تاريخ، فلسفو ۽ سياست

انڌا اونڌا ويڄ

ون يونٽ واري دور ۾ جڏهن جديد سنڌي ادب، اديبن ۽ شاعرن خاص ڪري شيخ اياز جي خلاف هڪ نهايت خطرناڪ ۽ گمراهه ڪن ميڊيا مهم شروع ڪئي وئي ته رسول بخش پليجي جديد ادب جي بچاءَ ۾ روزانه ”خادم وطن“ ۾ انهن جا جواب ڏنا، جيڪي بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ڇپيا. هن ڪتاب جي سنڌي تنقيدي ادب ۾ وڏي اهميت آهي.
ان بابت محترم شمشير الحيدري ٻڌايو ته شيخ اياز خلاف سخت لکيو پئي ويو ۽ خاص ڪري جماعت اسلامي پاران هن خلاف فتوائون صادر ٿي رهيون هيون۔ مان رسول بخش پليجي جي خدمت ۾ حاضر ٿيم۔ چانهه پيارڻ کانپوء چيائين ڪم ٻڌاء، مون عرض ڪيومانس ته شيخ اياز خلاف وڏي واويلا پئي هلي ڪجهه ڪر۔ چيائين ڇا ڪيان۔ مون عرض ڪيومانس ته ڪجهه لک۔ هن هڪ ڪالم لکيو ۽ چيائين هي وٺ۔ مون کيس عرض ڪيو ته هڪ ڪالم سان ڇا ٿيندو ۽ پوء مان اتي رهي پيس ۽ پوء ڪالمن جو سلسلو شروع ٿيو ۽ هڪ مهيني ۾ ڪتاب ڇپجي ويو، جيڪو سڀني جي سوالن ۽ فتوائن جو جواب آهي۔
Title Cover of book انڌا اونڌا ويڄ

(15)

آيل اُن نه وسهان هنجون جي هارين،
آڻيو آب اکين ۾ ڏيهه کي ڏيکارين،
سڄڻ جي سارين، سي نڪي روئن نه چون ڪي.

(شاهه لطيف)

سنڌ جي ادب دشمن ٽولي جو چوڻ آهي ته موجوده سنڌي ادب غيراسلامي ۽ ڪافرانه آهي.
سندن انهيءَ چالاڪيءَ واري نعري کي ٻُڌي، اول ته سڀ ڪو سوچڻ لڳندو ته ٻيلي اها ڳالهه ته برابر ٺهي ڪانه ٿي. غيراسلامي شيءِ ڪابه ڪانه کپي. هجي ته اسلامي هجي، نه ته وڃي اوڙاه جي تري ۾ پئي! اسلامي ملڪ ۾ غيراسلامي شيءِ! توبهه!
هن ٽولي کي به اهو ئي يقين آهي ته ماڻهو ضرور ايئن سوچي سندن پروپئگنڊا جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي پوندا.
