(10)
کرين کير نه چکيو.
(شاهه لطيف)
اچو ته ٿورين گهڙين لاءِ پنهنجين اکين تي انهن نقلي نقادن جي اکين واري تنگ نظريءَ، ڪَج فهميءَ، ڪَج بحثيءَ ۽ مجهوليت جا کوپا چاڙهي، ادبي دنيا تي نظر وجهون ته ڪهڙا ڪرشما ٿا نظر اچن!
چڱو، هاڻي پريان ڏسو ته ڪير پيو اچي؟ آهي ته ڏٺل وائٺل، پر اڄ هنن کوپن چاڙهڻ ڪري سڃاڻڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. الائي ڇو سندس شڪل بگڙيل، ڀوائتي ۽ ڊيڄاريندڙ پئي لڳي! اکين مان اُلا پيا نڪرنس! ڪير آهي؟
اجهو، ڪجهه پنهنجي منهن پيو ڳالهائي، ڪن لائي ٻُڌونس ته ڇا پيو چوي:
“نوري ۽ ناري، جوڳيئڙا جهان ۾،
ٻري جن ٻاري، آءٌ نه جيئندي ان ريءَ!
واڄٽ ويراڳين جا، مون وٽ وڏي وٿ،
سو سڀيئي سڱيون، پسي ڪين م ڪٽ،
ويساهي ويل ڪنهين، پورب ويندو پٽ،
هل کنيائون هٿ، آءٌ نه جيئندي ان ريءَ!
نانگا نانيءَ هليا، سامي سڀيئي،
وهڪ مون ويئي، آءٌ نه جيئندي ان ريءَ!
(ڇا! تڏهن مسلمان ڪونهي! ڪنهن هندو جوڳيءَ جو چيلو آهي. گرو ويو هليو اٿس، تنهن کي ياد پيو ڪري)،
ڪن ڪٽ، ڪاپٽ، ڪاپڙي، ڪنوٽيا ڪن چير،
سدا ويهن سامهان، عاشق اتر هير،
تسيا ڏيئي تن کي، ساڙيائون سرير،
جي فنا ٿيا فقير، هلو تڪيا پسون تن جا!
سامي کامي پرينءَ لئي، ڪسي ٿيا ڪباب،
جهڙو ڏسن ڏوهه کي، تهڙو ڪن ثواب،
اوتين ارتي گاڏئون، منجهان اکين آب،
سندو ذات جواب، ڪهڙو پڇين تن کي!
(مار، هيءُ ته ڪو دين کان نڪتل آهي! نڪو ڏوهه نڪو ثواب، نڪو بهشت نڪو دوزخ، هي ته ٻنهي پٿرن مان ٻاهر آهي. ڪو ڪَٽو ڪافر ٿو ڏسجي!)
اکر پڙهي اُڀاڳيا، قاضي ٿئين ڪياءُ؟
ڀيرئين ۽ ڀانئيين، ايڏا ايئن نه آءُ،
ورق ورائيين وترا، ملا مٺيئي ماءُ،
ان سرڪيءَ سندو ساءُ، پڇج عزازيل کي!
عاشق عزازيل، ٻيا مڙيئي سڌڙيا،
منجهان سڪ سبيل، لعنتي لعل ٿيو.
(استغفرالله ربي! پيغمبرن جي وارثن عالمن سڳورن جي شان ۾ گُستاخي ۽ شيطان ملعون جون ساراهون!)
گهٽن ۽ گهٽڪن، وٽيون پين وه گاڏيون،
برخيز بده ساقي، پيار کي پرين،
پڪين نه پرچن، سٽ تڪيائون منجهيان!
موکي منڌ پيار، اونچو اونچي مٽ مان،
ڏيندي ڏاتارن کي، وٽيءَ وجهه مَ وار،
سر کڻي سردار، اڱڻ تنهنجي آئيا.
جه سي اڱڻ آئيا، ته سرو ڪندا سڃ،
سائي ٿيندي اُڃ، هي پيتو، هو آڻ ڪي!
