تاريخ، فلسفو ۽ سياست

انڌا اونڌا ويڄ

ون يونٽ واري دور ۾ جڏهن جديد سنڌي ادب، اديبن ۽ شاعرن خاص ڪري شيخ اياز جي خلاف هڪ نهايت خطرناڪ ۽ گمراهه ڪن ميڊيا مهم شروع ڪئي وئي ته رسول بخش پليجي جديد ادب جي بچاءَ ۾ روزانه ”خادم وطن“ ۾ انهن جا جواب ڏنا، جيڪي بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ڇپيا. هن ڪتاب جي سنڌي تنقيدي ادب ۾ وڏي اهميت آهي.
ان بابت محترم شمشير الحيدري ٻڌايو ته شيخ اياز خلاف سخت لکيو پئي ويو ۽ خاص ڪري جماعت اسلامي پاران هن خلاف فتوائون صادر ٿي رهيون هيون۔ مان رسول بخش پليجي جي خدمت ۾ حاضر ٿيم۔ چانهه پيارڻ کانپوء چيائين ڪم ٻڌاء، مون عرض ڪيومانس ته شيخ اياز خلاف وڏي واويلا پئي هلي ڪجهه ڪر۔ چيائين ڇا ڪيان۔ مون عرض ڪيومانس ته ڪجهه لک۔ هن هڪ ڪالم لکيو ۽ چيائين هي وٺ۔ مون کيس عرض ڪيو ته هڪ ڪالم سان ڇا ٿيندو ۽ پوء مان اتي رهي پيس ۽ پوء ڪالمن جو سلسلو شروع ٿيو ۽ هڪ مهيني ۾ ڪتاب ڇپجي ويو، جيڪو سڀني جي سوالن ۽ فتوائن جو جواب آهي۔
Title Cover of book انڌا اونڌا ويڄ

(4)

موکي! متارن جا ننڍا ڪيم نهار،
سامايا سري ڌڻي، اڇا اڱڻ ڌار،
ناڻو ڪيم نهار، سر پڻ ڏيندا سٽ ۾.

(لطيف)

ڳالهه ڪندا آهن ته مڪتب جا ختابي اُٺ کي به مسجد تي چاڙهي ويا. اها ڳالهه صحيح هجي يا نه، پر شاگردن جي استاديءَ ۾ ته ڪو شڪ ڪونهي. تاريخ شاهد آهي ته هن دؤر جا سمورا انقلاب (ذهني، سماجي ۽ سياسي) ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ ڄاوا ۽ نپنا آهن. اهي دهلي، علي ڳڙهه ۽ ڪلڪتي، لاهور ۽ ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان ڀڙڪي اُٿيل بغاوت ۽ انقلاب جا اُلا هئا، جن دُکي دُکي، ڀنڀٽ بڻجي، انگريز اقتدار جي آسمان سان ٽڪر هڻندڙ هيبتناڪ قلعن کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو. اهي استنبول جي فوجي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد هئا، جن خليفت المسلمين، اميرالمومنين، سلطان عبدالحميد جي مُدي خارج، رجعت پرست ۽ وطن دشمن حڪومت جو تختو اونڌو ڪري، ترڪيءَ جي قسمت کي اهڙو بدلائي ڇڏيو، جو جيڪا ترڪي يورپ جي “بيمار زال” ليکبي هئي ۽ جيڪا پهرين عالمگير جنگ ۾ جرمنيءَ سان گڏ بُريءَ طرح شڪست کائي چڪي هئي ۽ روس، انگلينڊ، فرانس ۽ يونان کيس پاڻ ۾ حصا پتيون ڪري ورهايو ويٺا هئا، تنهن پنهنجي نوجوان انقلابين جي جهنڊي هيٺ اُٿندي شرط يورپ جي فاتح طاقتن کي اُهي اکيون ڏيکاريون، جو مڙس پنهنجن حصن پتين تان هٿ کڻي، ٽپڙ گول ڪري، يڪ ساهيءَ وڃي گهر پهتا. وري اڃا تازو ڪالهوڻي ڪالهه جڏهن جلال بايار ۽ عدنان مندريس جي ٽوليءَ آمريڪي جيٽ طيارن ۽ راڪيٽن جي زور تي ترڪيءَ ۾ نادر شاهي ظلم کڙو ڪيو ۽ وڏن وڏن سياسي ليڊرن، مدبرن ۽ فوجي جنرلن کي ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ جي همت نٿي ٿي، تڏهن ترڪيءَ جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا سرويچ نوجوان مستن وانگر ڪُڏي، ميدان ۾ ڪاهي پيا. استنبول جي گهٽين ۾ ڪوس شروع ٿي ويو. هزارن کي قتل ڪري، سندن لاش ساڙي گم ڪيا ويا، پر نوجوان شاگرد ڪُسندا، ڪٽبا، مرندا ۽ لڙندا رهيا.