اچو ته انهيءَ نعري کي ٿورڙو غور سان جاچيون. پهريون سوال آهي ته آيا ايئن آهي ڇا ته دنيا جو هر ڪم، هر شيءِ هر فن يا هر پيشو اسلامي يا غيراسلامي ٿي سگهي ٿو. يعني ايئن آهي ڇا ته اهو فن يا ته ضرور اسلامي هوندو، نه ته ڪافر! مثال طور، ڪيلن جي پوک ڀلا دنيا ۾ ڪا “اسلامي ڪيلن جي پوک” ۽ “غيراسلامي ڪيلن جي پوک” به ٿي سگهي ٿي ڇا؟ يا انجنيئري سائنس يا فن کي وٺو. مسلمانن جو انجنيئري فن ته ٿي سگهي ٿو، پر انجنيئري سائنس کي اسلامي انجنيئري، يهودي انجنيئري يا هندو انجنيئري ڪوٺي سگهجي ٿو ڇا؟ حجامت، ڪُڙمت، دڪانداري، ٻيڙي هلائڻ- ڇا انهن مان ڪنهن به هڪ پيشي ۽ ڌنڌي کي ڪافر يا مسلمان پيشو سڏي سگهجي ٿو؟ ڀلا ايئن به ڪو چئي سگهيو ته ڪپڙي اُڻڻ جو ڏانءُ يا هنر مسلمان آهي يا ڪافر! يا ڳائڻ جي فن کي وٺو. ڳائڻ ۾ سُر، تار، پلٽا، مُرڪون، مينڍون وغيره ٿين ٿيون. سڀاڻي ڪو توهان وٽ ڊوڙي اچي توهان کي دانهن ڏئي ته محمد جمن يا استاد منظور خان فلاڻو غيراسلامي پلٽو هنيو يا نسيمه شاهين جي فلاڻي تال نج اسلامي هئي، ته توهان جيڪر کيس ڇا سمجهو!؟
البت ڳائڻو، انجنيئر، هاري، دڪاندار، ٻيڙيءَ وارو، وغيره مسلمان يا هندو ٿي سگهي ٿو، پر سندن هَرُ، دڪان، ٻيڙي، انجنيئر سر تار، نه هندو ٿي سگهي ٿو نه مسلمان. هي فن ۽ پيشا آهن، جن جا پنهنجا قاعدا قانون آهن. سارين جي پوک کي ڪڏهن پاڻي ڏجي؟ جاءِ ۾ گهڻو سيمنٽ ڪتب آڻجي؟ ٻيڙيءَ کي واءَ جي سامهون ڪيئن هلائجي؟ اهي اٽڪلون، ڏانوَ ۽ هنر مذهب سان سڌيءَ طرح ڪوبه واسطو نٿا رکن. انهن تي ڪفر يا اسلام جو نالو رکڻ، ڪفر ۽ اسلام سان مذاق ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟
ساڳيءَ طرح شاعري به هڪ فن آهي، جنهن جو مذهب سان سڌيءَ طرح ڪوبه واسطو ڪونهي. شاعري تڏهن کان آهي جڏهن نه عيسائيت هئي، نه هندومت، نه ڪفر نه اسلام. شاعريءَ ۾ تشبيهون، استعارا، تخيل، فرضي ڳالهيون، حُسن ۽ عشق جون ڳالهيون هونديون آهن. ان جو بنياد وڌاءُ ۽ مبالغي تي ٻڌل آهي. ڪوبه مذهب وڌاءُ، مبالغي ۽ فرضي ڳالهين جي بيان ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي.
مثال طور شاعر جي محبوب جو منهن ڀلي ڪارو هجي، پر هو ضرور چوندو ته اهو سج چنڊ کي شرمائي ٿو. اهو نسورو ڪوڙ آهي، جنهن جي هر مذهب منع ڪئي آهي. قرآن مجيد جي مشهور آيت آهي ته ‘شاعرن’ جي پويان فقط گمراهه ماڻهو لڳندا آهن. انهيءَ ڪري ڪابه شاعري اسلامي ته ڇڏيو، مذهبي شاعري به ٿي نه ٿي سگهي. اهو ئي سبب هو، جو ڪيترا عرب شاعر جڏهن مسلمان ٿيا، ته شاعريءَ تان هٿ کڻي ويا. امراءَ القيس عرب جي لاثاني ۽ قابل صد فخر شاعر جو لقب ئي “گمراهه بادشاهه” رکيو ويو.
