(3)
لڌي سون لطيف چئي، ڪنان ڏاتر ڏات،
ڪانه پڇي ٿو ذات، جي آئيا سي اَگهيا.
(لطيف)
گذريل ٻن عظيم جنگين، پاءُ صديءَ جي ٿورڙي عرصي ۾، دنيا اندر ايڏا اٿاهه ۽ بي پناهه انقلاب آندا، جن جو مثال انسان ذات جي ٽي سؤ صديون لمبي تاريخ ۾ ڪٿي به نٿو ملي سگهي. اٽڪل 30 هزار ورهيه اڳ جڏهن نيم انسانن جا وحشي ٽولا تندرا جي برفاني علائقن مان يا وچ ايشيا جي صحرائي ۽ جابلو ميدانن مان بچندا، بحر ۽ بر جي جانورن ۽ آفتن توڙي هڪٻئي سان لڙندا، ماريندا ۽ مرندا، انهن کي ۽ هڪٻئي کي ڪچو کائيندا، نيل، فرات، دجله، سنڌو، وولگا ۽ ڊئنيوب ندين جي ماٿرين ۾ اچي لٿا، ۽ انسان جي خوني تاريخ جي شروعات ڪيائون، تڏهن کان وٺي اڄ تائين انساني نسل تي جيڪي وهيو واپريو آهي، سو ويهين صديءَ جي ٻيءَ چوٿائيءَ واري عرصي جي تيز ۽ طوفاني واقعن جي ڀيٽ ۾ ڄڻ ته ڪجهه به ڪونه هو.
قديم روم جون ڪارٿيج، ايران ۽ يونان سان مشهور جنگيون، ايران ۽ يونان جا تاريخي ٽڪر، صليبي لڙاين جا زبردست ڪوس، تاتارين جون وحشي يلغارون، يورپ جون ٽيهن سالن واريون مذهبي جنگيون ۽ نيپولين جون طوفاني ڪاهون، هنن ڀيانڪ قيامتن جي مقابلي ۾ ڄڻ ته ٻاراڻا کيل هئا.
پر انهن قيامت خيز تباهين جي پيٽ مان زندگيءَ جون اهي بي پناهه نراليون قوتون پيدا ٿيون، جن ڄڻ ته اک ڇنڀ ۾ انسان جي تقدير ۾ زبردست انقلاب آڻي ڇڏيو. سائنس جي عقل چرخ ڪندڙ ايجادن، موٽرن، ريلن ۽ هوائي جهازن مفاصلن ۽ دورين کي نيست و نابود ڪري، عام انسانن کي ابن بطوطه ۽ مارڪو پولو جو همعصر بڻائي ڇڏيو. پريس، ريڊئي، ٽيليفون ۽ ٽيليويزن هر انسان کي جام جمشيد جو مالڪ بڻائي ڇڏيو، جنهن جي آئيني ۾ هر روز زمينن توڙي آسمانن جا اسرار ڏسڻ لڳا. عام تباهيءَ سڄي دنيا جي انسانن کي گڏيل خطري کان خبردار ڪيو، ۽ آهستي آهستي اها ڳالهه هر ڪنهن جي دل ۾ گهر ڪري وئي ته بني آدم سچ پچ هڪٻئي جا عضوا آهن. سڀني کي گڏ مرڻو ۽ جيئڻو آهي، سڀني جا مسئلا ساڳيا آهن. سموري انسان ذات مظلوم آهي. جنگ ۽ جهيڙا انسانيت جي نابالغيءَ واري دؤر جون خطرناڪ حرڪتون آهن. جنگ بهادرن ۽ دلاورن جو نه، پر ڦورن ۽ ڌاڙيلن جو شيوو آهي. ٻين ملڪن کي غلام رکڻ ۾ عظمت ۽ ناموس ناهي، بلڪه انسانيت خلاف جرم ۽ بين الاقوامي بداخلاقي آهي.