پتنگن پهه ڪيو مڙيا مٿي مچ،
پسي لهس نه لچڪيا، سڙيا مٿي سچ،
سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا!

(لطيف)

آمريڪا جي راڪيٽن ۽ جيٽ هوائي جهازن جو خوف دلاورن جي دلين کي ڏڪائي نه سگهيو. مندريس جي طاغوتي فوج هنن جي پهاڙ جهڙن مضبوط ارادن کي شڪست ڏئي نه سگهي. تان جو حق جي فتح ٿي، ۽ آمريڪا جو لاڏلو ۽ ڊلس جو دادلو مندريس، شاگردن جو جلاد مندريس (۽ ان وقت جي پاڪستاني حاڪمن سهروردي ۽ ڪمپنيءَ جو پڳ مٽ يار مندريس) ائين ميدان مان الوپ ٿي ويو، ڄڻ ڪڏهن هو ئي ڪونه. اهي ڏکڻ ڪوريا جا سپورت شآگرد ئي هئا، جن سنگمن ريءَ جي بربريت ۽ ڊڪٽيٽرشپ کي لحظي ۾ فنا ڪري ڇڏيو، ۽ هو ٽپڙ ٻَڌي، رات وچ ۾ بنا ٽڪيٽ وڃي، پنهنجي آقائي گهر آمريڪا کان نڪتو. جپان جي انقلابي شاگردن جي مظاهرن ۾ “نانگن وارن ناچن” آمريڪي صدر آئزن هاور لاءِ جاپان جا دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ جپاني حڪومت بيوس ۽ لاچار بڻجي، صدر صاحب کي لکي موڪليو ته اوهين مهرباني ڪري في الحال تڪليف نه ڪريو، ڪنهن ٻئي وقت تشريف فرما ٿجو! اهو ٻيو وقت آئزن هاور صاحب لاءِ وري ڪونه آيو. مصري انقلاب جو ٻج به مصر جي فوجي اڪيڊميءَ جي شاگردن پوکيو. اتي جي هونهار ۽ زنده دل نوجوان شاگردن، ناصر، انورالسادات، عامر ۽ ٻين شاهه فاروق کي مصر مان هڪالي ڪڍيو، ۽ مصر، جو اڳي جاگيردارن ۽ پاشائن جو پيڙيل ۽ انگريزن جي آنڪي ڀريندڙ ٿرڊ ڪلاس ملڪ هو، تنهن کي تندرست ۽ توانو ڪري، دنيا جي اُڀرندڙ قوتن جي صف ۾ آڻي کڙو ڪيو. برصغير هند-پاڪ جي جنگ آزاديءَ ۾ شاگردن جيڪو حصو ورتو، سو تاريخ ۾ ياد رهندو. جڏهن سنڌ اندر “هندستان خالي ڪريو” تحريڪ هلائي وئي، تڏهن جنهن شخص پهرين سر ڏنو هو، سو هڪ ڪمسن ۽ ڪمزور جسم وارو شاگرد هيمو ڪالاڻي هو، جنهن ڦاسيءَ جي تختي تي وطن جي آزاديءَ جا نعرا هڻندي دم ڏنو. مطلب ته اوڻيهين ۽ ويهين صديون درحقيقت نوجوان طبقي جون صديون آهن. جڏهن جڏهن ۽ جتي جتي اونداهين جو راڄ آهي، ملڪي نظام حيواني آهي، ماڻهو گونگا، ٻوڙا ۽ مظلوم آهن، سڀ “شريف” ۽ “سمجهو” ماڻهو چپن کي چنو لايو تماشو ويٺا ڏسن، واهيات خيالن ۽ فرسوده دستورن جو سِڪو ڄميل آهي، تڏهن شاگرد ۽ تعليم يافته نوجوان ميدان ۾ ٽپي پون ٿا.
پري پتن آئيا سي سهائي جل،
ڪندا ڪنڌ اُڇل، مچائيندا مچ کي.