ان بعد، روءِ زمين تي هڪڙو به شاعر پيدا نه ٿيو آهي ۽ نه ٿي سگهي ٿو، جنهن جي شاعريءَ کي نج اسلامي ڪوٺي سگهجي. ڇاڪاڻ ته شاعري آهي ئي هٿرادو ڳالهين ٺاهڻ جو نالو- ڪوڙ کي سچ ڪري ڏيکارڻ ۾ رڳو الله ۽ رسول جي تعريف ڪيل آهي، سا صحيح معنيٰ ۾ اسلامي ڪانهي- ڇاڪاڻ ته ان ۾ وڌاءُ آهي، مرچ مصالحا آهن، ڳالهه جي مصنوعي ٺاهه ٺوهه لاءِ تشبيهون آهن، استعارا آهن. مثال طور هرڻيءَ واري معجزي واريءَ مدح شريف ۽ ٻين مدحن ۾ حضور جن جي واتان ڪيتريون ڳالهيون چوايون ويون، جي بلڪل فرضي آهن. ساڳي حالت نورنامي جي آهي. ميرانيس، دبير ۽ ثابت علي شاهه جا مرثيا پڙهو، ائين پيا ڳالهه ڪن ته ڄڻ پاڻ اُتي هڪيا تڪيا موجود هئا. زمين آسمان ملايو هڪ ڪريو ڇڏين. يا رومي ۽ سعديءَ جون حڪايتون کڻو. اهي ايئن بيان ڪيون ويون آهن، ڄڻ ته سچا واقعا آهن، حالانڪه اهي فرضي ڳالهيون آهن. جي ماڻهن کي نصيحت ڏيڻ لاءِ چيون ويون آهن.
ظاهر آهي ته اها محض شاعري آهي، ۽ جنهن شيءِ جو نالو شاعري آهي، سا وڌاءُ، بناوت، مرچ مصالحي کان سواءِ ٿي نٿي سگهي، ۽ جنهن شيءِ ۾ وڌاءُ ۽ مرچ مصالحو هجي، جيڪا هٿ جي ٺاهه تي ٻڌل هجي، ان کي اسلامي يا مذهبي سڏڻ حماقت ناهي ته ٻيو ڇا آهي!
البت شاعر مسلمان، هندو، عيسائي ٿي سگهن ٿا، ۽ ظاهر آهي ته سندن مذهب ۽ عقيدي جو سندن شاعريءَ تي ضروري اثر پوي ٿو، پر شاعري نيٺ شاعري ئي آهي. اها فقه ۽ حديث شريف جو ڪتاب يا ويد يا شاستر ٿي نٿي سگهي. اها بنيادي طرح نه هندو آهي نه مسلمان.
اهو ئي سبب آهي جو خود انهن نام نهاد “اسلام دوست” شاعرن جي شاعريءَ کي ڏسندؤ ته اهو ئي زٽ، اهو ئي ڪوڙ، وڌاءُ، اهائي معشوقن جي تاڙ، سندن ناز نخرن جي تعريف ۽ ٻيون غيراسلامي، غير شرعي ڳالهيون نظر اينديون، جيڪي شاعريءَ ۾ هميشه هونديون آهن.
اسلام پرائيءَ عورت جي پچار، ڇيڙڇاڙ، زناني خواه مرداني حُسن جي اُپٽار، نڪاح ٻڌل زال کان سواءِ ٻيءَ عورت سان اظهار عشق ڪرڻ کي سنگين جرم قرار ڏئي ٿو.
