تاريخ، فلسفو ۽ سياست

انڌا اونڌا ويڄ

ون يونٽ واري دور ۾ جڏهن جديد سنڌي ادب، اديبن ۽ شاعرن خاص ڪري شيخ اياز جي خلاف هڪ نهايت خطرناڪ ۽ گمراهه ڪن ميڊيا مهم شروع ڪئي وئي ته رسول بخش پليجي جديد ادب جي بچاءَ ۾ روزانه ”خادم وطن“ ۾ انهن جا جواب ڏنا، جيڪي بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ڇپيا. هن ڪتاب جي سنڌي تنقيدي ادب ۾ وڏي اهميت آهي.
ان بابت محترم شمشير الحيدري ٻڌايو ته شيخ اياز خلاف سخت لکيو پئي ويو ۽ خاص ڪري جماعت اسلامي پاران هن خلاف فتوائون صادر ٿي رهيون هيون۔ مان رسول بخش پليجي جي خدمت ۾ حاضر ٿيم۔ چانهه پيارڻ کانپوء چيائين ڪم ٻڌاء، مون عرض ڪيومانس ته شيخ اياز خلاف وڏي واويلا پئي هلي ڪجهه ڪر۔ چيائين ڇا ڪيان۔ مون عرض ڪيومانس ته ڪجهه لک۔ هن هڪ ڪالم لکيو ۽ چيائين هي وٺ۔ مون کيس عرض ڪيو ته هڪ ڪالم سان ڇا ٿيندو ۽ پوء مان اتي رهي پيس ۽ پوء ڪالمن جو سلسلو شروع ٿيو ۽ هڪ مهيني ۾ ڪتاب ڇپجي ويو، جيڪو سڀني جي سوالن ۽ فتوائن جو جواب آهي۔
Title Cover of book انڌا اونڌا ويڄ

(16)

ملان مٺو ماءُ پتو ڦٿو پيٽ ۾،
سڃاڻي الله ٽٻي ڏنائِن ڌوڙ ۾.

(شاهه لطيف)

