تاريخ، فلسفو ۽ سياست

انڌا اونڌا ويڄ

ون يونٽ واري دور ۾ جڏهن جديد سنڌي ادب، اديبن ۽ شاعرن خاص ڪري شيخ اياز جي خلاف هڪ نهايت خطرناڪ ۽ گمراهه ڪن ميڊيا مهم شروع ڪئي وئي ته رسول بخش پليجي جديد ادب جي بچاءَ ۾ روزانه ”خادم وطن“ ۾ انهن جا جواب ڏنا، جيڪي بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ڇپيا. هن ڪتاب جي سنڌي تنقيدي ادب ۾ وڏي اهميت آهي.
ان بابت محترم شمشير الحيدري ٻڌايو ته شيخ اياز خلاف سخت لکيو پئي ويو ۽ خاص ڪري جماعت اسلامي پاران هن خلاف فتوائون صادر ٿي رهيون هيون۔ مان رسول بخش پليجي جي خدمت ۾ حاضر ٿيم۔ چانهه پيارڻ کانپوء چيائين ڪم ٻڌاء، مون عرض ڪيومانس ته شيخ اياز خلاف وڏي واويلا پئي هلي ڪجهه ڪر۔ چيائين ڇا ڪيان۔ مون عرض ڪيومانس ته ڪجهه لک۔ هن هڪ ڪالم لکيو ۽ چيائين هي وٺ۔ مون کيس عرض ڪيو ته هڪ ڪالم سان ڇا ٿيندو ۽ پوء مان اتي رهي پيس ۽ پوء ڪالمن جو سلسلو شروع ٿيو ۽ هڪ مهيني ۾ ڪتاب ڇپجي ويو، جيڪو سڀني جي سوالن ۽ فتوائن جو جواب آهي۔
Title Cover of book انڌا اونڌا ويڄ

(11)

صورت سڀ سلطان،
پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو.

(شاهه لطيف)

هن سونهري ٽوليءَ جا تيسمار خان وڏي فخر ۽ آڪڙ سان نئين دؤر جي اديبن جا ڪي شعر ۽ ادبي فقرا نيزن تي الٽا ٽنگي، سڄي ملڪ ۾ هوڪا پيا ڏين ته اجهي هي بلائون ماري آيا آهيون: هي دهريت جي ست سِسيءَ راڪاس جو سِر آهي ۽ هي بداخلاقيءَ جي ديوَ جو ڌڙ!
هنن جاهل جيتامڙن کي اچو ته سچا پچا ديوَ ۽ اجگر ڏيکاريون! هيٺ اقليم شعر و سخن جي ڪن اهڙن تاجدارن جا شعر ٿا ڏيون، جن جي عظمت جو ڏونڪو چؤطرف وڄيل آهي.
ٺُڙڪو نقاد وڏي شوق سان کين ڪافر، دهريو، مُنڪر ۽ بداخلاق ثابت ڪري، پنهنجو نالو ڪڍي سگهن ٿا.

سچل:

آهيان پاڻ الله، عشق ڪنان ٿو عبد سڏايان،
ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي.

(يعني اهڙو ڪم ڪجي، جو ماڻهو پاڻ الله ٿي پوي!)

پنهنجي ذات لڪائي، ڪيئن ٻي ذات سڏايان،
اعليٰ اعظم شان جي نوبت نينهن وڄايان،
منصوريءَ جي موج ۾ ٿو اناالحق الايان!
پاڻ پنهنجو پاڻهي، صورت منجهه سڃاڻ،
الله الله ڇو چوين، پاڻ ئي الله ڄاڻ!

مذهب بابت سندس راءِ آهي ته مذهبن ماڻهن کي منجهائي گُمراهه ڪري ڇڏيو آهي، هو چوي ٿو:

منجهايو ماڻهن کي، مُلن مذهبن،
محڪم ماڻهن کي ڪيو، تن جي زنجيرن،
هون حديثن ڪينڪي، نڪي آيتن،
سوگها سڀيئي ڪيا، نامراد نيرن.

خواجه غلام فريد:
خواجه غلام فريد، ملتان جو شيرين ڪلام شاعر، انهن چوٽيءَ جي شاعرن مان آهي، جن جي ورسي پاڪستان ۾ سرڪاري طور ملهائي ويندي آهي. فرمائي ٿو:

بڻ دلبر شڪل جهان آيا،
هر صورت عين عيان آيا،
ڪٿ عيسيٰ تي الياس نبي،
ڪٿ لڇمڻ رام تي ڪان آيا،
ڪٿ پنڊت، جوشي، جوڳي هي،
ڪٿ سامي تي ڪٿ يوڳي هي،
ڪٿ مصر پيراڳي روڳي هي،
ڪٿ بيد بياس دا گيان آيا.