تاج الشعراءِ، استاد الشعراءِ ۽ ملڪ الشعراءِ وغيره “اسلام پرست” شاعر صاحب جيڪي عشق جا دفتر ڀرين ٿا، گيت لکن ٿا، غزل چون ٿا، جن محبوبن جي ڪمرين، سرو قدن، نرگسي نيڻن، ڪافر ادائن، عشوه طرازين، ستم رانين جا قصا جهان کي مزا وٺي وٺي ٻُڌائين ٿا، سي ڪير آهن؟ گستاخي معاف، اهي زالون سندن نڪاح ٻڌل آهن ڇا؟ جي ها، ته پوءِ به انهن جو ايئن ذڪر جائز ۽ شرعي آهي ڇا؟ جي نه ته پراين نياڻين سان عشق ڪرڻ، انهن لاءِ اهڙا خيال ظاهر ڪرڻ ۽ جهان ۾ خواري مچائڻ کي از روءِ شريعت ڇا چئبو آهي؟ پر جي اهڙيون عورتون مرڳو آهن ئي ڪونه ۽ هو رڳو هٿ جون ويٺا هڻن، ته پوءِ اهو ڪوڙ ۽ لغو بياني ناهي؟ ڇا واقعي سندن جگر سڙيل آهي، سينا ڪباب ٿيل آهن؟ ڇا واقعي هو رات جو تارا ڳڻيندا آهن ۽ ڏينهن جو ڪپڙا ڦاڙي صحرائن ۽ رڻن پٽن ۾ ڌڪا جهليندا آهن. جيئن هو پنهنجن شعرن ۾ ماڻهن کي ٻُڌائيندا آهن! ڇا ايئن ناهي ته سندن شعرن جو لفظ لفظ هٿ جو ٺاهه، خيالي پلاءُ، نسورو زٽ آهي؟ جي ها، ته پوءِ اهي ڪوڙن جا دفتر غيراسلامي ناهن، شريعت جي خلاف ناهن؟ ڇا سندن شاعري ڪوڙي، مبالغه آميز، فحش بداخلاقيءَ جي رغبت ڏيندڙ ۽ غيراسلامي نه چئبي؟
اخبار نويسيءَ جي ڌنڌي کي وٺو. اخبار نويس مسلمان ٿي سگهن ٿا ۽ آهن، پر اخبار نويسيءَ جو پيشو نه هندو آهي نه مسلمان. دنيا ۾ ڪابه خالص اسلامي اخبار نويسي ۽ ڪافر اخبار نويسي ٿي نٿي سگهي. مثال طور اسان جي هنن ئي شاعر الشعرائي شاعرن جي حمايتن هڪڙي روزاني اخبار سڄو ڏينهن چپن سان “اسلام” “اسلام” آلاپيندي رهندي آهي، پر ڇاڪاڻ ته اخبار آهي، تنهن ڪري هر اهو ڪم ڪري ٿي، جيڪو ٻيون اخبارون ڪن ٿيون. عيسائي خبر رسان ايجنسين جون خبرون ڇاپي، نشيدار شين جا اشتهار ڇاپي، اڌ اُگهاڙين عورتن جا شهوت انگيز فوٽا ڇاپي، پڙهندڙن کي مٿن عاشق ٿيڻ جي ترغيب ڏئي، سندن سهوليت لاءِ اهڙين عورتن جون ائڊريسون ڇاپي، ڪوڙ بدوڙ ڇاپي، ڪنهن ڪاموري جي گلا ته ڪنهن جي تعريف ڇاپي، هٿ جون خبرون ٺوڪي، وڏن ماڻهن جي شان ۾ ڪنڌ ڌوڻي مدحون ۽ قصيدا پڙهي، مخالفن تي گارين جا ڌوڙيا وسائي- مطلب ته ڇا ڇا نه ٿي ڪري! ۽ ايئن ڪري ٿي، ڇو ته اخبار نويسي آهي- جو هڪ پيشو آهي، هڪ فن آهي. ان جا پنهنجا قاعدا قانون آهن، جن جو ڪنهن خاص مذهب سان سڌو واسطو ڪونهي.