پاڪستان دنيا جي پوئتي پيل ملڪن مان هڪ آهي. اسين 90 سيڪڙو بي علم آهيون. غريب ۽ مفلس آهيون، جن کي پنڻ کان پڙهڻ ياد ڪونهي. خاص ڪري سنڌ ۾ ته حالت ٻين علائقن کان به بدتر آهي. چوندا آهن ته مصيبت ايندي آهي ته اڪيلي ڪانه ايندي آهي. ٻارن ٻچن سان ايندي آهي. رڳو بي علمي ڪانهي، پر غريبيءَ ۽ جهالت جي ڪلراٺيءَ ۽ پوسل واري زمين ۾ جيڪي مرض ۽ جيوڙا هميشه هوندا آهن، سي سڀ آهن- ويساهه وسوڙپ، خوف، اٻوجهائي ۽ هيڻائي، ڦرلٽ ۽ دٻاءُ.
مروان موت ملوڪان شڪار. پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن جي اها بدنصيبي ۽ بدحالي ڏسي، گهڻن جو مَڪو مچي ويو آهي. خطره جان نيم حڪيمن، خطره ايمان نيم مُلن ۽ ٺوڳي پيرن جي ٻيگهي متل آهي. شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ اٻوجهه ماڻهن ۾، ڄاڙي باز دوا فروش جي لٻاڙ اڳيان پاڪستان ته ڇا پر يورپ جي مسيحا صفت، جراح ڊاڪٽرن جي به دال ڪانه ٿي ڳري.
اُمت مسلمه جي عظيم ترين علمائن ۽ دين اسلام جي بي مثال علمبردارن- مولانا محمد علي، عبيدالله سنڌي، جمال الدين افغاني، جن پنهنجون زندگيون مسلم قوم جي نجات لاءِ وقف ڪري ڇڏيون، تن جي 99 سيڪڙو ماڻهن کي خبر ئي ڪانهي ته ڪهڙي باغ جون موريون هيون. جي هاڪ ۽ ڌاڪ آهي ته ڳوٺ جي تعويذ فروش مُلان ۽ شعيي سُنيءَ جا جهڳڙا ڪرائيندڙ فتوا باز جي، ڌمال ڪري جن ڪڍندڙ ڀوپي جي، چلو ڪڍي پُٽ ڏيندڙ پير جي. هتي هر شيءِ اُبتي آهي. آفيسر کان پٽيوالي جي آڪڙ وڌيڪ، ايس.پي ته کڻي ڇڏي، پر پوليس واري ۽ پڳيءَ جي ٽيپ ڪير جهلي؟ ڪورٽ ته ضامن کنيو، پر ڪلارڪ جي کڻي! ماڻهن جي جهالت ۽ مفلسيءَ مان جاوا ڪندڙ، مٿڀرا گهمندڙ شخص، علم ۽ سمجهه، سچ ۽ نيڪيءَ، عدل ۽ انصاف، فضل ۽ ڪمال، ڏاهپ ۽ ڏات کي پنهنجو جاني دشمن ٿا سمجهن. آهن به حق تي. ماڻهن کي جيڪڏهن ڪوئنين ۽ پنسلين جهڙن يڪ ٽڪ ۽ سستين دوائن جي فائدن جي خبر پئجي وڃي، ته دوا فروش مسيح الملڪن، ڀوپن، تعويذ فروش مُلن ۽ ڦيڻا ڦوڪارا هڻي علاج ڪندڙ پيرن ۽ نيم حڪيمن جو ڀونگو برابر ڀنگ ٿي ويندو.
ماڻهو جيڪڏهن انساني عقل ۽ دماغ جي عظيم ڪارنامن کان واقف ٿي وڃن، علم جي دولت سان مالامال ٿي وڃن، روءِ زمين ۾ جيڪي وهي واپري پيو، تنهن جي ڄاڻ رکن، ته پوءِ آڪڙباز وڏيري، ڦورو ڪاموري، ٺوڳي پير، فتويٰ فروش مُلان، قوم فروش سياستدان جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟
انهيءَ ڪري اوندهه ۾ شڪار ڪندڙ وحشي بگهڙن جو ٽولو، رڍن جو کلون اوڍي، “اسلام” “اسلام” جا نعرا هڻندو، بتال ٿي، ملڪ ۾ هميشه ڊوڙندو رهي ٿو. هي اُهي هستيون آهن، جن “ختم نبوت تحريڪ” جي نعري هيٺ پنجاب ۾ مسلمانن جا ڪُوس ڪرايا هئا ۽ مارشل لا لڳرائي هئي. پاڪستان جي چيف جسٽس، منير، جي اڳواڻيءَ هيٺ هن فتنه بازن جي مچايل فسادن بابت جيڪا تحقيقاتي ٽربيونل مقرر ٿي هئي، تنهن سندن ڳالهين کي چڱيءَ طرح بي نقاب ڪيو هو.
سنڌ، سندس ٻولي، ثقافت، تمدن هنن پيشه ور فسادين ۽ گُرگُ شڪارين جي نظر ۾ ڪجهه به ڪونهن.
