نڪيتا خروشيف جي عروج ۽ زوال جي ڪهاڻي
1917ع جي آڪٽوبر انقلاب کان پوءِ ”ولاديميرايليچ لينن“ جي عظيم شخصيت اهڙي هئي، جيڪا روسي عوام جي اهڙين مڙني قسم جي خواهشن کي پورو ڪندي هئي. لينن پنهنجي علم ۽ فضل ۾، تحرير ۽ تقرير ۾، انتظامي صلاحيت ۾، ڪامل هو، ۽ سڄي روس ۾ عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو هو.
1924ع ۾ لينن جي موت کان پوءِ سڄي ملڪ جو انتظام ۽ طاقت اسٽالن جي هٿ ۾ اچي ويئي، جنهن لينن کي سندس بيماريءَ جي دوران ئي حڪومت ۽ سياست کان ڌار ڪري ڇڏيو هو ۽ پوءِ هڪ ظالم ۽ ڊڪٽيٽر جي حيثيت سان ٽيهن سالن تائين لامحدود اختيارن سان ملڪ تي راڄ ڪندو رهيو، سندس زماني ۾ 22 ملين کان به وڌيڪ سويت عوام جيلن ۽ جبري ڪئمپن ۾ ختم ٿي ويو ۽ لکين ماڻهو يوڪرين ۽ روس ۾ بک وگهي مري ويا.
پر، هن وقت ڳالهه اسٽالن جي ظلمن جي نه پئي ٿئي، بلڪه اُن شخصيت جي پئي ٿئي، جيڪو اُن آمر جي مرڻ کان پوءِ اقتدار ۾ آيو، اهو ڪيئن ٿيو، ته 1953ع ۾ اسٽالن جي مرڻ کان پوءِ، نڪيتا خروشيف سويت يونين جو اڳواڻ بنيو.
اسٽالن پنهنجي موت کان اڳ انهن سڀني ماڻهن کي جيڪي سندس مد مقابل ٿي سگهيا ٿي، پارٽي ءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيو.13 هين ڪانگريس ۾، پريذيڊيم جيڪا پولٽ بيورو جي حيثيت سان ڪم ڪندي هئي، جي ميمبرن جو تعداد گهٽايو ويو. هن ملاتوف ۽ ميڪويان کي به هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪي اسٽالن جا معتبر ساٿي ليکيا ويندا هئا. ماڻهن ڏٺو ته، هن جو خاص مقصد بعد ۾ ايندڙ ساٿين کي رستي تان هٽائڻ آهي. پر عجيب ڳالهه اِها آهي جو اسٽالن جي نظر خاص طور تي خروشيف تي ڇو نه پئي، هن خروشيف جي ذات ۾ مستقل ۾، پنهنجي شخصيت پر ستيءَ جو گور ڪن ڇو نه ڏٺو؟
پنج سئو سال اڳ ميڪا ولي چيو هو ته ”بروٽس، سيزر ٿي سگهيو ٿي، جيڪڏهن هو پنهنجي پاڻ کي هن جي سامهون بي وقوف ثابت ڪري ها“ ۽ خروشيف ڪنهن حد تائين ائين ڪري ڏيکاريو، اسٽالن جي رات جي محفلن ۾ جيڪي ماسڪو جي ڀرپاسي، ڪاٽيجر ۾ منعقد ٿينديون هُيون (ياد رهي ته اسٽالن جا ماسڪو جي آسپاس ڪئين ڪاٽيجز هئا، جن ۾ هو آرام ڪندو هو.) جن ۾ مالڪ (اسٽالن) جي چوڻ تي هو، يو ڪرائن جي ڪو پڪ ناچ ڪرڻ تي به ڪڏهن عار محسوس نه ڪندو هو.
ماڻهن خروشيف جو حُليو اڃان تائين نه وساريو آهي. ويڪرو منهن، مٿو گنجو، ٿلهو نڪ، وڏا ۽ اڳيان نڪتل ڪن، پنهنجي حليي ۽ عادتن جي ڪري هو هڪ هاري گهراڻي جو فرد لڳندو هو. هو سگهارو، تيز ۽ خوش مزاج ماڻهو هو، ڳالهائڻ وقت هن جا ننڍا ننڍا ڊگها هٿ لڳاتار اشارا ڪندا رهندا هئا، هن جو عوامي انداز ماڻهن تي خاص اثر وجهندو هو، فقط هن جون نيريون اکيون جيڪي اندر دٻيل هونديون هيون ۽ ڪافي تيز هونديون هيون ٻُڌائينديون هيون ته سندس اندر ۾ هڪ وڏو سياستدان لڪيل آهي، جيڪو ڪڏهن باهه آهي ته ڪڏهن پاڻي ۽ ماکي. وقت اچڻ تي هو وڏي ۾ وڏو فيصلو، ڪري سگهي ٿو.
خروشيف جو سياسي رليڊر طور اُڀري اچڻ هڪ اتفاق نه هو. هو انهن ماڻهن مان هو، جيڪي اسٽالن حڪومت جي ڪيترين ئي پاليسين سان، مڪمل طور تي سهمت نه هئا. جيڪو سياست ۾ جمهوري عمل جي حق ۾ زراعت ۽ صنعت ۾ زبردستي جي طريقن جو مخالف هو، اسٽالن جبر ۽ ظلم جي باوجود به، ان سوچ کي پارٽيءَ مان مڪمل طور تي فنا ڪري نه سگهيو هو. اُن حساب سان خروشيف جو طاقت ۾ اچڻ هڪ قدرتي ڳالهه هئي.پر اهو به واضح رهي ته اُن ۾ هڪ وڏو عنصر اتفاق جو به هو، جيڪڏهن اسٽالن گروپ سندس موت کان هڪدم پوءِ 1953ع ۾ هڪ هنڌ گڏ ٿي وڃي (جيئن 1957ع ۾ ٿيو) ها، ته خروشيف ڪنهن به صورت ۾ سوويت يونين جو ليڊر نه ٿي سگهي ها ۽ سويت يونين جي تاريخ ٻي هجي ها.
