چي گويرا کي ڪيئن قتل ڪيو ويو؟
اُن ڏينهن اهو شخص جسماني طور تي هن دنيا مان هليو ويو، جيڪو اڄ تائين آزادي ۽ انقلاب جي لاءِ وڙهندڙ لکين دلين جي ڌڙڪن آهي، جنهن جي لاءِ شيخ اياز جي لفظن ۾ :
جنهن تي به ٿيو جنهن جاءِ ٿيو
سو مون تي ظلم ٿيو آهي،
جيڪو به ڇرو جنهن تي به هليو
سو منهنجي رت رتو آهي
ڪا ٻانهن وڍي مون دانهن ڪئي،
ڪو ڪانهن ڪپيو
سو منهنجي ڪنڌيءَ جو آهي.
3 آڪٽوبر 1965تي ڪيوبا جي صدر فيڊل ڪاستروءَ هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي، چي گويرا جو الوداعي پيغام پڙهي ٻڌايو. چي گويرا ڪيوبا حڪومت ۾ پنهنجي سڀني عهدن تان استعفيٰ ڏيندي اهو پيغام ڏنو هو ته ”آئون پنهنجو فرض ادا ڪري چڪو آهيان، جنهن مونکي ڪيوبا جي انقلاب سان لاڳاپي رکيو هو، هاڻ آئون اوهان سڀني ڪامريڊن کان، اوهانجي عوام کان، جيڪي اصل ۾ منهنجا پنهنجا آهن، دل جي گهراين سان موڪلائڻ ٿو چاهيان “.
چي گويرا جيڪو نوجوانيءَ۾ سڄي دنيا ۾ انقلاب آڻڻ جا خواب ڏسندو هو. تنهن ڪيوبا جي انقلاب جي ڪاميابي کانپوءِ ٻِين ملڪن ۾ به انقلاب آڻڻ جو فيصلو ڪيو. چيو وڃي ٿو ته ان خط کان ست مهينا اڳ 14 مارچ تي چي ۽ ڪاسترو جي وچ ۾ هڪ ڊگهي ملاقات ٿي هئي، جيڪا سڄي رات جاري، رهي هئي، ان ملاقات ۾ چي گويرا فيڊل کي چيو ته هو آفريقا کنڊ ۾ سامراج دشمن جدوجهد کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ ميدان ۾ لهڻ ٿو چاهي. هن جي ان موضوع تي الجزائر جي تحريڪ آزاديءَ جي اڳواڻ احمد بن بيلا سان جيڪو ان وقت الجزائر جو صدر هو، ڪيترائي ڀيرا ڳالهه ٻولهه چڪي هئي، جنهن چيس ته آفريقا ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ حالتون گهڻيون سازگار آهن ۽ چي جي راءِ موجب آفريقا سامراج جو سڀ کان ڪمزور لنڪ هو، تنهنڪري هن آفريقا تي ڌيان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، ان مقصد جي لاءِ چي سڀ کان پهرين ڪانگو ڪنشاسا (جيڪو پوءِ زائر ۽ هينئر ڊيمو ڪريٽڪ ري پبلڪ آف ڪانگو جي نالي سان سڏجي ٿو) ۽ پيٽرس لومبا ( جنهن کي پوءِ سي آءِ ڊي قتل ڪرائي ڇڏيو.) جي حامي ’مارڪسٽ سمبا تحريڪ‘ کي سگهارو ڪرڻ جي لاءِ فوجي آپريشن جي رٿ رٿي، ۽ 24 اپريل 1965ع تي ڪيوباجي ٻارهن ويڙهاڪ ساٿين سان ڪانگو پهتو، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ آفريقا ۽ ڪيوبا جا هڪ سئو کان به وڌيڪ جانباز اچي گڏيس، هو ڪجهه وقت گوريلا اڳواڻ لاران ڪا بيلا سان گڏ ڪم ڪندو رهيو، جنهن لوممبا جي حامين کي بغاوت منظم ڪرڻ ۾ مدد ۽ سهڪار ڪيو، پر نومبر ۾ ڪانگو جي هٿياربند فوج بغاوت کي ڇٿي ڇڏيو، چي گويرا پنهنجي ڊائري ۾ لکيو ”مون وٽ مڃڻ جي لاءِ ڪوبه دليل ڪونهي ته ڪابيلائي اهو ماڻهو جنهن جي هن وقت ضرورت آهي.“ اڳتي هلي نوي واري ڏاڪي ۾ لاران ڪابيلا زائرجي بدنام آمر جنرل موبوتو جي حڪومت جي تختو اونڌو ڪيو ۽ زائر جي نالو بدلائي، ڊيمو ڪريٽڪ ري پبلڪ آف ڪانگو رکيو ۽ ان جو صدر ٿيو.
