تاريخ، فلسفو ۽ سياست

انڌا اونڌا ويڄ

ون يونٽ واري دور ۾ جڏهن جديد سنڌي ادب، اديبن ۽ شاعرن خاص ڪري شيخ اياز جي خلاف هڪ نهايت خطرناڪ ۽ گمراهه ڪن ميڊيا مهم شروع ڪئي وئي ته رسول بخش پليجي جديد ادب جي بچاءَ ۾ روزانه ”خادم وطن“ ۾ انهن جا جواب ڏنا، جيڪي بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ڇپيا. هن ڪتاب جي سنڌي تنقيدي ادب ۾ وڏي اهميت آهي.
ان بابت محترم شمشير الحيدري ٻڌايو ته شيخ اياز خلاف سخت لکيو پئي ويو ۽ خاص ڪري جماعت اسلامي پاران هن خلاف فتوائون صادر ٿي رهيون هيون۔ مان رسول بخش پليجي جي خدمت ۾ حاضر ٿيم۔ چانهه پيارڻ کانپوء چيائين ڪم ٻڌاء، مون عرض ڪيومانس ته شيخ اياز خلاف وڏي واويلا پئي هلي ڪجهه ڪر۔ چيائين ڇا ڪيان۔ مون عرض ڪيومانس ته ڪجهه لک۔ هن هڪ ڪالم لکيو ۽ چيائين هي وٺ۔ مون کيس عرض ڪيو ته هڪ ڪالم سان ڇا ٿيندو ۽ پوء مان اتي رهي پيس ۽ پوء ڪالمن جو سلسلو شروع ٿيو ۽ هڪ مهيني ۾ ڪتاب ڇپجي ويو، جيڪو سڀني جي سوالن ۽ فتوائن جو جواب آهي۔
Title Cover of book انڌا اونڌا ويڄ

(17)

پائي ڪان ڪمان ۾ ميان مار م مون،
مون ۾ آهين تون متان تنهنجو ئي توکي لڳي!

(شاهه لطيف)