لينن جي موت کان پوءِ اسٽالن وڏي پئماني تي پارٽيءَ مان ڇانٽي ڪئي ۽ هزارن جي حساب سان، انقلاب کان اڳ جي ميمبرن کي، پارٽيءَ مان ڪڍيو ۽ بعد ۾ انهن کي جبري ڪئمپن ۽ جيلن ۾ وجهي جسماني طور تي ختم ڪيو. 1925ع ۾ پارٽيءَ مان هڪ لک ميمبرن کي ڪڍيو ويو، جن ۾ وڏو تعداد استادن، پروفيسرن وغيرهه جو هو، اهو عمل لڳاتار جاري رهيو. جنهن ۾ ٽراٽسڪي، ڪامنيف، زنوئيف ريڪوف جهڙا ناليرا اڳواڻ ۽ بعد ۾ بخارن وغيره ۽ سندس ساٿين جو جيلن ۾ قتل عام آهي، جن انقلاب آندو، 1917ع جي ڪانگريس جي 137 ڊيليگيٽن مان 98 کي ختم ڪيو ويو هو، ان ئي ڪانگريس ۾ خروشيف کي پارٽي جي سينٽرل ڪميٽيءَ جو اميدوار ميمبر چونڊيو ويو، هن ماسڪو شهر ۽ ضلع جي پارٽي جي فرسٽ سيڪريٽري، يوڪرائن جي فرسٽ سيڪريٽري جي حيثيت سان به ڪم ڪيو. 1939ع ۾ هو پولٽ بيورو جو ميمبر هو، 17هين ڪانگريس ۾ هن اسٽالن جي تعريف ۽ ساراهه ۾ هن ڀرپور تقرير ڪئي هئي ۽ چيو هو ته هو اسٽالن جي شخصيت مان روحاني فيض حاصل ڪري ٿو ۽ هن جو پُر خلوص مداح آهي، بعد ۾ هُن اعتراف ڪيو ته هو اُن وقت مٿس ڀرپور اعتماد رکندو هو ۽ هن اها ڳالهه نه سمجهي هئي ته هو بلڪل لينن جي شخصيت جو ضد آهي. هن جو ان ڳالهه کي نه سمجهڻ ان ڳالهه جو دليل آهي ته ان وقت پارٽيءَ جو ليڊر ڪيتري نه هيٺين سطح رکندو هو ۽ عام ماڻهن جي ڳالهه ئي ٻي آهي، هن ملڪ جي گهرو لڙائي ۽ ٻي جنگ عظيم ۾ به حصو ورتو هو. هو جنگي ڪونسل جو ميمبر به هو ۽ جنگ عظيم ۾ سندس وڏو پُٽ مارجي ويو هو.
خروشچيف، جنهن وقت اقتدار سنڀاليو، ملڪ جي حالت بگڙيل هئي، صنعت ۾ نين ٽيڪنڪس جي گهرج هئي. ڳوٺ، غربت جي آخري حد تي هئا، رهائشي گهرن جي حد کان وڌيڪ کوٽ هئي، عوام جو معيار زندگي انتهائي ڪريل هو. لکن جي تعداد ۾ ماڻهو جيلن ۽ جبري محنت جي ڪئمپن ۾ زندگيءَ جي آخري ساهن جي لاءِ وڙهي رهيا هئا، ملڪ کي سڄي دنيا کان ڄڻ ڪٽيو ويو هو، انهن سڀني شين جو مطالبو هو ته ملڪ جي سياست ۾ انقلابي ۽ لبرل تبديلون آنديون وڃن.
خروشيف کي هڪ وڏي ريفارمسٽ، امن ۽ خوشحاليءَ جي رهبر ۽ رهنما جي حيثيت سان سوويت تاريخ ۾ ڏسي سگهجي ٿو. ڇو ته سندس جدوجهد جو اهوئي مقصد هو، کيس جدت سان پيار هو، هن زراعت جي ٻيهر ابتدا ڪئي. فارمن جي ماڻهن کي پهريون ڀيرو آمريڪا ۽ ڪئناڊا موڪليو ته جيئن اُتان جي ٽيڪنڪ ۽ طريقا سکي اچي هتي استعمال ڪن. مقامي سوويتن کي معاشي طور تي آزاد ۽ خود ڪفيل بنائڻ، تيزيءَ سان رهائشي گهرن جي اڏاوت، ٽيڪنيڪل طور تي وکريل صنعت کي اڳيان وڌائڻ، نيون مشينون لڳائڻ، هارين جي لاءِ پينشن، ملڪ جي بنيادي قانونن جي نئين سر تجديد، پارٽي پروگرام جي تياري ۽ ريفارم، اولهه جي ملڪن سان تعلقاتن جي بحالي، سرد جنگ جو خاتمو ۽ پر امن بقاءِ باهم جي اصولن جي بنياد تي ساڻن واپار. هن جو خيال هو ته ملڪ انهن شين کان سواءِ اڳيان وڌي نه ٿو سگهي ۽ ترقيءَ جي لاءِ اهي سڀ ضروري آهن. هو نئين سوچ ۽ فڪر جو ماڻهو هو.
سندس خيال هو ته، پارٽيءَ ۾ پوري طرح سچي جمهوريت هئڻ کپي ۽ اُن جي لاءِ آئيڊيالو جيڪل ڪم وڌيڪ بهتر طريقي سان ڪرڻ ضروري آهي.
سندسن خيال ۾ شخصيت پر ستيءَ جي آخري حد تائين پاڙ پٽڻ ضروري آهي. ذاتي طاقت ۽ اقتدار جي نشي ۾ جنهن جي ڪابه حد نه هئي جن جي آڌار تي جيڪي ڏوهه ڪيا ويا هئا، تن بابت مڪمل سچائي سان سڀ ڪجهه چئي ڇڏڻ کپي، پر افسوس جو اهو سچ اڌ گيدو چيو ويو، ڇو ته يوڪرين ۽ ماسڪو جي پارٽي سيڪريٽري جي حيثيت سان خروشيف به اهڙا ڪم ڪيا هئا، جيڪي ڏوهن ۾ شمار ٿي ٿيا، پاڻ بابت سڀ ڪجهه سچ نه چوڻ جي ڪري هو، ٻين بابت به سمورو سچ چئي نه سگهيو.
سندس خيال هو ته، پارٽيءَ جي سيڪريٽرين کي لڳاتار هڪ هنڌ رهڻ نه کپي ۽ ڪنهن به عهدي تي ٻن کان وڌيڪ دفعا بيهڻ نه کپي، اهو قانون فرسٽ سيڪريٽري کان وٺي هيٺ تائين، ضلع ۽ علائقائي سيڪريٽري تي به عائد ٿيڻ کپي. هن چاهيو ٿي ته ڪنهن به شخصيت ۾ طاقت مرڪوز نه ٿيڻ کپي ۽ اها گارنٽي فقط اهڙو قانون ڏئي سگهي ٿو، جنهن طاقت جي ورهاست ۽ جمهوري طريقي ڪار هجي. سندس ان تجويز جي ايتري ته سخت مخالفت ٿي، جو نيٺ کيس پويان هٽڻون پيو، اهو روسي پارٽيءَ ۾ سياست جو محدود جمهوري ڪلچر هو، جنهن جا بنياد قديم روسي جاگيرداراڻي ثقافت ۾ هئا. جتي سردار يا حڪمران هر هڪ جي هر مامري ۾ مداخلت ڪري سگهيو ٿي. هو سڀ کان اعليٰ ۽ سڀ کان وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي، هو ٻين جي مقابلي ۾ معصوم ۽ خطا نه ٿو ڪري سگهي. اهو صديون پراڻون مثال روسي حڪومت ۽ ان جي حڪمرانيءَ جو تصور هو، ان تصور کي، اسٽالن ۽ سندس حوارين پنهنجي اقتدار جي ڊگهي دور ۾ وڌيڪ مستحڪم ڪيو ۽ عوام جي وچ ۾ پکيڙيو. پارٽي مثالي آهي ۽ ان جو نظريو ۽ پرگرام هر غلطيءَ کان پاڪ آهي، عظيم ليڊر اسٽالن هر فيصلو صحيح ٿو ڪري، نون خيالن ۽ تصورن کي جنم ڏي ٿو ۽ هر قسم جي ڪمزورين کان پاڪ آهي. پارٽيءَ جي ماڻهن کيس (اسٽالن) کي هڪ تصوراتي ۽ ديو مالائي شخصيت بنائي عوام جي اڳيان پيش ڪيو ۽ هن جي غلط يا صحيح شيءَ کي پرکڻ، تنقيد ڪرڻ، خود پنهنجي تصورن ۽ خيالن کي پيش ڪرڻ جي جمهوري حق کي پائمال ڪري ڇڏيو.