چي گويرا، ٽانگا نيڪا نديءَ جي اولهندي ڪناري تي آزاد ٿيل علائقن ۾ ڪانگو ۽ ٻين ملڪن جي باغين کي سکيا ڏيڻ جو مرڪز ٺاهڻ ٿي چاهيو، جيتوڻيڪ اُن وقت چي جي عمر 37 سال هئي، پر ڪيوبا جي انقلاب جو تجربو هن کي هو. هن ’سانتا ڪلارا‘ جي جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن کانپوءِ باتستا ڪيوبا مان ڀڄڻ تي مجبور ٿي پيو ۽ فيڊل ڪاسترو جي انقلابي حڪومت قائم ٿي هئي.
چي گويرا، ڪانگو جي ”سمبا تحريڪ“ جي ويڙهاڪن کي ڪميونسٽ نظريي ۽ گوريلا جنگ جي حڪمت عملي سيکارڻ جي سلسلي ۾ گهڻو پر جوش هو، پر ڪانگو وارا چي جي تجربن مان ڪوبه فائدو وٺي نه سگهيا. چي پنهنجي ”ڪانگو ڊائري“ ۾ لکيو ته ”بغاوت جي ناڪاميءَ جو سبب ڪانگو جي رهاڪن تي ٻڌل جٿن جي نا اهلي ۽ انهن جي اندروني ڇڪتاڻ هئي“.
چي گويرا، ستن مهينن تائين ڪانگو ۾ رهيو، هو دم جو مريض هو، جيڪو هن جي لاءِ ڪنهن عذاب کان گهٽ نه هو، اُتي هو پيچش ۾ به مبتلا ٿي ويو، سندس ڇهه ساٿي جيڪي ڪيوبا مان ساڻس گڏ آيا هئا، لڙائيءَ ۾ مارجي چڪا هئا، هن جي خواهش هئي ته هو آخر تائين ڪانگو ۾ وڙهندي هڪ انقلابي مثال قائم ڪري، پر هن جي باقي بچيل ساٿين ۽ فيڊل ڪاسترو جي زور ڀرڻ تي هو آخري مرحلي تي ڪانگو ڇڏڻ تي راضي ٿي ويو، ڪجهه هفتن کانپوءِ هن پنهنجي ڪانگو ڊائريءَ جي پيش لفظ ۾ لکيو ”اها هڪ ناڪام بغاوت جي تاريخ آهي“، چي، ڪيوبا ڇڏي آيو هو، جنهن جو اعلان فيڊل ڪاسترو هڪ عام جلسي ۾ ڪري چڪو هو، تنهن ڪري هو ڪيوبا واپس وڃڻ جي لاءِ تيار نه هو، ايندڙ ڇهه مهينا هن دار السلام (تنزانيا) ۽ پراگ (چيڪو سلواڪيا) ۾ گذاريا. ان دوران هن ڪانگو جي باري ۾ پنهنجي يادگيرين کانسواءِ ٻه ٻيا ڪتاب به لکيا، جن مان هڪ فلسفي ۽ ٻيو اقتصاديات تي هو، تنهن کانسواءِ هن اولهه يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن جو دورو پڻ ڪيو، ان سڄي عرصي دوران ڪاسترو کيس باربار نياپا موڪليندو رهيو ته واپس ڪيو با هليو اچيءَ، پرچي جي دل ۾ ڪجهه ٻيو سمايل هو، موز ميق جي آزاديءَ جي تحريڪ Frelumo جي نمائندن اطلاع ڏنو ته، 1966ع جي آخر ۾ هنن جي چي سان دار السلام (تنزانيا) ۾ ملاقات ٿي هئي، جنهن دوران چيءَ کين انقلابي جدوجهد جي رٿابندي ۾ مدد ڏيڻ جي آڇ ڪئي، پر هنن اها قبول نه ڪئي. نيٺ 1966ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ يوراگورئو جي جعلي پاسپورٽ تي بوليويا ۾ داخل ٿيو ته جيئن اتي ڪميونسٽ گوريلا تحريڪ جي شروعات ڪري سگهجي، بوليويا جي ڪميونسٽن هڪ ڏورانهن علائقي، نانڪا هئا زور جي ٻيلن ۾ 370 ايڪڙن تي ٻڌل هڪ زمين جو ٽڪرو خريد ڪيو، ان جاءِ تي فوجي سکيا ڏيڻ ۾ ڪافي ڏکيايون هيون، پر ان جو ٻيو ڪو متبادل به نه هو، جيتوڻيڪ ان کانپوءِ چي کي بوليويا جي ڪميونسٽن پاران ٻي ڪا مدد يا سندس خواهش موجب سهڪار ملي نه سگهيو، پر هو دل ۽ جان سان پنهنجي مشن ۾ جنبي ويو.