انسانيت جي انهيءَ تاريخي بيداريءَ لاءِ ميدان تيار ڪرڻ ۾ دنيا جي روشن خيال اديبن ۽ شاعرن زبردست پارٽ ادا ڪيو. گذريل ٻن اڍائي صدين ۾ فرانس ۾ ڊڊرو، والٽيئر، روسو، اناتول فرناس، بالزاڪ، وڪٽر هيوگو، ايمل زولا، سارتري، استاندال، رومين رولان وغيره، انگلينڊ ۾ رابرٽ برنس، بارئن، شيلي، ڪارلائل، برناڊ شا، ايڇ.جي.ويلس، ڊڪنس، ٿئڪري، هارڊي، جرمنيءَ ۾ ٿامس مئن، روس ۾ ٽالسٽاءِ، گورڪي، شولوخوف، گوگول، چيخوف، داستووسڪي، مايا وسڪي، نيڪراسوو، ايليا اهرنبرگ، آمريڪا ۾ ٿاس پين، مارڪ ٽوئن، والٽويٽمن، سمرسٽ ماهم، ٿيڊور ڊريسر، هاورڊ فاسٽ، جان اسٽينبڪ، هيمنگ وي، وغيره، هندستان ۾ منشي پريمچند، رابندر ناٿ ٽئگور، لطيف، غالب، اڪبر الهه آبادي، نظير اڪبر آبادي، علامه اقبال، جوش وغيره، ناروي ۾ ابسين، چين ۾ لوهسون، مائؤتون- جهڙن اديبن، شاعرن ۽ دانشورن دنيا جي انسانن کي نئون نياپو ڏنو. جتي اڳئين زماني ۾ هاڪاري هومر، صرف يونان جي عظمت جا ترانا ڳايا آهن، عظيم فردوسي صرف ايران جي ناموس جو ڏونڪو وڄايو آهي، ڪپلنگ فقط انگيلنڊ جي شان ۾ قصيدا پڙهيا آهن، نٽشي جرمن قوم کي آسمان تي کنيو آهي، لوئي ڪئميونس پورچوگيز سلطنت جي مدح سرائي ڪئي آهي، ۽ امرءِ القيس عربستان جي ڀٽن، عورتن، تلوارن ۽ شراب جي ساراهه جا ڍُڪ ڀريا آهن، اتي هنن نئين زماني جي شاعرن، اديبن ۽ دانشورن سڄي انسان ذات جي دکن دردن، آسن ۽ اُميدن، احساسن ۽ جذبن جا داستان لکيا. هنن اڳئين زماني جي اديبن ۽ شاعرن جي خيالي ڪاڪ محلن کي ترڪ ڪري، عام انسانن جي عملي جدوجهد ۾ شريڪ ٿي، سموري انسانيت جي روشن مستقبل واسطي جهاد ڪيو. هنن جو اعلان هو:
خدا ڪي بندي تو هين هزارون، بنون مين ڦرتي هين ماري ماري،
مين اس ڪا بنده بنون گا، جس ڪو خدا ڪي بندون سي پيار هوگا.
(اقبال)
ادب ۽ شاعري هنن لاءِ دماغي عيش جو سامان ۽ بادشاهن ۽ اميرن کان انعام حاصل ڪرڻ جو وسيلو نه هو. قارون جا سمورا خزانا به هنن کان سندن ضمير خلاف هڪ سٽ به لکائي نٿي سگهيا. هنن جو قلم صرف ڪنهن سهڻي جي قد ۽ بُت، هار ۽ سينگار، ناز ۽ ادا، ستم ۽ بيوفائيءَ جي داستانن لاءِ وقف ٿيل ڪونه هو، بلڪه هنن پنهنجن قلمن سان ساريءَ دنيا کي حَسين جنت بڻائڻ ٿي گهريو. هنن انسانن جي برف جيان ڄميل خيالن جي دنيا ۾ بارود جون سرنگهون هنيون، جن جي ڌماڪن بادشاهن ۽ سلطنتن ۾ زلزلا وجهي ڇڏيا. هنن ڪئين ڇٽ پٽن سان هڻي ڇڏيا، ڪئين ظلم ۽ ستم جا جهونا ڳڙهه جلائي خاڪ ڪري ڇڏيا. هنن جي قلمن ۾ کنوڻ جي شوخي، طوفانن جي مستي ۽ قيامتن جي سچائي هئي. آمريڪي، فرينچ، روسي ۽ چيني انقلابن جا ڀنڀٽ هنن جي ئي دُکايل چڻنگن مان ٻريا هئا.