ڪجهه ڏينهن ٿيا، جو حيدرآباد ۾ چؤطرف واڌايون ملي ويون ته “ڪافر” اديبن ۽ سندن رسالن (سنڌي ادبي بورڊ جي) “مهراڻ”، (پاڪستان سرڪار جي) “نئين زندگي”، ۽ (نوجوان اديبن جي پنهنجي) “روح رهاڻ” وغيره جي غيراسلامي ادب جي مقابلي ۾ “اسلام دوست” اديب هڪڙو نج اسلامي ادبي رسالو ڪڍي رهيا آهن. چيوسين شڪر آهي ته دنيا ۾ هڪڙو خالص اسلامي ادبي رسالو نڪتو، جنهن مان اها خبر ته پوندي ته آخر “اسلامي ادب” ڇا آهي. گهڻيءَ مدت کانپوءِ رسالو نڪتو. سڀني سمجهيو ته اسلامي رسالي ۾ ظاهر آهي ته قرآن ۽ حديث، خدا ۽ رسول (صلعم) جون ڳالهيون هونديون، اڪابرين اسلام جا تذڪرا هوندا، صفحي صفحي تي اسلامي نور جا تجلا چمڪاٽ ڏيندا، پر جڏهن رسالو ميدان ۾ آيو، ته سڀني جا وات ڦاٽي ويا. سنڌ ۽ هند بلڪه دنيا جو پهريون سو في صدي نج اسلامي ادبي رسالو سڄو فلمي پرين جي شهوت انگيز تصويرن، سندن حُسن جي قصيدن ۽ عشق جي داستانن سان ڀريو پيو هو. نيٺ ٿورن ئي مهينن کان پوءِ رسالي جي نام نهاد اسلام کي مرڳو ئي خيرباد چوڻو پيو.
هاڻي، سوال آهي ته جڏهن اهي نام نهاد اسلام دوست اديب پاڻ اهڙيون ڪوڙيون، بي بنياد، فحش شيون، ۽ اخبارون ۽ فحش رسالا ڇاپين ٿا ۽ انهن تي ناز ڪن ٿا، ته پوءِ ڇا اها سراسر منافقي ۽ مڪاري ناهي، جو هو پاڻ کي اسلام جا محافظ، دين جا علمبردار، خدا ۽ رسول تان سر صدقي ڪرڻ وارا سڏائي، ٻين تي ڪفر جون فتوائون عائد ڪن ۽ ٻالن ڀولن مسلمانن کي جوش ڏيارين ته “علمي قرباني ڪريو؟”، “جهاد ڪريو!” يعني ٻين لفظن ۾ نئين دؤر جي شاعرن ۽ اديبن کي قتل ڪريو!
هاڻي وري اچون “اسلامي ادب” جي سوال تي. فرض ڪريو ته ادب اسلامي ۽ غيراسلامي ٿي سگهي ٿو. ظاهر آهي ته ان حالت ۾ پاڻ کي اسلامي ادب کپي، غيراسلامي نه کپي. هاڻ اچو ته غيراسلامي ادب کي ڪڍي ٻاهر ڪريون ۽ ڏسون ته پاڪستاني مسلمانن لاءِ ڪهڙو نج اسلامي ادب ٿو بچي، ته اهو رکون ۽ ٻئي تي بندش وجهون. دنيا جي ادبي آسمان جي روشن ستارن- شيڪسپيئر، ڪاليداس، هومر، دانتي، ٽالسٽاءِ، گوئٽي، سقراط، ارسطو، والمڪي، تلسيداس، ڪبير، ميرا ٻائيءَ جو ادب ته پهرئين ڌڪ سان خارج ڪرڻو پوندو. ڇو ته هو عيسائي ۽ هندو هئا. هاڻ وڃي رهيا مسلمان اديب. فردوسيءَ لاءِ محمود غزنويءَ جا درٻاري چوندا هئا ته هو رافضي ۽ آتش پرست هو، اهو به ڪڍي ڇڏيو. غالب ۽ خيام بدنام شرابي هئا. اهي به ڪڍو. اقبال به مغرب زده هو. ان تي به ڪفر جون فتوائون نڪتل هيون، پر ان کي هاڻ سرڪار نامدار عظيم شاعر تسليم ڪيو آهي، تنهن ڪري اهو ڇڏيون ٿا.