لاطيني آمريڪا مان چي گويرا بوليو يا جي چونڊ ان ڪري ڪئي ته بوليويا جون سرحدون پنجن ملڪن سان مليون ٿي ۽ بوليويا جو انقلاب انهن ملڪن تي به اثرانداز ٿي سگهيو ٿي.
مارچ ۽ آگسٽ جي وچ واري عرصي ۾ چيءَ جو گوريلا دستو بوليويا جي فوجي دستن سان لڳاتار ويڙهه ۾ رڌل رهيو، انهن ستن مهينن ۾ چي جو فقط هڪ ساٿي ۽ بوليويا جا 30 فوجي مارجي ويا، ان دوران آمريڪي فوج جا ماهر بوليويا جي سيڪنڊ رينجرز بٽالين کي سکيا ڏيڻ ۽ هٿيار فراهم ڪرڻ ۾ مصروف رهيا، اُن سان گڏ سي آءِ اي جي ايجنٽ ”فيلڪس روڊرگز“ کي بوليويا پهچڻ جو حڪم ڏنو ويو ته جيئن هو غير روايتي جنگ ۽ مواصلاتي رابطن ۾ مهارت جي ذريعي چي ۽ سندس گوريلا دستي کي ختم ڪري سگهي.
ان دوران بوليويا فوج، آمريڪي سي آءِ اي جي مدد سان لڳا تار چيءَ جي پويان لڳل رهي. نيٺ 8 آڪٽوبر تي بوليوياجي فوجي آفيسرن کي اطلاع مليو ته Churro نالي هنڌ تي سترهن گوريلا مورچو ٺاهيو ويٺا آهن، هنن حملو ڪيو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪيو با مان آيل ٻه گوريلا مارجي ويا.چي ۽ سندس ساٿي گهيرو ٽوڙي پنهنجي مارٽر سيڪشن ڏانهن وڌيا، ان دوران هڪ گولي چي جي پير جي مُريي ۾ اچي لڳي، پر هو گهيرو ٽوڙي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
چي گويرا جي آخري لڙائيءَ جي شروعات Quebrado deyuro ۾ اُن هنڌ تي ٿي، جتي هن جي مرڪزي ڪئمپ هئي، جتي بوليويا جو هڪ ساٿي ’سائمن ڪوبا سارابيا‘ گوريلن جي اڳواڻي ڪري رهيو هو. هتي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چي جي ٽنگ ۾ ڪيتريون ئي گوليون لڳيون، سارابيا کيس فائرنگ واري هنڌ کان پري نيڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران دشمن جي فائرنگ ۾ سارابيا مارجي ويو، چي پنهنجي سگهه سهيڙي جوابي فائرنگ جي ڪوشش ڪئي، پر هڪ گولي هن جي ٽنگ ۽ ٻي هٿ ۾ اچي لڳي ۽ هٿ مان بندوق ڪري پيس، هڪ بوليوين فوجي بندوق تاڻي هن ڏانهن وڌيو ته چي رڙڪري چيس، ”گولي متان هلائينءَ! آئون چي گويرا آهيان جيڪو تنهنجي لاءِ مئل کان وڌيڪ جيئرو فائدي مند ثابت ٿيندو“. لڙائي ختم ٿي ويئي .
