تعليم

ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪِٿي؟

”ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪٿي؟ “ نامياري ليکڪ يوسف سنڌيءَ جي ترجمي سان عالمي جنرل ناليج جو آهي.
هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران 2012ع ۾ساحل پرنٽرس وٽان ڇپايو. ٿورائتا آهيون يوسف سنڌي ۽ مور ساگر جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏني.
هن ڪتاب ۾ جن جن به شخصيتن جو ذڪر آهي، اهي نه رڳو ڊگهي عرصي تائين عالمي ميڊيا تي ڇانيل رهيون، پر هنن پنهجن خطن / علائقن ۾ به وڏا اثر ڇڏيا. ۽ وقت گذرڻ سان گڏ انهن مان ڪيتريون شخصيتون جهڙوڪ: چي گويرا، سلواڊور آلندي، سوئيڪارنو، جارج واشنگٽن، جدوجهد ۽ آزادي جي علامت طور مختلف ملڪن ۾ استعارو بنجي ويون. ته ڪي وري عيدي امين ۽ پول پاٽ جبر، ظلم ۽ دهشت جا اهڃاڻ بنجي پيا. ٽراٽسڪي، خروشيف ۽ مسزبندرا نائيڪي جو نالو تبديلي ۽ جمهوريت جي علامت طور ورتو وڃي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 5132
  • 2675
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪِٿي؟

عيدي امين : آفريقا جو ڏند ڪٿائي ڪردار

”ذوالفقار علي ڀٽو هڪ ذهين ۽ مدبر شخص آهي، جيڪڏهن هو يوگنڊا اچڻ چاهي ته آئون کيس يوگنڊا جو وزيراعظم بنائڻ جي لاءِ تيار آهيان، جيئن يوگنڊا جو عوام سندس ذهانت مان فائدو حاصل ڪري سگهي.“ اهي لفظ عيدي امين 1977ع ۾ جنرل ضياء الحق پاران ذوالفقار علي ڀٽي جي تختي اونڌي ڪرڻ کانپوءِ چيا هئا.
عيدي امين پنهنجي دلچسپ عادتن، ادائن ۽ اعلانن سبب، جيڪا بين الاقوامي شهرت حاصل ڪئي، اها شايد ئي ڪنهن ٻي ملڪ جي سربراهه کي نصيب ٿي هجي، پر، عيدي امين جو موت انتهائي گمناميءَ واري حالت ۾ ٿيو، هن 16 آگسٽ 2003ع تي سعودي عرب جي شهر جدي ۾ وفات ڪئي.
عيدي امين، جنهن کي ’دادا‘ جي نالي سان به سڏيو ۽ سڃاتو ويندو هو، پهرين جنوري 1925ع تي عيد جي ڏينهن، يوگنڊا جي اُتر اولهه ۾ هڪ مسلمان قبيلي ”ڪاڪوا“ ۾ جنم ورتو. سندس ڳوٺ نيل درياهه جي علائقي ۾ هو، پنهنجي ويڙهاڪ فطرت جي ڪري کيس فوج ۾ نوڪري ڪرڻ جو شوق هو، هن پنهنجي ڪئريئر جي شروعات 1948ع ۾، 23 سالن جي وهيءَ ۾ برطانيا جي ڪالونيل فوج جي سپاهيءَ طور مشهور ’ڪنگز آفريقن رائفلز‘ ۾ ڀرتي ٿيڻ سان ڪئي. هو يوگنڊا جي فوج جو پهريون ڪميشنڊ آفيسر ٿيو. ڀاڳ عيدي امين جو ساٿ ڏنو ۽ فوج ۾ تڪڙا تڪڙا پروموشن ماڻيائين. 