خروشيف کي ’مهم جو‘ به چيو ويندو آهي ۽ اڃان به ڪجهه ماڻهو کيس اُن ئي نالي سان ياد ڪن ٿا، اها ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح به آهي، هن پنهنجي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو خطرو ان وقت کنيو جڏهن هن ”لاورينٽ بيريا“ کي حڪومت مان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن جي هٿ ۾ ڪي جي بي جي سڄي طاقت ۽ وزير داخلا جي حيثيت سان سڄي مليشا فورس هئي، ان داستان کي خود خروشيف به ڪيترا ڀيرا زباني بيان ڪيو.
اسٽالن جي موت کان پوءِ جيڪو هن جي ماسڪو جي ويجهو ٺهيل ڪاٽيجز مان هڪ ۾ ٿيو، ان جو اطلاع سندس باڊي گارڊ ميجر ڏنو، اطلاع ملندي ئي پولٽ بيورو جا سڀ ميمبر ان ڪاٽيج ۾ پهچي ويا سڀئي ميمبر لاش جي ويجهو خاموش بيٺا سوچي رهيا هئا ته هاڻ ڇا ٿيندو، طاقت ڪنهن جي هٿ ۾ ايندي، هر ڪو پنهنجي مستقل جي باري ۾ پريشان هو. چهرن تي رنج ۽ غم بدران فڪر ۽ بي چيني پي بکي، تنهن کان پوءِ هو ٻن ٻن جي ٽولين ۾ گهرن ڏانهن روانا ٿيا. سڀ کان پهرين بيريا ۽ مالينڪوف ويا، مالاتوف، ڪاگانو وچ سان ويو ۽ جڏهن ميڪويان ۽ خروشيف اڪيلا رهجي ويا ته ميڪويان، خروشيف کي مخاطب ٿي چيو ”بيريا اقتدار تي قبضو ڪرڻ لاءِ ماسڪو روانو ٿي ويو آهي.“ هن وراڻيو، ”جيستائين هي بگهڙ ويٺو آهي، اسان مان ڪنهن جو به خير ڪونهي“. ان سڀ کان وڏي خطري تي ڌيان ڏيڻ لاءِ خروشيف پريذيڊيم جي سڀني ميمبرن ڏانهن وڃڻ شروع ڪيو ۽ کين ’بيريا‘ جي پلان ۽ ان خطري ڏانهن ڌيان ڏياريو ۽ پڪ ڏياري ته کيس هٽائڻ ڇو ضروري آهي مالينڪوف سان ڳالهائڻ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ هو، ڇو ته هو بيريا جو ويجهو دوست هو، ان تائين اها ڳالهه ذاتي تعلقاتن وسيلي پهچائي ويئي، خروشيف کيس ٻڌايو ته بيريا ماسڪو جي ويجهو وزارت داخلا جي برگيڊ گڏ ڪري رهيو آهي، مالينڪوف ان وقت وزيراعظم هو ۽ سرڪاري طور تي اسٽالن جو جانيشن به هو ۽ پريذيڊيم جي سمورن اجلاسن جي ڪارروائي هو ئي هلائيندو هو. هن وراڻيو ته هاڻ ان صورتحال کان بچي نه ٿو سگهجي، پر هاڻي ڪم ائين ٿئي جو حالتون خراب نه ٿين. ورسنولوو کي کيس ڳچ دير تائين سمجهائڻو پيو ۽ راضي ڪرڻو پيو. (هو گهڻو بي چين هو ته جيڪڏهن اُٿندي ئي ڪجهه ٿي پيو ته پوءِ اسانجو ڇا ٿيندو.)ڪاگانووچ شروع کان ئي ٻڌتر ۾ هو ته اڪثريت ڪنهن سان گڏ هوندي، ڪير ڪنهن جو ساٿ ڏيندو، جيڪڏهن ڪير بيريا سان گڏجي ويو ته پوءِ ؟ بهرحال ڪيترا ئي وعدا ڪيا ويا. پوءِ هو مطمئن ٿيو ۽ 26 مارچ تي ڪريملن ۾ پريذيڊيم جي هنگامي اجلاس جو اعلان ڪيو ويو (نهايت ڳجهي نموني فوج جو ڪجهه حصو ڪريملن ۾ داخل ڪيو ويو ته جي صورتحال بگڙي وڃي ته صورتحال کي منهن ڏيئي سگهجي). پريذيڊيم جا سڀئي ميمبر مقرر وقت تي هال ۾ پهچي ويا. پر بيريا غائب هو. خروشيف جو چوڻ هو ته مان سوچ ۾ ٻڏي ويس ته شايد کيس اسان جي پلان جي خبر پئجي ويئي آهي، هاڻي سڀاڻي ڇا ٿيندو؟ هاڻي اسان جو خير ڪونهي؟ پر ان گهڙيءَ هو هال ۾ داخل ٿيو، سندس هٿ ۾ بريف ڪيس هو، مان هڪدم سمجهي ويس ته اُن ۾ ڇا آهي. مون وٽ به خراب وقت لاءِ ڪجهه رکيل هو (هن پنهنجي کيسي طرف اشارو ڪندي چيو) بيريا ويهي رهيو ۽ سوال ڪيو ته اوچتو هنگامي گڏجاڻي ڇو رکي ويئي آهي ۽ ايجنڊا تي ڪهڙو سوال آهي؟ آئون ٽنگ سان مالينڪوف کي ٺوڪر هڻان ٿو ۽ ڪن ۾ چوانس ٿو ته ميٽنگ جي ايجنڊا جو اعلان ڪر ۽ تقرير جي لاءِ منهنجو نالو وٺ. ڏٺم ته مالينڪوف سڄو پيلو ٿي ويو، وات مان هڪ لفظ به نه اُڪليس، اها صورتحال ڏسي مان اُٿي بيٺس ۽ چوڻ شروع ڪيم، ”ايجنڊا تي هڪ ئي سوال آهي. سامراج جي ايجنٽ بيريا پاران پارٽي ۾ ڦوٽ وجهڻ، پارٽيءَ جي خلاف ڪم ڪرڻ، سامراج جي لاءِ جاسوسي ڪرڻ، انهن سڀني شين جي ڪري کيس پريذيڊيم، سينٽرل ڪميٽي ۽ پارٽيءَ جي بنيادي رڪنيت کان خارج ڪرڻ ۽ ضروري ڪارروائي جي لاءِ فوجي عدالت جي حوالي ڪرڻ آهي. ڪير ان رٿ جي حق ۾ آهي؟“ اهو چئي مون هڪدم هٿ مٿي کنيو، مون کان پوءِ سڀني هٿ مٿي کنيا، اهو ڏسي بيريا هئڊو ٿي ويو ۽ اوچتو بريف ڪيس ڏانهن جهڙپ ڏنائين، مون کيس جهلي پاڻ ڏانهن ڇڪيو ۽ کيس قابو ڪندي چيم. ”مذاق ٿو ڪرين هاڻ اهو ڇڏ.“ ۽ پنهنجي پستول جي ٽرائيگر تي هٿ رکيم، ان وقت ملٽري جا آفيسر ڊوڙندا ڪمري ۾ داخل ٿيا، مون کين حڪم ڏنو ته هن ملڪ دشمن وطن جي غلاظت کي گرفتاري ڪري وٺو ۽ کيس هتان وٺي پنهنجي اصل هنڌ وڃو. بيريا اُن وقت ڊپ سبب بي ربط بڪندو رهيو، هيءَ اهوئي هيرو هو جيڪو ٻين کي گلي مان جهلي ڀت سان هڻندو هو. اهڙي طرح ان بدنما داغ کي اسان ڌوئي ڇڏيو، اسان ماڻهو ڪوشش ڪريون ته اسان جي نظام ۾ آئيندهه اهڙا گندا ماڻهو پيدا نه ٿين.“