گذريل جنگ عظيم بعد دنيا جي سمورن ملڪن جا ادبي وهڪرا پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويا، ۽ قبائلي، قومي ۽ ملڪي ادب بدران هڪ اهڙو وسيع ۽ اعليٰ ادب ۽ شعر وجود ۾ اچڻ لڳو، جو رڳو ٻوليءَ ۽ بناوت جي خيال کان قومي ۽ ملڪي هو. منجهس عشق، محبت، درد، فراق، حادثن، روز مره جي واقعن، خانداني جهيڙن جهٽن، دشمنين، نفرتن، سماجي ريتن رسمن، انساني مايوسين، نااُميدين، ڪاميابين ۽ ڪامرانين جا اهي ذڪر هئا، جي اصل کان وٺي اديبن ۽ شاعرن جا موضوع هئا. هنن جون لکڻيون پنهنجين ٻولين جا شاهڪار آهن. سندن تخليقون سندن وطن جي ماڻهن جون جيئريون جاڳنديون تصويرون پيش ڪن ٿيون، پر هنن جي نظر نرالي هئي. ڳالهه ساڳي، حقيقتون ذري گهٽ ساڳيون، پر انهن کي ڏسڻ واري اک ٻي هئي. هي اکيون رونشو ڏسندڙ تماشائين جون نه هيون، واٽهڙو مسافرن جون نه هيون، جو جيڪي به ٿئي سو ڏسي، کن پل لاءِ مزو وٺي يا خفي ۽ ناراض ٿي، پنهنجي راهه وٺي رمنديون رهن. هي اکيون انهن جون هيون، جي نه رڳو تماشائي پر خود تماشو هئا، جيڪي ٿئي پيو، سو ساڻن ٿو ٿئي، مٿن ٿو ٿئي. هنن جي قلم جو گهوڙو ميڙي ۾ “پڙ ڀڄڻ” وارو گهوڙو ناهي، جو صرف انهيءَ ڪري ڀڄائجي ٿو ته ماڻهو سندس ٽور ۽ پنڌ ڏسي داد ڏين، سندس چال ۽ شان، سندس وک ۽ ڊول، سندس سيج ۽ سينگار ڏسي واهه واهه ڪن. هنن اديبن جو قلم فقط انهيءَ ڪري جولان کائي ٿو، ڇاڪاڻ ته هنن کي تمام ضروري پيغام ڏيڻو آهي، ڇاڪاڻ ته هو محسوس ٿا ڪن ته جيڪي هنن ڏٺو، سو ٻين کي ٻُڌائڻ بنهه ضروري آهي. سڀ ڪجهه ڏسي وائسي چُپ ڪري ويهڻ هنن وٽ بداخلاقي آهي، جرم آهي، انسانيت جي وقار ۽ شان جي خلاف آهي. هو بي زبان ۽ مظلوم انسانيت جي زبان آهن. هو صدين جي گونگيءَ پڪار جو پڙاڏو آهن، هنن جي اک زمانن ۽ مڪانن جي سرحدن کي چيري، انسان جي ازلي بلنديءَ ۽ پستيءَ جي داستان کي ڏسي ٿي ۽ انهيءَ کي پڙهي ٿي. هنن لاءِ عام انسان آدم آهي، هر عورت حوا آهي، هي اديب، شاعر ۽ دانشور سموري انسان ذات جي ساٿ سان هلندڙ ۽ ان جا حامي ۽ علمبردار آهن. سندن ادب انسانيت جو گڏيل ورثو آهي.