جنهن مهل چي کي گرفتار ڪيو ويو، ان وقت ڏينهن جا ساڍا ٽي رهيا هئا، کيس فوري طور تي ڪيپٽن پراڊو جي سامهون پيش ڪيو ويو، جنهن مٿين حڪمن موجب چي ۽ سندس ساٿين کي ”لاهيگيئرا“ موڪلي ڏنو، جيڪو اتان کان ستن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي هو، جتي کيس هڪ اسڪول ۾ بند ڪيو ويو
صبح جو ڏهين بجي تائين چي جي قسمت جو فيصلو ٿي ويو ۽ هنن چي کي فوري طور تي مارڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اهو طئي ڪيو ويو ته سرڪاري طور تي جيڪو بيان جاري ڪيو ويندو، اُن ۾ اهو چيو ويندو ته چيءَ جو موت لڙائي جي دوران گولي لڳڻ سان ٿيو آهي.
صبح جو آمريڪي ايجنٽ، فيلڪس روڊ گر، چي جي ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ هن چي کي بوليوين هاءِ ڪهان جي فيصلي بابت ٻڌايو، روڊرگر جو بيان آهي ته چي چيو ته، ”اهو ته ٿيڻون ئي هو، مونکي ڪنهن به صورت ۾ جيئري گرفتاري نه ڏيڻ کپي ها“. پوءِ ٻنهي هڪٻئي سان هٿ ملايو ۽ روڊرگر ٻاهر نڪري ويو.
هڪ ذريعي موجب ”لاهيگيئرا“ ۾ مقرر اعليٰ آفيسرن، نان ڪميشنڊ آفيسرن کي فيصلي تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته هنن اهو طئي ڪرڻ جي لاءِ ته گوليون ڪير هلائيندو، ڪُڻا ڪڍيا ۽ گولي هلائڻ جو پکو سارجنٽ ’سائمي تيران‘ جو نڪتو، هو ڪمري ۾ گهڙيو ته هن ڏٺو ته چي ڀت سان ٽيڪ ڏيو ويٺو هو، هن کي ڏسي چي چيو ”ترس! آئون اٿي بيهان!“ اهو ٻڌي تيران ڊڄي ويو ۽ ڊڄي ٻاهر نڪري ويو، ڪرنل کيس دٻڙاٽ پٽيندي ٻيهر اندر وڃڻ جو حڪم ڏنو، هو ڏڪندو اندر ويو ۽ چي جي چهري ڏانهن ڏسڻ کانسواءِ فائر ڪيائين، هڪ گولي چي جي سيني ۾ ۽ ٻي ڪُک ۾ لڳي، ان کانپوءِ ڪجهه ٻيا سپاهي، جن ان ڪارنامي ۾ شريڪ ٿيڻ پي چاهيو اندر گهڙيا ۽ چي جي جسم تي گولين جي بوڇاڙ ڪرڻ کانپوءِ ٻاهر نڪري ويا، ايئن چي موت جي مرڪي آجيان ڪئي، جيئن هڪ ڀيري هن چيو هو ”موت جنهن به موڙ تي ملندو، اسين مُرڪي سندس آجيان ڪنداسين بشرطيڪه اسانجو جنگ جو نعرو ڪنهن دل ۾ گهر ڪري ويو هجي ۽ ٻيا هٿ اسانجي هٿيارن کي سنڀالڻ لاءِ شوق مان اڳتي وڌن، اسانجو جنازو ماتمي ترانن جي بدران توپن جي گجگوڙ ۾ کڄڻ گهرجي، جنگ ۽ جيت جي نون گيتن سان جيئن فضائن جا هنيانءَ ڪنبي وڃن.“
چي جي لاش کي هڪ هيلي ڪاپٽر ۾ وجهي، ولگرانڊا جي فوجي هيڊ ڪواٽر ۾ آندو ويو، جتي هن جا هٿ ڪٽي هن جي آڱرين جا نشان ورتا ويا ۽ پوءِ هڪ ويران قبرستان ۾ دفنايو ويو. 15 آڪٽوبر تي بوليويا جي صدر بيرنٽوز بيان جاري ڪيو ته ”چي جي لاش کي ساڙيو ويو آهي ۽ اها راک ڪنهن اڻ ڄاتل هنڌ تي دفن ڪئي ويئي آهي“.