خروشيف جو سياسي طور تي سڀ کان وڏو ڪارنامون اسٽالن جي شخصيت پرستيءَ تي حملو هو. اُها تقرير جيڪا هن 20 هين ڪانگريس ۾ ڪئي هئي، تنهن سڄي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. اها تقرير اسٽالن جي ٽيهن سالن واري دور جي ڏوهن جي رپورٽ هئي. اڄ اهو چئي سگهجي ٿو ته ان ۾ ڪيترين ئي شين جو ذڪر نه هو، پر ان وقت جي حالتن ۾ ڪهڙي شئي کيس ايڏي وڏي فيصلي تي مجبور ڪيو، ڇا هن نه ٿي ڄاتو ته ان ڪانگريس ۾ اهي سڀ ماڻهو ويٺا آهن، جيڪي مذڪوره ڏوهاريءَ جي سڀني ڏوهن ۾ برابر جا شريڪ آهن، ماڻهن جو خيال آهي ته اهو ڪم فقط خروشيف ئي ڪري سگهيو ٿي. ۽ خروشيف جنهن شئي کي صحيح سمجهندو هو ته ايندڙ خطرن تي سوچڻ کان سواءِ بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي ان ٻرندڙ باهه ۾ ٽپو ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هو. اهو سندس ڪردار هو هن جي لاءِ فرد اهم هو، فرد جي آزادي سماج جي آزاديءَ جو پهريون ڏاڪو آهي. اسٽالن خود پرست سنٽرلسٽ هو. ماڻهو هن جي لاءِ ذاتي مقصد کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو هو. هن فرد يا ذات جي مسئلي تي ڪڏهن به نه سوچيو هو، جيڪو مقصد حاصل ٿيڻ کان پوءِ فرد هن جي لاءِ هڪ غير ضروري شئي بنجي ٿو وڃي ۽ هو سڄي قوم سان پنهنجي تعلقاتن کي ائين ڏسندو هو.
20 هين ڪانگريس، ڪڏهن به ڪاميابي نه ماڻي ها، جيڪڏهن ان جي ڊيليگيٽن جي ترقي پسند پارٽي معيار کي برقرار نه رکيو وڃي ها ۽ پارٽيءَ جي اندر بيورو ڪريسيءَ سان جنگ نه ڪئي وڃي ها. پارٽي جي اندر مرڪزيت پسنديءَ تي حملو ڪيو ويو. فيصلا جمهوري طريقي سان ڪيا ويا. جنهن ۾ مرڪزيت پسندن کي وڏي تعداد ۾ شڪست ملي. بهرحال اهڙي طرح 20 هين ڪانگريس جي چونڊ ٿي، جنهن اسٽالن پرستن تي ڀرپور وار ڪيو، جنهن جي ٽيهه سال ڊگهي عمر هئي ۽ جنهن ملڪ ۾ سوشلزم کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو هو.
پارٽيءَ جي اندر حڪومت ڪرڻ جي نون ۽ پراڻن طريقن ۽ ذات طاقت ۽ اقتدارجي لاءِ جنگ جاري هئي، ان ڇڪتاڻ کي 1958 جي پارٽي پريذيڊم ۾ ڏٺو ويو، جڏهن اسٽالن جا سڀئي پراڻا ساٿي مالنڪوف، بلگانن، مالاٽوف، ڪاگانووچ هڪ هنڌ گڏ ٿي ويا ۽ خروشيف کي فرسٽ سيڪريٽريءَ جي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيائون.
پر اُنهن واقعن جو رخ خروشيف جي حمايتين جي ڪوشش سان بدلجي ويو. انهن ۾ سڀني کان وڏو ڪردار ’مارشل زوڪوف‘ ادا ڪيو، جنهن اجلاس ۾ اعلان ڪيو ته ”فوج ان فيصلي جي خلاف آهي ۽ منهنجي حڪم کانسواءِ هڪ ٽئنڪ به چري نه ٿي سگهي“. خروشيف فرسٽ سيڪريٽري جي عهدي تي برقرار رهيو ۽ کيس هٽائيندڙ بلگانن، ڪاگانو وچ، مالاٽوف ۽ ٻين کي پارٽيءَ جي رڪنيت کان به فارغ ڪيو ويو.
بعد ۾ مارشل زوڪوف کي به پنهنجي انهن لفظن جي قيمت ادا ڪرڻي پئي، جو خروشيف کيس وزير دفاع ۽ پريذيڊيم جي رڪنيت کان اُن وقت فارغ ڪري ڇڏيو، جڏهن هو غير ملڪي دوري تي هو، کيس پنهنجي صفائي ۾ ڳالهائڻ جو به موقعو نه ڏنو ويو ۽ نه وري عوام کي اهو ٻڌائڻ گوارا ڪيو ويو ته فاشسٽ جرمنيءَ کي شڪست ڏيندڙ هيري کي هٽائڻ جو سبب ڪهڙو آهي.
کيس هٽائڻ جو سبب، ان وقت جي دستور ۽ قائدي موجب هو، خروشيف کي به طاقتور ۽ اثر رسوخ رکندڙ ماڻهو پسند نه هئا. هو به طاقت جي پيداوار هو. ۽ هن نه ٿي چاهيو ته ڪو کانئس وڌيڪ طاقتور هجي.
خروشيف حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ سويت يونين جي سڄي سياست کي بدلائي ڇڏيو. هن عالمي سياست ۾ امن ۽ بقاءِ باهم جي پاليسيءَ تي عملي طور تي ڪم شروع ڪيو ۽ پيٽر اول کان پوءِ پهريون ڀيرو اولهه ڏانهن دري کولي، ملڪ کي جمهوري معيارن مطابق هلائڻ ۽ اڳيان وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، پارٽيءَ جو عوام سان رابطو ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. ان وقت دٻيل سماج ڀرپور ساهه کنيو ۽ صاف ۽ شفاف هوا کي پنهنجي اندر ۾ ڀريو.
