ايمنسٽي انٽرنيشنل : انساني حقن جي عالمي تنظيم
ايمنسٽي انٽرنيشنل پنهنجي مقصد جي حاصلات جي لاءِ انساني حقن جي انهي عالمي چارٽر تي عمل ڪري ٿي. جيڪو 10 ڊسمبر 1948ع تي گڏيل قومن ڳري اڪثريت سان منظور ڪيو هو، انهيءَ اداري جا اهم مقصد هيٺين ريت آهن.حڪومت مخالف مذهبي ۽ سياسي نظرين جو اظهار ڪندڙ ماڻهن کي انهن حڪومتن جي قيد ۽ بند مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ، بنا ڪنهن رنگ، نسل ۽ مذهبي متڀيد، زبان ۽ جنس جي فرق جي انساني حقن جي حفاظت ڪرڻ، عورتن، ٻارن ۽ پناهگيرن جي انساني حقن جي حفاظت ڪرڻ، سڀني قيدين جي خلاف غير انصافي ورتاءُ ۽ تشدد جو خاتمو، سياسي موتن ۽ اغوائن جو خاتمو، حڪومتن ۽ با اثر ماڻهن طرفان عدالتن کان مٿاهن قتلن جو خاتمو، اهڙن ماڻهن کي ٽحفظ فراهم ڪرڻ جيڪي جيڪڏهن واپس پنهنجي وطن موٽي وڃن ته انهن سان مخصوص سببن جي ڪري غير انساني سلوڪ نه ڪيو وڃي، ٻين بين الاقوامي تنظيمن ۽ ادارن سان سهڪار ڪرڻ، انهن مقصدن جي حاصلات لاءِ ايمنسٽي انٽرنيشنل انساني حقن جي خلاف ورزي ڪندڙ حڪومتن جي خلاف عالمگير مهم هلائي ٿي. انهن جي خلاف مضمون لکيا وڃن ٿا. نيوز ڪانفرنسون ڪوٺايون وڃن ٿيون ۽ انهن حڪومتن کان خطن جي ذريعي انساني حقن جي پاسداري ڪرڻ جي اپيل ڪئي وڃي ٿي. گڏوگڏ اهڙا پروگرام به ترتيب ڏنا وڃن ٿا. جن جي ذريعي ماڻهن ۾ شعورو آگهي پيدا ٿي سگهي، پنهنجي قيام کان وٺي هيستائين ايمنسٽي انٽرنيشنل انساني حقن بابت 5000 کان به وڌيڪ ڪيسن تي ڪم ڪيو آهي، پنهنجي سالياني رپورٽ براءِ 2002ع ۾ انهن 152 ملڪن جو به ذڪر ڪيو آهي، جتي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان انساني حقن جي حالت اطمينان بخش ڪونهي.
ايمنسٽي انٽرنيشنل جي حوالي سان دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهو ادارو ڪنهن ملڪ يا حڪومت جي ملڪيت ڪونهي، بلڪه مڪمل آزاد ۽ خود مختيار ادارو آهي، اهو نه ته ڪنهن حڪومت يا سياسي نظام جي حمايت ڪري ٿو ۽ نه مخالف. هيءَ ادارو ڪن مخصوص نظرين ۽ خيالن جو حامي ۽ مخالف به ڪونهي، پر انهيءَ جو ڪم اڻ ڌريي نموني سڄي دنيا ۾ انساني حقن جي بنا ڪنهن فرق، متڀيد ۽ جنس جي حفاظت ڪرڻ آهي. هن وقت سڄي دنيا ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل جا هڪ ملين ميمبر، دنيا جي 160 ملڪن ۾ موجود آهن جيڪي مختلف ملڪن، علائقن مذهبن ۽ نظرين ۽ خيالن سان واسطو رکڻ جي باوجود به گڏجي سڏجي گڏيل مفادن جي حصول لاءِ ڪم ڪن ٿا، اهي ميمبر عام طور تي گروپن، جهڙوڪ: شاگرد، پيشه ور ۽ ٻين علائقائي گروهن جي صورت ۾ ڪم ڪن ٿا.
