(9)
جهليم سي جهوليءَ ۾ پلئه پايوسي،
مرجان چاليهه چي سڱا سپرين جي.
(شاهه لطيف)
ڪجهه عرصي کان نام نهاد “اسلام دوست” نقادن جي هڪڙيءَ گئنگ، هڪڙي سنڌي اخبار جي شوشي باز ايڊيٽر جي سرڪردگيءَ هيٺ، شيخ اياز، گرامي ۽ ٻين سنڌي اديبن تي ڪِريل ۽ ناشائسته حملا ڪيا آهن، جي ڪِريل ذهنيت، اٿاهه جهالت ۽ سستي شهرت جي بي انتها بُک جو نتيجو آهن. اهي اپاهج ۽ لولن ذهنن ۽ ناڪام هوس جو، ڪمال ۽ ڏات کان بدترين ۽ ڪمينو انتقام آهي. هي شخص سکڻيون ڪُنيون آهن، جيڪي گهڻو اُڀامن ٿيون، ٺلها چڙها آهن جيڪي گهڻو وڄن ٿا. هنن جي لفظ لفظ ۾ حسد، ڪيني، بغض ۽ ساڙ جا ٽانڊا ۽ فتني ۽ تعصب جو زهر آهي. هي جاهل ۽ ڪم ظرف شخص اهل ڪمال ۽ اهل سخن تي ٺٺوليون ڪن ٿا، کين بد شد ڳالهائين ٿا ۽ کين ڌمڪيون ڏين ٿا. هي جهالت جي اونداهن ٻرن ۾ لڪيل چمڙا ۽ ويران کنڊرن ۾ ويٺل لڪيل چٻون ادب ۽ فن جي آسمانن تي پرواز ڪندڙ شهبازن تي ڏند ڪڍي کِلن ٿيون، اهلون ڪن ٿيون، ۽ ڪانگن ۽ ڪٻرن جو داد حاصل ڪري، ڦونڊ ۾ ڀرجي نچن ٿيون. هنن تنقيد جي شريفاڻي لباس ۾ مڪريل، گلاخور ۽ چغلباز ڌوتين وانگر، اخلاق ۽ شرافت جا ليڪا لنگهي، سٿڻون گوڏن کان مٿي کڻي، سنڌ ۾ هڪ زناني ويڙهه شروع ڪئي آهي، جنهن ۾ تاڙ پئي لڳي، يار چگهه پيا نڪرن ۽ ڪچين گارين جو ڌوڙيو پيو پوي. هنن هڪ اهڙو تماشو شروع ڪيو آهي، جو جيڪڏهن اردو يا ٻين ٻولين وارا سُڻي سمجهي سگهن ته جيڪر سنڌين جا ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃن. دنيا حيران ٿي ويندي ته ڇا هيءُ آهي تنقيد جو معيار ۽ هيءَ آهي فهم ۽ سُخن جي پرک ۽ ان جو طريقو؟ هنن شخصن جيڪو ادبي سانگ رچايو آهي، تنهن ۾ پاڻ کي ادب جو ڪوٽوال مقرر ڪيو اٿن. اديبن جي زبان بند رکڻ لاءِ هو مٿن ڪفر ۽ الحاد، ڪميونزم ۽ بداخلاقيءَ جي الزام جا ڏنڊا اُلارين ٿا، سندن ادبي تخليقن کي پنهنجين ٽيڏين اکين سان گهورين ٿا، ته کين اهي ٽيڏيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. افسانا ٽيڏا، شعر ٽيڏا، مضمون ٽيڏا، بلڪه سري کان ئي مڙئي ڪتاب ۽ رسالا به ٽيڏا! جيڪا ڳالهه سندن تنگ ۽ تاريڪ دماغ ۾ ماپجي نٿي سگهي، سا ڪفر آهي، الحاد آهي. نه رڳو محب وطن ۽ عوام دوست اديبن ۽ سندن تخليقن تي هي واهيات ۽ شرانگيز حملا ڪن ٿا، ۽ سندن پويان ڀنڊي ٻارين ٿا، بلڪه انگريز پوليس جي چغلخور ۽ دلالن وانگر سرڪار وٽ به چغليون هڻن ٿا. چي فلاڻو اديب خطرناڪ آهي، ان کي جيل ۾ وجهو، فلاڻو شاعر دهريو آهي، ان کي سنگسار ڪريو، فلاڻي کي نوڪريءَ تان لاهيو، ۽ فلاڻي تي ڪارروائي ڪريو! هنن جو وس پڄي ته هوند سمورا ڪتاب، جي سندن سمجهه کان ٻاهر آهن، سي ساڙائي ڇڏين ۽ سڀني اديبن کي ڦاهيءَ تي چاڙهائي ڇڏين. سندن لهجو ادبي سنجيدگيءَ ۽ علمي توازن بدران مڇيءَ مياڻ واري بدزبانيءَ، شودن جي بازار واريءَ داداگيريءَ جو بدترين مثال آهي. جتي ادبي دنيا ۾ “ادب براءِ ادب” ۽ “ادب براءِ زندگي” جو بحث پيو هلي، اتي هي وري پنهنجي “يخي براءِ يخي” ۽ “فتنو براءِ فتنو” جا منصبدار بڻيا بيٺا آهن.
