(7)
ڏسڻو هي آهي ته آيا اهي شاهه جا معتقد ۽ مُرِيد رُڳو عقيدت جا لفظي “پڙ چاڙهڻ” جا ملوڪ آهن، يا سچ پچ سندس روايتن ۽ قدرن تي ايمان رکن ٿا. انهن جي پيروي ڪن ٿا ۽ ان واٽ تي هلن ٿا. ڀلا، شاهه جي هن بي پناهه مقبوليت جا اصل سبب ڪهڙا آهن؟ ماڻهُو چون ٿا ته هو انهيءَ ڪري مقبول آهي، ڇاڪاڻ ته هو صوفي، درويش، وَلِي ڪامل، حق آگاهه، بحر معرفت، مخزن اسرارالاهي، ۽ شارح قرآن هو. هُو بيشڪ اهو سڀڪجهه هو، پر سوال آهي ته سنڌ ۾ جتي خدا جي فضل سان گهر گهر عيد آهي، شهر شهر بلڪ ڳوٺ ڳوٺ کي پنهنجو ڪامل ولي، مرشد حق آگاهه، درويش معرفت رسد آهي، اتي هڪڙو ٻيو به وَلِي پيدا ٿيو ته ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي. رڳو اسان جي ٺٽي واريءَ مڪليءُ ۾ ئي چون ٿا ته سوا لک اولياءَ الله جا پيا آهن، سڀ درويش، سڀ ڪامل، سڀ وَلِي، سڀ ڪرامتن جا صاحب، هڪڙو ٻئي کان زور، سيوهڻ، روهڙي ۽ جهوڪ- چؤطرف ڪرامتون، اسرار، لقاءَ، حال، قال! درحقيقت سنڌ ۾ وَلِين کان سواءِ ٻيو آهي ڇا؟ پر سڄي سنڌ ۾ لطيف فقط هڪڙو آهي ۽ رهندو. ڇو ته هو وَلِي هجڻ کان قطع نظر، هڪ نرالو ۽ پيارو انسان هو. خدا رسيده ته گهڻائي پيا آهن، پر هُو انسان رسيده هو. هن انسان جي روح ۾ جهاتي پائي، انسانن جا دک درد، سندن جذبا ۽ احساس ڏٺا هئا.
هو سچو مومن هو، اسلام جو پيرو ۽ توحيد پرست هو. پر هن عرب ۽ ايران جي بدران پنهنجي دل جو ڪعبو بدنصيب ۽ پياري وطن، سنڌ کي بنايو. ايران جي آبجو ۽ شيراز جي باغن ۾ ٽڙندڙ سَرَو، سَمَنُ، لاله، نَرگِس ۽ سُنبُل جي بدران هن پنهنجي وطن جي پُسين، پيرُن ۽ ڏؤنرن جي حُسن جا نغما ڳايا. جتي ان وقت جي هند ۽ سنڌ جا نام ڪٺيا شاعر بهادريءَ ۾ رُستم، سهراب ۽ اسقند يار جا مثال ڏيندا هئا، اتي هن پنهنجي وطن جي رحم، ڪرم، عنايت، محبوبيت ۽ بي نيازيءَ جي شان بيان ڪرڻ لاءِ حَسِين استعارا ڳولي ٿو، تڏهن کيس وطن جا دلير ۽ بانڪا ياد پون ٿا ۽ هُو خدا کي پنهون، تماچي، جکرو، چنيسر، راڻو ۽ سپڙ سڏي ٿو. هيءَ ڳالهه آهي، جا ڪنهن به عرب ايراني، هندي يا سنڌي شاعر نه ڪئي آهي. هن جي انهيءَ خوبصورت دليريءَ اڳيان خود رُوميءَ جهڙي مست جي مسوري آڳ ۽ جلال عاجز ٿا لڳن.
