تاريخ، فلسفو ۽ سياست

انڌا اونڌا ويڄ

ون يونٽ واري دور ۾ جڏهن جديد سنڌي ادب، اديبن ۽ شاعرن خاص ڪري شيخ اياز جي خلاف هڪ نهايت خطرناڪ ۽ گمراهه ڪن ميڊيا مهم شروع ڪئي وئي ته رسول بخش پليجي جديد ادب جي بچاءَ ۾ روزانه ”خادم وطن“ ۾ انهن جا جواب ڏنا، جيڪي بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ڇپيا. هن ڪتاب جي سنڌي تنقيدي ادب ۾ وڏي اهميت آهي.
ان بابت محترم شمشير الحيدري ٻڌايو ته شيخ اياز خلاف سخت لکيو پئي ويو ۽ خاص ڪري جماعت اسلامي پاران هن خلاف فتوائون صادر ٿي رهيون هيون۔ مان رسول بخش پليجي جي خدمت ۾ حاضر ٿيم۔ چانهه پيارڻ کانپوء چيائين ڪم ٻڌاء، مون عرض ڪيومانس ته شيخ اياز خلاف وڏي واويلا پئي هلي ڪجهه ڪر۔ چيائين ڇا ڪيان۔ مون عرض ڪيومانس ته ڪجهه لک۔ هن هڪ ڪالم لکيو ۽ چيائين هي وٺ۔ مون کيس عرض ڪيو ته هڪ ڪالم سان ڇا ٿيندو ۽ پوء مان اتي رهي پيس ۽ پوء ڪالمن جو سلسلو شروع ٿيو ۽ هڪ مهيني ۾ ڪتاب ڇپجي ويو، جيڪو سڀني جي سوالن ۽ فتوائن جو جواب آهي۔
Title Cover of book انڌا اونڌا ويڄ

(2)

هي جي آيا هير،
سي مون اڳ نه ڏٺا ڪڏهن.

(لطيف)

دُنِيا جي ٻين ٻولين جي تاريخ تي نظر وجهبي، ته ڏسبو ته اهي به زواليت جي اهڙن دؤرن مان لنگهيون آهن.
اردو شاعري جڏهن امير خسرو، سلطان قلي قطب شاهه ۽ ولي دکني جي دؤر واري ٻاراڻيءَ، سودا ۽ ذوق جي دؤر واري جوانيءَ جي ڪيفيت مان لنگهي، لکنؤ جي “جرات” ۽ “مصحفي” جهڙن ڀٽن ۽ مسخرن جي هٿان طوائفن جي ڪوٺي جي زينت بڻجي وئي، ۽:

لگ جا گلي سي، تاب اب اي نازنين نهين،
هي هي، خدا ڪي واسطي مت ڪر نهين نهين!

(انشاءَ)

آنکين دکلاتي هو، جوڀن تو دکاؤ صاحب،
وه الگ باندهه ڪي، رکا هي جو مال اڇا هي!

(امير مينائي)