ڪنڌ ڪٽارو، منهن وٽي، عادت سندن ايءَ،
تنين تڪون ڏنيون، جنبي منجهان جيءَ،
سرو تن سسيءَ، جنين سانگ نه ساهه جو.
(وڏو ڪو گڙنگ موالي ۽ شرابي آهي! ماڻهن جا اخلاق ٿو خراب ڪري، کين حرام شين جي ترغيب ٿو ڏئي، بدعتي ۽ رافضي آهي!)
موکي متارن جا، ننڍا ڪيم نهار،
ساماڻا سري ڌڻي، اڇا اڱڻ ڌار،
ناڻو ڪيم نهار، سر پڻ ڏيندا سٽ ۾.
(هاڻي ته ليڪو لنگهي ويو! ننڍن ڇوڪرن کي به آڀاري، شرابي بڻائي، سندن خانو خراب ٿو ڪري!)
رات سهائي، ڀونءِ، سنئين، پرت نئين، پنڌ پور،
ميا! محبوبن جي، هلي وانءُ حضور،
جي چڻڪن چت ۾، سي ڪيئن سڄڻ ڏور،
الله لڳ اسور، اُتان ئي ٿي آءُ تون.
چنڊ چٽائي تنهنجي، سهائيءَ ۾ سور،
لايان لعل لڱن کي، چندن ڀري ٻور،
ڪوماڻو ڪپور، مون واجهائيندي پرين کي!
اُڀر چنڊ، پس پرين، تو اوڏا، مون ڏور،
سڄڻ سُتا ولهه ۾، چوٽا ڀري ڪپور،
پيرين آءُ نه پڄڻي، ٻاٻل ڏئي نه ٻور،
جنهن تي چڙهي اسور، سنجهي سڄڻ سيٽيان.
(بداخلاقيءَ، حرامڪاريءَ جون کُلم کُلا ڳالهيون! هيءَ ڇوري ڪنهن لوفر سان کري پئي آهي. بي حيا، اُٺ کي پيئي منٿون ڪري ته نئين نئين سنگت رکي اٿم، تڪڙو هلي يار وٽ پهچائينم ته اڇو منهن ڪريان. چنڊ ٿو اڀري ته ڄڻ هن کي ٽيهڙ تپ چڙهيو وڃي.)
حرامخور، چوي ته پنهنجي نازڪ بدن کي چندن جي خوشبوءِ ملي، يار لاءِ تيار ڪيو اٿم، پر هو آيو ئي ڪونهي ۽ منهنجو جسم ڪومائجي ويو آهي! يا وري خيال پيئي ڊوڙائي ته چگهس بدن کي ڪپور ملي اڱڻ ۾ ستو پيو آهي. ڀانئي ته پڻس بغيرت ٿي کيس گهوڙي تي چاڙهي وڃي يار جي حوالي ڪري اچي، جو سدوريءَ ڌيءَ کي پنڌ نٿو پُڄي. ههڙي بي حيائي ۽ بي غيرتي ڪنهن ٻُڌي؟)
جکرو جس کرو، ٻيا مڙيئي مل،
سمي جي سهاڳ جي ڪنهن نه پيئي ڪل،
مٽي ان مرسل، اصل هئي ايتري.
جکري جهڙو جوان، ڏسان ڪونه ڏيهه ۾،
مهڙ مڙني مرسلين، سرس سندس شان،
فڪان قاب قوسين اوادنيٰ، ايءُ سريس مڪان،
خبر لاءِ خليل جي قادر مڪو قرآن،
ايءُ آگي جو احسان جنهن هادي ميڙيم ههڙا!