خروشيف جي معاشي حل جي طريقن ۾ ڪجهه غلطيون هيون، هن معاشيات ۾ تبديليءَ جي اسٽرڪچر جي ضرورت کي بلڪل نه سمجهيو. هن پورهيتن، هارين، مزدورن ۽ دانشور طبقي جي سڌي سنئين معاشي پيداوار ۾ دلچسپي جي پهلوءَ تي ڌيان نه ڏنو.
خروشيف جي خواهش تي هڪ حڪومتي معاشي ٽيڪنيڪ ڪميٽي جوڙي ويئي، جنهن جو ڪم هو ملڪ جي لاءِ هڪ معاشي پاليسي ٺاهڻ، جنهن جو چيئرمن زاسياد هو. ان ڪميٽيءَ هڪ رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ غلط سلط انگن اکرن جي گهڻائي هئي، ان ۾ سڀني شين کي حقيقت کان پري ۽ خواهشن جي عينڪ سان ڏٺو ويو هو. ان پروگرام جي پهرين حصي کي خروشيف پارٽي ڊاڪيومينٽ ۾ شامل ڪيو ۽ اهڙي طرح پارٽي پروگرام ۾ اها ڳالهه شامل ٿي ويئي ته 1980ع ۾ سويت يونين بنيادي معاشي نتيجن ۾ آمريڪا کان اڳيان وڌي ويندو ۽ ڪجهه شين ۾ برابر اچي ويندو. ان وقت زاسياد جي ڪميٽي جي انگن اکرن تي ڪنهن به گهڻو اعتبار نه ڪيو هو، پر اميد ۽ جوش ۽ خروش جي ڪمي نه هئي، تنهن ڪري سڀني سمجهي ورتو ته پارٽي پروگرام سوشلزم کي هڪ نئين منزل ڏانهن وٺي پيو وڃي، جتي عظيم الشان نيون اڏاوتي ڪاميابيون ۽ ترقي ٿيندي، اها رجائيت (اميد پرستي) ئي هئي، جنهن ان پروگرام کي پارٽيءَ کان منظور ڪرائي ورتو ، بعد ۾ ان پروگرام جي ڪري به مٿس تنقيد ٿي.
اڄ ايترو عرصو گذرڻ کان پوءِ اسين ان جي مضبوط ۽ ڪمزور پهلوئن کي چڱي طرح ڏسي سگهون ٿا. هن جو سڀ کان وڏو ڪم اسٽالن جي شخصيت جي بُت کي ٽوڙڻ هو. ۽ ان کان پوءِ ان جي شخصيت کي واپس آڻڻ جي هر ڪوشش، جيڪا پوءِ ڪئي ويِئي ناڪام ٿي. هن پارٽي نوڪر شاهيءَ کي ڪافي سگهارو ڌڪ هنيو، زراعت جي طريقن ۾ تبديلي ۽ ترقي ڪرائي. حڪومتي پيداوار جو قيمتون وڌايون. ٽئڪسن ۾ ڪمي ڪئي، ٽيڪنڪ جو استعمال ، عوام کي خوراڪ پهچائڻ جي نظام ۾ بهتري، هن زراعت ۾ هڪ انقلاب آڻڻ ٿي چاهيو، ۽ مڪئي جي پوکائي مان سندس شوق جي اندازو ٿي سگهي ٿو . هن روسي ماڻهن جي کاڌي جون سڀئي عادتون بدلائڻ ٿي چاهيون.
هن جي نالي سان ”سويت يونين“ جي سائنس ۽ ٽينڪ ۾ عظيم ڪاميابيون لاڳاپيل آهن، پهريون خلائي سيارو ’اسپوتنڪ‘ ، جنگي حڪمت عملي جي برابري ، پر امن بقاءِ باهم جي پاليسي، جيڪا اڳتي هلي اولهه سان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ مشعل راهه بڻي، نوان بين القوامي لاڳاپا، معاشي سهڪار، عوام جو ۽ نظرين جي آزاداڻن خيالن جي ڏي وٺ، اهي سڀ هن جون پاليسيون ۽ پروگرام هئا. هڪ آمريڪي ليکڪ ۽ اخباري خاطو چواڻي ته، ”خروشيف کان سواءِ گوربا چوف اچي نه سگهي ها.“ بهرحال، اها سندس ذاتي راءِ آهي.
سندس سمورا معاشي ۽ سياسي پروگرام عمل ۾ نه آندا ويا ۽ عوام کي ان جو فائدو ڇو نه ٿيو. انهن پروگرامن جو گلو ڪنهن گهٽيو؟ اهو هڪ سوال آهي؟ جيڪو اڄ به ڪيو وڃي ٿو. ۽ ان دؤر ۾ به ڪيو ويندو هو.
خروشيف پنهنجي انهن سڀني سڌارن جي لاءِ پارٽي بيورو ڪريسي، حڪومتي مشنري ۾ ايڊ منسٽريٽو طريقن تي وڌيڪ ڀروسو ڪيو، هو هڙئي شڪايتون انهن ادارن کي موڪلي ڏيندو هو، جن جي خلاف شڪايتون اينديون هيون. اهي هڙئي ادارا جمهوري صوابديد کان آزاد هئا. انهن سڌارن کان عوام کي دور رکيو ويو. پارٽي ۽ عوام کي پري رکيو ويو ۽ کين انهن فيصلن ۾ شريڪ نه ڪيو ويو.
خروشيف جنهن کي قدرت گهرو سياسي شعور ۽ عقل ڏنو هو. جيڪو بهادر ۽ حرڪت پذير هو ۽ هيڏي وڏي عهدي تي پهچڻ کان پوءِ خوشامندڙين جي ور چڙهي ويو. خوشامندڙين جو گهيرو تنگ ٿيندو ويس ۽ ”اسان جو خروشيف“ جو ورد ٿيڻ لڳو ۽ اهڙي طرح شخصيت پرستيءَ جي ابتدا ٿي.
سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته آخر خروشيف کي ڇو هٽايو ويو. ان جا ڪيترائي جواب آهن، هن جي چوڌاري اهڙن ماڻهن جو ميڙ ڪٺو ٿي ويو، جيڪي نالائق هئا. هو پنهنجي ذات تي ڪنهن جي به تنقيد برداشت نه ڪندو هو. هو پنهنجي چوڌاري گڏ ٿيل ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻندو هو. پر ايڏي وڏي پوسٽ جي لاءِ جنهن حقيقي مارڪسزم ۽ لينن ازم جي علم جي گهرج هئي، سا وٽس ڪانه هئي، ڪنهن جو ذاتي ٽيلنٽ گهري علم جي جڳهه پوري نه ٿو ڪري سگهي. هو تنقيد ۽ خود تنقيد جي ذريعي اڳيان وڌي سگهيو ٿي. جيڪو جمهوري عمل آهي، پر هو ۽ ان وقت جو سماج ان ڳالهه جي لاءِ تيار نه هو.
هن جا سڀئي دشمن پنهنجون اندروني گروهه بنديون ڇڏي، هڪ وڏي مقصد جي لاءِ هڪ هنڌ گڏ ٿي ويا هئا ۽ خروشيف کي پنهنجي مٿان ايترو ته ڀروسو هو، جو ماڻهن جي چوڻ جي باوجود به ان ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو ته ڪو کيس هٽائي سگهي ٿو.