ٻي جنگ عظيم نه رڳو انسان ذات تي عظيم ترين تباهي آندي، پر ان تباهيءَ خلاف انسانن جي دلين ۾ عظيم ترين احتجاج جو طوفان پڻ برپا ڪيو. جيئن نيپولين جي جنگين سبب ٽالسٽاءِ جو عظيم شاهڪار “جنگ ۽ صلح” ناول پيدا ٿيو، ۽ پهرينءَ جنگ عظيم لارمارڪ جي ناول “مغربي جنگي ميدان خاموش آهي”، ۽ جان گالو ورديءَ جي افسانن “ٽئٽرڊ ملين” جهڙن انسان دوستيءَ سان ٽمٽار ادبي ڪارنامن کي جنم ڏنو، تيئن ٻي جنگ عظيم ايليا اهرنبرگ جي ناول “طوفان” ۽ “پئرس تي قبضو”، تاجيڪ شاعر بابر جمبول جي نظم “مادر وطن”، ازبيڪ شاعر مرزا ترسون زاده جي نظم “مشرق”، مخدوم محي الدين جي نظم “جنگ آزادي”، ۽ سردار جعفريءَ جي نظم “صلح جو ستارو” جهڙن لافاني امن پرور ادبي تخليقن کي وجود ۾ آندو. انگريز ديوَ کي هٽلري آفت جي چنبي ۾ ڦاٿل ڏسي، هندستان جي مظلوم ۽ محڪوم عوام ۾ آزاديءَ جي آس ۽ همت پيدا ٿي. ڪرشنچندر، خواجه احمد عباس، مجاز دهلوي، نياز حيدر، ڪيفي اعظمي، ساغر نظامي، ساحر لڌيانوي، اخترالايمان، فيض احمد فيض، سردار جعفري، مخدوم محي الدين، جگن ناٿ آزاد، مهندر ناٿ، ديوندر ستيارٿي، احمد نديم قاسمي، عصمت چغتائي، ۽ ٻين اديبن، شاعرن ۽ دانشورن آزاديءَ، بغاوت ۽ انقلاب جا شعلا ڀڙڪايا.
هيڏانهن سنڌ ۾ هڪ طرف “فعولن فاعلاتن” جو پراڻو ڏاڏي آدم جي واري وارو بي سُرو رينگٽ چالو رهيو، ته ٻئي طرف ڪاليجن ۽ اسڪولن جي نوجوانن ۾ بيداري ۽ ملڪي آزاديءَ جو زبردست جذبو ۽ ولولو پيدا ٿيو. انهيءَ تحريڪ جا باني شيخ اياز، نارائڻ شيام، هري دلگير، حيدر بخش جتوئي، گوبند مالهي، اُتم ۽ ٻيا نوجوان هئا. هنن افسانه نگارن، مضمون نويسن ۽ شاعرن جي جماعت نه رڳو سوين سال پراڻي اردو شاعريءَ جي پراڻن لتاڙيل پيچرن کان پاسو ڪيو، بلڪه خود سنڌي ادب ۾ اهڙا بيان جا طريقا پيش ڪيا، جي جيتوڻيڪ مغربي دنيا ۽ ايشيا جي اُڀرندڙ ملڪن ۾ گهڻو اڳي رائج ۽ مقبول ٿي چڪا هئا، پر سنڌ لاءِ بلڪل نوان، غير مانوس ۽ سچ پچ ته اوپرا هئا. شيخ اياز جو گيت “انقلاب” ئي وٺو:
ڳاءِ ڳاءِ نوجوان، جيئن زمين آسمان،
جي زبان کُلي پوي، زندگي اُٿي چوي انقلاب!
هي به ڪو نياءُ آ، جو مزور ڀاءُ آ،
سو لهو پئي پيو- جنهن سبب جيئي پيو،
سو پئي پيو شراب- انقلاب!”