هاڻي اچون ٿا ٻيءَ منزل تي. اسلام جا ٻه مکيه فرقا آهن. شيعا ۽ سُني. فارسي ۽ ايراني شاعر گهڻو ڪري شيعا هئا. سنڌ ۾ اڪثريت سُنين جي آهي، جي شيعن جي عقيدن کي غلط بلڪه ان کان به ڪجهه ٻيءَ طرح ٿا سمجهن. ان ڪري اڪثر ايراني شاعرن کي، سُني عقيدي موجب، اسلامي شاعر ڪين ڪوٺي سگهبو. ساڳيءَ طرح شيعه مسلمانن لاءِ وري سُني شاعري ۽ اديب صحيح معنيٰ ۾ اسلامي شاعر ۽ اديب ڪين ٿي سگهندا. تنهن ڪري چٽائيءَ لاءِ هر ڪنهن ادبي تخليق جي مٿان عنوان سان گڏ لکڻو پوندو “اسلامي غزل (سُني)”، “اسلامي افسانو (شيعه)”. اڳتي هلي شايد ٻين فرقن جي ديني عقيدن مطابق ادب پيدا ڪرڻ جي ضرورت پوي ۽ هن قسم جا عنوان ڏيڻا پون: “اسلامي وهابي ناول”، “اسلامي اسماعيلي بيت”، “اسلامي الحديث ڏوهيڙا”، “اسلامي اهل قرآن ناولٽ”، “اسلامي قادياني آزاد نظم”، “جماعت اسلامي ناٽڪ” وغيره وغيره.
قصو رڳو اتي ختم ڪونه ٿيندو. هڪ ڀيرو ادب کي اديب جي ديني عقيدن جي بنياد تي تورڻ شروع ڪيو ويو، ته پوءِ هيءُ به فيصلو ڪري ڇڏڻو پوندو ته شاهه لطيف، سچل، بيدل، شاهه عنايت، بابا فريد وغيره ڪهڙن عقيدن جا هئا، ڇو ته جي لطيف سائين سُني هو، ته پوءِ ظاهر آهي ته شيعن، وهابين ۽ ٻين فرقن جي مسلمانن جي لاءِ سندس تخليق ڪيل ادب غلط بلڪه غيراسلامي ليکبو ۽ هو فقط پنهنجي هم عقيده سُنين جو شاعر ليکبو. اهڙيءَ ريت گذريل سڀني شاعرن ۽ اديبن جي عقيدن جي جاچ ڪرڻي پوندي. اهو فيصلو ڪبو ته هو ڪهڙي فرقي جا شاعر ٿيڻ جا مستحق آهن.
اسان مٿي ڏسي آيا آهيون ته مڪار، مُنافق ۽ جعلي تنقيد جي آئيني ۾ لطيف جهڙو بي مثال ۽ لافاني حق پرست شاعر به دهريو، ڪميونسٽ ۽ ڦريل نظر اچي سگهي ٿو. اسان عربي ۽ فارسيءَ جي نامور شاعرن جا ڪي شعر ڏٺا آهن، ته اهي به اهڙا آهن، جن تي ڪٽر مذهبي خيال کان جائز يا ناجائز هجڻ جي نڪته چيني ٿي سگهي ٿي.
لاڙ ۾ پهاڪو آهي ته فلاڻو “سُري به ٿو، ٽپي به ٿو!” جعلي ۽ مصنوعي “اسلام دوست” نقاد نون اديبن جي بلڪل سنون سڌن شعرن ۽ لکيتن کي غيراسلامي سڏين ٿا، پر جڏهن چئجين ٿو ته “ٻيلي! اهي معمولي شاعراڻيون ڳالهيون آهن، انهن ۾ ڪابه بي ديني ۽ بداخلاقي ڪانهي، اهڙيون ڳالهيون سعدي، حافظ، رومي ۽ لطيف به چيون آهن”، ته وريو وٺيو مڪريل ۽ تيرنهن تالين رنن واري پِٽَ ۽ ماتم وجهن ته “ڏسو! ڏسو! هي بي دين صوفين ۽ درويشن جي شان ۾ گستاخي ٿا ڪن!” حالانڪه گستاخي، بي ادبي ۽ بدتميزي ته اها آهي ته جيڪي ڳالهيون عظيم شاعر عام طرح چون ٿا، اهڙي قسم جي شاعراڻين ڳالهين کي هي جاهل بداخلاق ۽ غير شرعي ٺهرائين ٿا! بهرحال اچو ته انهيءَ معاملي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڇڏيون.