اڄ سڄيءَ دنيا جون قومون اها ڳالهه تسليم ٿيون ڪن ته ادب قومن جي صحت ۽ واڌاري لاءِ هڪ لازمي خوراڪ آهي. سچائيءَ، حب الوطنيءَ ۽ انسان دوستيءَ تي ٻڌل زنده، بي خوف ۽ بي رِيا ادب کان سواءِ ڪابه قوم زنده سڏائڻ جي حقدار ڪانهي. ازانسواءِ زنده قومون پنهنجي پراڻي توڙي نئين عظيم ادب کي جيءَ ۾ جاءِ ڏين ٿيون. انگلينڊ نه رڳو 16هين صديءَ جي شيڪسپيئر تي ناز ڪري ٿو، پر هن دؤر جي ‘ماهم’ ۽ ‘ايليٽ’ کي به احترام جي جاءِ تي ويهاري ٿو. گوئٽي جي جرمنيءَ ۾ برٽولڊ ۽ ٿامس مئن لاءِ عقيدت جي گنجائش آهي. عظيم ٽالسٽاءِ جي وطن روس کي پنهنجي اڄوڪن عظيم اديبن، شولوخوف ۽ اهرنبرگ تي به فخر ۽ ناز آهي. غالب ۽ مير جا پرستار فيض ۽ جوش جي قدر ۽ قيمت کان به واقف آهن.
اڄ فيض ۽ جوش خود سرزمين سنڌ ۾ ڪنهن ٽنڊي محمد خان جهڙي ننڍي شهر ۾ قدم رکن ٿا، ته پان وڪڻندڙ اردو ڳالهائيندڙ کان وٺي سي ايس پي آفيسرن تائين سڀ سندن پيرن ۾ پنبڻيون وڇائين ٿا. هو اهو نٿا ڏسن ته حضرت جوش، پنڊت نهروءَ جو خاص دوست هو، يا فيض تي راولپنڊي سازش جي بغاوت جو مقدمو هليو هو. هو سندن ڪردارن ۽ نظرين جي آپريشن نٿا ڪن. هو رڳو اهو ڏسن ٿا ته اردو زبان ههڙا لازوال ۽ بي مثال شاعر وري الائي ڪڏهن پيدا ڪري! اها فقط سنڌ جي بدبختي آهي جتي، “ڪُٽ ڍڳي جو ماءُ ڀيڻ سان خار” وانگر، پنهنجي کي چاڙهڻ بدران ڪيرائڻ فرض سمجهيو وڃي ٿو. پنهنجن خلاف بهتان طرازي ۽ چغلخوريءَ ۾ مير جعفر ۽ صادق جي رڪارڊ ٽوڙڻ تي فخر ڪيو وڃي ٿو.
اڄ سنڌ کي پنهنجي ٻوليءَ، پنهنجي ثقافت، پنهنجي اقتصادي حقن جي حفاظت ۽ واڌاري لاءِ ٻڌيءَ ۽ جدوجهد جي ضرورت آهي. ههڙي وقت ۾ سنڌي ادب جي خدمت ڪندڙن جي صفن ۾ ڦوٽ وجهڻ، انهن جو ڌيان سنڌ جي اصل مسئلن تان هٽائي کين تفرقي بازيءَ جي اوجهڙ ڏانهن ڌِڪڻ، کين پنهنجن هڏڏوکي ۽ دلير ۽ روشن خيال نوجوان نسل کان بدظن ڪرڻ، پنهنجي ادب جي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽون کڙيون ڪرڻ- اهي اهڙا تاريخي جرم آهن، جي ڪابه زنده ۽ سجاڳ قوم ڪڏهن به برداشت نه ڪندي. اهڙن وطن دشمن ماڻهن کي اڄ کڻي ڪيڏو به ڊگهو رسو ڇو نه هجي، کين في الحال کڻي ڪهڙيون به “ڪاميابيون” ڇو نه نظر اچن پر سنڌ جي تاريخ ۾ سندن ذڪر سياه اکرن ۾ ڪيو ويندو ۽ ايندڙ نسل مٿن ڦٽ لعنت ڪندا.
انهن مان ڪي ته بلڪل لاعلاج آهن. وڇونءَ وانگر هو پنهنجي فطرت کان مجبور آهن. هو ڪهڙي به دؤر ۾ هجن ها، ڪهڙي به ملڪ ۾ هجن ها، ضرور ڪانه ڪا چغلخوري، ڪانه ڪا فتنه انگيزي، ڪانه ڪا وطن دشمني ڪن ها. پنهنجن کي ڪنهن نه ڪنهن نموني ڏنگين ها، پر ڪيترا اهڙا به آهن، جن کي خبر ئي ناهي ته هو ڇا پيا ڪن. هو فقط نعري بازيءَ جو شڪار ٿين ٿا. اهڙن بي خبرن کي ٻه اکر عرض ڪرڻ تي دل چوي ٿي:
دوستو، ڀائرو! سنڌي ادب کي اڄ دنيا جي ٻين ترقي يافته ٻولين جي ادب جي معيار تي آڻڻ لاءِ سوَن، هزارن اديبن، شاعرن، محققن ۽ لکندڙن جي ضرورت آهي. توهان ۽ اسان سڀئي پنهنجي مٺڙي وطن جي پرت جا پانڌيئڙا آهيون. جنهن کان جيترو پڄي، اهو اوتري وِک کڻي.توهان کي اَياز ۽ امداد جي شاعري پسند ناهي، جمال ۽ جليل جا افسانا نٿا وڻن، گراميءَ ۽ جويي جا مقالا ۽ مضمون پنهنجي معيار جا نٿا لڳن، ته فڪر ناهي. پاڻ سُٺو. توهان پنهنجي پسند تي انهن کان بهتر، سُٺا ۽ وڌيڪ صحتمند شعر، افسانا ۽ مضمون لکو. جيڪي غلطيون هو ڪن ٿا، سي توهان نه ڪريو. بهتر شيون ميدان ۾ موجود ڏسي، ڪوبه گهٽ شيءِ قبول نه ڪندو. توهان به رسالا ڪڍو، مشاعرا ڪريو، جشن ملهايو، اها ئي وطن جي خدمت آهي. اهو ئي صحيح طريقو آهي غلطين کي درست ڪرڻ جو. کوٽي ۽ کري جي پرک به ايئن پوندي. ادبي اختلافن جو فيصلو به ايئن ٿيندو رهيو آهي. سرڪار نامدار کي ٻيا به گهڻا ڪم آهن. اهو ان جو فرض نه آهي ته ويهي فيصلا ڪري ته فلاڻي جو غزل سُٺو يا فلاڻي جو. فلاڻو کرو اديب يا فلاڻو کوٽو. نه ئي وري اديبن جي شان وٽان ئي اها ڳالهه آهي ته کين جيڪڏهن ڪنهن مشاعري ۾ داد نه ملي، ته سڌو وڃي ٿاڻي تي رپورٽ ڪن ته فلاڻي شاعر کي ڪاٺ ۾ وجهو، جو انهيءَ ڪري مون کي داد نٿو ملي.
اڄ سنڌي ادب کي نوجوان خواه بزرگ هر قسم جي اديب جي ضرورت آهي. اچو ته ادب دشمنيءَ ۽ وطن دشمنيءَ جو تڏو پٽي، سڀ گڏجي، ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي، وطن ۽ قوم جي خدمت ڪريون. اچو ته قلم جي لڄ رکون ۽ لاکيڻي لطيف جي هدايت تي عمل ڪريون.

وڳر ڪيو وطن پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڻهونئا ميٺ گهڻو!