سالن کانپوءِ پهرين جولاءِ 1995ع تي چي گويرا جي هڪ سوانح نگار جون لي اينڊرسن بوليو يا فوج جي هڪ سابق جنرل ماريو ولگاس سيلناس کان انٽرويو ورتو، جنهن ٻڌايو ته چي ۽ سندس ٻين ساٿين کي ولگرانڊا ۾ هڪ پراڻي هوائي اڏي جي ڀرسان هڪ اجتماعي قبر ۾ دفنايو ويو هو، ان موقعي تي آئون پاڻ به موجود هئس، اينڊرس 5 جولاءِ 1997ع تي نيويارڪ ٽائمز ۾ ڇپيل پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو ”ٻه ماهر سئو سيڪڙو يقين سان اها دعويٰ ڪري رهيا آهن ته هنن ولگرانڊا جي ڀرسان اها قبر ڳولهي ورتي آهي، انهن مان هڪ لاش جو پنڃرو يقيني طور تي چي گويرا جو آهي ڇو ته هن جا ٻيئي هٿ غائب آهن، ان کانپوءِ ڊي اين اي ٽيسٽ مان به اهو ثابت ٿي ويو ته اهو پنڃرو چيءَ جو هو.“
ان رپورٽ کانپوءِ 13 جولاءِ 1997ع تي چيءَ جي لاش جو ڍانچو ڪيوبا جي گاڌي جي هنڌ هوانا آندو ويو، جتي هن جي ياد ۾ هڪ تقريب جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن ۾ صدر فيڊل ڪاسترو به شرڪت ڪئي، پوءِ سانتا ڪلارا ۾ جتي چي باتستا کي زبردست شڪست ڏني هئي، هڪ شاندار تعزيتي ميڙ جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن ۾ پڻ فيڊل ڪاسترو سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، چي جو مقبرو سانتا ڪلارا ۾ آهي جتي هر سال سڄي دنيا مان لکين ماڻهو اچي کيس خراج عقيدت پيش ڪندا آهن.
چي جي زندگيءَ تي سڄي دنيا ۾ سوين ڪتاب، ۽ فلمن کانسواءِ اڻ ڳڻيا مضمون شعر ۽ ڊراما لکيا ويا. هن جا مجسما ڪيو با جي هر شهر ۾ کُتل آهن ۽ ڪيوبا حڪومت جي سرڪاري آفيسن ۾ هن جون تصويرون لڳل آهن ۽ اڄ به سڄي دنيا جي هزارين آزادي ۽ انقلاب پسند نوجوانن جي لاءِ چي هڪ انقلابي رومانس جي حيثيت رکي ٿو، اڄ وينزيو يلا جو انقلابي ۽ سامراج دشمن صدر هيو گو شاويز ۽ هن جو هم خيال بوليويا جو صدر ايوو موراليس اڪثر اهڙين ٽي شرٽس ۾ نظر ايندا آهن جن تي چي جي مشهور تصوير ڇپيل هوندي آهي، اڄ چي هن دنيا ۾ موجود ڪونهي، پر لاطيني آمريڪا ۾ شاويز جي اڳواڻي ۾ چي جا هم خيال آمريڪي ظلمن جي خلاف هڪ نئن صف بنديءَ ۾ رڌل آهن.