پهريون سوال آهي ته ڀلا اسين انهن عظيم شعرن جو ادب ڇو ٿا ڪريون؟ هڪڙي ڳالهه ته صاف آهي ته رومي، سعدي، حافظ، خسرو، لطيف، سچل وغيره نعوذ بالله، خدا نه هئا، پيغمبر نه هئا، ملائڪ نه هئا، معصوم نه هئا، نڪي نُور مان بڻيل هئا. هو هن ڌرتيءَ جي خاڪ مان ٺهيل خاڪي ۽ خاطي انسان هئا.
ساڳيءَ طرح بنيادي طور هو نه مفسر هئا نه محدث، نه فقيه ۽ نه مفتي، فقه جي معاملي ۾ اهي سمورا شاعر ابو حنيفه، ابو يوسف، امام حنبل جي مقابلي ۾ ڪجهه ڪونه هئا. تفسير، حديث شريف ۽ ٻين علمن جا استاد به ٻيا هئا. هو ڪونه هئا. پير، ولي ۽ صوفي هجڻ جي سلسلي ۾ کانئن ٻيا وڏا ولي صوفي پيا آهن. پيران پير دستگير بادشاهه، غوث بهاؤالحق، خواجه اجميري وغيره اوليائن جا جيترا مريد ۽ معتقد روءِ زمين تي موجود آهن، انهن جي مقابلي ۾ سعدي، حافظ يا خود لطيف ۽ سچل جي مريدن جو تعداد بلڪل ٿورو ۽ نه برابر آهي. نه وري هو ڪي ممتاز عالم هئا. ظاهر آهي ته بو علي سينا، الفارابي، ابن خلدون، ابن رشد، غزالي وغيره مسلمان عالم پنهنجي پنهنجي علم جي جيڪا اٿاهه ڄاڻ رکندا هئا، تن جي مقابلي ۾ لطيف، سچل، حافظ، سعدي ۽ رومي بلڪل طفل مڪتب هئا. هو پنهنجي پنهنجي زماني جا خالد بن وليد، محمد بن قاسم، طارق جهڙا مجاهد ۽ اسلامي جنرل به ڪونه هئا. نڪي بادشاهه ۽ خليفا هئا. نڪي وري هنن ڌارين ملڪن ۾ تبليغون ڪري ڪافرن کي مسلمان ڪيو.
ته پوءِ ساڻن ايڏو پيار ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ هو ڀلا ڪهڙي ڳالهه ۾ پنهنجيءَ جاءِ تي ممتاز آهن؟
هو ان ڪري ممتاز آهن، جو هو سڀ کان پهرين ۽ سڀ کان پوءِ عظيم شاعر ۽ ڏات جا ڌڻي هئا. اها شيءِ جا وٽن هئي ۽ امام ابو حنيفه، پيران پير دستگير عليه الرحمت، خواجه اجميري، محمد بن قاسم، بوعلي سينا، غزالي ۽ ابن رشد وٽ ڪانه هئي، سا آهي سندن شعر جي ڏات. خالص شاعراڻي حيثيت ئي اهو پيڙهه جو پٿر آهي، جنهن تي سندن لافاني عظمت ۽ ابدي ناموس جا رنگين ۽ خوبصورت محلات اڏيل آهن.