(لاحول ولا قوت الا بالله العلي العظيم! جکري سمي کي هيءُ گستاخ “رسول” ڪري ٿو سڏي؟ چه نسبت خاڪ را باعالم پاڪ! قادر جکري تي قرآن موڪليو؟ خدا جي پناهه! رب منهنجا، تون پناهه ڏي هن ڪفر کان!... ڇا ٿا چئو؟ جکري کي رسول پاڪ نه، پر رسول پاڪ کي “جکرو” ٿو ڪوٺي؟ نعوذ باالله من شرذالڪ! اهو ته اڃا به بدتر ٿيو. شرف ڏيڻ لاءِ اعليٰ شين جو نالو ڏبو آهي. رسول پاڪ کي شرف ڏيڻ لاءِ ته کيس “احمد بلاميم” چئبو آهي، خاتم المرسلين سڏبو آهي. توبهه، فخر موجودات، سرور ڪائنات، خيرالبشر کي ڦيرائي “جکرو سمو” ڪيو اٿس... توبهه توبهه !)
نه ڪنهن ڄائو ڄام کي، نڪو ڄام وياءُ،
ننڍيءَ وڏيءَ گندريءَ، سڀني آهي سياءُ،
لم يلد ولم يولد، ايءُ نجابت نياءُ،
ڪبر ڪبرياءُ، تخت تماچيءَ ڄام جو.
(هاڻ ته حد ٿي وئي! لم يلد ولم يولد، يعني نه ڪنهن کي ڄڻي ٿو ۽ نه ڪنهن ڄائو اٿس، سا ته الله تبارڪ و تعاليٰ جي صفت آهي. ذات باري تعاليٰ کي “تماچي” سڏڻ يا تماچيءَ کي خدا جون صفتون ڏيڻ نِسورو شِرڪ، نِسورو ڪُفر!)
اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ،
لهي وڃ گمان، صحي سڃاتم سپرين.
پيهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ،
ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.
(تنهن جي معنيٰ ته محبوب پُنهون پاڻ آهي. عاشق ڪيئن محبوب ٿيندو؟ سسئي ڪيئن پنهون ٿيندي؟ هيءُ ته سنئون سڌو گمراهه صوفين وارو “اناالحق” وارو نعرو آهي ته اسين پاڻ خدا آهيون. نعوذ بالله!)
ڪافر ٿي نه ابهين، باب شرع جا ڇڏ،
من مشرڪن گڏ، ته ويجهو ٿين وصال کي.
(يعني ته اسلامي شريعت جا منڪر ٿي وڃي ڪافرن ۽ مشرڪن ڀيڙا ٿيو! هيءَ ڪافر بڻائڻ جي تحريڪ نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ڀارت جي مهاسڀائي هندن جي شديءَ جو پرچار آهي. هيءُ شخص پڪ ڀارت جو ايجنٽ آهي! ڏسو نٿا ته رڳو واڻين جون خبرون پيو ڪري.)
اُڀيون تڙ پوڄين، وهون وڻجارن جون،
آڻيو آکا ڏين، کٿوري سمونڊ کي.
جنين ڪارڻ مون ٿي تڙ پوڄارا پوڄيا،
پنيم اُميدون، سي ئي سڄڻ آئيا.
جا جر جاٽون نه ڏئي، ڏيا نه موهي،
سڌون ڪوهه ڪري، سا پنهنجي ڪانڌ جون.
ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙهه سنباهيا،
ان کي مند اُتر جي اوچتي آئي،
وڻجارن وائي، آهي پريئن پار جي.
روح ۾ رهين رام، ٻهر ٻولين ڪي پيو،
پيالو پُر ڪري، خوب پيتائون جام،
تهان پوءِ تمام، تن تڪيا تاڪي ڇڏيا.
نڪي هيٺ نه بيٺ، نڪي گبرين ۾،
رام ڪيائون ڏيٺ، وڃڻ ڪين ڪلهي ڪيو.
اڄ نه اوطاقن ۾، دونهين ڌنڌ نه لاٽ،
ويا ويراڳي نڪري چت چکائي چاٽ،
آءٌ ماريس تنهين ماٺ، جيجان جوڳيئڙن جي.
ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي،
جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،
سُک نه سُتا ڪاپڙي لاهي لانگوٽي،
انهن جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.
جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته پر گروءَ جي پار،
هوائون هنگلاج ڏي ويندي سڀ وسار،
نانگ ناٿ نهار، سامي وڏيءَ سڪ سين.
(ڳالهائڻ ۾ جوش ۽ جذبو ڏسوس ٿا؟ اکيون ته ڪيئن پيون ٻرنس! جي روس جو موڪليل ڪو ڪميونسٽ انقلابي هجي ته به عجب ڪونهي! ماڻهن کي ڏسو ته ڪيئن نه پيو ڀڙڪائي):
پتنگ چائين پاڻ کي، پسي مچ مَ موٽ،
سهائي سپيرين جي گهڙ ته ٿئين گهوٽ،
اڃا تون اروٽ، کوري خبر نه لهين!
ڌوڌا تون نه ڌئين، آگ اوڏو نه اچين،
اُلا جي عشق جا سي تان تون نه سهين،
اُڀو ايئن چئين، ته آءٌ آڳڙيو آهيان.
ڪٽ ڪڙهي، لوهه ٻري، ڌوڌا جت ڌڳن،
مترڪن منهن ڪڍيا، سانڌاڻيون سهڪن،
اڄ پڻ آڳڙين، ميڙو آهي مچ تي!
چڙهيو چڪاسين چاءِ، آڳ ٻرندي آئيا،
وهسن واڙيءَ ڦل جيئن، محبتي مچ لاءِ،
آڻي پاڻ اڙاءِ، کڻي کوري وچ ۾!
محبت جي ميدان ۾ ڪر پڙاڏو پٽ،
سر سوريءَ، ڌڙ ڪنگرين، متان ڪڇين ڪٽ،
عشق نانگ نپٽ، خبر کاڌن کي پوي!
ڪنڊا مون پيرين ۾ توڻي لک لڳن،
آڱر آڱوٺي نه مڙي، ڇپون پير ڇنن،
ويندي ڏانهن پرين، جُتي ذات نه پائيان!
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات،
هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا!
(غريب عوام ۾ بي آرامي پيدا ڪرڻ ۽ طبقاتي ڪشمڪش پيدا ڪرڻ لاءِ، غريبن جي همدرديءَ جا نعرا پيو هڻي.)
کاهوڙي کجن، پسيو پورهيت ويسرا،
سي ڏوٿيئڙا ڏور ويا، رڃن جي رهن،
ڪامل آهي تن مون پريان جي ڳالهڙي!
(مطلب اٿس ته “پورهيت” ۽ مزدور طبقي کي ويسرو ۽ غافل ڏسي “کاهوڙي” يعني ڪميونسٽ انقلابي اڳواڻ افسوس ٿا ڪن: وٽن ڪو مخفي پيغام آهي، جو هو عوام کي ٻُڌائڻ چاهين ٿا!)
سڪا منهن سندن پيرين پراڻا کيٿرا،
سا جوءِ ڏوري آئيا سونهان جت منجهن،
ڳُجها ڳُجهون ڪن، تنهان پرائي پنڌ جون!
(وري به اهو ئي ساڳيو “مخفي پيغام!”)
پيئي جنين باس گنجي ڏونگر گام جي،
ڇڏي سڀ لباس لوچي لاهوتي ٿيا!
پيو جن پرو گنجي ڏونگر گام جو،
ڇڏي کيٽ کرو لوچي لاهوتي ٿيا.
پيئي جن پڻي گنجي ڏونگر گام جي،
ڇڏي ننڊ گهڻي لوچي لاهوتي ٿيا!
(اهو “گنجو ڏونگر گام” شايد روس کي ٿو ڪوٺي، جنهن جي حرص ۾ جيڪو ويو، سو ڇُٽو. هيءُ شخص ماڻهن کي ڪميونسٽ بڻجي روس وڃڻ لاءِ پيو هرکائي!)