تنظيمي جوڙ جڪ جي لحاظ کان” ايمنسٽي انٽرنيشنل“ جا ٽي اهم ادارا بين الاقوامي ڪونسل، بين الاقوام انتظامي ڪميٽي ۽ بين الاقوامي سيڪريٽريٽ آهن، اداري جا اهم فيصلا ۽ پاليسي سازي ڪونسل ٿي ڪري، جنهن جو هر ٻي سال اجلاس ٿيندو آهي، ڪونسل کي اداري جي قانونن ۾ ترميم ڪرڻ جو اعليٰ اختيار پڻ حاصل آهي، تنهن کانسواءِ ڪونسل انتظامي ڪميٽيءَ جي ميمبرن جي چونڊ به ڪندي آهي، انتظامي ڪميٽي انهن رضاڪارن تي ٻڌل آهي، جيڪي ڪونسل جي فيصلن کي تڪميل تائين پهچائين ٿا، انهن کانسواءِ ڪونسل سيڪريٽري جنرل جي چونڊ پڻ ڪندي آهي، جيڪو اداري جي بين الاقوامي سيڪريٽريٽ جو سربراهه هوندو آهي.
ايمنسٽي انٽرنيشنل پنهنجي محنت سان سڄي دنيا ۾ پنهنجو منفرد ۽ نمايان مقام پيدا ڪيو آهي، پهرين اهو ادارو مختلف حڪومتن کي خط لکي بيگناهه سياسي قيدين جي آزاديءَ لاءِ دٻاءُ وجهندو هو، ادارو اهڙين حڪومتن جي خلاف مضمون پڻ لکندو رهيو آهي، جيڪي انساني حقن جي خلاف ورزين ۾ ملوث رهيون آهن، ايتريقدر جو 1964ع ۾ ڪيترائي ملڪ پنهنجي بيگناهه سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا، 1972ع ۾ اداري هڪ عالمگير مهم هلائي، جنهن جو مقصد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران ٿيندڙ هر قسم جي تشدد جو خاتمو هو، انهي سلسلي ۾ اداري هڪ 12 نقاطي پروگرام جي شروعات ڪئي، 1977ع ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل سڄي دنيا مان ’موت جي سزا‘ ختم ڪرڻ واسطي عالمگير مهم هلائي. اداري جي نظر ۾ جيئن ته موت جي سزا جو قانون انسان جي بنيادي ۽ سڀ کان اهم انساني حق، زندگيءَ جي حق جو خاتمو ٿو ڪري ڇڏي، تنهنڪر ي انهيءَ سزا جو خاتمو ضروري آهي، پر اداري جي انهي مهم ۽ موقف جي مخالفت ڪندي قدامت پسند ليکڪ ”وليم بڪلي“ اداري جي ميمبر شپ تان استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي ۽ اهو موقف اختيار ڪيو ته انهيءَ تحريڪ جي ڪري اداري جو مقصد بدلجي ويندو ۽ ادارو سياسي قيدين جي حقن جي حفاظت ڪرڻ بدران قاتلن جي حقن جي حفاظت ڪرڻ لڳندو. آڪٽوبر 2000ع ۾ اداري هڪ ٻي عالمگير تحريڪ تشدد جو مقابلو ڪرڻ جو لاءِ هلائي، جنهن جو مقصد سڄي دنيا جي ماڻهن ۾ تشدد جي خلاف گڏيل جاڳرتا پيدا ڪرڻ هو.
انهن سڀني تحريڪن ۽ ڪن حالتن ۾ ماڻهن ۽ قيدين جي مالي امداد ڪرڻ ۽ پنهنجي خرچ پورا ڪرڻ جي مد ۽ ادارو پنهنجي سالياني بجيٽ پڻ مرتب ڪري ٿو.
01-2000ع ۾ اداري جي بجيٽ 19510000 پائونڊ هئي، ادارو ڪنهن حڪومت يا ملڪ کان ڪنهن به قسم جي مالي مدد نٿو وٺي پر اداري جا ميمبر ۽ مخير ماڻهو انهيءَ جي مالي مدد ڪندا آهن، ڪنهن ملڪ يا حڪومت کان مالي امداد وصول نه ڪرڻ جو بنيادي مقصد اهوئي آهي ته ادارو بنا ڪنهن رياستي ۽ حڪومتي دٻاءُ جي آزادي ۽ انصاف سان پنهنجا مقصد پورا ڪندو رهي، پر سٺ ماري ڏاڪي ۾ اداري تي آمريڪي حڪومت ۽ سي آءِ اي کان مالياتي امداد وصول ڪرڻ جا آروپ پڻ لڳايا ويا، جنهن اداري جي ساک کي ڪافي نقصان پهچايو هو، انساني حقن جي تحفظ جي سلسلي ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران ڪيل ڪوششن کي واکاڻيندي 1977ع ۾ کيس ”امن جو نوبيل انعام“ پڻ ڏنو ويو.
