تاريخ، فلسفو ۽ سياست

انڌا اونڌا ويڄ

ون يونٽ واري دور ۾ جڏهن جديد سنڌي ادب، اديبن ۽ شاعرن خاص ڪري شيخ اياز جي خلاف هڪ نهايت خطرناڪ ۽ گمراهه ڪن ميڊيا مهم شروع ڪئي وئي ته رسول بخش پليجي جديد ادب جي بچاءَ ۾ روزانه ”خادم وطن“ ۾ انهن جا جواب ڏنا، جيڪي بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ڇپيا. هن ڪتاب جي سنڌي تنقيدي ادب ۾ وڏي اهميت آهي.
ان بابت محترم شمشير الحيدري ٻڌايو ته شيخ اياز خلاف سخت لکيو پئي ويو ۽ خاص ڪري جماعت اسلامي پاران هن خلاف فتوائون صادر ٿي رهيون هيون۔ مان رسول بخش پليجي جي خدمت ۾ حاضر ٿيم۔ چانهه پيارڻ کانپوء چيائين ڪم ٻڌاء، مون عرض ڪيومانس ته شيخ اياز خلاف وڏي واويلا پئي هلي ڪجهه ڪر۔ چيائين ڇا ڪيان۔ مون عرض ڪيومانس ته ڪجهه لک۔ هن هڪ ڪالم لکيو ۽ چيائين هي وٺ۔ مون کيس عرض ڪيو ته هڪ ڪالم سان ڇا ٿيندو ۽ پوء مان اتي رهي پيس ۽ پوء ڪالمن جو سلسلو شروع ٿيو ۽ هڪ مهيني ۾ ڪتاب ڇپجي ويو، جيڪو سڀني جي سوالن ۽ فتوائن جو جواب آهي۔
Title Cover of book انڌا اونڌا ويڄ

(8)

محلين آيو مڱتو، کڻي ساز سري،
لڳي تند تنبير تي، پيا ڪوٽ ڪري،
هنڌين ماڳين هوءِ ٿي ٻيجل دانهن ٻري،
جهونا ڳڙهه جهري، پوندي جهانءِ جهروڪ ۾.

(لطيف)