صنم سُنتي هين تيري ڀي ڪمر هي،
ڪهان هي، ڪس طرح ڪي هي، ڪڌر هي؟

انهيءَ قسم جي شعرن تائين محدود ٿي وئي، تڏهن هندستان جي باشعور طبقي هن ادبي زوال جي خلاف آواز اُٿاريو ۽ اردو شاعريءَ جي سمورين واهيات روايتن خلاف بغاوت جو جهنڊو کڙو ڪيو. سر سيد، حالي ۽ محمد حسين “آزاد” اردوءَ کي سندس روايتي تصنع، تڪلف ۽ فارسيءَ جي انڌي تقليد کان آزاد ڪرائڻ لاءِ جهاد شروع ڪيو. انهن ڪوششن رنگ لاتو، ۽ اردو شاعري، جا رُڳو ٺلهن اکرن، پراڻين ۽ پاروٿين تشبيهن ۽ استعارن جو اڻوڻندڙ بيجان بُت بڻجي وئي هئي، تنهن جي جسم ۾ حالي، اسماعيل پاني پتي ۽ ٻين نئون روح ۽ نئون ساهه وڌو. اردوءَ کي درٻارين، محلن ۽ طوائفن جي ڪوٺن جي مصنوعي ۽ گهُٽيل ماحول مان نجات ڏياري، عوامي ماحول جي زندگي بخش فضا ۾ آندو ويو. اهڙيءَ ريت اردو هڪ نئين عوامي دؤر ۾ داخل ٿي، ۽ اقبال، جوش ۽ فيض جهڙا باڪمال شاعر پيدا ڪري ڏيکاريائين.
سنڌي ٻوليءَ کي به ساڳئي دؤر ۽ ساڳيءَ پيڙا مان لنگهڻو پيو. انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ فارسيءَ جي جاءِ تي انگريزي ٻولي سنڌ ۾ رائج ٿي. سنڌ ۾ هيءَ هڪ زبردست علمي ۽ ادبي انقلاب جي شروعات هئي. جيئن عباسي خليفن، هارون الرشيد ۽ مامون الرشيد جي دؤر ۾ يوناني، لاطيني ۽ سنسڪرت علم ادب سرزمين عرب ۾ ڦهليو، ۽ شڪ، ڳولا، آزمائش ۽ ڇنڊڇاڻ جو اهو سلسلو شروع ٿيو، جنهن اڳتي هلي دُنِيا اڳيان المعري جهڙا شاعر ۽ ابن خلدون، ابن العربي، ابن رشد، غزالي، بو علي سينا ۽ الفارابي جهڙا پنهنجي زماني جا عظيم ترين ۽ يگانا دانشور ۽ عالم پيدا ڪيا، ۽ عربن کي روءِ زمين جو علمي ۽ ادبي امام تسليم ڪرايو، ۽ جيئن عربيءَ جي علمي ۽ ادبي شاهڪارن، اسپين ذريعي يورپ ۾ داخل ٿي، يورپ جي مُدي خارج ۽ ٻوساٽيل علمي ادبي ماحول ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو، تيئن سنڌ ۾ انگريزيءَ جو اچڻ هڪ زبردست انقلاب هو. جيئن اسپين ۽ پورچوگال ۾ عربيءَ جي داخل ٿيڻ تي عيسائي عالمن وٺي هاءِ گهوڙا ڪئي هئي ۽ مُنهن مٿو پِٽيو هو ته “عيسائي دين ٿو وڃي!”، “جيڪي عربي پڙهن سي ڪافر ۽ دوزخي آهن”، تيئن سنڌ ۾ اُن وقت جي بزرگن وٺي رڙ مچائي: “ناصاري جي ٻولي جيڪو پڙهي سو ناصارو ٿيندو”، وغيره وغيره، “فرنگيءَ ملڪ ته ورتو پر هاڻي دين به ٿو کسي!”، “انگريزي ست درجا جيڪو پڙهندو سو ست دوزخ ڀريندو!”، پر وقت جي وهڪري کي ڪير بدلائي؟ انگريزي ٻوليءَ جي ذريعي سنڌ ۾ ادب جا اهي املهه خزانا کڄي آيا، جيڪي سنڌ کان هزارين ڪوهه پري گذريل ٻن ٽن صدين ۾ يورپ ۾ گڏ ٿيا هئا.