سنڌ، جنهن ۾ هزار سالن کان برهمڻ شاهيءَ جون آهني زنجيرون ڇڻاٽ ڪنديون رهيون، جنهن کي اسلام جي نور سان منور ڪرڻ وارو حجاج بن يوسف ثقفيءَ جهڙو اسلامي تاريخ جو بدنام ترين قاتل هجي، جا ڄڻ ته روز ازل کان پنهنجي ملڪ کان لوڌيل ۽ تڙيل ڌاڙيلن ۽ لٽيرن لاءِ جاگير طور وقف ٿيل هئي، جنهن جي تاريخ جو هر باب ڦُرلٽ، ظلم، ڏڪار ۽ دهشت انگيزيءَ سان ڪارو ٿيل آهي، جا هر دؤر ۾ مدد خان، نادر شاهه ۽ ابداليءَ جهڙن بين الاقوامي ڌاڙيلن هٿان باهه ۽ رت جي سمنڊ ۾ ٻُڏندي رهي آهي، اتي جي هيسايل، پيڙيل ۽ بيحس عوام اڳيان “انقلاب” جو نالو وٺڻ ڄڻ ته ڪانءَ اڳيان ڪمان رکڻ آهي. ڇا سنڌ، ۽ ڇا انقلاب! وري مزور ڀاءُ! ڀلا سنڌ ۾ مزور به ڪڏهن ڀاءُ ٿيو آهي؟ اول ته هتي مزور نه پر هاري آهي. هاري به، سڀني کي خبر آهي ته گونگيءَ گانءِ وانگر، صدين کان، ڪوڏر ڪلهي تي، گوڏ ٻَڌيو ڊوڙندا وتن- انهن جو انقلاب ۾ ڇا وڃي؟
پر هنن شاعرن ۽ اديبن جي نظر رڳو سنڌ نه پر سموريءَ دنيا جي تاريخ تي هئي، هنن کي خبر هئي ته اڄوڪي دنيا اور آهي. کين معلوم هو ته اوڀر ۽ اولهه ۾ انقلابي طوفان اُٿي رهيا آهن، جي انگريزي سلطنت شاهيءَ جي بنياد ۾ زلزلا وجهي ڇڏيندا. کين محنت ڪندڙ طبقي جي اُسرندڙ قوتن جو صحيح اندازو هو. سنڌ جهڙي جهالت جي ماريل ۽ دنيا جي ڪنڊ ۾ اُڇليل ننڍڙي ٽڪري کي خبر هجي نه هجي، پر دنيا ۾ عظيم انقلاب اچي رهيا هئا. هنن نوجوانن دنيا جي ٻين ملڪن جي روشن خيال، عوام دوست اديبن جي نقش قدم تي نئين دؤر لاءِ نئين ادب تخليق ڪرڻ جي شروعات ڪئي. هنن پنهنجي ادب ۾ سنڌ جي ڏتڙيل ۽ مظلوم هارين جي حالت جو نقشو چِٽيو، سنڌ جي سماجي رسمن ۽ ريتن جي پردي ۾ جيڪي ناحق ۽ ظلم ٿين ٿا، تن جي بي خوفيءَ سان اوگهڙ ڪئي. هنن محنت ڪندڙ طبقي جي حقن مٿان لڳندڙ ڌاڙن جو ذڪر ڪيو. هنن غلاميءَ خلاف آواز اُٿاريو. هنن انگريزي دٻاءُ ۽ دهشت انگيزيءَ کي پوريءَ قوت سان بي نقاب ڪيو.
انهيءَ کان سواءِ هنن سنڌي ادبي ٻوليءَ کي ان گندي ڪچري کان پاڪ ڪرڻ جي تحريڪ شروع ڪئي، جيڪو ڪيتري ئي وقت کان سنڌي ادب ۾ گڏ ٿي چڪو هو. اُڦٽ مار، دير هضم، اوپرا لفظ، فرسوده ۽ بي معنيٰ ڌاريون تشبيهون ۽ استعارا، ۽ مُدي خارج، اڏوهي کاڌل صفتون ترڪ ڪيون ويون.