سنڌي شاعريءَ کي انهيءَ اوجهڙ مان ڪڍي نئين ۽ روشن راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ جنهن شخص سڀ کان وڌيڪ ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، سو آهي شيخ مبارڪ اياز. هن سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي مقبول صورتن، جهڙوڪ ڪافي، وائي، بيت، دوهي، ڇيڄُ کي وري رائج ڪيو آهي ۽ انهن کي نئون رنگ ۽ آب تاب ڏئي سنواريو ۽ سينگاريو آهي. هن روايتي شاعريءَ کان غزل جو سانچو وٺي ان ۾ نه رڳو سنڌي ۽ اصلي رنگ ڀريو آهي، پر ان کي وڌيڪ خوبصورت ۽ دلڪش بڻايو آهي. هن مغرب توڙي مشرق جون مقبول ۽ مشهور شعري صنفون- سانيٽ، ترائيل، آزاد نظم، جاپاني هائيڪو- سنڌيءَ ۾ رائج ڪيون آهن ۽ سنڌي شاعريءَ کي هيئت جي اعتبار کان بين الاقوامي سطح تي آندو آهي. هن موضوع جي اعتبار کان ماضي توڙي حال جي زنده خيالن ۽ تصورن کي نئين انداز ۽ نئين رنگ ۾ پيش ڪيو آهي. فارسي شاعريءَ جي عظيم خيالن- تنگ نظري، تعصب ۽ ريا جي پرده چاڪي ۽ بي بيباڪي، شوخي ۽ سرمستي ۽ هندي شاعريءَ جي خوبصورت سادگي، ميٺاج، نرميءَ ۽ فطري حُسن، سندس شاعريءَ ۾ ته ڄڻ نئون جنم ورتو آهي. هن هڪ طرف موجوده دؤر جي بين الاقوامي سماجي قدرن، جهڙوڪ عوام دوستي، بين الاقوامي، جمهوريت پسندي، سماجي انصاف، جي ڀرپور ۽ پُراثر ترجماني ڪئي آهي، ته ٻئي طرف سنڌ ۽ وطن دوستيءَ جي قدرتي جذبن کي لافاني بڻايو آهي. هن سنڌي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ ۽ ماحول جي خيال کان هڪ نئون روح ڦوڪيو آهي ۽ ان کي هڪ نئون جنم عطا ڪيو اٿائين. هن سنڌي شاعريءَ جي دامن کي حسين ۽ پيارين نج سنڌي تشبيهن، ترڪيبن، استعارن ۽ بندشن جي هڪ اٿاهه ذخيري سان مالامال ڪيو آهي ۽ پراڻين تمثيلن ۾ نيون معنائون ۽ نوان مفهوم ڀريا آهن.
سندس شعر ۾ اهي سموريون خوبيون ڪي مٿان مڙهيل يا زور ڪري ٽُنبيل نه آهن، پر اهي قديم ۽ جديد قدر، اهي اعليٰ شاعراڻيون روايتون، اهي وسيع گوناگون موضوع سندس ذهن جي هيٺانهين تهن ۾ ائين جذب ٿيل آهن ۽ سندس اعليٰ شعور انهن کي اهڙيءَ ته خوبيءَ، صفائيءَ ۽ چٽائيءَ سان پروڙيو آهي، سندس دل انهن کي اهڙيءَ سچائيءَ ۽ شدت سان محسوس ڪيو آهي جو اهي خوبيون سندس شاعريءَ جو ضمير بڻجي ويون آهن. ان قيمتي مٽيءَ کي هن هڪ قابل ڪنڀار وانگر پنهنجي نراليءَ ڪاريگريءَ سان گهڙيو، چِٽيو ۽ سينگاريو آهي ۽ جيڪي ڪجهه پيش ڪيو آهي، تنهن تي اعليٰ فن جي مهر لڳل آهي. انهن سڀني ڳالهين کان سواءِ منجهس اهو قدرتي جوهر آهي، جو عظيم تخليقون پيدا ڪندو آهي، اها ڪيميا جا لوهه کي سون بڻائي ٿي، اها اڻ لڀ ۽ املهه شيءِ، جنهن کي ڏات چوندا آهن.
درحقيقت سچي پچي شاعري اهو لکي، جو شعر کي پنهنجي سيني ۾ محسوس ڪري سگهي، جنهن جي روح ۾ موسيقي هجي، جنهن جي ذهن تي سچ ۽ سونهن جون کنوڻيون چمڪيون هجن. تنهن کان پوءِ عظيم شاعري ڪو آلجبرا جو حساب ڪونهي، جو هڪڙو ٻئي کي سمجهائي سگهي. اها پاڻ محسوس ڪبي آهي، ٻُڌائي نه سگهبي آهي. لطيف تي سوَن سالن کان اسان جا بزرگ لکندا اچن. سنڌي ٻوليءَ جون سموريون صفتون ۽ تعريفي اکر کُٽائي ڇڏيا اٿن، پر اهڙا سوين مقالا پڙهڻ کانپوءِ به ذهن تي اها ڪيفيت پيدا نٿي ٿئي، جيڪا لطيف جي ٻن سٽن کي پاڻ پڙهي ڏسڻ سان ٿئي ٿي. درحقيقت هر سال جيڪي بزرگ لطيف جهڙي ديوَ پيڪر، هماليه جبل جيڏي انسان کي خراج عقيدت ڏيڻ جي بهاني پنهنجي ذاتي راين جي تنجڻن ۾ ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ کيس پنهنجي تنگ نقطه نظر جي پتڪڙي چيچ هٿ ۾ ڏئي، پنهنجي مرضيءَ موجب پيرڙيون کڻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، تن جي خوداعتمادي ۽ خوشفهميءَ تي مون کي هميشه ساڳيءَ وقت کِل ۽ روئڻ ايندو آهي. آءٌ تصور ۾ ڪيتريون ٻليون ڏسندو آهيان، جي ڪنهن ڪيهر شينهن جي ڪلهي تي چڙهي، بزرگانه شفقت سان سندس پٺ ٺپري سندس سرپرستي ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون هجن. عظيم شاعري ۽ عظيم فن لافاني شيون آهن، اسين، جي فاني ۽ عراضي تماشائي آهيون، تن جي هر راءِ فنا جو بقا کي هڪ نماڻو سلام ٿي سگهي ٿو ۽ بس. بقا کي فقط بقا سمجهي سگهي ٿي، خود شاعر ۽ فنڪار به نه. ڇو ته شيڪسپيئر، فردوسي، غالب، لطيف، ڪاليداس، خيام ۽ ميران کي اهو وهم ۽ گمان ۾ به هوندو ڇا ته ايندڙ نسل سندن پويان هيئن چريا ٿي پوندا؟ اڃا ته دهلي دور آهي. اڃا ايندڙ صديون اينديون، اهي خدا ڄاڻي ڇا ڪن. اسين ته فقط ايترو چئي سگهون ٿا ته:

مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرين کي،
تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.

