي ويو. زماني جا معيار بدلجي ويا. وقت جون ڇوليون نامورن جي ناموس کي گهلي گمناميءَ جي سمنڊ ۾ اُڇلي آيون، ته ڪن کي اتان ڪڍي آڻي ڪناري تي رکيائون. ماڻهن پراڻا ادبي دفتر پٽيا، انهن کي پڙهيائون، توريائون تڪيائون.... اوچتو رڙ مچي وئي ته “اهو ٻهراڙيءَ جو ڄٽ، ٻيلن جو چور ۽ گمنام ائڪٽر وڏو اديب هو، وڏو دانا هو. يگانو ڊرامه نويس هو، انگلينڊ جو عظيم ترين شاعر هو! هن جهڙو نه ٿيو نه ٿيندو!”
400 سال ٿي ويا آهن. اڄ سموري مهذب دنيا انهيءَ راءِ سان شريڪ ٿي وئي آهي. کيس دنيا جي مُٺ جيترن عظيم ترين شاعرن ۽ اديبن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. علم ۽ ادب جي سلطنت ۾ هن جو سِڪو رائج آهي. هن جا عاشق دنيا جي ڇهن ئي کنڊن ۾ ويٺا آهن. دنيا جي ڪابه ٻولي ڪانهي، جنهن ۾ هن جا شاهڪار ترجمو نه ٿيل هجن. ۽ ها، جن “قابلن”، “دانائن” ۽ “عالمن” کيس “ڄٽ”، “جاهل” ۽ “ادبي چور” ٿي سڏيو، تن جو نالو نشان به ڪونه بچيو آهي. ڪنهن کي خبر ڪانهي ته اهي “وڏا بزرگ” ڪهڙي باغ جي موري هئا.
انهيءَ ٻهراڙيءَ جي ڄٽ، ٻيلن جي چور ۽ ڪوجهي شڪل واري ائڪٽر ۽ ناٽڪ لکندڙ جو نالو شيڪسپيئر هو!
جڳ جي پُٺ وٺڻ بدران جڳ کي پنهنجي پُٺ وٺائڻ وارا ماڻهو هر ميدان ۾ هر زماني ۾ پيدا ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿيندا رهندا. هو ماڻهن جي لتاڙيل گسن تي هلڻ بدران پنهنجون نيون راهون ڳولي ڪڍن ٿا. هو پنهنجي زماني جي دستورن، قاعدن، عقيدن، رسمن ۽ ريتين تي اکيون ٻوٽي هلڻ بدران پنهنجي اعليٰ عقل، بلند همت، بي پناهه حوصلي ۽ زبردست قوت عمل سان وقت جون واڳون پنهنجي قبضي ۾ آڻين ٿا ۽ زماني جي تقدير بدلايو ڇڏين. “سچ” ڏسڻ ۾ ڪهڙو به اڻوڻندڙ، تلخ ۽ ڀيانڪ هجي، پر هو ان سان اکيون اکين ۾ ملائڻ کان ڪين ٿا هٻڪن، چاهي دنيا ناراض ٿي پوي يا زماني جو بنايل نظام درهم برهم ٿي وڃي. هو پنهنجي مقصد کان تِر جيترو به هٽڻ لاءِ تيار نه ٿيندا. سچ سچ آهي، چاهي ان جي ڳچيءَ ۾ زماني جي خواريءَ جو طوق پيل هجي يا پيرن ۾ ڏاڍ جون ٻيڙيون. هنن جون نظرون سچ جي مٿان هٿرادو لڳايل ڪاراٺ ۽ بدناميءَ جي دامن کي پار ڪري ان جي اصلي حُسن ۽ جمال کي تاڙي وٺن ٿيون. هو زماني جي ڪاوڙ ۽ عتاب جي ٽانڊن جي آڙاهن کي لتاڙيندا، سچ جي آستان تي پهچن ٿا. وهم، وڪڙ، ناحق ۽ جهالت جون ڏائڻيون جڏهن دستورن، رواجن، قانونن ۽ عقيدن جا ٻهڪندڙ زرق برق وڳا ڍڪي، ڳچين ۾ ماڻهن جي مڃتا ۽ تابعداريءَ جا چمڪندڙ هار لوڏينديون، ناز نخري سان ٽلندي ٽلندي، عقلن کي چرخ ڪريو ڇڏين، تڏهن هي اچانڪ هٿ وڌائي سندن انهيءَ ٺڳيءَ جي لباس کي سٽ ڏئي ڦاڙي، ليڙون ليڙون ڪري، سندن اصلي ڪراهت جهڙي روپ کي اُگهاڙو ڪريو ڇڏين. هيءُ انسان ذات جو ضمير آهي، روشنيءَ جا اوچا منارا آهن، جي تاريخ جي اجهاڳ سمنڊ جي هر منزل تي انسانيت جي ٻيڙيءَ کي وهم ۽ تعصب جي خوفناڪ ڪُنن ۽ ظلم ۽ وحشت جي هيبتناڪ طوفانن کان بچائين ٿا.