1951ع کان 1960ع تائين سندس شهرت هڪ باڪسر جي هئي، عيدي امين يوگنڊا جو هيوي ويٽ باڪسنگ چيمپيئن به رهي چڪو آهي، ستر واري ڏاڪي ۾ هن جي حيثيت هڪ سيليبرٽي جي ٿي ويئي، هو ڪنهن به مهل ڪجهه به ڪري سگهڻ/گذرڻ جي شهرت جو مالڪ بنجي ويو. جهڙوڪ: هو يونيفارم ۾ ”سوئمنگ پول“ ۾ ٽپي پوندو هو. ڪنوارين جيان ڏولين ۾ سفر ڪندو هو، هن جي ڏولي ڳورا انگريز نوڪر کڻندا هئا. هن بين الاقوامي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ”انگريزن کي محسوس ٿيڻ کپي ته اسين آزاد آهيون، منهنجو هي عمل انتقام آهي، ڪڏهن يوگنڊا جا شهري انهن جي حڪمرانن جون ڏوليون کڻندا هئا ۽ هاڻ انگريز منهنجي ڏولي کڻن ٿا، منهنجي ان عمل سان يوگنڊا جي عوام کي تسڪين ملي ٿي.“
عيدي امين انهن ٻن يوگنڊائي فوجين مان هو، جن 1961ع ۾ ”ڪئينز ڪميشن“ حاصل ڪئي، 1962ع ۾ جڏهن يوگنڊا، برطانيا کان آزادي حاصل ڪئي ته چئن سالن کانپوءِ ’عيدي امين‘ يوگنڊائي فوج جو چيف آف اسٽاف مقرر ٿيو. عيدي امين کي ملڪي اقتدار تي قبضي ڪرڻ جو خبط ته اڳ ۾ ئي هو. ويتر جو چيف آف اسٽاف مقرر ٿيو ته هن پنهنجون سڀ اٽڪلون استعمال ڪندي 25 جنوري 1971ع تي، ان وقت اقتدار تي قبضو ڪري ورتو، جڏهن 1962ع ۾ يوگنڊا کي برطانوي بيٺڪيت کان آزادي ڏياريندڙ صدر ’ملٽن اوبوٽي‘ ”دولت مشترڪا“ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ سنگاپور ويل هو ۽ هو جڏهن اتان موٽيو ته يوگنڊائي فوج ايئرپورٽ کي گهيري ۾ وٺي لاٿو ۽ ملڪي گاڌيءَ جو هنڌ ’ڪمپالا‘ مڪمل طور فوج جي قبضي ۾ هو.
اقتدار تي قبضي کانپوءِ ، ستن سالن تائين ملڪ جي هيوي ويٽ باڪسنگ جي چيمپين عيدي امين، ريڊيو تان قوم کي خطاب ڪندي چيو ته ”ملٽن اوبوٽي جي حڪومت سخت مالي بدعنوانين جو شڪار بنجي ويئي هئي، هن حڪومت جي وزيرن وٽ نه رڳو گاڏين جا، پر جهازن جا فليٽس (ٻيڙا) آهن، جڏهن ته يوگنڊائي عوام بنيادي سهولتن کان به محروم آهي“.
عيدي امين جي تقرير کانپوءِ يوگنڊا جا شهري، عيدي امين جي حمايت ۾ نعرا هڻندا شهرن ۾ نڪري آيا، ۽ جنهن مهل يوگنڊا جا ماڻهو عيدي امين جي حڪومت جي زبردست آجيان ڪري رهيا هئا ۽ نچي رهيا هئا. ان وقت يوگنڊا جو سابق صدر ڊاڪٽر ملٽن اوبوٽي، نيروبي جي ايئر پورٽ تي لهي، ڪينيا جي نائب صدر ’ڊينيئل آراپ موئي‘ سان ڳالهيون ڪري رهيو هو.