درحقيقت جعلي اديبن ۽ نقلي نقادن جي هيءَ ننڍڙي ٽولي، هٽلري جرمنيءَ جي انهيءَ عوام دشمن ۽ رجعت پسند گسٽاپو پوليس جي ايجنٽن جو نئون روپ آهي، جن گوئبلز جي اڳواڻيءَ هيٺ اٽڪل ٽيهارو سال اڳ جرمنيءَ ۾ محب وطن ۽ عوام دوست اديبن خلاف رڻ ٻاري ڏنو هو. کين يهودي، ڪميونسٽ ۽ غدار ٺهرائي، ڪن کي جلاوطن ڪرايائون، ڪن کي نازي تهخانن جي جهنم ۾ عذاب ڏياريائون. ڪن کي مشينن ۾ پيڙايائون ۽ ڪن کي رستي هلندي شوٽ ڪرايائون. جرمنيءَ جا عظيم ترين فرزند، ٿامسن مئن (شهر آفاق ناولن “يد نبروڪ ڪٽنب” ۽ “جبل” جو مصنف)، آئنسٽائن (ويهين صديءَ جو عظيم ترين سائنسدان) ۽ هزارين ٻيا اديب، فنڪار، مُصور، دانشور، موسيقار ۽ اهل ڪمال انسان انهن نام نهاد نقادن جي بهتان بازي ۽ الزام تراشيءَ جو شڪار ٿي ويا. تان جو جرمنيءَ ۾ ڪن ٿرڊ ڪلاس، بي ضمير ۽ مسواڙي ليکڪن ۽ فنڪارن کان سواءِ ڪوبه صاحبِ ڪمال ڪونه رهيو. هي رنگروٽ ڄامڙا، مسولنيءَ ۽ هٽلر جا نازي نمائندا، سنڌ سان به اها ئي ڪار ٿا ڪرڻ گهرن. جيئن وتائي فقير اهڙن ماڻهن لاءِ چيو هو ته سڄو جهان عيد جي ڏينهن مري وڃي، باقي آءٌ ۽ امان وڃي رهون، پوءِ امان ۽ آءٌ گڏجي ماڻهن جا ڀت ڍوئي گڏ ڪريون، پوءِ امان به مري وڃي، باقي رڳو وتايو ۽ ڀت وڃي بچن، سو هن ننڍڙيءَ ٽوليءَ جي به مرضي آهي ته سنڌ جا هڙئي اديب ۽ شاعر ميڙي جيل ۾ وجهي ڇڏجن، باقي کين ڇڏي ڏجي ته پيا چٻرن وارا چرڙاٽ ڪن. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هنن پنهنجي روزاني اخبار ۾ هڪڙو ڪوڙن جو ڪارخانو ۽ فتنن جي فيڪٽري کولي آهي، جنهن ۾ پراڻن اوزارن يعني کريل ٿرڊ ڪلاس ڪوڙن الزامن ۽ گارين تي مذهب ۽ اخلاق جا روغن لڳائي، مٿانئن انگريزي پالش ٿڦي چلڪائي، وڏي پئماني تي سپلاءِ جو ڪاروبار شروع ڪيو اٿن. پنهنجي گدام ۾ جيڪي انهيءَ گاسليٽي مگر چلڪندڙ مال جا کوکا ڀريو ويٺا آهن، تن ۾ سڀ کان چالو جنس “دهريت” ۽ “ڪفر” جي ليبلن چنبڙائڻ جي ڪل آهي. اهو سندن خاص ۽ پيارو هٿيار آهي. کين ان تي ايترو ناز آهي، جيترو آمريڪا کي ائٽم بم تي به ڪونه هوندو. جيئن روس ۽ آمريڪا جا راڪيٽ تيار آهن، رڳو بٽڻ دٻائڻ جي دير آهي، تيئن انهيءَ گئنگ جون فتوائون تيار آهن. ڪنهن تي ڪاوڙيا ته سٽ ڏئي پنو کڻي، لکندا شيطان جي آنڊي جيڏا ليک ته فلاڻو شعر، فلاڻي سٽ غيراسلامي آهي، فلاڻو اديب بي دين ڪافر ۽ ڪميونسٽ آهي، وجهوس جيل ۾.
هن گئنگ تنقيد جي پردي ۾ نئين دؤر جي اديبن ۽ شاعرن خلاف جيڪا فتنه انگيز پروپئگنڊا شروع ڪئي آهي، تنهن ۾ هن بار بار مذهب ۽ دين جي آڙ ورتي آهي. هنن چالاڪ ۽ عيار پروپئگنڊا بازن کي خبر آهي ته هتي جي سادي سودي ۽ اٻوجهه عوام کي برغلائڻ ۽ اشتعال ڏيارڻ لاءِ مذهب جي آڙ وٺڻ جهڙو ٻيو ڪارگر هٿيار ڪونهي.