ٻئي طرف اهي آهن، جي هر زماني ۾ ماڻهن کي چوندا رهن ٿا ته “پنهنجن دماغن کي ڪُلف چاڙهي ڇڏيو! زبانن تي مهرون لڳائي ڇڏيو! سوچڻ گناهه آهي، سمجهڻ ڪفر آهي. اکيون بند ڪري، جيڪي اوهان کي چئجي سو مڃيو، تابعداري ڪريو! جيڪو ائين نه ڪندو سو لعنتي آهي، ڪافر آهي، زنديق آهي، واجب القتل آهي!
هو انساني تخيل جي رنگ برنگي، من موهيندڙ ۽ حَسين پکين جا نازڪ پرڙا کوهي، انهن کي لوهي پڃرن ۾ بند ڪرڻ گهرن ٿا. نوان تجربا، نيون تحقيقون، نيون طرزون ۽ نوان خيال هنن جي دين ۾ حرام آهن. زندگيءَ جي ڪنهن به ميدان ۾ هڪ وِک به اڳتي کڻڻ هنن وٽ ڪبيرو گناهه آهي.
هنن جو نسل به ايامن کان دنيا ۾ قائم آهي. هو هر ظلم ۽ وحشانيت جا علمبردار ۽ گمراهين ۽ اونداهين جا پرچاري آهن، هي وحشي ۽ بزدل قبيلو روز اول کان وٺي، ڪڏهن رسم و رواج جي قديم غارن مان ته ڪڏهن مذهب ۽ دين جي اوچن منارن تي ويهي، انسانن جو شڪار ڪندو رهيو آهي.
هي ماڻهو هرڪا بڇڙائي ۽ بيهودائي، ڪنهن نه ڪنهن نيڪ ۽ چڱي شيءِ جي نالي ۾ ڪن ٿا. هي اهي آهن، جن اڍائي هزار ورهيه اڳ “يوناني اخلاق” جي نالي ۾ سُقراط کي زهر جو وٽو پياريو، جن ٻه هزار ورهيه اڳ “قانون ۽ انصاف” جي نالي ۾ مريم جي مسڪين ۽ ٻالي ڀولي پٽ کي “باغي” ٺهرائي، سوريءَ تي چاڙهيو، جن صدين لاءِ “ڪرشن ڀڳوان” جي نالي ۾ هندستان جي ڪروڙها انسانن کي “شودر” سڏي، سندن ڪنن ۾ شيها پلٽيا، جن 1400 ورهيه اڳ مڪي ۾ “ابن ڏاڏن جي دين” جي نالي ۾ آمنه جي لال (ﷺ) کي “پاڳل” ۽ “ڪافر” ٺهرائي سندس قتل جو حڪم ڏنو، جن “اسلامي خلافت” جي نالي ۾ حُسين کي “باغي” جو لقب ڏئي، ڪربلا ۾ ڪُٺو، جن “پاڪ مريم” جي نالي ۾ يورپ جي لکها عيسائين جو ڪُوس ڪيو ۽ “مقدس ڪليسا” جي نالي ۾ اسپين ۾ مسلمانن کي حرف غلط وانگر مٽائي ڇڏيو! ها، هي اهي ساڳيا آهن، جن عراق، شام ۽ مصر ۾ “چئن يارن” جي نالي ۾ لکها مسلمانن کي “شيعو” ٺهرائي، سندن سر قلم ڪيا، ۽ ساڳئي وقت “علي” جي نالي ۾ ا وترن ئي مسلمانن کي “سُني” ٺهرائي، ڄڻ ٻچو مارائي ڇڏيو!
هو ڪڏهن “جرمن تهذيب” جي نالي ۾ بيگناهه مردن، عورتن، ٻارن ۽ ٻُڍن کي مشين ۾ پيڙي، منجهائن خوشبودار صابڻ ٺهرائين ٿا، ته ڪڏهن “فرينچ تهذيب” جي نالي ۾ جميله بوپاشا جهڙين معصوم الجزائري ڇوڪرين کي اُگهاڙو ڪري ساڻن وحشياڻيون عقوبتون ڪن ٿا!
اڄ به انهيءَ قبيلي جا ماڻهو “مغربي تهذيب” ۽ “آمريڪي آزادي” جي نالي ۾ ڏکڻ آفريڪا ۽ ويٽنام جي مظلوم انسانن جو کُليو کُلايو شڪار ڪري رهيا آهن. هي ماڻهو ڪڏهن “مذهب“ ۽ “تهذيب” جي پردي ۾ لڪي ڪارروايون ڪن ٿا، ته ڪڏهن “ادب” ۽ “اخلاق” جي کُڏڻن جي آڙ مان پنهنجا زهريلا ڀالا هڻن ٿا.
سنڌ ۾ اڄڪلهه جيڪي ماڻهو “ادب” ۽ “اخلاق” جي نالي ۾ “ڪافر”، “باغي”، “ڪميونسٽ”، “ملحد”، “دهريو” جي فتوائن جا زهري خنجر کڻي ملڪ ۾ ڪاهي پيا آهن، سي انهيءَ پراڻي پاپي قبيلي جي هڪڙيءَ بدنام شاخ جا ماڻهو آهن، جن کي ادبي داداگيريءَ ۽ قلمي غنڊاگردي ۽ سرڪاري دلاليءَ جو اذن مليل آهي.