ماضيءَ جيان اڄ به ادارو پنهنجي مقصدن جي حاصلات لاءِ فعال ڪردار ادا پيو ڪري، جهڙوڪ افغانستان ۽ عراق تي ڪيل آمريڪا جي حملن ۾ انساني حقن جي وڌندڙ خلاف ورزين جي پيش نظر اداري اتحادين کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو، انهيءَ حوالي سان اداري پنهنجي 2002ع جي سالياني رپورٽ ۾ آمريڪا ۽ برطانيا پاران افغانستان جي شهرن تي مهلڪ هٿيارن، ڪلسٽر ۽ ڊيزي ڪٽر بمن جي واهپي تي پنهنجي گهري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي اتحادي فوج جي خلاف تحقيقات جي گهر ڪئي ۽ افعاني قيدين سان آمريڪا جي غير انساني سلوڪ تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي، انهيءَ حوالي سان اداري جو آمريڪا کان اهو مطالبو آهي ته افغان قيدي جيڪي ’گوانٽانامو بي‘ ۾ حراست هيٺ آهن، تن کي جنگي قيدي مڃي ٽين جنيوا ڪانفرنس موجب سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ انهن جي انساني ۽ بنيادي حقن جو احترام ڪيو وڃي، انهيءَ سلسلي ۾ اداري جي پاران آمريڪي علمدارن ڏانهن خط به موڪليا ويا.
آمريڪا ۽ عراق جنگ ۾ به آمريڪا ۽ برطانيا پاران عراقي شهرين تي ڪلسٽر بمن جي گهڻي استعمال تي اداري سخت تنقيد ڪئي هئي ته جيڪڏهن آمريڪا، عراقي شهرين جي تحفظ جي معاملي ۾ سنجيدهه آهي ته کيس ڪلسٽر بمن جو استعمال نه ڪرڻ گهرجي.
اداري جي پاليسي آهي ته هو اهو فيصلو نٿو ڪري ته ڪنهن ملڪ جي خلاف فوجي ڪارروائي درست آهي يا نه، پر هن جو ڪم انهيءَ ڳالهه جو جائزو وٺڻ آهي ته جنگ جي دوران به انساني حقن جو تحفظ ڪيئن ٿو ممڪن بنائي سگهجي، عراق ۾ جنگ کانپوءِ به ايمنسٽي انٽرنيشنل جو آمريڪا کان مطالبو رهيو ته جلد کان جلد عراق ۾ گڏيل قومن جي خصوصي ماهرن جي ڪميشن جوڙي وڃي، جيڪا عراق جي زبون صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اصلاحي پروگرام ۽ تجويزون ڏيئي سگهي، تنهن کانسواءِ جنگ جي ستايل مظلوم عوام کي ترجيحي بنيادن تي دوائون، ميڊيڪل جون سهولتون، غذا، پاڻي، امن ۽ انصاف فراهم ڪري ڦرلٽ جو خاتمو ڪيو وڃي.
جيتوڻيڪ جنگين ۽ تڪرارن جي ڪري انساني حقن جي تحفظ ۽ پاسداريءَ جو خيال هڪ خواب بنجي رهجي ويو آهي، پر انهيءَ جي هوندي به ايمنسٽي انٽرنيشنل جي ڀرپور ڪوشش رهي آهي ته ٻين ادارن سان گڏجي ماڻهن جي حقن جي تحفظ ۽ واڌاري جي لاءِ جيترو ممڪن ٿي سگهي، ڪم ڪندو رهي. عجب ڳالهه اها آهي ته اهي ملڪ جيڪي ٻين قومن جي انساني حقن جي سنگين نوعيت جي پاماليءَ ۾ ملوث آهن ۽ جن جا هٿ ٻين ملڪن جي راهه گناهه عوام جي رت سان رڱيل آهن، انهن ئي ملڪن جي مٽيءَ مان انساني حقن جي تحفظ جون ڳالهيون ڪرڻ وارا ماڻهو ۽ ادارا جنم وٺي رهيا آهن.