اياز جي شاعري به پڙهڻ جي شيءِ آهي، روح سان محسوس ڪرڻ جي شيءِ آهي. لفظي وڍڪٽ ۽ آپريشن سان سمجهائڻ جي ڳالهه ڪانهي.
اهو به ضروري نه آهي ته هرڪو شاعريءَ کي پسند ڪري. بوعلي سينا طب تي لافاني ڪتاب لکيا آهن پر اسان کي اهو پڙهندي ڪو لطف نه ايندو آهي، ڇو ته اسان جو ايڏانهن لاڙو ڪونهي. نزاڪت علي ۽ سلامت عليءَ جي قوالين جي هاڪ آهي، پر گهڻن لاءِ اهي ائين ڄڻ دٻي ۾ ٺڪريون، چيني ماڻهو خوبصورت راڳ ڳائين ٿا، ته اسين ڀانيون ته روئن پيا.
اسين سنڌي ماڻهو هونئن به ايترو ته علمي طرح پوئتي پيل آهيون، ايترو ته زماني جا ستايل آهيون، جو اسان کي شاعري پڙهڻ جهڙي ذهني عيش جي فرصت ئي ڪانهي، تنهن ڪري اسان مان جيڪي خود شاعريءَ کي ئي واهيات شيءِ سمجهندا آهن، تن کي اياز جي شاعريءَ ۾ ڪجهه به نظر نه اچي، سڀ ڪجهه بڪواس لڳي، ته عجب جي ڳالهه ڪانهي. هو پنهنجي جاءِ تي صحيح آهن، پر جيڪڏهن توهان پنهنجن ٻين ڀائرن کان وڌيڪ خوش نصيب آهيو- توهان لطيف پڙهيو آهي، سچل پڙهيو آهي، توهان غالب، مير، رومي، فردوسي ۽ ٻيا شاعر پڙهيا آهن ۽ شعر جي جادوءَ کي جيءَ ۾ محسوس ڪيو آهي. جي توهان خوابن جي جنتن جو سير ڪيو آهي، ته پوءِ توهان کي اياز جي شاعريءَ جي دنيا جو به سير ضرور ڪرڻ گهرجي. هيءَ دنيا توهان جي ڏٺل وائٺل به آهي، ته بلڪل نرالي به آهي. هتي ماضي به آهي ته حال ۽ مستقبل به. سنڌ به آهي ته هند به، بلڪه سارو جهان به. سرڪ ۽ مرڪ به آهن ته لڙڪ به. حال اوندهه انڌڪار به آهي ته نور ڀري نيراڻ به. خوشي ۽ سرمستي به آهي ته پڇتاءَ جي پيڙا به. هتي خودي به آهي ته بيخودي بلڪه نيستي به. نهايت ساديون ۽ معصوم تمنائون ننڍڙا ذاتي غم ۽ خوشيون به آهن ته ابن آدم جي ازلي بدنصيبين، ڏکن، بکن ۽ موت جو ماتم به آهي.
اياز اهو شهباز آهي، جو ڪڏهن ڏسو ته اکين تي کوپا چاڙهيو اوهان جي پڃري ۾ بند ٿيو پنهنجي حال تي ڳوڙها پيو ڳاڙهي ۽ خوشيءَ جي چوڳي ذري لاءِ پيو واجهائي ۽ اهو ملڻ تي بود ۾ ڀرجي نچڻ لڳي ٿو ته ڪڏهن ڏسو ته هڪ ئي ڀڙڪي سان مٿي، تمام مٿي نڪريو وڃي. انهن نامعلوم بلندين تي جتي پنهنجي ۽ ڌارئي، ديس ۽ پرديس، قوم، نسل، مذهب، ماضي ۽ حال ۽ مستقبل، خوشي ۽ غم، آس ۽ نراس، هستي ۽ نيستيءَ جون سرحدون نظر کان اوجهل ٿيو وڃن. جتان خود ڌرتيءَ جو هڪ لکها سالن کان ڦرندڙ گولو قابل رحم لڳي ٿو، جتي آگاهي ۽ ڄاڻ جون ننڍڙيون ٻيڙيون حيرت جي بي انت بحر ۾ غرق ٿيو وڃن. سندس نگاهه معموليءَ کان معمولي شيءِ روز مره جي نظاري تي به آهي، ته انهن حيرت انگيز منظرن ۽ ڪائناتن تي به آهي، جيڪي مادي وجود کان بي نياز آهن ۽ جن کي فقط تخيل جون اکيون ڏسي سگهن ٿيون. سندس سيني ۾ ڄڻ ته هزارها لکها دليون آهن، جي هر انساني جذبي، احساس، شعور ۽ لاشعور جي چرپر کي محسوس ڪن ٿيون ۽ ان جي موٽ ڏين ٿيون. سندس اظهار ۾ قيامت خيز طوفانن جي انڌي قوت به آهي ته چشمن جو سُريلو، جهيڻو سُر به آهي ۽ ڍنڍ جي بيٺل پاڻيءَ جو نشيلو سڪون ۽ موسيقي ڀريل ماٺ به. هو ٻوليءَ جو جادوگر آهي. سندس طلسمي ڏات جي اشاري ملڻ سان بظاهر معمولي ۽ مئل اکر اک ڇنڀ ۾ جيئرا ٿي معنيٰ ۽ مطلب جا رنگ برنگي ويس اوڍي ذهن جي اسٽيج تي رقص ڪرڻ لڳن ٿا ۽ دل جي تارن تي عجيب اڻ ٻُڌل ۽ حَسين راڳ ٻُڌائڻ لڳن ٿا. ننڊاکرن ۽ اٻوجهه لفظن کان هن اظهار جا اهي مُعرڪا سر ڪرايا آهن جو حيرت وٺيو وڃي، ته هنن ڄاتل سڃاتل لفظن ۾ ايڏي نواڻ، ايڏو مايو، ايڏيون گهرايون ۽ ايڏو مفهوم ڪٿان آيا؟ اها ٻولي جنهن ۾ هيستائين صرف وچولي دؤر جو فڪر ۽ شعور پيش ٿي سگهيو آهي، سا هڪڙي ئي چال سان صدين جو سفر طئي ڪري دؤر جديد جي جديد ترين خيالن جي اظهار جو وسيلو بڻجي وئي آهي. نج سنڌي اکر نج سنڌي تشبيهون، استعارا ۽ ترڪيبون اياز جي شاعريءَ جو مکيه ۽ مرڪزي جزو آهن. سندس هر سٽ ستن پاڻين ۾ ڌوتل آهي، لفظ لفظ گهڙيل ۽ سنواريل آهي.
اياز جي شاعري ڪنهن هڪ فرد جي خالص ذاتي ڪرامت ڪانهي، اها سنڌ بلڪه دنيا اندر شعر ۽ فڪر ۽ شعور جي صدين جي ارتقا جي خاص منزل جو هڪ خوبصورت ۽ شاندار نشان آهي. مشرق ۽ مغرب جي قديم ۽ جديد عظيم شعري ورثي شيڪسپيئر، بائرن، شيلي، ڪيٽس، بادلير، ميران، خيام، رومي، حافظ، لطيف، سامي، سچل ، بيوس جي شاعريءَ جي پس منظر جي غيرموجودگيءَ ۾ اياز جي شاعريءَ جي وجود ۾ اچڻ جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. ساڳيءَ طرح جيڪڏهن کيس شاهه عنايت، لطيف، سچل، سامي ۽ بيدل جي سنواريل ۽ اُجاريل سنڌي زبان ۽ اندازِ بيان ورثي ۾ نه ملن ها ته منجهس اها دلربائي، اها اٿاهه ڪشش ۽ نفاست هرگز نه ملي ها. ساڳيءَ طرح مشرق ۽ خاص ڪري سنڌ جي مخصوص سماجي ۽ تاريخي حالت ۽ اڄوڪي سماجي ۽ فڪري ماحول کان سواءِ به اها شاعري اها نه هجي ها جيڪا آهي.
پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود بلڪه ڪنهن حد تائين انهن ڳالهين ڪري ئي اياز جي شاعري سنڌ اندر هن دؤر، هن صديءَ جي عظيم ترين اڪيلي ادبي حقيقت آهي.
زوال پذير تڪبند شاعريءَ واري لمبي مرض الموت کان پوءِ سنڌي شعر جو نه رڳو جيئرو رهجي وڃڻ پر ان ڦوهه جوڀن تي رسڻ، جنهن تي اياز کيس رسايو آهي، سو هڪ عظيم ادبي معجزي کان گهٽ ڪونهي. وطن جي خاڪ انهيءَ ڪرشمي تي جيترو به فخر ۽ ناز ڪجي سو گهٽ آهي.
اياز جي شاعريءَ ۾ ڪو نُقص آهي ته اهو هيءُ ته هو سُٺو قصيده گو ڪونهي، تنهن ڪري سرڪاري شاعر بڻجڻ جي سعادت کان محروم رهجي ويو آهي، بلڪه سرڪار نامدار مڪاني چغلخورن ۽ ادبي جاسوسن جي رپورٽن تي سندس ڪلام جي هڪڙي مجموعي جي ڪن صفحن تي بندش وجهڻ فرمائي آهي ۽ اهڙيءَ ريت اسان جي چغل برادريءَ کي کڳيون هڻڻ ۽ جهمريون پائڻ جو موقعو عنايت ڪرڻ فرمايو آهي.
پر انهن بندشن ڪري ڇا ٿو ٿئي؟ هيءُ ته ڪتاب آهي، پر تاريخ ۾ پڙهيو اٿئون ته انگلينڊ جي ڪنهن زنده دل بادشاهه مورڳو سمنڊ جي لهرن تي به بندش وجهي ڇڏي هئي ته “خبردار اڳتي نه وڌجو!” محمود غزنويءَ به فردوسيءَ تي بندش وڌي هئي. آفريڪا جا ڪيترا قبيلا اڃا تائين سج تي تير اُڇلائي ان کي ڊوڙائي ڀڄائڻ جون ڪوششون ڪندا آهن. سج، چنڊ، سمنڊ ۽ شعر تي بندش وجهڻ وارا بندشون وجهندا رهندا آهن. سج ۽ چنڊ چمڪندا رهندا آهن ۽ سمنڊ ۽ شعر موجون ماريندا رهندا آهن.