حقيقت ۾ مغربي دُنِيا جي هيءَ انگريزي ٻولي ۽ ان جو ادب اهو فرض پورو ڪري رهيا هئا ۽ اهو حق ادا ڪري رهيا هئا، جيڪو مشرقي ٻولين ۽ ادبن جهڙوڪ سنسڪرت، عربي ۽ فارسيءَ جو مٿن چڙهيل هو. مغربي علم ۽ ادب جا متوالا ڪاليداس، جئه ديو، ميران ٻائي، فردوسي، حافظ، خيام، سعدي، معري، بو علي سينا، ابن خلدون، ابن رشد، فارابي ۽ غزاليءَ جهڙن مفڪرن جي ئي مئخانن مان سُرڪيون پيتل هئا. هُو ساڳئي اوچي شراب کي نئين زماني جي نون تجربن ۽ احساسن جي بٺين ۾ چڪائي، صاف ڪري، نين بوتلن ۾ ڀري، مشرق کي پيارڻ لاءِ کڻي آيا هئا. هاڻي شراب جو نشو تيز هو.
سنڌ ۾ انگريزيءَ جو پهريون ڦَلُ قليچ جا ترجما آهن. قليچ شيڪسپيئر کي لطيف جي وطن ۾ وٺي آيو. وڪٽر هيوگو ۽ بيڪن کي ميرن جو ملڪ ڏيکاريائين. يورپ جي ادبي باغن مان مٺا ۽ تازا ميوا پٽي آڻي، سنڌين جي اڳيان رکيائين. افسوس جو سندس نظر رئبلاس، بالزاڪ، ڪروانتيس، ٽالسٽائي، ايبسن، ٿامسن پين، روسو، چيخوف، گوگول ۽ خاص ڪري ڊڪنس جي ڦلواڙين ڏانهن نه وئي، پر هڪڙو ماڻهو نيٺ به ته ڇا ٿو ڪري سگهي؟
ساڳئي وقت انگريزن جو سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏو ادبي ڪارنامو شاهه جي رسالي جي ترتيب آهي. سورلي لطيف کي گوئيٽي، شلر، نٽشي ۽ مارڪس جي وطن وٺي ويو. انگريزن جي آندل پريس ۽ ڇاپخانن، علم جا موتي بازارين ۾ ڍير ڪري ڇڏيا.
هوڏانهن ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ عملدار بڻجڻ جا اميدوار سنڌي نوجوان، بائرن، شيلي، هارڊي، شيڪسپيئر ۽ ملٽن پڙهڻ لڳا. ڏٺائون ته مومل راڻي، سهڻي ميهار، عمر مارئي کان سواءِ ٻيا به ڪي عاشق ٿي گذريا آهن، ڪافين، ڏوهيڙن، غزلن، بيتن ۽ ڳجهارتن کان سواءِ سانيٽ ۽ ترائيل نالي به ڪي شيون آهن. امير حمزي، گل بڪاولي، ممتاز دمساز، “عروس ڪربلا” ۽ حور عجم کان سواءِ ٻيون به ڪي آکاڻيون آهن، جن کي افسانو ۽ ناول چئبو آهي. اهڙي به ڪا مخلوق دنيا ۾ پئي آهي، جتي پيار ڪرڻ ڏوهه ڪونهي، جتي ڪنوار پنهنجو گهوٽ پاڻ چونڊيندي آهي، جتي زندگيءَ جي هر ميدان ۾ زالون مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلن ٿيون، جتي شاعر وڻن، پکين، جبلن، ندين ۽ سامونڊي نظارن بابت به نظم لکن ٿا، جتي قلم تلوار کي ڪاٽي ٿو، جتي ادب ۽ شاعر درٻارين يا مشاعرن جو سينگار نه، پر انقلابن جو علمبردار آهي، جتي عقل وهمن ۽ تعصب ۾ جڪڙيل نه آهي، جتي شڪ ۽ “بي ويساهي” ڪفر نٿا ليکجن، جتي تلاش ۽ ڳولا بدعت نه آهي، جتي آزمائش ۽ تجربي جو راڄ آهي، جتي زندگيءَ ۾ گرمي، تيزي ۽ تڙپ آهي، جتي تمنائون ۽ اميدون مايوسيءَ تي غالب آهن، جتي ‘صبر ۽ شڪر’ جو نالو سُستي ۽ بي همتي نه آهي، جتي طبقي، قوم، مذهب ۽ نسل جي نالي ۾ رچايل ڍونگن جي قلعي کولڻ وارا سوريءَ تي نٿا چاڙهيا وڃن، جتي ماڻهو حاڪمن جي رعيت نه بلڪه ملڪ جا مالڪ ليکيا وڃن ٿا، جتي جي حاڪمن مٿان “عام راءِ”، “شهري آزاديون”، “آزاد پريس” ۽ “آزاد چونڊون” جي نالن واريون تلوارون لٽڪيل آهن، جتي ڏاڏي آدم جي واري واريون رسمون رواج ختم ٿي چڪا آهن، جتي عيسائي عالم ۽ اديب ٻين مذهبن جي اڳواڻن، حضرت محمد ﷺ ، گوتم ٻُڌ، زرتشت وغيره جي ساراهه ۾ ڪتاب لکن ٿا، ته کين سنگسار نٿو ڪيو وڃي، ۽ الٽو کين فراخدل ۽ روشن خيال ليکيو وڃي ٿو، جتي اديب نه صرف پنهنجيءَ ذات ۽ محبوب سان، بلڪه سموريءَ انسانيت سان محبت رکن ٿا. ڪشنچند “بيوس” جو نظم “الله جهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي.، حيدربخش جتوئيءَ جو “ڀلي آئين، جيءُ آئين درياءَ شاهه”، فتح محمد سيوهاڻيءَ جو “دنيا جو دؤر”، حافظ شاهه حيات جو نظم “دلاسو” وغيره، مغربي ادب جي اثر هيٺ، نئين دؤر جي سنڌي شاعريءَ جي پرهه ڦُٽڻ جا آثار هئا. هنن شعرن جا شاعر پراڻا نالي چڙهيل عاشق نه آهن، جن جو ڪعبو قبلو سندن ليليٰ آهي، جن جي سموري ڪائنات يار جي گهٽيءَ تائين محدود آهي، جي رڳو پنهنجي مطلب جا يار آهن ۽ جن کي پنهنجو يار ملي ته پوءِ سڄي دنيا ڀلي وڃي ڦاهو کائي مري!
هنن شاعرن جو محبوب سندن وطن ۽ عوام آهي. کين ان جي نظارن، ان جي ماڻهن لاءِ اٿاهه قرب آهي. سندن محبت وڌيڪ وسيع ۽ وڌيڪ اونهي آهي. وٽن تصوف جي پيچيده مسئلن ۽ بي معنيٰ تشبيهن، استعارن ۽ صفتن جي سکڻي رڃ يا پراڻو نصيحت جو انداز ڪونهي. هنن جو شعر سادو، صاف، حَسين ۽ اعليٰ جذبو پيدا ڪندڙ آهي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سيد ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر دائودپوٽي، ڪاڪي ڀيرومل، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جهڙن مضمون نگارن ۽ انشاپردازن مغربي مضمون نگاريءَ ۽ تحقيق جي ڊول تي سنڌ جي ماحول کي ادب ۾ پيش ڪيو. سندن ٻولي اڳئين دؤر جي تصنع، لفظن جي ڀرمار ۽ معنيٰ جي پيچيدگين کان آزاد آهي. سندن مضمون بلڪل نوان آهن. هو ڪڏهن گنجي ٽڪر جهڙن مڪاني نظارن کي سهڻي نموني پيش ڪن ٿا، ته ڪڏهن گروهڙي، ميئين عنايت، جلال فقير جهڙن وساريل شعرن جي نالي کي وري زندهه ڪن ٿا، ۽ ڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ لکي اسان جي ادبي ورثي کي عوام آڏو پيش ڪن ٿا. ساڳيءَ ريت پروفيسر شاهاڻي، ديوان ڪوڙي مل، پرمانند ميوارام، لعل چند امر ڏني مل، ڄيٺمل پرسرام ۽ ٻين اهڙا مضمون لکيا، جي درحقيقت سنڌ جا اوائلي مختصر افسانا هئا. هنن جا موضوع سادا ۽ عام هئا، پر ٻوليءَ جي قدرتي حُسن ۽ بيان جي بي پناهه دلڪشي ۽ واقعات نگاريءَ جي سچائيءَ جي خيال کان انهيءَ دؤر جا ڪيترا مختصر افسانا اهڙا آهن، جن جو جواب اڄ تائين پيدا نه ٿيو آهي. “هيڻا هر ڪنهن وهيڻا” ۽ “موڳو مئجسٽريٽ” جهڙن افسانن جي ٻوليءَ ۽ انداز کي ڊڪنس، اسٽينبڪ ۽ گورڪيءَ جهڙن عظيم ترين لکندڙن جي ڀيٽ ۾ فخر سان پيش ڪري سگهجي ٿو.
