تاريخ، فلسفو ۽ سياست

انڌا اونڌا ويڄ

ون يونٽ واري دور ۾ جڏهن جديد سنڌي ادب، اديبن ۽ شاعرن خاص ڪري شيخ اياز جي خلاف هڪ نهايت خطرناڪ ۽ گمراهه ڪن ميڊيا مهم شروع ڪئي وئي ته رسول بخش پليجي جديد ادب جي بچاءَ ۾ روزانه ”خادم وطن“ ۾ انهن جا جواب ڏنا، جيڪي بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ڇپيا. هن ڪتاب جي سنڌي تنقيدي ادب ۾ وڏي اهميت آهي.
ان بابت محترم شمشير الحيدري ٻڌايو ته شيخ اياز خلاف سخت لکيو پئي ويو ۽ خاص ڪري جماعت اسلامي پاران هن خلاف فتوائون صادر ٿي رهيون هيون۔ مان رسول بخش پليجي جي خدمت ۾ حاضر ٿيم۔ چانهه پيارڻ کانپوء چيائين ڪم ٻڌاء، مون عرض ڪيومانس ته شيخ اياز خلاف وڏي واويلا پئي هلي ڪجهه ڪر۔ چيائين ڇا ڪيان۔ مون عرض ڪيومانس ته ڪجهه لک۔ هن هڪ ڪالم لکيو ۽ چيائين هي وٺ۔ مون کيس عرض ڪيو ته هڪ ڪالم سان ڇا ٿيندو ۽ پوء مان اتي رهي پيس ۽ پوء ڪالمن جو سلسلو شروع ٿيو ۽ هڪ مهيني ۾ ڪتاب ڇپجي ويو، جيڪو سڀني جي سوالن ۽ فتوائن جو جواب آهي۔
Title Cover of book انڌا اونڌا ويڄ

(5)

عاشق زهر پياڪ وه ڏسي وهسن گهڻو،
ڪڙي ۽ قاتل جا هميشه هيراڪ،
توڻي چڪنن چاڪ، ته به آه نه سلن عام سين.

(لطيف)