پنهنجي اقتدار جي شروعاتي دور ۾ ”عيدي امين “ برطانيا جو حامي رهيو. پر پوءِ سندس برطانوي حڪومت سان سخت اختلاف ٿي پيا. 1972ع ۾ هن يوگنڊا ۾ رهندڙ ايشيائي رهاڪن کي ملڪ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي. سندس چوڻ هو ته ”يوگنڊا ۾ رهندڙ ايشيائي ماڻهن، ملڪ جي معيشيت تي قبضو ڪري ورتو آهي“. هو رڳو ايشيائي ماڻهن کي نيڪالي ڏيڻ تائين محدود نه رهيو، پر هن برطانيا سان به واپاري ناتا گهٽائي ڇڏيا، هن پنهنجو پاڻ کي ”وڪٽوريا ڪراس“ ايوارڊ پڻ ڏنو. 1975ع جي اونهاري ۾ برطانيا ۽ يوگنڊا جا لاڳاپا ان وقت گهڻو خراب ٿي ويا، جڏهن برطانيا جي هڪ يونيورسٽيءَ جي ليڪچرار ’ڊينس هلز‘ کي يوگنڊا جي هڪ عدالت بغاوت جي الزام ۾ موت جي سزا ٻڌائي، جيڪا پوءِ برطانيا جي پرڏيهي وزير جيمز ڪاليهان (جيڪو پوءِ برطانيا جو وزيراعظم به ٿيو) جي عيدي امين سان ملاقات کانپوءِ تبديل ٿي. عيدي امين جو اٺن سالن جو دور بحرانن جو دور رهيو. جون 1976ع ۾ فلسطيني فدائين اسرائيل جو هڪ جهاز اغوا ڪري يوگنڊا جي ’انتيبي ايئرپورٽ‘ تي لاٿو. اغوا ڪندڙن سان ڳالهين جون ذميداريون عيدي امين سنڀاليون، اڃا اهي ڳالهيون جاري هيو ته اسرائيلي فورسز حملو ڪري يرغمالين ۽ جهاز جي عملي کي ڇڏائي ورتو. ان حملي کان هڪ ڏينهن پوءِ 75 سالن جي هڪ يرغمالي عورت ’ڊورا بلوش‘ جيڪا اسرائيل ۽ برطانيا جي گڏيل شهرت رکندڙ هئي، گم ٿي ويئي، جنهن جو الزام يوگنڊا جي فورسز تي لڳو ته اهي ان عورت کي گهلي کڻي ويا ۽ قتل ڪري ڇڏيائونس. ان ڇڪتاڻ ايترو ته خطرناڪ موڙ اختيار ڪيو، جو برطانيا، يوگنڊا سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا.
اولهه جي ميڊيا جي نظر ۾ ستر ۽ اسي وارو ڏهاڪو انساني حقن جي لتاڙ جي حوالي سان ڀريو پيو آهي. انهيءَ اولهائين ميڊيا چواڻي عيدي امين پنهنجي اٺن سالن جي حڪومتي دور ۾ ٽن لکن کان به وڌيڪ ماڻهن کي مارائي ڇڏيو. عيدي امين جي لاءِ اهو مشهور هو ته هو ڪنهن به سياسي مخالف کي برداشت نه ڪندو هو ۽ هو انهن کي مارائي، ”وڪٽوريا” ڍنڍ ۾ اڇلارائي انهن جو جسم واڳن کان کارائيندو هو، ڪن مخالفن کي وري قتل ڪرائي نيل درياهه ۾ لوڙائي ڇڏيائين. عيدي امين جي لاءِ اهو به مشهور هو ته هن پنهنجن ڪيترن ئي مخالفن جا سر ڪپائي فرج يا ”ڪولڊ اسٽوريج“ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيا هئا، ۽ هو انهن جي وڍيل سرن کي ڏسي تسڪين حاصل ڪندو هو، نه رڳو سياستدان، پر ڪيترا فوجي آفيسر به سندس عتاب جو نشانو بنيا، ڪن ته ڀڄي وڃي پاڙيسري ملڪ تنزانيا ۾ پناهه ورتي، جتان انهن تنزانيا جي فوج جي مدد سان هڪ ڀرپور حملو ڪيو ۽ 11 اپريل 1979ع تي اقتدار تي قبضو ڪري ”عيدي امين“ کي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو، اقتدار تي مخالفن جي قبضي کان اڳ هن پنهنجي زالن ۽ ٻارن کي پرڏيهه اماڻي ڇڏيو هو، اولهه جي ميڊيا عيدي امين کي ’آفريقا جو ڪاسائي‘ لکندي هئي.
عيدي امين يوگنڊا مان ڀڄي سعودي عرب ۾ سياسي پناهه ورتي، سعودي عرب ۾ پناهه وٺڻ کان اڳ هن ڪجهه سال ليبيا ۽ عراق ۾ به گذاريا. انهيءَ کانپوءِ هو مستقل طور تي سعودي عرب ۾ اچي رهيو، جتي هو الحمرا جي پوش علائقي جي هڪ ’ولا‘ ۾ رهندو هو، سعودي عرب جي سياسي پناهه واري قانون تحت عيدي امين کي هر مهيني خرچ پکي واسطي جيترا پئسا ڏنا ويندا هئا، اهي ڪڏهن به ظاهر نه ڪيا ويا، پر سندس ٻار سعودي عرب ۾ ننڍا وڏا ڪم ڪاريون ڪندا رهندا هئا، عيدي امين جون پنج زالون هيون جن مان کيس 33 ٻار هئا، اقتدار جي دوران سندس اها خواهش هئي ته هو ايترا ٻار ڄڻي، جو پنهنجي پويان پنهنجي نالي سان سڄو قبيلو ڇڏي وڃي.