سهسين سائر ٻوڙيون، منڌ ٻوڙيو مهراڻ،
وه وڃايو پاڻ، هڻي ڪنڌ ڪپن سين.

(شاهه لطيف)

درحقيقت هيءُ دؤر سنڌي ادب جي سڀ طرفي واڌاري، اوسر ۽ نيسَر جو دؤر آهي. ادب ۽ شعر جي باغ جا سمورا ٻوٽا سرسبز آهن. شعر، افسانا، مضمون، تنقيدون، داستان، قصا، لوڪ ڪهاڻيون، ناول، تحقيقي مضمون وغيره هڪٻئي جي پٺيان ميدان ۾ اچي رهيا آهن.
سنڌ ۽ هند ۾، سنڌي ادب جي ميدان ۾ مرد خواه عورتون، هر وقت نوان تجربا، نيون ڪوششون ۽ نيون تخليقون پيش ڪري رهيا آهن، جن جي پوري جائزي لاءِ مڪمل ڪتاب کپن.
سنڌي ادبي بورڊ، ان جا ڪتاب ۽ ان جي لوڪ ادب اسڪيم هڪ طرف ته “مهراڻ”، “نئين زندگي”، “روح رهاڻ”، “نئين دنيا”، “ڪونج” وغيره رسالا ٻئي طرف ته اخبارن جا ادبي صفحا ٽئين طرف- مطلب ته سنڌ جو ادبي قافلو پوري جوش خروش سان اڳتي گامزن آهي.
منزل برابر دور آهي. ٻيا اسان کان اڳتي، گهڻو اڳتي آهن، پر اسين اوجهڙ مان نڪري چڪا آهيون.
اها حالت ڏسي اهي جيڪي پاڻ وِک کڻي نٿا سگهن، جيڪي پاڻ چُرڻ کان لاچار آهن، سي ڏنڊا کڻي بيهي رهيا آهن، ته خبردار متان اڳتي وڌيا آهيو! جيڪو ويهي پنڪيون نٿو کائي، اُٺ پکيءَ وانگر ريتيءَ ۾ سسي نٿو لڪائي، چمڙي وانگر روشنيءَ کان نٿو لڪي، سو ڪافر اهي، دهريو آهي، اسلام جو دشمن آهي.