لطيف هر ڳالهه ۾ پنهنجي دور جي ٻين شاعرن کان نرالو آهي. ان وقت هند ۽ سنڌ تي فارسيءَ جو راڄ هو. درٻار جي زبان فارسي هئي. علم ۽ فن جي زبان فارسي هئي. سنڌي شاعري صرف ڳوٺن ۾ نامعلوم جڳهن تي ڀُڻڪو ڪندي هئي، نه ته هر هنڌ فارسي شاعريءَ جو بول بالا هو. لطيف انهيءَ روايت ۽ دستور کي اورانگهي ۽ لتاڙي، پنهنجي الڳ راهه ورتي. هن پنهنجي وقت جي فارسي گو شاعرن وانگر فارسي شاعريءَ جي تقليد ۾، فارسي بحرن ۽ وزنن ۾ به شاعري ڪا نه ڪئي، نه وري هن ان وقت رائج شاعريءَ جي مضمون يا انداز جي پيروي ڪئي. هن جي ٻولي، بحر، وزن، تشبيهون، استعارا، بندشون، موضوع ۽ انداز نظر خاص پنهنجا ۽ دُنِيا کان نرالا هئا. ان وقت جا ناليرا شاعر مثنويون، قطعا، غزل، نظم، شهر آشوب ۽ انهيءَ قسم جا ٻيا ايراني طريقا اختيار ڪري، مقبوليت حاصل ڪندا هئا. هُو پنهنجي مادري ٻوليءَ کي انهيءَ لائق ئي نه سمجهندا هئا ته ڪو اها شاعريءَ لاءِ ڪتب آندي وڃي. تنهن ڪري لطيف جي پهرين خصوصيت، روايت کان مڪمل بغاوت آهي. جتي شاعريءَ جا موضوع فقط هِجُر ۽ فراق ، ظلم ۽ هرجائي محبوب، رقيب روسياهه، فلڪ ناهنجار، معشوق جي قد بت جي تعريف ۾ زمين آسمان هڪ ڪرڻ ۽ سندس ڪرم جي تلاش ڪرڻ هئا. اتي لطيف ڏٿ-ڏوريندڙ ڏوٿين، برسات لاءِ واجهائيندڙ هارين، جهنگلن ۾ ڀٽڪندڙ ماروئڙن، سمنڊ ۾ اکا وجهندڙ هندو ڇوڪرين، ساٽياڻين، مهاڻين، ماڱرين، جوڳين، ڦورو سردارن، سندن ستايل ڀاڳين، سخي ڏاتارن، مڱڻهارن، اٺن هنجن، روهه جي ڪونجڙين، سپن، کپرن، ۽ ٻين اهڙن سنڌي زندگيءَ جي ڪردارن کي پنهنجو موضوع بنايو آهي. هن جا ڪردار اهي آهن، جيڪي سنڌ ۾ سچي پچي معنيٰ، مقصد ۽ حقيقت رکن ٿا. هن کي پنهنجي وطن جي چپي چپي سان، ۽ سندس هر مرد، ٻار ۽ عورت سان، هر مظلوم، هر ڏکويل، هر خوبصورت ۽ پياريءَ شيءَ سان والهانه محبت آهي. هُو شاعري انهيءَ ڪري نٿو ڪري ته ڪو کيس پنهنجي شاعرانه ڪمال جي نمائش ڪرڻي آهي، پر ڇاڪاڻ ته کيس اهڙي ته حساس، عَمِيقُ ۽ انساني همدردين سان ڀرپور دل آهي، جو هو بي اختيار پلٽيو پوي. هن کي سنڌي ٻوليءَ سان عشق آهي. هُو ان زبان جو اهو جوهري آهي، جنهن وٽ ماڻڪن جا مَٽَ ڀريا پيا آهن، هن سنڌي زبان جي معمولي لفظن مان ڪڏهن ماکيءَ جو ڪم ورتو آهي ته ڪڏهن شراب جو نشو پيدا ڪيو آهي. انهن لفظن مان هو ڪڏهن احساس جا ٽانڊا ۽ مَچُ ٻاري ٿو ته ڪڏهن احتجاج ۽ بغاوت جا بارُود ڀري ٿو. ڪو به اهڙو موضوع ڪونهي، ڪو به اهڙو واقعو نه آهي، ڪو به اهڙو احساس نه آهي، جنهن کي لطيف شاعريءَ جي معيار کان گهٽ سمجهي، نظرانداز ڪيو هجي. هن سنڌ جي عام ماڻهن، مردن ۽ عورتن، خاص ڪري عورتن جي جذبن جي، جنهن خلوص، اُمنگ ۽ جذبي سان ترجماني ڪئي آهي. تنهن جي بيان لاءِ دفتر کپن. شاهه جي شاعري درحقيقت هتي جي عام ماڻهن جي زندگيءَ جو هڪ درد انگيز ۽ من موهيندڙ داستان آهي.
لطيف جي عظيم روح ۽ سندس فن جي عظيم روايتن کي برقرار رکندڙ ۽ ان کي اڳتي وڌائيندڙ ۽ سنواريندڙ ئي سنڌ جا صحيح اديب ۽ شاعر آهن ۽ نه اهي جن ان جي انسانيت پرور، جرات مندانه ۽ تخليقي روايتن کان ڀڄي، ٺلهي تڪبنديءَ جي بي روح ۽ بي معنيٰ رينگٽ کي مچايو آهي.
سنڌيءَ کي مُڏيءُ ڪاتيءَ سان ذبح ڪرڻ، سنڌي شاعريءَ جي شاندار ۽ روشن چهري کي داغدار ڪرڻ، سنڌ جي ماحول ۽ قومي مزاج سان چٿر ڪرڻ، سنڌي شاعريءَ جي قافلي کي اوجهڙ ڏانهن مُنهن ڏيڻ ۽ سنڌ جي پنهنجي ادبي روايت کان بغاوت ڪري، ٻين جي غلامي ڪرڻ وارن مان هڪڙو بزرگ خاص طرح اڄڪلهه لطيف جي غم ۾ سينو ڪٽي، اوڇنگارون پيو ڏئي، ان لطيف جو دم پيو ڀري، جنهن جي مٺڙي ٻوليءَ کي پاڻ ۽ سندس قبيلي جي ماڻهن جيئري قبر ۾ پوري ڇڏڻ ۾ ڪِين گهٽايو، جنهن جي ٻولي مان کين ڌپ ٿي آئي، جنهن جي فني روايتن کي هنن حقارت سان ٺڪرائي ڇڏيو ۽ جنهن جي جاري ڪيل شعر جي آبحيات جهڙين شفاف ۽ حيات بخش نهرن کي ڪِن ۽ گند سان ڀرڻ هنن پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بنائي ڇڏيو.