عيدي امين، عجيب و غريب ڳالهين جي ڪري سدائين ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز رهندو هو. 1974ع ۾ هن گڏيل قومن کي صلاح ڏني هئي ته ”گڏيل قومن“ کي سندس ملڪ جي گاڌي واري هنڌ ’ڪمپالا‘ منتقل ڪيو وڃي، جيڪو نه رڳو سڄي ڌرتيءَ جو مرڪز آهي، پر انهيءَ سان گڏ هڪ اڻ ڌريو ملڪ به آهي. هڪ ڀيري هن تنزانيا جي صدر ’جوليس نائريري‘ جي وارن جي واکاڻ ڪندي چيو ته ”جيڪڏهن هو عورت هجي ها ته ڪر هو ساڻس شادي ڪري ها.“
سعودي عرب ۾ رهڻ جي دوران هو گمناميءَ ۾ رهيو، سعودي پريس ته ڪڏهن به سندس ڪو انٽرويو نه ڪيو، البت سندس وفات کان ڪجهه سال اڳ يوگنڊا جي ”سنڊي ويزن“ سندس هڪ انٽرويو ڇپيو، جنهن ۾ هن چيو ته، ”آئون پنهنجي مذهب اسلام جي ٻڌايل اصولن موجب زندگي گذاري رهيو آهيان“. هن انهيءَ انٽرويوءَ ۾ چيو هو ته، ”مونکي ڪنهن به ڳالهه جو افسوس ڪونهي، مونکي فخر آهي ته آئون ٻين آفريقي حڪمرانن وانگر ملڪ جا پئسا کڻي نه ڀڳو آهيان، آئون اڃا به يوگنڊا ۾ رهندڙ يتيم ٻارن جي تعليم لاءِ کين فنڊز موڪليندو رهندو آهيان“. هن پنهنجي مشغولين جي باري ۾ پنهنجي ملڪ جي ميڊيا کي ٻڌايو ته، ”آئون قرآن پاڪ جي تلاوت کان علاوه پنهنجي گهر جي سامهون ڳاڙهي سمنڊ ۾ وهنجندو آهيان، مڇيءَ جو شڪار ڪندو آهيان، ۽ ٿورو گهڻو پڙهڻ سان گڏ، ٽيليويزن جا پروگرام ڏسندو رهندو آهيان.“
اهو عيدي امين، جيڪو ٻي مهاڀاري جنگ جي دوران ”ڪنگ آفريقن رائفلز“ ۾ سپاهيءَ جي حيثيت سان ’باجو‘ وڄائيندو هو ۽ گيت ڳائيندو هو، تنهن جي وفات تي يوگنڊا جي ان وقت جي صدر گاڊفريشي تبصرو ڪندي چيو هو، ”آئون هن جي وفات تي لڙڪ ته ڳاڙهي نٿو سگهان، البت مونکي سندس گهراڻي سان همدردي آهي، مون سندس بيواهه کي تعزيتي پيغام موڪليو آهي.“ پر هن عيدي امين جي مڙهه کي يوگنڊا ۾ دفنائڻ جي اجازت نه ڏني.
اهو عيدي امين، جنهن پنهنجي حڪومتي عرصي جي دوران گهڻي مشهور زندگي گذاري، سو آخري ڏينهن ۾ گهڻو گمنام رهيو، هن پنهنجي سياسي ساٿين ۽ هم منصبن انور السادات ۽ حافظ الاسد کي هن جهان مان موڪلائيندي ڏٺو. هن جي اکين جيڪي عالمي تبديليون ڏٺيون تن منظرن عيدي امين جي انهن زخمن تي مرهم رکڻ جو ڪم ڪيو هوندو، جيڪي ملڪ مان فرار ٿيندي، پنهنجو پاڻ کي سگهاري حڪمران طور پيش ڪندڙ عيدي امين جي دل کي رسيا هوندا، تنهن کانسواءِ هن ايشيا ۽ آفريقا جي ٻين ڪيترن ئي نالي وارن سياستدانن ۽ حڪمرانن کي شهرت جي آسمان تان گمناميءَ جي اونداهي غفائن ۾ گم ٿيندي ڏٺو هوندو، ۽ جڏهن هن جي اکين ”سوويت يونين“ جهڙي سپرپاور ملڪ کي واريءَ جي محل جيان ڀُرندي ڏٺو هوندو ته سندس سڄي تلخي ختم ٿي چڪي هوندي.