سنڌي ادب ۽ سنڌي اديبن خلاف هلندڙ سازش ۾ جيڪي سنڌي مير جعفر ۽ مير صادق اڄ جهل نٿا ڏين، سي درحقيقت انهن وڏن گُرگُ ۽ چالباز بگهڙن جا ننڍڙا ساٿي بڻجي ڪم ڪن ٿا.
هيءَ فقط شروعات سنڌيءَ سان آهي. اڄ سنڌي ادب ۽ اديب خراب آهن، سنڌي ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ۽ شاگرد خراب آهن، سنڌي اخبارون خراب آهن، سڀاڻي سنڌ جي سمورن مطالبن ۽ گهرن، حقن ۽ حقوق کي غيرشرعي ، غيراسلامي قرار ٺهرائي، سنڌ جو گلو گهُٽيو ويندو.
تاريخ ڏيکاري ٿي ته هڪ ڀيرو ڪنهن کي خدائي فوجدار بڻجڻ ڏنو ويو، هڪ دفعو نسل، مذهب يا ڪنهن نعري جي فريب ۾ اچي ڪنهن قوم پاڻ کي اهڙي قسم جي ڊڪٽيٽريءَ جي چنبي ۾ ڏنو، ته پوءِ هميشه لاءِ سندس قسمت تي بدبختيءَ جي مهر لڳيو وڃي.
هي ٻگهلا ڀڳت، جيڪي اڄ “اسلام، اسلام” ڪريو ڦاٽيو ٿا پون، انهن اسلام جي نالي ۾ هر شريف انسان کي ڏنگيو آهي.
تاريخ ۾ اهو ڪهڙو عظيم مسلمان، ڪهڙو قوم جو عظيم فرزند، ڪهڙو باڪمال شخص آهي، جنهن کي هن اسلام جي نالي ۾ تنگ نه ڪيو هجي يا کيس ڪافر نه ٺهرايو هجي.
اهي ڪير هئا، جن فتوا ڏني هئي ته انگريز حاڪم عادل آهي، کيس لک ولين جي طاقت آهي، ۽ سندس تابعداري ڪرڻ شرعي فرض آهي! اهي ڪير هئا، جن جي فتوا سان بيت المقدس تي گوليون هليون هيون؟ اهي ڪير هئا، جن اسلام جي نالي ۾ هندستاني مسلمانن کي تعويذ لکي ڏنا هئا ته وڃي ترڪ مسلمانن کي ڪُهو ۽ عربن کي انگريزن جو غلام بڻايو؟ اهي ڪير هئا، جن تحريڪ خلافت کي ناجائز ۽ غيراسلامي ٺهرايو هو ۽ انگريز جي چوڻ تي چيديءَ عربيءَ ۽ حديثن ۽ قرآن شريف مان ثابت ڪري ڏيکاريو ته انگريز خلاف جيڪو ڪُڇندو سو ڪافر آهي؟ اهير ڪير هئا، جن مولانا محمد علي، ڪمال پاشا، مولانا آزاد، محمد علي جناح، اقبال کي ڪافر، تڙيل ۽ لعنتي قرار ڏئي، انگريز بهادر وٽ سرخرو ئي حاصل ڪئي هئي؟ اهي ڪير آهن، جي هر سال نه رڳو سنڌ بلڪه سڄي پاڪستان ۾ شيعي، سُني ۽ وهابي، ۽ مقلد، غيرمقلد وغيره جا جهيڙا اُٿاري مسلمانن کي ويڙهائڻ جو ديني فرض ادا ڪندا آهن؟ اهي ڪير آهن، جن هميشه “آمين” دل ۾ پڙهڻ يا زور سان پڙهڻ ۽ نور يا بشر جهڙين ڳالهين جو سهارو وٺي، اُمت مسلمه کي چيري، ٽڪرا ٽڪرا ڪري، کيس دنيا ۾ ذليل ۽ خوار ڪيو آهي؟
ڪنهن زماني ۾ علماءَ ڪرام جو ڪم هو ڪافرن کي مسلمان ڪرڻ“ مسلمانن کي کير کنڊ ڪرڻ، اسلام کي رحمت جو سايو ثابت ڪرڻ، اهڙا شريف، نيڪ نيت ۽ پُرخلوص عالم هر دؤر ۽ هر زماني ۾ موجود رهيا آهن ۽ رهندا، پر هي ٻيا وري مسلمانن کي ڪافر بڻائڻ وارا آهن. هي ويڙهائڻ، ڌار ڪرڻ، فتني پيدا ڪرڻ وارا نام نهاد اسلام پسند ۽ اسلام دوست آهن، جن جي ڪتاب ۾ صرف هڪڙو اکر لکيل آهي. “فتنو‘” اقبال ويچاري کي به اهڙا سور ڏنائون جو رڙيون ڪندو ويو:
دين ملا في سبيل الله فساد!