متان گهڙين سهڻي، اڄ درياءَ ۾ دم،
ڪاري رات ڪُنن ۾، ڪهڙو اٿئي ڪم،
متان جاڳي ڏم، پڇي پاڙي واريون.
پڇي پاڙي واريون، ڪوهه ڪريندو ڏم،
ڪاريءَ رات ڪُنن ۾ آهي ڪاڻيارن ڪم،
هي هڏو ۽ چم، گهوريو محب ميهار تان!
سندو ڏم ڏهڪار هڏهين ڪونهين هن کي،
هيءَ پاڻيءَ سين پنهنجو پسائي نه سينگار،
ڪارڻ منڌ ميهار ڪاريءَ رات ڪُن تري.
(ڀلا اها سهڻي ڪير هئي؟ گهر گهاٽ ڪونه هوس ڇا جو رات جو ٿاٻا پئي کائيندي هئي؟... ڏم نالي هڪ ماڻهوءَ جي زال هئي. هڪڙي ميهار سان عشق ٿي ويس. حرامخور چئبي ٻيو ڇا! پوءِ؟ رات جو لڪيو گهڙي تي تري يار وٽ ويندي هئي... زانياڻي، بي حيا ڪنهن جاءِ جي! پر هيءُ شخص ته اهڙيون تعريفون پيو ڪريس ڄڻ ته ڪا ولياڻي هئي!)
ته ڪر ڪئن سئي، جي سير نه گهڙي سهڻي،
هت حياتيءَ ڏينهڙا، هڏ هين تان نه هئي،
چڪي تنهن چري ڪئي، جا ڏنس ان ڏهي،
سهڻيءَ کي سيد چئي، وڌو قرب ڪُهي،
هونئن به هوندي مئي، پر ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا!
(چئبو ته هن جو خيال آهي ته سڀ رنون مڙس ڇڏي وڃي يار هٿ ڪن ته نالو ٿئين! هيءُ شخص ماڻهن جو مٿو وڃائي ڇڏيندو، جي بدڪار رنن کي ايتري هُشي ملي ته پوءِ ڪهڙي پنهنجي مڙس جي گهر ۾ ويهندي!)
جهڙا گل گلاب جا تهڙا مٿن ويس،
چوٽا تيل چنبيليا ها ها هو هميش،
پسيو سونهن سيد چئي نيهن اچن نيش....
اهي وري ڪير آهن؟
“واڃاڻيون!”
“ڇا ٿيون ڪن؟”
“ماڻهو ڦاسائينديون هيون.”
“ڪير؟ ڪير؟”
“جيڪو به اچي! هو چئي ڪين پيو:”
هلو هلو ڪاڪ تڙين جتي نينهن اُڇل،
نڪا جهل نه پل، سڀ ڪو پسي پرينءَ کي.
هلو هلو ڪاڪ تڙين جتي گهڙجي نيهن،
نڪا رات نه ڏينهن سڀ ڪا پسي پرينءَ کي.
“رات ڏينهن!”
“ٻيو ڇا”
“پر هيءُ شخص انهن بدڪارن جي ساراهه ٿو ڪري؟”
“ٻيو وري ڇا؟ ٻُڌا!”
جهڙا پانن پن تهڙيون شالون مٿن سايون،
عطر ۽ عنبر سان تازا ڪيائون تن،
مڙهيا گهڻو مشڪ سان چوٽا ساڻ چندن،
سونهن رپي سون سان سندا ڪامڻ ڪن.....
“اڙي، هي ته سندن باقاعدي اشتهاربازي پيو ڪري!”
“هائو اڃا ٻُڌ!”
گجر کي گجميل جون تارن ۾ تبرون،
هڻي حاڪمن کي زور ڀريون زبرون،
ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون پسو پرڏيهين جون!
جت رانيائين راڻن کي چندن چڪ ڪري،
هاڻي انهيءَ ڀيڻئين وره وراڪا ڏي،
سوڍو سُڃ ڪري مومل ماري هليو.
“راڻن کي رانيائين؟”
“هائو.”