[b]عيدي امين پاڪستان ۾:
[/b]عيدي امين 1974ع ۾ لاهور ۾ ٿيل اسلامي سربراهه ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ 26 ڄڻن جي وفد سان گڏ پاڪستان آيو هو، سندس ان ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ آمد جو دلچسپ داستان پي پي پي جي اڳواڻ ۽ ان وقت پنجاب جي صوبائي وزير ’رانا شوڪت محمود‘ پنهنجي ڪتاب ’انقلاب اور رد انقلاب ڪي ڪهاني‘ ۾ ڏاڍي دلچسپ نموني لکيو آهي. هو لکي ٿو، ”يوگنڊا جي صدر عيدي امين سان اسلامي سربراهه ڪانفرنس ۾ منهنجي ملاقات دلچسپيءَ کان خالي نه هئي، جنهن نه رڳو پنهنجي مخصوص عادتن سبب سڀني کي پريشان، پر محظوظ به ڪيو. ڪانفرسن ۾ مندوبين سان گڏ ايندڙن جي فهرست باقاعده مرتب ۽ اڳ ۾ ئي ڪنفرم ٿي چڪي هئي ۽ اهو به طئي ٿيل هو ته ڪهڙي ملڪي سربراهه سان سندس زال به گڏ اچي رهي آهي، جيئن نه رڳو سندن رهائش وغيرهه جو بندوبست ڪري سگهجي، پر بيگم نصرت ڀٽو به مهمان عورت کي ڀليڪار چئي سگهي، پر عيدي امين ثابت ڪيو ته هو هر ڪنفرميشن ۽ ضابطي کان مٿانهون آهي، مونکي چڱي طرح ياد آهي ته عيدي امين پنهنجي 130-C جهاز ۾ پاڪستان آيو، سندس جهاز جو رنگ خاڪي ۽ مٿس تمام گهڻي مٽي ۽ دز ڄميل هئي، عيدي امين جي پاڪستان پهچڻ تي لينڊنگ جي اطلاع تي ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب سان گڏ آئون به ساڻس گڏ کيس ڀليڪار ڪرڻ جي لاءِ اُت پهتس، جهاز کي جيڪا سيڙهي لڳي سا عام مسافر جهازن جي پيٽ ۾ ڪافي ننڍي هئي، 130 جهاز جو دروازو به ڪافي ننڍو هوندو آهي، ڇو ته ان کي هڪ ڪارگو جهاز جي حيثيت حاصل آهي ۽ ان ئي مقصد جي لاءِ جوڙيو ويو آهي، بهرحال سيڙهي لڳي، ته هڪ انتهائي ڊگهو ۽ بُت ۾ ڀريل همراه تڪڙ ۾ ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ۾ دروازي ۾ ڦاسي پيو ۽ ڏاڍي ڏکيائيءَ سان پاڻ کي ڇڪي ٻاهر نڪتو ته اسانجي سامهون گهٽ ۾ گهٽ ڇهن فوٽن ۽ اٺن انچن جي قدآور شيدي شخصيت موجود هئي، عيدي امين جي ٻاهر نڪرندي ئي سندس پويان عورتن جي هڪ قطار نڪرڻ لڳي ڀٽو صاحب ۽ اسين پريشان ٿي وياسين ته الاهي هيءَ ڪهڙي ماجرا، آهي، ڇو ته عيدي امين سان ڪنهن به عورت جي آمد جي ڪنفرميشن جي ته پري جي ڳالهه ڪنهن جو ذڪر به نه هو، اُن ڪري بيگم صاحبه نصرت ڀٽو به اات موجود نه هئي، کيس فوري طور تي شيدي عورتن ۽ چئن ٻارن جي اوچتي آمد کان واقف ڪيو ويو ته هوءَ به تڪڙي تڪڙي وي آءَ پي روم مان هلندي اچي پهتي، ائين عيدي امين جو پنهنجي زالن سان گڏ استقبال جو مرحلو خير ۽ خوبيءَ سان پورو ٿيو. سندس زالن جو انگ هڪ ڊزن جي لڳ ڀڳ هو، جيڪي پنهنجي قد ڪاٺ ۾ عيدي امين جي سامهون ته صفا ڄامڙيون پي لڳيون، هو جڏهن عيدي امين جي پويان پنهنجن چئن ٻارن سان گڏ ايئرپورٽ جي وي آءِ پي لائونج طرف وڃي رهيو هيون ته ائين لڳو ته ڪنهن ڪاري ۽ ڳاڙهي ٽؤنر واري نر ڪڪڙ جي پويان ڪڪڙيون هوريان هوريان هلي رهيو هجن.