آخر جڏهن سمگلر ۽ بليڪ مارڪيٽر به پنهنجي نيڪ ڪمائيءَ مان بڻايل بنگلن تي “هٰذا من فضل ربي” جي آيت اُڪرائي ڇڏين ٿا، جڏهن هر عقلمند پنهنجي توفيق آهر دين جي نالي کي استعمال ڪري پنهنجا مطلب پورا ڪري سگهي ٿو، تڏهن اسان جي نقلي نقادن ڪهڙي ٻلي ماري آهي، جو دين جي نالي مان رڳو ايترو به فائدو وٺي نه سگهن، جو مفت ۾ سستي شهرت ۽ انتقامي تسڪين ئي حاصل ڪن.
رهيو نقاد هجڻ جو سوال، سو جتي ڊسپينسر ۽ ڪمپائونڊر جراح ۽ ڊاڪٽر سڏائي موجون ڪري سگهن ٿا، جتي پساري مسيح الملڪ بڻجي سگهن ٿا، جتي مئٽرڪ فيل وزير بڻجي سگهن ٿا، اتي هي همراهه ڇو نه نقاد بڻجن؟ آخر، هي انگريزي، سنڌي، اردو لکي پڙهي ڄاڻن، شعر ۽ ادب جو ٻيو نه ته به نالو ضرور ٻُڌو هوندائون، پوءِ کڻي تنقيد جي دعويٰ ڪيائون ته ڪهڙي اربعا خطا ٿي پئي؟ ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي. وقت تي ماڻهوءَ کي الائي ڇا ڇا ڪرڻو ٿو پوي، پر مصيبت هيءَ ٿي آهي، جو همراهه مسخريءَ مسخريءَ مان، سچ پچ بم رکي، مُڇن کي تاءُ ڏئي، باقاعدي بورڊ هڻي “نقاد اعظم” بڻجي، بالم ٿي ويهي رهيا آهن.
بس، زمين، جنبد، نه جبند گل محمد!
حضرت داغ جهان بيٺ گئي، بيٺ گئي.
ڊاڪٽر خليل جي هڪ افساني “باغائي” ۾ هڪ ٻڍي باغائيءَ کي نئين مالڪياڻيءَ سندس پوکيل باغ مان ڪڍي ڇڏيو. هن اعتراض ڪيو ته باغ مون هنيو آهي. مالڪياڻيءَ چيس ته، “نڪر ٻاهر، هيءُ باغ قانوني طرح منهنجي ملڪيت آهي.” انهيءَ حادثي ڪري باغائي ويچارو چريو ٿي پيو ۽ چوندو پيو هو ته، “باغ منهنجو ناهي، جو قانون ۾ ائين لکيل ڪونهي.” تڏهن چرين جي اسپتال ۾ ڊاڪٽر خليل سندس علاج خاطر ڪوڙا پروانا لکي ڏنس ته هي اسپتال جو باغ تنهنجي ملڪيت آهي ۽ قانون ۾ ائين لکيل آهي. پوءِ هو ڏاڍو موج سان ڪاغذن جا ٿها بغل ۾ کڻي، سڀني کي ڏيکاري، چوندو وتندو هو ته “هيءُ باغ منهنجو آهي، قانون ۾ ائين لکيل آهي.”
سو هي همراهه به هاڻي گارين جا دفتر بغل ۾ کڻي، سڀني کي چوندا وتن ته “اسين نقاد اعظم آهيون. قانون ۾ ائين لکيل آهي.”
اچو ته ڏسون ته قانون ۾ سچ پچ ڇا لکيل آهي؟
هنن پنهنجي چارج شيٽ ۾ شيخ اياز، تنوير، رباني، جمال ابڙي ۽ ٻين نئين دؤر جي نوجوان اديبن ۽ شاعرن تي جيڪي تهمتون مڙهيون آهن، تن ۾ مکيه الزام هي آهن ته سندن شعر ۽ ادب دين ۽ مذهب جي خلاف آهن. هنن سندن تخليقن مان ڪي حوالا ڏئي، مذهب ۽ اخلاق جون حجتون اُٿاري،، شد مد سان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سندن نظريا ڪافرانه ۽ ملحدانه آهن، هو بداخلاق، دهريا ۽ سوريءَ تي چاڙهڻ جي لائق آهن.
جنهن ديده دانسته بدديانتيءَ ۽ شرانگيزيءَ سان هنن انهن جملن ۽ شعرن جي دستوري ۽ قدرتي معنيٰ کي لڪائي، سندن لفظن کي ڇڪي تاڻي، مروڙي سروڙي، مٿن هٿرادو معنائون ۽ مطلب مڙهيا آهن، تنهن کي في الحال ڇڏي، اچو ته ڏسون ته ادب ۽ خاص ڪري شعر تي انهيءَ ڪٽر ۽ تنگ نظريءَ واري رنگ ۾ نڪته چيني ڪرڻ جا ڪهڙا نتيجا نڪرن ٿا.