آخري سالن ۾ ، هن جي عوام ۾ مقبوليت به گهٽجي ويئي هئي ۽ ملڪ ۾ ڪو به اهڙو طاقتور گروپ نه هو، جنهن چاهيو ٿي ته هو اقتدار ۾ رهي، تنهن کان سواءِ سندس اهي قدم هئا، جيڪي سندس مخالف گروپ جي مفادن جي خلاف هئا. هنن انهن غلطين کي پنهنجي ان مقصد جي لاءِ استعمال ڪيو.
هنن هن جي زرعي پاليسين جي ناڪامين، سياست ۾ مهم جوئي، مٽن مائٽن کي سٺن عهدن تي رکڻ، جمال ناصر ۽ عامر کي تمغه ڏيڻ وغيره کي هن جي جبري استعفيٰ جو سبب بڻايو. اهو سڄو ڊرامون ان وقت تيار ڪيو ويو، جڏهن هو ڪريميا ۾ آرام ڪري رهيو هو، کيس ٽيليفون تي اطلاع ڏيئي ماسڪوم پريذيڊيم جي هنگامي گڏجاڻي ۾ گهرايو ويو ۽ گڏجاڻي ۾ کانئس استعفيٰ جو مطالبو ڪيو ويو.
جڏهن ته، ماڻهو چڱي طرح ڄاڻن ٿا ته انهن الزامن م تمام گهٽ سچائي آهي، هن پنهنجي ناٺيءَ کي جيڪو نهايت قابل صحافين ۾ شمار ٿيندو هو ۽ سندس مخالف به اها ڳالهه مڃين ٿا، ازويسيتا جي چيف ايڊيٽر طور سفارش ڪئي هئي. سندس هڪ پٽ هڪ انسٽيٽيوٽ ۾ هڪ عام سائنسدان جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو هو، جيئن ٻيا سوين ڪارڪن هئا. زرعي پاليسين جي ناڪاميءَ جو بنياد اسٽالن جي دور جي ڪو آپريٽو سسٽم تائين ٿي ويو.
جڏهن ته هارين جي ڪڪڙين جا فارم به ڪو آپريٽو فارم جي ملڪيت ۾ ورتا ويا هئا. ۽ هارين کان زبردستي زمين کسي فارم جوڙيا ويا. ۽ اهڙي طرح لينن جي اُن فرمان جي مٽي پليٽ ڪئي ويئي ته زمين هاري جي ملڪيت آهي ۽ انهن تي زبردستي جوڙيل ڪو آپريٽو فارم جي قيام جي دوران 1932ع ۾ 1935ع ۾ يوڪرين جي علائقي ۾ جيڪو ڪڻڪ جي پوک لاءِ بهترين علائقو آهي، اناج جي گهڻائيءَ جي باوجود به اٽڪل 5 کان 7 ملين ماڻهو بک وگهي مري ويا ۽ اناج ٻاهر موڪليو ويو، باقي رهيو مسئلو عامر ۽ ناصر کي تمغه ڏيڻ جو ته ان جو سياسي سبب هو ۽ ان ۾ سڄي پريذيڊيم جي راءِ شامل هئي، هن جي عليحدگيءَ جو سبب فقط هي هو ته هو ملڪ کي جمهوري پاليسين طرف وٺي وڃي رهيو هو، جيڪو اسٽالن پرستن يا ٻين لفظن ۾ مرڪزيت پسندن جي مفادن جو ضد بنجي ويو. کيس ان ويڙهه ۾ ان ڪري به شڪست ٿي جو هو لڙائي ۾ عوام کي وچ ۾ وٺي نه آيو، آڪٽوبر 1964ع جي اجلاس کان پوءِ جنهن ۾ خروشيف کي سبڪدوش ڪيو ويو هو، هو پنهنجي ماسڪو واري ڪاٽيج ۾ هليو ويو هن لاءِ چار سئو روبل ماهوار پينشن مقرر ڪئي ويئي، جيڪا سندس سابق پوزيشن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به نه هئي، هو ڪريملن جي خصوصي اسپتال ۾ سينٽرل ڪميٽي ۽ وزيرن جي لاءِ مخصوص اسپيشل اسٽورن کي استعمال ڪري سگهيو ٿي. کيس ذاتي استعمال جي لاءِ هڪ پراڻي زيل ڪار ڏني ويئي، جنهن جو نمبر پليٽ غير سرڪاري هو ۽ ماسڪو شهر ۾ سندس فئملي جي لاءِ هڪ فليٽ جي به منظوري ڏني ويئي، کيس اهو فليٽ ڪڏهن به نه وڻيو ۽ هو جڏهن به ماسڪو آيو ته ڪڏهن به هڪ رات به هتي نه گذاريائين.
اقتدار مان جبري عليحدگيءَ جو پهريون هفتو خروشيف جي لاءِ نهايت ڏکيو هو، هو سوچي به نه ٿي سگهيو ته جيڪي ماڻهو هن جي سامهون ڪنڌ به کڻي نه ٿي سگهيا، سي کيس کير مان مک وانگر ڪڍي ڦٽو ڪندا. هن پنهنجي ان حالت کي ڪڏهن به نه لڪايو، هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪرسيءَ تي خاموش ويٺو رهندو هو ۽ ڪنهن ڪنهن مهل سندس اکين ۾ لڙڪ به ڏٺا ويا. هڪ ڀيرو ماسڪو اسڪول جي ڊائريڪٽر سندس پوٽي کان پڇيو ته ”اڄ ڪلهه ڏاڏهين ڇا ڪندو آهي“ ته هن وراڻيو ”هو روئندو رهندو آهي.“
1965ع ۾ حڪومت، خروشيف کان اهو ڪاٽيج خالي ڪرائي هڪ ننڍو عام ڪاٽيج ميٽرو سوڪل جي هڪ ڳوٺ ’پيٽرو واڊالني‘ ۾ ڏنو. ان جي هڪ خصوصيت کيس وڻي، سا اها ته، ان سان گڏ، هڪ زمين جو وڏو ٽڪرو به هو. جتي هو پنهنجي صحت موجب پوک ڪري سگهيو ٿي. هتي ڪجهه ٻيا به ڪاٽيجز هئا، جن کي وڏين ڀتين گهيري رکيو هو، تنهن کان سواءِ هر ڪاٽيج جو پنهنجو ڌار احاطو به هو. مين گيٽ تي حفاظتي پهرو هو ۽ تنهن کان سواءِ خروشيف جي حفاظت جي لاءِ چويهه ڪلاڪ گارڊ به مقرر هئا، اهڙي طرح خروشيف سان ملڻ جي لاءِ هر ملاقاتيءَ کي ٻن حفاظتي گيٽن مان لنگهڻو پوندو هو. اهي گارڊ سدائين ساڻس گڏ هوندا هئا.
هو جلد پنهنجي اُن حالت تي راضي ٿي ويو ۽ هن ٻيهر اقتدار حاصل ڪرڻ بابت سوچڻ ڇڏي ڏنو. کيس پنهنجن انهن ڪيترن عملن بابت افسوس هو، جيڪي هو مڪمل نه ڪري سگهيو هو. کيس ڏک هو ته هو پارٽي، حڪومت جي انهن هزارين ڪارڪنن کي جن تي 1935ع کان 1939ع تائين ظلم ۽ تشدد ڪيو ويو بحال نه ڪري سگهيو ۽ خصوصي ڪميٽيءَ جي سفارشن کي ٻيهر سرد خانن ۾ ڦٽو ڪيو ويو.