عظيم شاعر عظيم انسان هوندا آهن، پر پوءِ به انسان هوندا آهن. انسان جي دل هڪ اٿاهه سمنڊ آهي. جنهن ۾ قسمين قسمين لهرون اُٿن ٿيون. عظيم شاعرن سڀ شيون هڪڙي قسم جون نه چيون آهن، نه ته عظيم نه ٿين ها. هنن انسانن جون ڳالهيون ڪيون آهن ۽ نه ملائڪن جون. تنهن ڪري سندن شاعريءَ ۾ انساني بلندين توڙي پستين، عظمتن توڙي ڪمزورين، خوبين توڙي براين جو عڪس آهي. ازانسواءِ هو پاڻ به انسان هئا ۽ نه ملائڪ، سندن سوچ به انسانن جي هئي ۽ نه ملائڪن جي. تنهن ڪري هنن رڳو تسبيح ۽ تحليل نه ڪئي آهي پر انسانن جي دلچسپيءَ جون ڳالهيون به ڪيون آهن. پيار جون، عشق جون، شوخيءَ جون، شراب جون، ڪارين ڪڪوريل اکين جون، جوڀن جي ڏينهڙن جون، چندن سان چڪ ٿيل چوٽن جون، ناز ۽ نياز جون، پيار ۽ نفرت جون، آس ۽ پڇتاءَ جون، فريبي مُلن جون، ظالم حاڪمن جون، مهانگي لاءِ ميڙيندڙن جون، ڏيهه جي ڏڪارين موذين جون، وغيره وغيره. پر انهيءَ جي اها معنيٰ ڪانهي ته هو مسلمان ڪونه هئا، سندن شاعريءَ تي اسلام جو اثر ڪونه هو يا هنن پنهنجي دين جي خدمت ڪانه ڪئي. ايئن برابر آهي ته هنن مُلا جي خدائي فوجداري مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، واعظ جي ڄاڙي بازيءَ جو ڀانڊو ڦاڙيو آهي، قرآن کي شڪار جو ڦندو ڪري ڪتب آڻيندڙن تي ملامت وسائي آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪاٺ مُلان جي چيلي بڻجڻ کان سواءِ مسلمان ٿي نٿو سگهي، ته پوءِ انهن شاعرن جي مسلماني برابر خطري ۾ آهي.
پر جيڪڏهن اسلام دنيا جي سمورن انسانن واسطي آهي ۽ صرف چند شخصن جو ٺيڪو نه آهي، جيڪڏهن اسلام پيار، محبت، صلح، نيڪي، رحم، عدل، همدردي، حق پرستيءَ جو مذهب آهي، ته پوءِ هنن شاعرن پنهنجي عظيم انساني شعرن سان جيڪا خدمت ڪئي آهي، تنهن تان هزارها مجاهدن، عالمن، فيلسوفن ۽ اڪابرن جي عظمت به قربان آهي. هو نه صرف اسان نالي جي مسلمانن جا شاعر هئا، پر بني نوع انسان جا شاعر ۽ انسانيت جا عظيم فرزند هئا. درحقيقت هو عظيم مسلمان انهيءَ ڪري هئا، ڇاڪاڻ ته هو اول عظيم ۽ پيارا انسان هئا، جن مذهب کي ماڻهن ڦاسائڻ جي سرڪڻ ڦاهي نه پر پيار، انساني ڀائپيءَ، خدا ترسيءَ، رحم ۽ عدل جو سرچشمو ڪري ٿي ليکيو. هنن خدا جون ڳالهيون ڪيون آهن، رسول جون ڪيون آهن، دين جون ڪيون آهن، تصوف جون ڪيون آهن، ۽ ان سان گڏ عام انسانن جون، سندن دل جي حال جون، خواهشن جون، خوفن جون، مصيبتن ۽ مسئلن جون به ڪيون آهن، ڇو ته مذهب هنن جي نظر ۾ انسان ۽ سندن مسئلن کان الڳ ناهي.
اڄوڪي دؤر جا شاعر به انهن عظيم شاعرن جي نقش قدم تي آهن ۽ سندن عظيم روايتن کي پنهنجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.