سؤلي سنڌيءَ ۾ مطلب ٿيو ته رب پاڪ هر صورت ۾ ظاهر ٿيو آهي. ڪڏهن عيسيٰ ۽ الياس جهڙن نبين جي روپ ۾ اچي ٿو ته ڪڏهن لڇمڻ، رام، ڪرشن ۽ ڪنهيو ٿي اچي ٿو. پنڊت، جوڳي ۽ ويد پڙهندڙ ٻانڀڻ به خدا جا جلوا آهن.
ٻين لفظن ۾ عيسيٰ، الياس، لڇمڻ، رام، پنڊت ۽ جوڳي سڀ خدا جا اوتار آهن. هندن جو به هوبهو ساڳيو نظريو آهي ته رام ۽ ڪرشن ڀڳوان جا اوتار آهن.
سچل به ساڳي ڳالهه ٿو ڪري. هن جي نظر ۾ ته هنومان به خود خدا جو نور هو ۽ خود خدا هو.

صورت سڀ سلطان، پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو.

ڪاٿئين پٽي پوٿيون، ڪاٿئين پڙهي قرآن،
ڪاٿئين اناالحق چوي، ڪاٿئين ڦيرائي فرمان،
ڪاٿئين احمد بلاميمي، ڪاٿئين هنومان،

خواجه غلام فريد تنگ نظر ۽ ٺڙڪو نڪته چينن جي شڪايت ڪندي چوي ٿو:

ملان مارن، سخت ستاون،
ڳجهڙي راز دا ڀيد نه ڀاون،
بيوس شودي هن معذور.

“شودي” لفظ مان سندس شديد بيداريءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هو عاشقن کي منصور ۽ بايزيد بسطامي ٿيڻ جي تلقين ڪري ٿو:

عاشق مست مدامي،
ڪجهه سبحاني بڻ بسطامي،
آک اناالحق، ٿي منصور!

هي بايزيد بسطاميءَ جي “سبحاني ما اعظم شاني” “سڀني تعريفن جي لائق آءٌ آهيان. منهنجو ڪيڏو نه اعليٰ شان آهي. يعني پاڻ خدا آهيان.” واري مشهور نعري ڏانهن اشارو آهي. منصور به اناالحق جو نعرو هڻي پاڻ کي خدا سڏايو هو. خواجه فريد به عاشقن کي ساڳئي اعلان ڪرڻ جي تلقين ڪئي آهي. هيءُ دين ۽ مذهب جي پابندين کان باغي آهي. صاف لفظن ۾ چوي ٿو:

هڪ ويلي احرام حرم دي،
هڪ ويلي زنار ڌرم دي،
نا پابند هون دين حرم دي.

بلا شاهه:
ڀٽائيءَ جو هيءُ همعصر واديءِ سنڌ جو هڪ عظيم ۽ محبوب شاعر تصور ڪيو وڃي ٿو. سندس مشهور ڪافين مان هيٺ ڪي سٽون نموني طور پيش ڪجن ٿيون، جن مان سندس مستيءَ ۽ موج جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو:

الله آدمي بن آيا،
اسان آدم ڪنون اڳ هياسون،
آدم ساڏا ڄايا!

نه مين مرڻا، نه مين جيوڻا،
نه ميرا والد هويا.

موسيٰ مين هون، طور ڀي مين هون.

علي رضا هي نام ڌريندا، ڦر شرع نون نيڪالي ڏيندا،
ڪيها ڏوهه ثواب ڪريندا! ڪيهي بلي دي ذات!

پڙهدي پڙهدي عمر گذر ڳئي، هڪ نه کٿا وال،
وچ مسيتي اُٿندي ٻهندي، ڪردي مثل مثال،
ڌڪڙ ڪنجريان نال اسا ڏي، ڪرن تماشي تال.

نا نر هون، نا مادي هون،
نا چغل چور فسادي هون،
اسان عاشق اتي امدادي هون،
حرامي هو نه حلالي هون.

تسي هر رنگ دي وچ وسدي هو،
سانون لامڪان پئي ڏسدي هو،
ڪڏهن تخت شرع تي راضي هو،
ڪڏهن گهنگهرو پاڪر نچندي هو،
ڪڏهن رومي هو ڪڏهن زنگي هو،
ڪڏهن ٽوپي پوش فرنگي هو.

ڪڏهن مومن هون، ڪڏهن ڪافر هون،
ڪڏهن ميخاني وچ ملدا هون،
ڪڏهن الله هون، ڪڏهن بلا هون.

ڪن واهگرو هر نام،
بازي عشق بنائي وري!