پينشن جا پهريان ٻه سال هن جي لاءِ ڏاڍا ڏکيا هئا. پر پوءِ هو رضا تي راضي رهڻ سکي ويو ۽ ماڻهن سان ملاقاتون ڪرڻ لڳو. وٽس مائٽن کان سواءِ مشهور اديب ۽ شاعر به ايندا هئا. جن سان گرما گرم بحث مباحثا ڪندو هو. وٽس تمام وڏي ذاتي لئبرري به هئي، هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ مطالعي ۾ غرق رهندو هو، اڪثر بي بي سي، وائيس آف آمريڪا، جرمني ۽ فرانس جي نشريات ٻڌندو هو. پنهنجي ملڪي ٽيليويزن ڏسندو هو ۽ بعد ۾ انهن خبرن تي پنهنجي راءِ ۽ مشورا ڏيندو هو. جڏهن کيس خبر پئي ته اسٽالن جي ڌي سوتيلانا يورپ ڀڄي ويئي آهي ته کيس بلڪل يقين نه آيو، کيس هو ننڍپڻ کان سڃاڻندو هو، سوتيلانا 20 هين ڪانگريس جي سڀني فيصلن جي حمايت ڪئي هئي ۽ شخصيت پرستيءَ جي خلاف خروشيف جي تقرير جي، پارٽي گڏجاڻين ۾ هن جي حق ۾ تقريرون ڪيون هُيون، ان سڄي عرصي ۾ سندس ننڍو پٽ خاموش رهيو (اسٽالن کي ٻه پٽ، هڪ ڌي هئي، وڏو پٽ جنگ ۾ مارجي ويو هئس) وائس آف آمريڪا کان سوتيلانا جي باري ۾ تفصيلي پروگرام ٻڌي کيس ڪافي صدمون رسيو ۽ ڪافي عرصي تائين اُن موضوع تي ڪنهن سان به نه ڳالهايائين. هو ستر سالن جي عمر جي باوجود به صحتمند، چست، کڙو تڙو ۽ چالاڪ ماڻهو هو. هو، سورنهن سترنهن ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جو عادي هو، کيس ڪم ڪرڻ جي اُڃ هئي، کيس ڪاشت ڪاري ۽ باغبانيءَ جو حد کان وڌيڪ شوق هو. هو زمين جي ان ٻاريءَ تي نوان نوان تجربا ڪندو هو ۽ بعد ۾ انهن کي وڌندو ويجهندو ڏسي بي حد خوش ٿيندو هو. هو ڀرپاسي وارن فارمن ۾ وڃي هارين سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ اناج جي قسمن ۽ انهن سان پوکي جي طريقن بابت ڪچهري ڪندو هو، هڪ ڀيرو هن فارم جي زمين سان لاپرواهي ڏٺي ته هڪ هاري جي وسيلي فارم جي چيئرمين کي گهرايو ۽ کيس زراعت جي غلطين تي سخت لفظن ۾ ڇڙٻيو. چيئرمين پنهنجي غلطي جهلجهڻ تي چڙي، ابتو خروشيف کي گستاخيءَ سان جواب ڏنو ته هو هاڻ حڪومت جو سربراهه نه رهيو آهي، تنهن ڪري کيس اهو حق نه ٿو پهچي ته هو ڪم ۾ مداخلت ڪري، ان واقعي تي خروشيف ڪافي ڏينهن غمگين رهيو، هو واند ڪائي جي وقت اڪثر فوٽو گرافي ڪندو هو ۽ ان تي کيس ڪافي دسترس حاصل ٿي ويئي هئي، هو قدرتي منظرن ۾ به دلچسپي رکندو هو ۽ ڪئميرا وسيلي انهن کي محفوظ ڪندو ويندو هو. هو اڪثر ڊرامن ۽ ڪنسرٽن ۾ پنهنجي زال سان گڏ ويندو.
سندس 75 هين سالگره جي ڪنهن کي به خبر نه پئي، پر پرڏيهي ملڪن مان ڊيگال، راڻي ايلزبيٽ، يا نوش ڪادر پاران مبارڪن جا پيغام مليس، آخري ڏينهن ۾ هن پنهنجي ڪن غلطين کي مڃيو. بهرحال ان جو ڪجهه حدون هيون.
پينشن ملڻ کان پوءِ 1967ع ۾، سندس اهل اقتدار سان پهرين جهڙپ ٿي. ان وقت فرانس ٽيليويزن هڪ فلم ڏيکاري ته ريٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ روس جو اڳوڻو ليڊر پنهنجو وقت ڪيئن ٿو گذاري، خروشيف جي مائٽن سان گڏ هڪ فلم رپورٽر پنهنجي ننڍي مووي ڪئميرا سان اها فلم ٺاهي هئي، جيڪا ڪنهن نموني ٻاهر هلي ويئي، جنهن، سان حڪومت سخت ناراض ٿي، حفاظتي گارڊ کي چوڪس نه رهڻ تي تبديل ڪيو ويو ۽ کين سزائون ڏنيون ويون، پولٽ بيورو جي هڪ ميمبر اندر ئي گري لينڪو جيڪو پارٽي سيڪريٽري به هو ۽ ان کان اڳ اوڊيسا پارٽيءَ جو سيڪريٽري هو ۽ خروشيف کيس مرڪز ۾ آندو هو، تنهن خروشيف کي پنهنجي آفيس ۾ گهرائي، گستاخيءَ سان ڳالهائيندي چيو ته ”تو هيستائين ٺيڪ نموني گذاري رهيو آهين.“ خروشيف وراڻيو ”ڇا ڳالهه آهي ته توهان مون کان اهو ڪاٽيج ۽ پنشن کسڻ ٿا چاهيو، جيڪڏهن مان هٿ ڦهلائي روڊن ۽ رستن تي ڦريس ته ماڻهو منهنجي هٿ تي ڪجهه نه ڪجهه رکندا پر جيڪڏهن اوهان تي خراب وقت آيو ته اوهان جي هٿ تي ڪير ڪجهه به نه رکندو.“
60 واري ڏهاڪي ۾ ڪيترن ماڻهن پنهنجون يادگيريون لکيون، جيڪي خروشيف پڙهيون، پر کيس مارشل زوڪوف جي يادگيرين تمام گهڻو ڏکارو ڪيو. مارشل زوڪوف جون خروشيف سان جنگ کان اڳ ۽ پوءِ ڪافي ملاقاتون رهيون ۽ جڏهن هو يوڪرين جي فوج جو ڪمانڊر هو، ان وقت خروشيف اتان جي پارٽي جو چيف ٿيو.