اڄ کان اٽڪل اڍائي هزار ورهيه اڳ، انهن چرين جي نسل جو هڪڙو “بي متيو، چريو” هڪڙي سهڻي ۽ شاندار شهر ۾ رهندو هو. سندس شهر جا ماڻهو وڏا بهادر، وڏا قابل ۽ وڏا دولتمند هئا. اهو “چريو” پٿر گهڙيندو هو. کيس پيرن ۾ جُتي ڪانه هئي، هو سدائين پيرين اُگهاڙو گهمندو هو. سندس ٻار اڪثر لنگهڻ ڪاٽيندا هئا، پر هو بازار ۾ وڃي، هر ڪنهن ماڻهوءَ کان سوال پڇندو هو ۽ آڏي پڇا ڪندو هو، وڏن ليڊرن، فوجي سپه سالارن ۽ اميرن سان بحث ڪندو هو ته “اوهين جيڪي چئو ٿا سو سمجهو نٿا، ۽ جيڪي سمجهو ٿا سو ڪريو نٿا.” ساڻس نوجوانن جا ٽولا هوندا هئا، جي به سندس چوڻيءَ تي لڳي “اشرافن” جون پڳون لاهيندا هئا ۽ “سچ” ۽ “انصاف” جي ڳولا ڪندا هئا. آخر سڀ “اشراف” اهڙا اچي بيزار ٿيا جو کيس چيائون ته يا ته پنهنجين حرڪتن کان باز اچي ماٺ ڪري ويهه، يا شهر خالي ڪري وڃ. نه ته توکي موت جي سزا ڏينداسون. هن ستر ورهين جي پوڙهي “چرئي” چيو ته مون کي موت قبول آهي، باقي آءٌ سچ چوڻ کان ڪين رهندس، نڪي ملڪ ڇڏيندس، ائين چئي، مرڪندي، زهر جو پيالو پي ويو، اڄ ان “چرئي” جي عقل جو ڌاڪو آهي. هن جو هڪڙو هڪڙو اکر آيتن وانگر ياد ڪيو وڃي ٿو. هو انسان ذات جو هڪ عظيم فرزند ڪري ليکيو وڃي ٿو. سندس واکاڻ ۾ سوين ٻولين ۾ هزارين ڪتاب لکيا ويا آهن. سندس نالي وٺڻ سان روءِ زمين جي ماڻهن جا ڪنڌ ادب وچان جهڪي وڃن ٿا. ان “چرئي” جو نالو سُقراط هو.
ان کان اٽڪل 400 ورهيه پوءِ هڪڙو ٻيو “چريو” پيدا ٿيو هو هڪڙي عبادت خاني ۾ ٻهاري ڏيندڙ ڇوڪريءَ جو پٽ هو. سندس وطن وارا هڪ زبردست ڌارئين بادشاهه جي رعيت هئا. ان بادشاهه جي قوم، ٻين قومن کي غلام ڪري هلائيندي هئي. ان “چرئي” پنهنجو اباڻو ڌنڌو ڇڏي، اچي مهاڻن ۽ ڌراڙن جو پاسو ورتو. چي، “انسان سڀ ڀائر آهن. غلام نه ٿيڻ کپي.” ماڻهو هيءَ “عجيب ڳالهه” ٻُڌي وائڙا ٿي ويا. چي، ماڻهو ڀلا غلام ڪيئن نه ٿيندو! غريب ۽ هيڻا هميشه ڏاڍن جا غلام ٿيندا رهيا آهن. هيءُ بيوقوف چوي ڇا پيو؟ آخر سندس ئي سنگتين مان هڪڙي وڃي سرڪاري عملدارن وٽ چغلي هنئي ته فلاڻو پاڳل ٿيو آهي ۽ الاهي بيهوديون ڳالهيون پيو ماڻهن کي سيکاري! عملدار باهه ٿي ويا، ۽ ان “چرئي” کي ٻَڌي وٺي آيا. سڀني “شريف”، “سمجهدار” ۽ “عقلمند” ماڻهن کيس سمجهايو، پر هن جي اتي به اها ئي لولي ته “ماڻهو سڀ ڀائر آهن!” ڀلا، ههڙي ڪفر جي ڳالهه سمجهدار، شريف ماڻهو ۽ سرڪاري عملدار ڪيئن برداشت ڪندا؟ لکپڙهون هلي ويون. آخر مٿان حڪم آيو ته سوريءَ تي چاڙهيوس! هو سوريءَ تي چڙهي ويو، باقي پنهنجيءَ ڳالهه تان ڪونه لٿو. پوءِ ان بادشاهه جي پوين اعلان ڪيو ته اهو “چريو” جنهن کي اسان جي وڏن سوريءَ تي چاڙهيو هو، سو دراصل وڏو ڏاهو! اسان جو ابو هو، بلڪه خدا جو پيغمبر هو، خدا جو نور هو، خود خدا هو! اڄ دنيا جا 100 ڪروڙ انسان کيس خدا ڪري مڃن ٿا ۽ 40 ڪروڙ ٻيا ماڻهو کيس خدا جو نبي “حضرت عيسيٰ روح الله عليه السلام” ڪري مڃين ٿا.