جماعت اسلامي جا چوڌرا اڄ سنڌ ۾ اسلام جي حالت تي پار ڪڍي پيا روئن ۽ سنڌ سان وڏيون همدرديون پيا ڏيکارين، پر هو ان وقت ڪٿي هئا، جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ مان نيڪالي ٿي ملي؟ غلام محمد بئراج جي زمين جي پاليسيءَ بابت لکها مسلمان هارين ۽ کاتيدارن کي جيڪي سور آهن، تنهن بابت سندن زبان مان هڪڙو اکر به نه نڪتو. سنڌي عوام اڳيان تعليم، روزگار، نوڪرين، سياسي حقن جا جيڪي مسئلا آهن، تن بابت سنڌ جا هي همدرد ڇو هيستائين چپن کي چُنو لايو ويٺا آهن؟ ڇا سنڌ سان همدردي رڳو سنڌي نوجوانن تي ڪفر جي فتوائن ڪڍڻ تائين محدود آهي ۽ بس؟
ٻُڌو اٿئون ته حيدرآباد جي هڪڙي سياسي بزرگ کي به سنڌ جي ڏاڍي ڳڻتي ٿي پئي آهي، ۽ هو صاحب خيرن سان سنڌيءَ جي الف ب به ڪونه ڄاڻي، پر سنڌ ۾ “سڀ چلتا هي”. هتي “ڪڇ ۾ پڇي به ڪونه، سنڌ ۾ والٻائي” وارو حساب آهي. جيڪو گهر کان رسي، سو سنڌ جي ڪنهن به ڳالهه تي فتوا ٺوڪي سگهي ٿو.
هيءَ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي قابل آهي ته اُن صاحب ۽ جماعت اسلاميءَ جي چوڌرين اردو ادب بابت هڪ اکر به نه ڪُڇيو آهي. ان جو سبب اهو ڪونهي ته هو اردو ادب کان ڪورا آهن ۽ سنڌيءَ جا عالم فاضل آهن، ڇو ته اهڙن ماڻهن کي “ڄاڻ” ۽ “خبر” جي ڪابه ضرورت ڪانهي، هو گهر ويٺي مريخ ۽ چنڊ جي بناوت، ائٽمي پرماڻن جي طاقت، هٽلر جي جنگي پاليسيءَ، سوا هلي ٻوليءَ جي گرامر مطلب ته ڪنهن به شيءِ تي في سبيل الله ڪهڙو به بيان ٺوڪي سگهن ٿا.
پر سبب اهو آهي جو اردوءَ جا ڌڻي ڌوڻي ويٺا آهن. اردو ادب بابت هي هڪڙو اکر ڪڇن ها، ته جيڪر کين هڪدم لغام ڏنو وڃي ها ۽ اخبارن ۽ رسالن ۾ هنن جاهلن جي دست اندازيءَ خلاف اهو طوفان مچي وڃي ها، جو کين ڀڄڻ جي ڀيڻي ڪانه ملي ها. ازانسواءِ اردو ادب ۾ کين اهڙا هڪيا تڪيا مير جعفر ۽ مير صادق به نه ملن ها، جهڙا هتي اسان وٽ موجود آهن. تنهن ڪري هنن جي مُرلي اردوءَ بابت ته بند آهي. باقي رهي سنڌي، سا ته جڳ جي جوءِ آهي. چوندا آهن ته “ڏاڍي تي بڇيانس ته اُٿي ئي نه، هيڻي کان جهليانس ته جهل ئي نه ڏئي” سو سنڌ بابت ته هي جهليا جهل ئي نٿا ڏين، پر کين ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ جو باشعور طبقو هاڻي اهو ڪونهي جهڙو هي سمجهن ٿا. سنڌ جو عوام هاڻي نعري باز ۽ بيان باز مدارين جي ڊيٻڪيءَ تي ڀولڙي وانگر نچڻ لاءِ تيار ڪونهي. اهو پنهنجن حقن، مفادن، مسئلن کي سمجهي ۽ پروڙي ٿو.
سنڌ جو تعليم يافته طبقو هاڻي بي ضمير ۽ مطلبي فتوائن جي وڪڙ ۾ اچڻ کان چار ڏينهن وڏو ٿي ويو آهي. محب وطن سنڌي هر قيمت ۽ هر صورت ۾ سنڌ ۽ پاڪستان کي هڪ روشن خيال، آزاد ۽ ترقي يافته ملڪ بڻائڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهن. کين اها به خبر پئجي چڪي آهي ته اسلام ڪنهن جي زرخريد ملڪيت ڪانهي. ان جو ٺيڪو ڪنهن کي به مليل ڪونهي. اهو پاڪستان ۽ دين جي ڪروڙها مسلمانن جي مشعل راهه آهي، ۽ نه ڪن چند ٺڙڪو مُلن ۽ بليڪ ميلرن جي جاگير.
جي لوڻ لڱين لائين، چيري چيري چم،
مون ڪر اڳي نه ڪيو اهڙو ڪوجهو ڪم،
جان جان دعوا دم، تان تان پرت پنهوار سان.

(شاهه لطيف)