شاهه جي حُب جو سانگ رچائڻ ۽ پنهنجن ڇاڙتن جي هٿان ٽيڪو ڏيئي حشر پٽائڻ جو مقصد ڪهڙو آهي؟ هي اردوءُ ۽ فارسيءَ جي شاهي درٻارين جا منصبدار، پنهنجي زماني جا فردوسي ۽ حافظ، مير ۽ غالب، عرفي ۽ رودڪي، ادبي آسمانن جا باشندا، عاج جي محلن جا مُڪين، اڄ هن حال ۾ هيٺ زمين تي ڇو پيا ڏسجن؟ کين اوچتو جهانگين ۽ مارن جو ‘شاهه’، ۽ پٽن ۽ وٿاڻن جو ‘لطيف’ ڪيئن اچي ياد پيو آهي؟
اهڙن فارسي زده تڪبندي ‘شاعرن’ نه رڳو هيئت جي اعتبار کان بلڪ موضوع مواد ۽ اسلوب جي نقطه نگاهه کان پڻ سنڌي شاعريءَ جي روايتن کي پُٺ ڏيئي ۽ سندس بي بها خزانن کي نظرانداز ڪري، نه رڳو فارسي هيئتون ۽ سانچا اختيار ڪيا، بلڪ سندن ٻولي، محاورا، تشبيهون، استعارا، ترڪيبون، بندشون ۽ ماحول سڀ غير سنڌي ۽ اوپرا هئا. سندن تڪبنديءَ جون پاڙون سنڌ بدران ايران ۾ لٽڪيل هيون. سندن راهه بلڪل الڳ هئي. اها راهه سنڌي شاعريءَ کي ڪنهن نئين شاداب ۽ سرسبز منزل ڏانهن نه، پر هڪ پراڻي، لتاڙيل ۽ ڀڙڀانگ اوجهڙ ڏانهن وٺي ٿي ويئي. ان جا مُکيه سبب هي هئا:
(1)هنن پنهنجي وطن، ٻوليءَ ۽ روايتن کان پاڻ کي ڇني، ڌار ڪري، ٻئي ملڪ، ٻيءُ ٻوليءَ ۽ ٻئي ماحول سان ناتو ڳنڍيو. جنهن ڪري سنڌين لاءِ سندن شاعريءَ ۾ ڪا به دلچسپي ۽ اصليت نه رهي.
(2)جنهن ڌارينءَ شاعريءُ جي روايتن ۽ سانچن تي هنن هلڻ شروع ڪيو، خود ان ۾ جيڪي ارتقائي تبديليون ٿيون ۽ ويهين صديءَ تائين اها موضوع ۽ هيئت جي خيال کان جنهن منزل تي پهچي چڪي هئي، تنهن جي هنن کي ڪا به خبر نه هئي. هنن ويهين صديءَ ۾ ويهي فارسيءَ جي ان دور جو نقل ڪرڻ شروع ڪيو، جو 8-9 صديون اڳ ۾ ئي ختم ٿي چڪو هو.
(3)جنهن 8-9 صديون اڳ جي فارسيءَ کي هنن سامهون رکيو، ان جي زبردست روح عظيم ۽ معيار کي قائم رکڻ ۽ ان جي روايتن کي پنهنجي ڪرڻ جي منجهن صلاحيت نه هئي. هو حافظ، سعدي، خيام ۽ رُومِي جي زندهه خيالن، گهَرن ۽ جانبدار احساسن ۽ بلند پروازن کي سمجهڻ ۽ پنهنجي ڪرڻ بدران فقط معمولي قسم جا لڪير جا فقير ئي رهجي ويا، جنهن ڪري نه هيڏانهن جا رهيا، نه هوڏانهن جا. سندن شاعري فارسيءَ جي اعليٰ ۽ روشن خيالن ۽ شاندار فني ڪارنامن جي هڪ بي روح، بي جان ۽ مرده تصوير هئي. فارسيءَ جي اٿاهه، گَهري ۽ سدا شاهوڪار سمنڊ مان ٽُٻيون هنيون، ستيون ۽ سانگوٽا ميڙيا. درحقيقت هنن فقط چِلُڙِن ۾ چنهبيون ٻوڙيون. درحقيقت هنن جي شاعريءَ کي فارسي شاعريءُ جي تقليدي شاعري ڪوٺڻ به فارسيءَ شاعريءَ جي شاندار نالي تي هڪ بدنماداغ ۽ زبردست بهتان آهي. انهيءَ بي بُنياد، نقلي، بي جان ۽ نام نهاد شاعريءَ جي رائج ٿيڻ ڪري سنڌي شاعريءَ ۾ واڌارو نه ٿيو ۽ ان جو مستقبل سخت خطري ۾ پئجي ويو.
(روح رهاڻ 1974ع)