ان کان اٽڪل 600 سال اڳ، هندستان ۾ هڪڙي بادشاهه جو پٽ اوچتو “کري پيو” ۽ رات جو پنهنجي سهڻي، من موهڻي زال ڇڏي ڀڄي ويو. ڳولي وڃي جهليائونس. ڏسن ته هڪ پپر جي وڻ هيٺ اکيون پوريو ويٺو آهي. پڇيائونس ته “خير ته آهي؟” چيائين ته “هيءَ دنيا سڀ ڪوڙ آهي. پنهنجو دين ڪوڙو آهي. پنهنجا عالم، ولي ۽ اولياءَ سڀ مڪر پيا ڪن. روزا رکڻ، غارن ۾ ويهي پاڻ کي بکون مارڻ ۽ قربانيون ڏيڻ، سڀ بيهوديون ڳالهيون آهن. اول انسان انسان ٿئي، دل صاف رکي، پنهنجي نفس سان وڙهي، پوءِ ٻي ڳالهه!” شاهي محلن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ته هيءُ ڪهڙو ڪلور! لاکيڻو پٽ هٿن مان پاڳل ٿي پيو! ديني عالم، فقيهه ۽ مذهبي پيشوا اچي مڙيا ته “شهزادا سائين، اجهو هنن ڪتابن ۾ لکيو پيو آهي ته اسين خدا جي سسيءَ مان ٺهيا آهيون، اوهين سندس ڪُک مان، واپاري وڙا سندس چيلهه مان، ۽ ٻي سڄي غريب مخلوق سندس پيرن مان. پنهنجو ديني فرض آهي ته حڪومت ڪريون ۽ هنن جو ڪم آهي ته اسان جي غلامي ڪن. صاف ڳالهه پئي آهي، خدائي فرمان آهي، ڪو تنهنجي منهنجي وس ته ڪونهي!” هن کِلي چيو ته “اهي ڪتاب سڀ ڪوڙا آهن. اوهين سڀ مڪار آهيو! انسان سڀ ڀائر آهن، ڪوبه خدا جي سسيءَ مان يا پيرن مان ڪونه ٺهيو آهي. سڀ گنهگار آهيون. اچو ته پنهنجو نفس پاڪ ڪريون!” هاڻي سڀني کي پڪ ٿي ته هيءُ ڪافر ٿي ويو آهي، پاڳل آهي، پر بادشاهه جي پٽ کي ڇا ڪن؟ پوءِ اهو شخص سڄي زندگي محلن بدران وڻن جي هيٺان ويٺو رهيو ۽ ماڻهن کي عجيب غريب ۽ زماني جي دستور خلاف ڳالهيون ٻُڌائيندي مري ويو. پوءِ، گهڻو پوءِ، ڪن ماڻهن چيو ته اهو شهزادو سچو هو. هو بيشڪ نيڪ ۽ دانا هو. خدا جو پاڇو هو! پوءِ هنن سندس چيل ڳالهيون گڏ ڪري ڪتابن ۾ لکيون، سندس مورتيون ٺاهيون، سندس عبادت شروع ڪيائون ۽ سندس مذهب ڦهلايائون، تان جو ان “چرئي” شهزادي جا اڄ دنيا ۾ ڪروڙين پوئلڳ آهن. ساري انسان ذات کيس ڏاهو گوتم (ٻُڌ) ڪري ليکي ٿي ۽ سندس احترام ڪري ٿي.
اٽڪل ڏيڍ هزار سال ٿيندا ته هڪڙي رڻ پٽ ۾ هڪڙي قوم رهندي هئي. ان قوم جا ماڻهو وڏا بهادر ۽ دلير هئا. منجهن وڏا شاعر ۽ وڏا داناءَ هئا. هو بلڪل مذهبي ماڻهو هئا. پنهنجن مذهبي عالمن جي ڏنل هدايت موجب، هو پنهنجن ديوتائن جي دل جان سان عبادت ڪندا هئا. منجهانئن جيڪي سرنديءَ وارا ۽ ديندار ماڻهو هئا، تن ٻين نيڪ ۽ ديني ڪمن سان گڏ، پنهنجن ديوتائن جا سُٺا ۽ سهڻا بُت ٺهرايا ۽ انهن کي هڪڙيءَ پاڪ جڳهه ۾ رکيائون. سڀ ديندار مرد ۽ عورتون، خلوص دل سان، اتي اچي پنهنجن پنهنجن بُتن جي عبادت ڪندا هئا، مٿن صدقا ڏيندا هئا، کانئن دعائون گهرندا هئا. ان شهر ۾ هڪڙي نهايت نيڪ خاندان جا ماڻهو رهندا هئا. هو ٻين سڀني کان وڌيڪ پنهنجن ديوتائن جي عبادت ڪندا هئا. سڀني کان وڌيڪ مٿن سچائي ۽ مذهبي عقيدن جي پختائين کي ڏسي، کين کڻي ان عبادتخاني جو مجاور ڪيائون. پوءِ پشتا پشت انهيءَ گهر جا ماڻهو انهن بتن جي عبادت ڪندا رهيا. ماڻهن کي بُتن جي عبادت جي واٽ سيکاريندا رهيا ۽ پنهنجي دين کي زور وٺائيندا رهيا. انهيءَ ڪري سڄي ملڪ جا ماڻهو سندن عزت ڪندا هئا ته هي بُتن جا خاص پيارا ٻانها آهن. انهن جي جيتري عزت ڪجي، بُت اوترو وڌيڪ خوش ٿيندا! آهستي آهستي هيءُ خاندان سڄيءَ قوم جو مذهبي امام ٿي ويو. پر، اوچتو ئي اوچتو وڏي مجاور جو هڪڙو پوٽو جنهن جا ماءُ پيءُ مري ويا هئا، تنهن وٺي اعلان ڪيو ته، “ڏاڏو جن بُتن جو مجاور آهي، سي بُت ڪوڙا آهن! پاڻ جنهن مذهب تي آهيون، سو ڪوڙو آهي، تنهن ڪري آءٌ هي بُت ڀڃندس!” چوطرف هراس ڇانئجي ويو ته هيءَ ڪهڙي ماجرا!؟ ههڙي ديندار ۽ مذهبي پيشوا جو پوٽو، ههڙيون ڪفر جون ڳالهيون پيو ڪري! ٻيو ڪو ڪوري موچي يا جاهل ماڻهو بُتن کان منڪر ٿئي ته به ٺهيو، هيءُ ته خود بُتن جي پياري وڏي مجاور جو پوٽو آهي! سو پيو چوي ته پنهنجن ابن ڏاڏن جو دين ڪوڙو آهي ۽ هيءُ پاڪ بُت ڀڃي ڇڏيو! هن کي ٿي ڇا ويو آهي؟ هنن دانائن ۽ ڏاهن ديني ڪتاب جاچيا، پنهنجي علم ۽ دانائيءَ جي سمنڊ ۾ غوطا هنيائون، آخر وڃي اهو راز ڳولي لڌائون ته مجاور جي پوٽي تي جادوءَ جو اثر آهي ۽ چريو ٿي پيو آهي! پوءِ وڏا جادوگر وٺي آيا ته هن کي چڱو ڀلو ڪريو، ته هي ڪفر جا ڪلما بند ڪري، پر هن شخص تي ڪوبه اثر ڪونه پيو. تڏهن چيائون ته جادوءَ جو اثر ڪونهيس، ته پوءِ ڪو مڪر ٺاهيو اٿس. سو، صلاح ڪيائون ته وڏي مجاور جو پوٽو آهي، ههڙي درويش ۽ بُتن جي سچي عبادتگذار جي اولاد سان سختي ڪرڻ ٺيڪ ناهي. تنهن ڪري کڻي ڪنهن سهڻيءَ زال جو سڱ ڏيونس، پر هن اها ڳالهه رد ڪري ڇڏي. تڏهن چيائونس ته، “ڀلا اجايو ضد ٿو ڪرين ته کڻي ٿا توکي سڄي ملڪ جو بادشاهه ڪريون. تون ڀلائي ڪري ڏاهو ٿيءُ، ههڙي نيڪ ۽ ڀلاري خاندان جو اولاد ٿي،ڪفر ۾ ڪاهي نه پئو! ابن ڏاڏن جي دين کان پُٺ نه ڦير!” سندس چاچي به هنن جي تائيد ڪئي ۽ مائٽاڻي نصيحت ڪيائينس ته هرو ڀرو چريو نه ٿيءُ ۽ نڪي اسان کي ڏٺو ڪر، کڻي بادشاهي وٺ. تنهن تي سندس ڀائٽي چيس ته، “چاچا! جيڪڏهن منهنجي هڪ هٿ تي سج ۽ ٻئي تي چنڊ رکندا، ته به آءٌ انهن بُتن جي مخالفت ڪونه ڇڏيندس!” بس پوءِ ته سڀني کي پڪ ٿي ته هيءُ بلڪل گمراهه ٿي ويو آهي، سو ائين ڪونه مُڙندو، پوءِ سندس سر جا ويري ٿي بيٺا. مائٽ مٽ جاني دشمن ٿي بيٺس ته هن ڪفر جو خاتمو آڻينداسين، يا پنهنجن ابن ڏاڏن جي دين تان سر ڏيئي سرها ٿينداسين.
اهو ماڻهو جنهن پنهنجن عجيب غريب ڳالهين سان اوڙي پاڙي، مٽن مائٽن، بلڪه سڄيءَ قوم کي بيزار ڪري وڌو، جنهن پنهنجن ابن ڏاڏن جي دين جو خانو خراب ڪري ڇڏيو، جنهن تي وقت جي سڀني عالمن ڪفر جون فتوائون ڪڍيون، ۽ جنهن جي علاج لاءِ سندس مائٽ پنهنجي زماني جا جراح ڊاڪٽر يعني جادوگر وٺي آيا، سو روءِ زمين تي “پيغمبر آخر زمان حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم” لکيو وڃي ٿو، ۽ سڄي دنيا سندس عقل، فهم ۽ دانائيءَ جو داد ڏئي ٿي.
هي مخالفت جا طوفان، هي ڪفر جون فتوائون، هي خطري جا گهگهو، هي “دين ٿو وڃي” ۽ “مذهب کي بچايو” جا واڪا فقط ديني ۽ مذهبي عقيدن لاءِ وقف ڪينهن، پر انساني عمل ۽ تخليق جي ميدان ۾ ڪنهن به نئين وِک، نئين قدم ۽ نئين خيال کي قبول ڪرڻ لاءِ زمانو يڪدم تيار نٿو ٿئي. سندس نازڪ هاضمو اهڙيون دير هضم شيون هضم ڪرڻ کان نابري واريو ويهي. وقت جي نام نهاد “دانائن” ۽ “عالمن” کي هڪدم ذهني قبضيءَ ۽ پيچش جي شڪايت ٿيو پوي، ۽ هو وٺيو گهوڙا گهوڙا ڪن ته “ڪاري قيام ٿي وئي..... ڊوڙو! ڊوڙو! جهليو! پڪڙيو! نه ته دنيا هٿن مان ٿي غرق ٿئي.”
سر وڃايو سرهو ڪوڙن ڪانئرن،
آڌيءَ رات اُٿي ڪري ددا دانهون ڪن،
سندي ذات هنجن، منهن کوڙي موتي چُڻي!

(لطيف)