سنڌي نثر کي هنن لکندڙن سادگيءَ، حُسن ۽ ادائگيءَ جي سچائيءَ سان جنهن معراج تي پهچايو، تنهن کان اسان جا اڄوڪا لکندڙ اڃا ورلي ڪو مٿي چڙهي سگهيا آهن. غالب جي مشهور خطن وانگر، هو لکن نٿا مگر ائين محسوس ٿئي ٿو گويا هو ڪنهن گهري دوست سان رهاڻ پيا ڪن. هو سنڌي ٻوليءَ جي فطرتي سونهن جا پارکو ۽ قلم جا ڌڻي آهن.
انهن شاعرن، اديبن ۽ نثر نويسن نئين دؤر جي ادب جي پيڙهه وڌي. هنن مشرقي زبان جي ادب سان گڏ مغربي نثر نويسيءَ ۽ شاعريءَ جو مطالعو ڪري، ان جي بهترين خوبين کي پنهنجو ڪرڻ جي شروعات ڪئي، ۽ ائين ڪرڻ سان انهن سنڌي ادب جي اوساري کنئي.
ساڳئي وقت هنن بنگالي، هندي، انگريزي ۽ ٻين ٻولين جي شاهڪارن کي ترجمو ڪري، سنڌي ادب جي دنيا ۾ آندو. ان ڪري سنڌي نوجوان تعليم يافته طبقو، خاص ڪري سنڌي اديب، ويهين صديءَ اندر دنيا ۾ آيل نون خيالن کان واقف ٿيا.
جاسوسي ناولن اسڪولي شاگردن جي دنيا بدلائي ڇڏي. جان عالم، حاتم طائي، امير حمزي جي جاءِ تي بليڪ، شرلاڪ هومز ۽ ڊاڪٽر واٽس اچي ويا، ويچارو بوقلمون جادوگر وسري ويو ۽ آرسن لوپن جو سِڪو ڄمي ويو. انهن ناولن ننڍي ٽهيءَ جي نسل ۾ پنهنجي ماحول جي سستيءَ ۽ بيڪاريءَ لاءِ بيزاري پيدا ڪئي، کين سائنس جي ترقيءَ کان واقف ڪيو، ۽ جادوءَ جو جادو سندن دلين تان لهي ويو. انهن وهمن جي جاءِ سائنس جي ايجادن والاري. هو لنڊن ۽ پئرس جي گهٽيءَ گليءَ جا واقف ٿي ويا. سندن خيالن ۾ اُٿل پٿل آئي، ۽ يورپ جي حيرت انگيز ۽ پُراسرار دنيا کي نئين جنت سمجهڻ لڳا.
ڏيپلائيءَ جي اسلامي ناولن وري وچولي زماني جي عربي سلطنت واري دؤر کي رومانوي انداز ۾ پيش ڪيو. جنگ يرموڪ ۾ سٺ مسلمان مجاهد سٺ هزار ڪافرن کي ماري مڃائين ٿا، عيسائي نينگريون اسلام ۽ اسلامي جانبازن تي فدا ٿيو پون. توحيد سان روشن دليون سلطنت کي زير زبر ڪريو ڇڏين. دشمن، اسلامي تلوار جو تاب نه جهلي، طمع ۽ لالچ جا اوزار استعمال ڪن ٿا، پر سيف الله خالد جي فوج جا بااخلاق سپاهي ڪنهن به اهڙي پکڙيل ڄار ڏانهن اک کڻي به نٿا نهارين. هنن ناولن وارو مسلمان بهادر، بي خوف، شريف، بلند اخلاق ۽ پنهنجي دؤر جي لحاظ کان روشن خيال آهي. هن اسلام کي وسيع خيال، فطري ۽ اعليٰ مذهب ڪري پيش ڪيو، ۽ سنڌي نوجوانن ۾ برادري ۽ انسانيت جو روح ڦوڪيو. هنن ناولن ۾ جابجا اردو، فارسي ۽ سنڌيءَ جا دلچسپ ۽ جاندار شعر ڏنل هئا، جن پڙهندڙن ۾ زندگيءَ جو ولولو ۽ اُمنگ پيدا ڪيو ۽ منجهن اقبال، غالب، مولانا ظفر علي خان ۽ ٻين شاعرن جي بهتر شعرن لاءِ چاهه پيدا ڪيو. ڏيپلائي انهيءَ کان سواءِ وهم پرستيءَ جي خلاف مضمون ۽ افسانا لکيا، جن ۾ پير پرستي، قبر پرستي ۽ ٽوڻن ڦيڻن خلاف جهاد ڪيائين. ٻوليءَ جي سادگي ۽ تاثير، ۽ عبارت جي شوخيءَ جي خيال کان هنن لکڻين سنڌي ادب ۾ نيون روايتون پيدا ڪيون.
دستور موجب ڪفر جون فتوائون نڪتيون، “اسلام خطري ۾” پيو، “ايماني غيرت” کي چئلينج مليو، پر هو ۽ ٻيا سڀئي لکندا رهيا ۽ لکندا رهيا.