(لطيف)

هو نئين فڪر ۽ تخيل جون نيون جڳمڳائيندڙ مشعلون کڻي، اونداهين جي سيني کي چيرين ٿا، هو اهڙا نوان خيال ۽ اُصول کڻي اچن ٿا، جي ڪنهن سئا نه ٻُڌا.
هي جي آيا هير، سي مون اڳ نه ڏٺا ڪڏهين،
ڏوٿي سا ڏورين، جو جوءِ سُئي نه ٻڌي!

هو مدي خارج ريتن ۽ رسمن جي ڪوٽن، اڏوهي کاڌل اخلاقي سياسي ۽ سماجي قدرن ۽ نظامن جي پاڙن کي پنهنجن روشن نظرين، اٽل ارادن ۽ بلند حوصلن جا چنجور کڻي اچي لڳن ٿا.
سپ، کپر سڄا ڳهي، نانگن ڳوليو کاءِ،
تنين لئي واجهاءِ، مڻيو جن مٿن ۾!

(لطيف)

ڪي سياڻا ڪي ڏاها اول سندن ڳالهين کي بيزاريءَ مان کِلي، ٽاري ڇڏين ٿا، ۽ ڪي سندن بدتميزيءَ تي ڪاوڙجن ٿا. ٻيا انهن جي پاڳل پڻي تي عجب کائين ٿا. ڪن کي مٿن رحم ٿو اچي. نيٺ جن جي پيٽ تي لت ٿي اڇي، يا جن جي رنگ ۾ ڀنگ پوي ٿي، سي دٻاءَ ۽ ڏاڍ جي مشينريءَ کي حرڪت ۾ آڻين ٿا. مٿن فتوائون نڪرن ٿيون، کين سر بازار خوار ۽ ذليل ڪيو وڃي ٿو، کين ڪاٺ ۾ هنيو وڃي ٿو يا سوريءَ تي لٽڪايو وڃي ٿو، پر هي پنهنجيءَ ڌُن ۾ پنهنجيءَ منزل جي خيالن ۾ غرق، ٽوڪن ۽ چٿرن کان بي نياز، نڪته چينيءَ ۽ ڪاوڙ کان لاپرواهه، پنهنجي عظيم اُصولن لاءِ زندگيءَ جي بازي لڳائيندا، اڏول قدمن سان منزل مقصود ڏانهن وڌندا رهن ٿا.

ڪنڌ ڪٽارو منهن وٽي، عادت سندن ايءَ،
تنهين تڪون ڏنيون، جنبي منجهان جيءَ،
سرو تن سپيءَ، جنين سانگ نه ساهه جو.

هيءُ ماڻهو عجيب مٿي ڦريل ۽ اونڌي کوپريءَ وارا ٿين ٿا. ساري دنيا هڪ طرف ته هي ٻئي طرف، هي چڱي ڀلي بدن کي اَڪ جو کير مکين ٿا، ککر ۾ کڙا هڻن ٿا، ڏينڀن جي مانارن ۾ هٿ وجهن ٿا. جڏهن هرڪو ماڻهو رات ڏينهن رڳو سکئي ٽڪر کائڻ، ٻچن پالڻ ۽ آئيندي جي ٺاهڻ ۾ مشغول آهي، جڏهن هرڪو ججهن جي صلاح تي هلي، هائو ۾ هائو ملائي، پاڻ وڻائي ٿو، عزت ۽ مان شان حاصل ڪري ٿو ۽ دنيا جي نعمتن سان مالامال ٿئي ٿو، تڏهن هي “چريا” پنهنجي ڦٽائي پرائي پچار ڪندا رهن ٿا. اهڙيون ڳالهيون پيا سوچيندا، جن جو نه ساڻن واسطو، نه سندن اهل عيال، اوڙي پاڙي ۽ مائٽ مٽ سان. ٻيو ته ٺهيو، پر جنهن قوم جو درد سيني ۾ کنيو ويٺا هوندا، سا پڻ اڪثر منجهانئن انت بيزار هودندي.

ماڻڪ چوڻو جن جو، هنج حضوري سي،
ڇلر ۾ چهنب هڻي، مڇي سن نه اي،
لوڪ ته لکيا ٿي، جيلاهن ٻين پکن گڏيا.

هي “چريا” بُڻائتا آهن. سندن نسل روز اول کان وٺي هليو اچي.