“راڻن کي يعني ته هڪ نه پر گهڻا؟”
“هائو.”
“مومل کين رانيو معنيٰ؟”
“معنيٰ هنن مومل ماڻي!”
“يعني عام جام!”
“کُلم کُلا جنسيت؟”
“تڏهن وري ڇا؟”
چنيسر سين چاڳ متان ڪا منڌ ڪري،
جئن مون پوءِ پروڙيو تي هيءُ نه ماڻي ماڳ،
ڏمريو ڏهاڳ مڙن کي موران ڏي.
“چنيسر ڪير هو؟”
“واڻيو راجا.”
“سسئي؟“
“واڃاڻي.”
“ٻيجل؟”
“واڻيو مڱڻهار.”
“راءِ ڏياچ به واڻيو هو نه؟”
“ها.”
“راڻو؟”
“واڻيو.”
“ڀلا مارئي؟”
“واڃاڻي.”
“سڀ واڻيا؟” “ڀلا لاکو ڦُلاڻي ڪير هو؟”
“ڌاڙيل!”
“ان جي تعريف ڪئي اٿس؟”
“زبردست!”
“سُر ڪارايل ۾ ڇا ٿو چئي؟”
“پکين ۽ نانگن جي تعريف پيو ڪري!”
“۽ پورب ۾؟
“ڪانگن جي ڳالهه آهي.”
“کنڀات ؟”
“اُٺ کي منٿون پيو ڪري. ٻُڌينس ڇا پيو چوي:
رات سهائي ڀونءِ، سنئين ڀائي گهرجي ڀل،
آهر ۾ ايلاچيون چندن چري چل،
مون تونهين سين ڳالهڙي ٻئي ڪنهن مَ سل،
هاهڙ ڪندو هل ته کجايون کرن کي.
“ڏهر؟”
“مڇين ۽ پکين جي ڳالهه آهي.”
“هي آهي ڪهڙي بلا؟”
“وڏو شاعر ٿا چونس!”
““شاعر؟ هيءُ شاعر نه پر هڪ خطرناڪ جنسيت زده بداخلاقيءَ جو پرچار ڪندڙ ڀارتي ۽ روسي ايجنٽ ۽ “فرائڊ” کان متاثر ٿيل ٿو ڏسجي! ڀلا نالو ڇا اٿس؟ خير نالو پڇي ڇا ڪبو؟ اهو ڪو شاعر ٿوروئي آهي، جنهن جو نالو ياد ڪجي. اهڙا بي دين گهڻا!)
توهان ڏٺو ته جهالت ۽ تعصب جيڪڏهن پنهنجيءَ تي اچن ته فرشتن کي شيطان ثابت ڪري سگهن ٿا.
درحقيقت جيڪڏهن شاهه اڄ زندهه هجي ها ته هي زهريلا نانگ ان کي به ڏنگڻ کان ڪونه رهن ها، پر ڇا ڪن لطيف جيئرو ڪونهي ۽ ٻيو ته لطيف تي سڌو حملو ڪرڻ کان ڊڄن ٿا.
هي ڪو رڳو اياز جا دشمن ڪينهن. هنن جي شعر سان دشمني آهي، ترقيءَ سان دشمني آهي، انساني عقل سان دشمني آهي، انساني سوچ سان وير آهي. کين روميءَ، اقبال، سعدي، غالب، مير، شيڪسپيئر، لطيف، سچل هر هڪ شاعر سان دشمني آهي، پر ڪُڇي نٿا سگهن. تنهن ڪري مڪاري ڪري رڳو موجوده دؤر جي زندهه شاعرن تي حملا ڪن ٿا. هنن کي اوندهه کپي، بند زبانون کپن، خالي ۽ کوکلا ذهن کپن، ويران ۽ اُجڙيل دماغ کپن، ته جيئن هو پنهنجي فوجداري هلائي سگهن، خلق خدا جو ساهه مُٺ ۾ ڪري سگهن.