ٻي هنڌ رانا شوڪت محمود لکي ٿو ته ”پنهنجن طور طريقن ۽ منفرد شخصيت جي ڪري عيدي امين ڪانفرنس جي تقريبن ۾ بحث جو موضوع بنجڻ کانسواءِ، تقريب ۾ شريڪ ماڻهن جو ڌيان به پاڻ ڏانهن ڇڪرائي وٺندو هو، هو بي باڪ ۽ بي ڌڙڪ انسان هو، سندس دل ۾ جيڪا ڳالهه ايندي هئي اها چئي ۽ ڪري ڏيکاريندو هو، انگريزي ڏاڍي سٺي ۽ روانيءَ سان ڳالهائيندو هو، سندس ڳالهائڻ جي بي ساختگي ۽ انداز محفل کي زعفران بنائي ڇڏيندو هو. آئون پنجاب آرٽس ڪائونسل جو ڊئريڪٽر هئس ۽ بيگم نصرت ڀٽو جي هدايتن تي ثقافتي پروگرام منهنجي حوالي هو، پروگرام ۾ پاڪستان جي مختلف علائقن جا رقص لڊي، ’ڀنگڙا‘،خٽڪ ناچ، قومي ترانا ۽ گيت شامل هئا.
عيدي امين شاهي قلعي ۾ ثقافتي شو جي دوران منهنجي لاءِ ان وقت دلچسپ انداز ۾ ڏکيائي پيدا ڪئي، جڏهن هو اوچتو پنهنجي جاءِ تان اُٿيو ۽ سوال پڇيائين ته ”شو جو انچارج ڪير آهي؟“ مون وڌي وڃي ٻڌايو مانس ته اها ذميواري هن خاڪسار جي ڪلهن تي آهي، جنهن تي هن چيو ته سندس ملڪ جو وفد شو جي دوران يوگنڊا جو خوبصورت روايتي رقص پيش ڪندو، ان صورتحال مونکي پريشان ڪري ڇڏيو، ڇو ته اهڙي ڪابه ڳالهه پروگرام جو حصو نه هئي، مون ٿورو پر ڀرو ويٺل ڀُٽي صاحب ۽ بيگم نصرت ڏانهن ڏٺو، منهنجي ٻُڏتر ۽ تڪليف کي عيدي امين هڪدم سمجهي ويو ۽ مرڪندي چيائين. Don’t wory, D o not wory. ان دوران منهنجون ۽ ڀٽي صاحب جون نظرون مليون، جيڪو اسان ڏانهن متوجه هو. هن ڪنڌ ڌوڻي اشارو ڪيو، جنهن جو مطلب اهو هو ته معزز مهمان جي خواهش جو احترام ڪيو وڃي. مون مرڪندي عيدي امين کي چيو، Sir you are welecome. منهنجي ان جواب تي عيدي امين صفا ٽڙي پيو، هن دوستاڻي انداز ۾ منهنجي ڪلهي کي ٿڦڪي ڏني ته آئون پيرن تائين لڏي ويس ۽ هو اسٽيج جي پويان ڊريسنگ روم ۾ گهڙي ويو، پنجن منٽن کانپوءِ عيدي امين جون سڀ زالون اسٽيج تي موجود هيون ۽ تقريب ۾ شريڪ ماڻهو يوگنڊا جي روايتي رقص کان محفوظ ٿي رهيا هئا. عيدي امين جي انهن زالن نهايت منظم انداز ۾ خوبصورت رقص پيش ڪري، زبردست داد وصول ڪيو.