پر زوڪوف پنهنجي ڪتاب ۾ فقط هڪ هنڌ لکيو ته يوڪرين ۾ پنهنجي ڪم جي دوران سندس پارٽيءَ جي فرسٽ سيڪريٽريءَ سان سٺا ناتا رهيا. اهڙي طرح 1964ع کان پوءِ سڀني يادگيرين ۾ ليکڪن خروشيف جو ڪوبه ذڪر نه ڪيو، البت اسٽالن سان پنهنجي ملاقاتن ۽ ڳالهين بابت گهڻو ڪجهه لکيو ۽ جيڪڏهن ڳالهه ڦري سري خروشيف ڏانهن ٿي آئي ته فقط فرسٽ سيڪريٽري سويت يونين لکيو ٿي. اهو سڀ ڪجهه مٿين حڪمن تحت ٿي رهيو هو.
ان شئي خروشيف کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ته هو ڇو نه پنهنجو يادگيريون مرتب ڪري ۽ اها خواهش زور وٺندي ويئي، خروشيف کي لکڻ جي عادت نه هئي. ۽ هو فقط ڊڪٽيشن لکائيندو هو، هن سينٽرل ڪميٽيءَ کي درخواست ڪئي ته کيس هڪ اسٽينو گرافر ڏنو وڃي، اها درخواست نامنظور ڪئي ويئي، پر خروشيف انهن ماڻهن مان نه هو، جيڪي هٿيار ڦٽا ڪن، هن پنهنجون يادگيريون ٽيپ رڪارڊر تي رڪارڊ ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون، اها سندس پهرين ڪوشش هئي، جيڪا بنا ڪنهن رٿا بندي ۽ ادبي زبان جي ٽيپ ٿي. خروشيف جي دلچسپي وڌندي ويئي ۽ گهر وارن جي مدد سان هڪ خاص سسٽم بنجي ويو، ڪيسٽ تان اها ڪاغذ تي لاٿي ويندي هئي، پوءِ زبان ۽ گرامر جون غلطيون درست ٿينديون هيون، خروشيف جون اِهي ڪيسٽون. 180 ڪلاڪن تي مشتمل آهن، جڏهن ته اها فقط ڪم جي ابتدا هئي.
ڪجهه وقت کان پوءِ آمريڪا ۾ خروشيف جي يادگيرن جو پهريون ڀاڱو ڇپجي بازار ۾ آيو . جنهن سڄي دنيا ۾ سنسني پکيڙي ڇڏي ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ ٻيون ڀاڱو به ڇپجي ويو. آمريڪي پبلشر اعلان ڪيو ته وٽس نڪيتا خروشيف جي آواز جي ڪيسٽ موجود آهي، اهو ڪيسٽ آمريڪا ڪيئن پهتو، جڏهن ته اصل ڪيسٽ خروشيف جي خاندان وٽ محفوظ هئي؟ تنهن جو مطلب اهو آهي ته ٻي ڪيسٽ به موجود هئي. جيڪا ٻاهر هلي پئي. پر اها ڪنهن ٺاهي ۽ ڪٿي؟ اهو سوال پنهنجي جاءِ تي موجود هو، پهرين ڀاڱي جو ڇپجڻ نه فقط يورپ جي پريس جي لاءِ سنسني خيز هو، بلڪه خروشيف جي لاءِ به غير متوقع هو.
پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جي صدر ۽ پولٽ بيورو جي ميمبر جناب پيل شي. خروشيف کي پنهنجي ڪيبنيٽ ۾ گهرايو. گفتگو انتهائي سخت لهجي ۾ ٿي. ماڻهو جو چوڻ آهي ته جڏهن خروشيف ’پيل شي‘ جي ڪيبنٽ مان ٻاهر نڪتو ته سندس دل تي هٿ رکيل هو، ٻي ڏينهن سڀني اخبارن ۾ اهو بيان آيو ته نڪيتا خروشيف ان ڳالهه جي سختيءَ سان ترديد ٿو ڪري ته هن پنهنجون يادگيريون پبلشر کي ڇپجڻ کي ڏنيون آهن، پر ان بيان ۾ ان حقيقت جي ترديد نه هئي، يادگيريون پنهنجي جاءِ تي موجود هُيون.
1970ع ۾ خروشيف کي دل جو پهريون دورو پيو، ڪجهه ڏينهن تائين هو اسپتال ۾ داخل رهيو، اتي سندس صحت ڪرڻ شروع ٿي ويئي. ان ڪري پنهنجي يادگيرين تي وڌيڪ ڪم جاري رکي نه سگهيو، 1971ع جي گرم ڏينهن ۾ هو پنهنجي ٻني ٽڪر تي پوکي جو ڪم ڪندو هو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪرسيءَ تي خاموش ويٺو خلا ۾ گهوريندو رهندو هو، سيپٽمبر ڌاري هو پنهنجي ڌيءَ ۽ نا ٺي اليڪسئي جي گهر هليو ويو، اتي هو پنهنجي گارڊ سان گڏ کنڀيون گڏ ڪرڻ جي لاءِ جهنگ ۾ ويو، اتي سندس طبيعت خراب ٿي گهر ۾ ڊاڪٽر کي آندو ويو، جيڪو کيس اسپتال وٺي ويو، ٻي ڏينهن 11 سيمپٽمبر 1971ع تي هو وفات ڪري ويو، ان وقت سندس عمر 78سال هئي.
سوويت ماڻهن کي سندس وفات جي خبر 13 سيمپٽمبر تي ڇپجندڙ تمام ننڍي هڪ ڪالمي خبر مان پيئي. پارٽي يا حڪومت پاران ڪوبه تعزيتي ٺهراءُ يا پيغام نه هو، دفن جي هنڌ ۽ تاريخ جو به ڪو اعلان نه هو، بهرحال ماسڪو وارن کي واتو وات اخبار جي اعلان کان اڳ اها خبر پئجي چڪي هئي ته آنجهاڻيءَ کي ڏينهن جو 12 وڳي ”لوواجي چم“ قبرستان ۾ دفنايو ويندو. سندس دفن جي موقعي تي ماسڪو جي رهاڪن جو رستن تي تمام وڏو ميڙ هو. قبرستان کي فوج ۽ وزارت داخلا جي دستن گهيري ۾ وٺي لاٿو هو. عوام کي ان ڳالهه جي اجازت نه ڏني ويئي ته هو ڪميونسٽ اڳواڻ کي آخري ڀيرو الوادع چئي سگهن.
سندس جنازو ماسڪو درياهه جي ٻي پاسي کان آندو ويو، ڪفن دفن ۾ فقط ويجهن رشتيدارن، ڪجهه دوستن ۽ ڪجهه غير ملڪي اخبار نويسن کي قبرستان وڃڻ جي اجازت ڏني ويئي. پارٽي ۽ حڪومت پاران ڪنهن به شخص ڪفن دفن ۾ شرڪت نه ڪئي. گلن جي هڪ چادر پارٽي ۽ حڪومت طرفان ۽ هڪ چادر ذاتي طور تي ميڪويان طرفان موڪلي ويئي هئي. آخري الوداعي لفظ سندس پٽ سرگئي ادا ڪيا.
سندس فقط هڪئي ڪم، سندس سڄي زندگيءَ جي گناهن کي ڌوئڻ لاءِ ڪافي آهي اهو هي ته هن ٻن ڪروڙ ماڻهن کي جيلن ۽ مشقتي ڪئمپن مان ڪڍيو ۽ کين سياسي ۽ سماجي طور بحال ڪيو.